سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري افسانا نگار، ناول نگار، ناٽڪ نگار ۽ اديب آغا سليم جي ڪھاڻين، لکڻين ۽ سندس شخصيت ۽ فن بابت اديبن جي لکيل تاثرن تي مشتمل ڪتاب ”جيئن سو تارو صبح جو (آغا سليم: شخصيت ۽ فن)“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب نصير مرزا آھي.
آغا سليم سنڌي ادب جو ستارو رھيو آھي. افساني، ناول، مضمون، سفرنامي، ناٽڪ نويسي کان لطيفيات تائين ھن سنڌي ادب جي جهول ڀري آھي. ھن اينٿالاجي مالھا ڪتاب ۾ سندس لکيل چونڊ ڪھاڻيون، نمائندہ ناولن جا منتخب باب، نمائندہ ناٽڪ، شاعري، سفرناما، انٽرويوز، مھاڳ، مقالا ۽ مضمون، سندس شخصيت ۽ فن بابت ھمعصر ليکڪن جا لکيل مضمون ۽ تاثر شامل آھن.
ھي ڪتاب 2016ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.