شخصيتون ۽ خاڪا

قلم جنين جي ھٿ ۾ (مراد علي مرزا: شخصيت ۽ فن)

سنڌي ادب ۾ مراد علي مرزا جو نالو ڪنھن تعارف جو محتاج ناھي. ھن اينٿالاجي مالھا ڪتاب ۾ سندس لکيل چونڊ مقالا، مضمون ۽ تاثر، مراد علي مرزا جا لکيل مھاڳ، سندس ڪيل چونڊ ترجما، مراد صاحب جا ورتل انٽرويوز، سندس شخصيت ۽ فن بابت ھمعصر ليکڪن جا لکيل مضمون ۽ سندس لاڏاڻي تي لکيل تاثر شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 45
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نصير مرزا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قلم جنين جي ھٿ ۾ (مراد علي مرزا: شخصيت ۽ فن)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ناٽڪ نويس، افسانا نگار، ناول نگار، مترجم ۽ براڊ ڪاسٽر مراد علي مرزا جي لکڻين ۽ سندس شخصيت ۽ فن بابت اديبن جي لکيل تاثرن تي مشتمل ڪتاب ”قلم جنين جي ھٿ ۾ (مراد علي مرزا: شخصيت ۽ فن)“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب نصير مرزا آھي.
سنڌي ادب ۾ مراد علي مرزا جو نالو ڪنھن تعارف جو محتاج ناھي. ھن اينٿالاجي مالھا ڪتاب ۾ سندس لکيل چونڊ مقالا، مضمون ۽ تاثر، مراد علي مرزا جا لکيل مھاڳ، سندس ڪيل چونڊ ترجما، مراد صاحب جا ورتل انٽرويوز، سندس شخصيت ۽ فن بابت ھمعصر ليکڪن جا لکيل مضمون ۽ سندس لاڏاڻي تي لکيل تاثر شامل آھن.
ھي ڪتاب 2014ع ۾ ثقافت کاتي پاران نئون نياپو اڪيڊمي، ڪراچيءَ وٽان ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.