لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

شيخ اياز جي غزل جو فن

عزيز قاسماڻيءَ ايم فل جي ٿيسز جي مقالي لاءِ ”شيخ اياز جي سنڌي غزل جو فني معالعو“ جھڙي موضوع جي چونڊ ڪئي. ھن مقالي ۾ شيخ اياز جي غزلن تي تحقيق ڪئي وئي آھي. ڪتاب ڇھن بابن تي مشتمل آھي. پھرين باب ۾ شاعريءَ جي وصف ۽ فن، ٻين باب ۾ غزل جي تاريخ، ٽين باب ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جو علم عروض، چوٿين باب ۾ شيخ اياز جي غزل تي فني تنقيد، پنجين باب ۾ شيخ اياز جي غزل ۾ علم بيان ۽ ڇھين باب ۾ نتيجو ڏنل آھي.

Title Cover of book شيخ اياز جي غزل جو فن

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ محقق عزيز قاسماڻيءَ جي تحقيق تي ٻڌل ڪتاب ”شيخ اياز جي غزل جو فن“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
عزيز قاسماڻي سنڌي ادب ۾ منفرد مقام رکي ٿو. ھو جديد شاعر ۽ جديد ڪھاڻيڪار تہ آھي ئي پر سندس سڃاڻ ھڪ محقق واري پڻ آھي. شيخ اياز غزل کي ڪيترائي نوان فني موڙ ۽ موضوع ڏنا آھن. عزيز قاسماڻيءَ ايم فل جي ٿيسز جي مقالي لاءِ ”شيخ اياز جي سنڌي غزل جو فني معالعو“ جھڙي موضوع جي چونڊ ڪئي. ھن مقالي ۾ شيخ اياز جي غزلن تي تحقيق ڪئي وئي آھي. ڪتاب ڇھن بابن تي مشتمل آھي. پھرين باب ۾ شاعريءَ جي وصف ۽ فن، ٻين باب ۾ غزل جي تاريخ، ٽين باب ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جو علم عروض، چوٿين باب ۾ شيخ اياز جي غزل تي فني تنقيد، پنجين باب ۾ شيخ اياز جي غزل ۾ علم بيان ۽ ڇھين باب ۾ نتيجو ڏنل آھي.
ھي ڪتاب 2020ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.