سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر سعيد ميمڻ جي غزلن تي ٻڌل مجموعو ”آلا دڳ برسات ۾“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
ھي ڪتاب سعيد ميمڻ جي جديد غزل جي فني ۽ فڪري تجربي جي آبياري ڪري ٿو، جنھن ۾ ننڍن وڏن وزنن ۾ خوبصورت سٽاوَ سان ڪيئي حسناڪ غزل ارپيا ويا آھن. ھن مجموعي ۾ معصوم، حَسين ۽ لاجواب جمالياتي عڪس سان گڏ زماني جا شڪوہ، ماضيءَ جي کنڊرات ۾ پوريل زندگيءَ جي کوجنا ۽ عشق جي اڌوري پڻي جي نھايت سرل ٻوليءَ ۾ گَھري سادگيءَ سان ڪيل گفتگو سندس موضوعن ۾ نمايان آھي.
ھي ڪتاب 2016ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي