ڪھاڻيون

ٿڪل سريت

هيءُ ڪتاب اصل ۾ البرتو موراويا (1907ع کان 1990ع) جي 11 ڪھاڻين تي مشتمل آهي، جن جو سنڌي ترجمو سنڌ جي مختلف ڪھاڻيڪارن ڪيو آهي، جيڪي مختلف رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. البرتو موراويا ڪافي ناول، ڪھاڻيون، ناٽڪ ۽ مضمون لکيا جيڪي اٽليءَ تي جرمن فاشزم جي قبضي جي پسمنظر ۾ لکيا ويا آھن. سندس ڪتابن تي بندش پڻ لڳي ۽ ھن فرضي نالن سان پڻ لکيو. ھن جبلن ۾ روپوش زندگي پڻ گهاري. موراويا پنھنجي رچنائن وسيلي جرمن ۽ اتحادي فوجين جي پيدا ڪيل بُک، خوف، زناڪاري ۽ نااميديءَ جي ڪوريئڙي-ڄار مان نڪرڻ ۽ پنھنجي وجود کي مڃائڻ جي جدوجھد ڪندو نظر اچي ٿو، جنھنجي جهلڪ ھنن ڪھاڻين ۾ پڻ ڏسي سگهجي ٿي.

Title Cover of book ٿڪل سريت

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران اٽالين اديب البرتو موراويا جي ڪھاڻين جي ترجمي تي ٻڌل ڪتاب ”ٿڪل سريت“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جي سھيڙ نامياري اديب ولي رام ولڀ ڪئي آھي.
هيءُ ڪتاب اصل ۾ البرتو موراويا (1907ع کان 1990ع) جي 11 ڪھاڻين تي مشتمل آهي، جن جو سنڌي ترجمو سنڌ جي مختلف ڪھاڻيڪارن ڪيو آهي، جيڪي مختلف رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. البرتو موراويا ڪافي ناول، ڪھاڻيون، ناٽڪ ۽ مضمون لکيا جيڪي اٽليءَ تي جرمن فاشزم جي قبضي جي پسمنظر ۾ لکيا ويا آھن. سندس ڪتابن تي بندش پڻ لڳي ۽ ھن فرضي نالن سان پڻ لکيو. ھن جبلن ۾ روپوش زندگي پڻ گهاري. موراويا پنھنجي رچنائن وسيلي جرمن ۽ اتحادي فوجين جي پيدا ڪيل بُک، خوف، زناڪاري ۽ نااميديءَ جي ڪوريئڙي-ڄار مان نڪرڻ ۽ پنھنجي وجود کي مڃائڻ جي جدوجھد ڪندو نظر اچي ٿو، جنھنجي جهلڪ ھنن ڪھاڻين ۾ پڻ ڏسي سگهجي ٿي.
ھي ڪتاب 1983ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي