ارجنٽائن جي هڪ وچولي گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ چي گويرا 1960ع واري ڏهاڪي ۾ کاٻي ڌر جي انقلابين جو هيرو بڻيو. چي گويرا آمريڪا ۾ سماجي اڻ برابريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ انقلاب کي اڪيلو رستو سمجهندو هو. ھن ڪتاب ۾ چي گويرا گوريلا جنگ جي اھميت، گوريلا جنگ جي چالن، ميداني ۽ موافق علائقن ۾ گوريلا جنگ، گوريلا جنگين جي دستن ۽ تنظيم، گوريلا جنگ جي ابتدا، محاذ، نظم ۽ ضبط، گوريلا جنگ ۾ عورتن جي حصي، طبي مسئلن، ٽوڙ ڦوڙ ، جاسوسي ۽ خبر رسائي، نظرياتي تبليغ ۽ ٽريننگ، فتح ۽ پڄاڻيءَ بابت مضمون شامل آھن.
تاريخ، فلسفو ۽ سياست
گوريلا جنگ
- 5.0/5.0
- 60
- 9
- 7 مهينا اڳ
- 0
![Title Cover of book گوريلا جنگ](https://books.sindhsalamat.com/assets/images/books/66779f2d91c81.jpg)
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران لاطيني آمريڪا جي مشھور گوريلو اڳواڻ ۽ انقلابي نظريو ڏيندڙ چي گويرا جو ڪتاب ”گوريلا جنگ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سنڌيڪار منير احمد آھي.
ارجنٽائن جي هڪ وچولي گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ چي گويرا 1960ع واري ڏهاڪي ۾ کاٻي ڌر جي انقلابين جو هيرو بڻيو. چي گويرا آمريڪا ۾ سماجي اڻ برابريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ انقلاب کي اڪيلو رستو سمجهندو هو . ان خيال هيٺ ئي هي 1954ع ۾ ميڪسيڪو ويو ۽ ڪيوبا جي جلا وطن انقلابين سان وڃي مليو، جن جي قيادت جنرل فيڊل ڪاسترو ڪري رهيو هو. 1950ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ هن ڪيوبا جي ڊڪٽيٽر خلاف فيڊل ڪاسترو سان گڏجي گوريلا جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڊڪٽيٽر کي شڪست ڏني. ھن ڪتاب ۾ چي گويرا گوريلا جنگ جي اھميت، گوريلا جنگ جي چالن، ميداني ۽ موافق علائقن ۾ گوريلا جنگ، گوريلا جنگين جي دستن ۽ تنظيم، گوريلا جنگ جي ابتدا، محاذ، نظم ۽ ضبط، گوريلا جنگ ۾ عورتن جي حصي، طبي مسئلن، ٽوڙ ڦوڙ ، جاسوسي ۽ خبر رسائي، نظرياتي تبليغ ۽ ٽريننگ، فتح ۽ پڄاڻيءَ بابت مضمون شامل آھن.
ھي ڪتاب 1974ع ۾ قومي ڪتاب گهر، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.