چي گويرا

Author Name

لاطيني آمريڪا جو مشھور گوريلو اڳواڻ ۽ انقلابي نظريو ڏيندڙ چي گويرا 1928ع ۾ پيدا ٿيو. هي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ کاٻي ڌر جي انقلابين جو هيرو بڻيو. هو روزاريو، ارجنٽائن جي هڪ وچولي گهـراڻـي ۾ پيدا ٿيو. ھن بيونس آئر يونيورسٽيءَ مان 1953ع ۾ ميڊيڪل جي ڊگري حاصل ڪئي. چي گويرا آمريڪا ۾ سماجي اڻ برابريءَ کي ختم ڪرڻ  لاءِ انقلاب کي اڪيلو رستو سمجهندو هو. ان خيال هيٺ ئي هي 1954ع ۾ ميڪسيڪو ويو ۽ ڪيوبا جي جلا وطن انقلابين سان وڃي مليو، جن جي قيادت جنرل فيڊل ڪاسترو ڪري رهيو هو. 1950ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ هن ڪيوبا جي ڊڪٽيٽر خلاف فيڊل ڪاسترو سان گڏجي گوريلا جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ جڏهن ڪاسترو اقتدار حاصل ڪيو تہ هي ڪيوبا جو صنعتي وزير بڻيو. ٽين دنيا ۾ آمريڪا جي اثر رسوخ جو شديد مخالف چي گويرا، ڪاسترو حڪومت جي ساڄي ڌر وارن ڏانھن لاڙي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن گوريلا جنگ جي موضوع تي ٻہ ڪتاب لکيا. هو 1965ع ۾ ڪيوبا مان گم ٿي ويو ۽ ٻئي سال بوليويا ۾ سرڪش اڳواڻ جي حيثيت ۾ ٻيھر سامھون آيو. بوليويا جي فوج کيس گرفتار ڪري، 9 آڪٽوبر 1967ع تي گوليءَ سان اُڏائي، کيس قتل ڪري ڇڏيو. سندس ڪتاب  ’چي گويرا جي ڊائري‘   شايع ٿيو آهي ۽ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز کان وٺي نوجوانن پاران چي گويرا کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي چي گويرا جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


چي گويرا جا ڪتاب

چي گويرا جي ڊائري، مصنف : چي گويرا

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
چي گويرا جي ڊائري
مصنف : چي گويرا
گوريلا جنگ، مصنف : چي گويرا

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
گوريلا جنگ
مصنف : چي گويرا
2025 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ