سفرناما

خيما کاھوڙين (اٽليءَ جو سفرنامو)

اشتياق انصاريءَ ھن سفرنامي ۾ روم، وينس، پومپائي، ويرونا، ڪئپري، پيسا، ويٽيڪان، فلورنس ۽ پيستم جي آرڪيالاجي، آرٽ، ڪلچر ۽ ھاڻوڪي صورتحال جي جيڪا تصويرڪشي ڪئي آھي ان کي پڙھڻ سان، جتي ڌرتيءَ جي گولي تي اسان کي ھيڏي ساري تھذيبي ورثي کي جاچڻ جو موقعو ملي ٿو، اتي ان جاچ ۾ ڄاڻ ۽ تفريح سان گڏ عقل وارن لاءِ عبرت جا ڪيئي سامان موجود آھن.

Title Cover of book خيما کاھوڙين (اٽليءَ جو سفرنامو)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري محقق، آرڪيالاجسٽ ۽ نثرنگار اشتياق انصاريءَ جو يورپ جي مُلڪ اٽليءَ بابت لکيل سفرنامو ”خيما کاھوڙين“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
اشتياق انصاريءَ ھن سفرنامي ۾ روم، وينس، پومپائي، ويرونا، ڪئپري، پيسا، ويٽيڪان، فلورنس ۽ پيستم جي آرڪيالاجي، آرٽ، ڪلچر ۽ ھاڻوڪي صورتحال جي جيڪا تصويرڪشي ڪئي آھي ان کي پڙھڻ سان، جتي ڌرتيءَ جي گولي تي اسان کي ھيڏي ساري تھذيبي ورثي کي جاچڻ جو موقعو ملي ٿو، اتي ان جاچ ۾ ڄاڻ ۽ تفريح سان گڏ عقل وارن لاءِ عبرت جا ڪيئي سامان موجود آھن.
ھي ڪتاب 1998ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي