سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري صحافي، ڪالم نگار ۽ مضمون نگار نسيم بخاريءَ جي ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”جاگيرداراڻي جبر ھيٺ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
نسيم بخاري معاشري جي ظلمن تي ڪڙهندڙ هڪ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي. درويش صفت، صوفي منش هر ظلم خلاف اظھار جي جرئت رکندڙ ڪڏهن ڪالم، ڪڏهن نظم تہ ڪڏهن غزل جي انداز ۾ تہ هي اسان کي ڪڏهن روڊن رستن تي پڻ نظر ايندو. هن جي قلم تي ڪڏهن ڪَٽُ ڪونہ چڙهي آهي، مسلسل لکندو پيو اچي. شڪارپور جي جاگيرداراڻي جبر ھيٺ آيل معاشري تي ھن بيباڪيءَ سان لکيو آھي ۽ اھڙا ئي ڪالم ھن ڪتاب جي زينت بڻيا آھن. نسيم بخاريءَ جون لکڻيون شڪارپور سان عشق جو اظھار آھن. ھي ڪالم وقت جي غير مھذب ڀوتارن جي ڪُڌن ڪرتوتن/ڪردارن ۽ ناڪام آفيسرشاھيءَ جي آرسي آھن.
ھي ڪتاب 2015ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي