سنڌ سلامت پاران:
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب محمد علي پٺاڻ جي لکيل ڪھاڻين جو مجموعو ”اميد جو ڪرڻو“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
ھي ڪتاب مختصر ڪھاڻين تي مشتمل اھڙي ڪوشش آھي، جيڪا ليکڪ جي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاھدن تي مشتمل آھي. ھنن ڪھاڻين جو محور انسان ئي آھي. گهڻيون ڪھاڻيون ڪرونا وا.ئرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي مشتمل آھن. ڪورونا وائرس جو دور اسان جي زندگين جو ھڪ انتھائي ڊيڄاريندڙ واقعو رھيو آھي. محمد علي پٺاڻ مختصر لفظن ۾ حيران ڪن ۽ سبق آموز ڪھاڻيون لکيون آھن، جن جا موضوع سماج ۾ موجود طبقاتي نظام، رت جي رشتن ۾ آيل ڪوڙي انا، عورتن جا مسئلا، ادلي بدلي جون شاديون، پوليس گردي، نشي ۽ گٽڪي جا نقصان ۽ ٻيا معاشرتي مسئلا شامل آھن.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ پيڪاڪ پبلشرس، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي پيش ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي