سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب نياز پنھور جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ”ڪوڏ ۽ سپون“ اوھان اڳيان پيش آهي.
نياز پنھور ھي ٻالڪ گيت/نظم 12 کان 15 سالن جي وھيءَ ۾ لکيا آھن. انھن گيتن کي پڙھڻ سان پتو پوي ٿو تہ نياز سادن ٻولن ردم ۽ لئي کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندي اڳتي وڌڻ، انڌيرن کي ڌڪارڻ، ڪوڙ کي ندڻ ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ، ڌرتيءَ تان ساھہ صدقي ڪرڻ جھڙن موضوعن جي چونڊ ڪئي آھي.
ھي ڪتاب 1981ع ۾ سنڌ پبلشرز، ڄامشورو پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي