سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ڪلا پرڪاش جو ناول ”وقت وٿيون وڇوٽيون“ اوھان اڳيان شيئر ڪجي ٿو.
ڪلا پرڪاش نوڪري ڪندڙ عورت کي جوابدارين ۽ فرضن جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ محسوس ڪيو آهي ۽ انھيءَ عورت جا احساس، خواهشون، جذبا ۽ عملي رويا ڪلا جي اکين آڏو ڦرن ٿا، ھن ناول جي ڪھاڻي بہ اھڙي ئي عورت جي چئوڦير گهمي ٿي. ڪلاپرڪاش جو قلم، پڙهيل ڳڙهيل ۽ قرباني ڏيندڙ عورت جي جذبن جو ترجمان ٿي وڃي ٿو. مجموعي طور پنھنجي فن ۾ هوءَ عورت جي ڪردار جي مختلف روپن کي اهميت ڏيندڙ آهي. ڪلاپرڪاش جو ھي ناول ھن دور جو جيئرو جاڳندو ۽ چِٽو عڪس آھي. ناول ۾ ڪلا جا سمورا خيال ۽ انھن جون اونھايون پڙھندڙ پنھنجي دل ۾ لھندي محسوس ڪندو.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1988ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1989ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان اوھان اڳيان آڻجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي