ٻاراڻو ادب

جاڳو ٻارو

ھن ڪتاب ۾ هن ٻارن جي دلچسپي ۽ اصلاح لاءِ مختلف موضوعن کي نظم جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. بيخود بلوچ سجاڳيءَ جا گيت رچي سنڌي قوم جي ٻارڙن کي سجاڳيءَ جو سنيھو ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. هن ڪتاب ۾ هر نظم سان مطابقت رکندڙ اسڪيچ بہ ڏنا ويا آهن. 

Title Cover of book جاڳو ٻارو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر بيخود بلوچ جي ٻارن لاءِ  ڪيل شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ”جاڳو ٻارو“ اوھان اڳيان پيش آهي. 
ھن ڪتاب ۾ هن ٻارن جي دلچسپي ۽ اصلاح لاءِ مختلف موضوعن کي نظم جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. بيخود بلوچ سجاڳيءَ جا گيت رچي سنڌي قوم جي ٻارڙن کي سجاڳيءَ جو سنيھو ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. هن ڪتاب ۾ هر نظم سان مطابقت رکندڙ اسڪيچ بہ ڏنا ويا آهن. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر فھميدہ حسين ۽ مقصود گل جا رايا بہ شامل آهن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو  2010ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2016ع  ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽيءَ پاران  ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي