لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)

ڪنهن بہ قوم جي حقيقي تاريخ ۽ عروج و زوال جو مطالعو ڪرڻو هجي تہ ان لاءِ لوڪ ادب کان وڌيڪ ڪو سونھون نہ ٿو ٿي سگهي! ان لاءِ ضروري آهي تہ هر دور جي عوامي تاريخ يعني لوڪ ادب کي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪيو وڃي. ھن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي اھم صنف ”مدح ۽ نعتيہ ڪلام“ ۾ سنڌ ۾ موجود چونڊ سگهڙن جو ڪلام ترتيب ڏئي پيش ڪيو ويو آھي. اشعار ۽ ڪلام سان گڏ لاڳاپيل سگهڙ يا لوڪ شاعر جو تعارف پڻ ڏنو ويو آھي. مدح لوڪ ادب جي هڪ جامع صنف آھي جنھن جو نالو عربي ٻوليءَ مان اخذ ڪيو ويو آھي، جنھن جي معني آھي تعريف يا ساراھ ڪرڻ. نعت اھڙو نظميہ ڪلام آھي جنھن ۾ رسول ڪريم صہ جي تعريف بيان ڪيل ھجي.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران لوڪ شاعرن جي لکيل مڊحن ۽ نعتيہ ڪلام تي مشتمل ڪتاب ”مدح نامو“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون. ھن ڪتاب جو مرتب رحمت اللہ ”عاجز“ لاشاريآھي.
ڪنهن بہ قوم جي حقيقي تاريخ ۽ عروج و زوال جو مطالعو ڪرڻو هجي تہ ان لاءِ لوڪ ادب کان وڌيڪ ڪو سونھون نہ ٿو ٿي سگهي! ان لاءِ ضروري آهي تہ هر دور جي عوامي تاريخ يعني لوڪ ادب کي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪيو وڃي. ھن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي اھم صنف ”مدح ۽ نعتيہ ڪلام“ ۾ سنڌ ۾ موجود چونڊ سگهڙن جو ڪلام ترتيب ڏئي پيش ڪيو ويو آھي. اشعار ۽ ڪلام سان گڏ لاڳاپيل سگهڙ يا لوڪ شاعر جو تعارف پڻ ڏنو ويو آھي. مدح لوڪ ادب جي هڪ جامع صنف آھي جنھن جو نالو عربي ٻوليءَ مان اخذ ڪيو ويو آھي، جنھن جي معني آھي تعريف يا ساراھ ڪرڻ. نعت اھڙو نظميہ ڪلام آھي جنھن ۾ رسول ڪريم صہ جي تعريف بيان ڪيل ھجي.
ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران اڃا تائين ناھي ڇپايو ويو، پر سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ آندو ويو آھي. ٿورائتا آھيون سائين رحمت اللہ ”عاجز“ لاشاري ۽ سلات سٿ جا جن ھي ڪتاب ڪمپوز ڪرائي ۽ ترتيب ڏئي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

حق ۽ واسطا سلات وٽ سوگها

ڪتاب جو نالو: مدح نامو
موضوع: لوڪ شاعرن جون لکيل مدحون ۽ نعتيہ ڪلام
مرتب: رحمت الله عاجز لاشاري 0301-3566707
ڇاپو پھريون: جون 2024ع
لي آئوٽ: وحيد علي سولنگي
ڇپيندڙ: ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي، گاڏي کاتو حيدرآباد
0815982-0300
ڇپائيندڙ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) رجسٽرڊ


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com
2024ع

ارپنا

سنڌ جي لوڪ ادب، لطيفيات ۽ تاريخ جي محافظن
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
جي نانءِ

بِسْمِ ا الرَّحَمٰنِ الرَّحِیْمِ
جکري جيھو جوان، ڏسان ڪونہ ڏيھہ ۾
مُھڙ مريني مُرسلين، سرس سندس شان
فکان قابَ ڪوسين او ادنيٰ، اهو مُيسر ٿيس مڪان
تنھن آگي جو احسان، جنھن هادي ميڙيم ھھڙو

مُھاڳ: لوڪ ڏاهپ جي نرالن رنگن جي حفاظت !

لوڪ ڏاهپ هڪ اهڙي نرالي وٿ آھي، جنھن ذريعي ڪنھن قوم جي تاريخ، جاگرافي، تھذيب ۽ تمدن جي حفاظت بہ ٿي سگهي ٿي تہ ان سان گڏ ان قوم جي قومي تاريخ، ورثي، قدامت ۽ سياسي سماجي قدرن جو پڻ صحيح پتو پئجي سگهي ٿو.
سنڌي لوڪ ادب پڻ سنڌ جي مختلف دورن جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو عڪاس ۽ عوامي امنگن جو ترجمان آھي، منجهس مختلف تاريخي، تھذيبي ۽ سماجي اهڃاڻ موجود آھن، جن کي پڙھڻ سان سڄو عڪس اکين اڳيان مجسم صورت وٺي اچي ٿو بيھي ۽ ماضي جي اوج و ڪمال يا زوال جي چٽي نشاندهي ڪري ٿو ۽ پڙھندڙ کي سڄي تصوير سمجهايو ڇڏي.
جڏھن لوڪ ادب جي ايڏي اهميت آھي تہ ان تي ڌيان بہ اهڙو ئي ڏيڻ گهرجي ها ۽ مختلف حڪومتي توڙي ادبي ادارا ان کي پنھنجو سمجهندي سندس حفاظت توڙي واڌ ويجهہ لاءِ ڪوشان هجن ها ۽ هر هفتي، مھيني يا ڪجهہ مھينن کان پوء هڪ ڪتاب عوام جي هٿن ۾ موجود هجي ها، اهڙيءَ طرح هڪ سال ۾ ڪافي ڪتاب موجود ٿي وڃن ها، جن تي وري مختلف رخن کان تحقيق ڪئي وڃي ها ۽ فني بنياد تي انھن جو جائزو وٺي سندن ادبي قيمت ۽ اهميت مطابق انھن کي ايوارڊ ۽ مان مرتبو آڇيو وڃي ها، پر بدقسمتيء سان ائين ناهي، لوڪ ادب کي هتي ڪنھن شمار ۾ ئي نہ ٿو آندو وڃي، بلڪہ لوڪ ادب لکندڙ سگهڙن کي ڄڻ تہ شاعر ئي نہ ٿو سمجهيو وڃي، جيڪا روش سنڌي ٻوليءَ جي خلاف آھي ۽ انتھائي غير ذميواراڻي روش آھي.
اسان جا ادبي ادارا جن تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو تہ اهي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي آبياري ڪن ۽ اهڙا پلان ترتيب ڏئي انھن کي عمل لائق بنائين جن سان سنڌي ٻولي ۽ ادب کي هٿي ملي ۽ سنڌي ٻولي دنيا جي سڌريل ٻولين سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيھڻ جي لائق بنجي سگهي ۽ پوري دنيا جا ماڻھو مختلف صورتن ۾ سنڌي ادب جو مطالعو ڪندي، ان جي حسناڪين ۽ نيارين وٿن کان واقف ٿي سگهن، پر هتي تہ ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آھن، هر ادارو پنھنجا
نوازي، اداري جي سربراهيءَ جي شھنشاهيت وانگر پشت بہ پشت منتقلي ۽ ڪرپشن جو ڳڙھہ بنجي تباهيءَ جي ڪناري تي وڃي پھتو آھي، ايتري حد تائين جو اهي ادارا هيڏي ساري بجيٽ ھوندي ڪو معياري ڪتاب ڇاپڻ لاءِ بہ تيار نہ آھن، نتيجي طور ٻولي ۽ ادب، خاص طور تي لوڪ ادب جي واڌ ويجهہ کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي.
ائين هرگز نہ آھي تہ ڪو لوڪ ادب سرجي ئي نہ ٿو بلڪہ لوڪ ادب جا سرجڻھار سگهڙ ۽ سياڻا پنھنجي مدد پاڻ جي اصولن تحت مختلف گروپ بنائي مختلف پروگرام بہ منعقد ڪن پيا، لوڪ ادب جي نيارين وٿن ۽ خالص ٻوليءَ جي ڀنڊار جي سھيڙ بہ ڪن پيا ۽ سوڌي سنواري پنھنجي وس ۽ وت آھر مختلف ڪتاب بہ ڇپرائين پيا.
پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپائڻ واري سلسلي جو هيء ٽيون ڪتاب آھي، جيڪو پي ڊي ايف صورت ۾ تيار ڪرائي محفوظ ڪيو پيو وڃي، هن ڪتاب کان اڳ حمديہ شاعريء تي مشتمل ڪتاب " وحدت جي وائي " ۽ مناجات تي مشتمل ڪتاب " مناجات الاهي" اڳ ئي تيار ڪري پي ڊي ايف فارميٽ ۾ محفوظ ڪيا ويا آھن، جڏھن تہ هيء ڪتاب " مدح نامو" پڻ مڪمل تيار صورت ۾ اوهان جي سامھون آھي جيڪو پڻ اڳين ٻن ڪتابن وانگر لوڪ ادب تنظيم سلات جي پليٽفارم تان مختلف سڄاڻ سگهڙن جي گڏيل شاعريءَ تي مشتمل آھي.
ڪتاب ۾ موجود شاعري موضوع مطابق فقط مدحيہ شعرن تي مشتمل آھي.
مدح لوڪ ادب جي هڪ جامع صنف آھي جنھن جو نالو عربي ٻوليءَ مان اخذ ڪيو ويو آھي، جنھن جي معني آھي تعريف يا ساراھ ڪرڻ، اهڙي تعريف جيڪا ڪنھن دنيوي فائدي لاء نہ هجي پر جنھن جي تعريف ڪئي وڃي اها هستي ان تعريف لائق هجي.
مدح جي وصف لکندي جڳ مشهور ڏاهو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب "مداحون ۽ مناجاتون " جي صفحه نمبر 4 تي لکي ٿو تہ " عربي لفظ مدح جي معنيٰ آھي تعريف پوءِ ڀل تہ اها ڪنھن (بادشاھہ، امير، حاڪم، دوست وغيرہ) جي بہ هجي. سنڌيءَ ۾ مداح جو مضمون خاص آھي: يعني تہ اها منظوم ساراھ يا تعريف جا نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم ۽
اصحابن سڳورن يا ڪنھن ولي يا درويش جي شان ۾ ڪيل ھجي جا ڪنھن نفساني خواهش يا دنيائي سببان نہ پر خالص دلي محبت ۽ عقيدت سان ڪئي وڃي" هو اڳتي لکي ٿو تہ "مداح انھي معنوي لحاظ سان نعت يا ثنا جي برابر آھي".
سنڌي سگهڙن پڻ خصوصي طور تي نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ساراھہ ۾ لاتعداد مداحون لکيون آھن جن جي مثال طور هن ڪتاب ۾ لکيل دور جديد جون مداحون شامل ڪيون ويون آھن تہ جيئن پڙھندڙ کي سنڌ جي سگهڙن جا چيل مداحن جا مختلف نمونا پڙھڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ ملي سگهن.
فني طور تي مدح ڪھڙي بہ صورت ۾ لکي سگهجي ٿي، فقط موضوع جي حساب سان ان ۾ تعريف ۽ ساراھہ جو عنصر نمايان هجڻ ضروري آھي، باقي ان جو ڪو خاص فارميٽ، نمونو يا وزن مقرر ڪيل ڪونھي، پر ڪٿي بيت جي صورت ۾، ڪٿي وائي يا ڪافيءَ جي صورت ۾، ڪٿي نظم ۽ گيت جي صورت ۾ بلڪہ ڪٿي تہ غزل جي بحر يا وزن تي پڻ مداحون چيل آھن، حالانڪہ عروضي شاعريءَ جو لوڪ ادب سان ڪو واسطو ڪونھي، پر جديد ادب جي لکڻ ۽ پڙھڻ سبب صنفون پاڻ ۾ گڏجي ويون آھن ۽ سگهڙ پڻ عروضي صنفون لکڻ لڳا آھن.
ھاڻي وري اچون ٿا موجودہ ڪتاب طرف تہ هن ڪتاب جي موجودہ صورت تائين پھچڻ ۾ نامياري سگهڙ، سلات جي باني چيئرمين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جون محنتون ۽ محبتون قابل تعريف آھن، جيڪو پنھنجي جنون، جذبي ۽ عشق جي آبياريءَ لاءِ ڏينھن رات هڪ ڪري، سردين ۽ گرمين جي پرواھہ نہ ڪندي بہ اڪيلي سر مختلف ادبي ادارن کان گهڻو ڪم ڪري رهيو آھي، الله سائين سندس ڪوششن کي ضرور ڪامياب ڪندو.
هتي ٻولي ۽ ادب جي قومي ادارن کي وري بہ دعوت ڏجي ٿي تہ: ٻوليءَ جي بقا نج لفظن جي ذخيري جي حفاظت سان ئي ممڪن آھي ۽ اهي نج الفاظ لوڪ ادب ۾ اڄ بہ مروج ۽ محفوظ آھن ان ڪري لوڪ ڏاهپ جا محفوظ ٿيل ڪتاب ڇپرائي ٻوليءَ جي بقا ۾ پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪريو تہ جيئن سنڌي ٻولي پنھنجي اصلي صورت ۾ مستقبل لاءِ محفوظ ٿي سگهي ۽ ادارن جي
قيام جو عظيم مقصد بہ پورو ٿي سگهي.


پروفيسر بيوس بخش علي چانڊيو
شھر ڦل، ضلعو نوشھروفيروز، سنڌ

پيش لفظ: لوڪ ڏاهپ !

ڏٺو وڃي تہ “لوڪ ڏاهپ” هڪ نيارو عنوان آهي.جنھن جا خاص مضمون هيٺين موضوعن تي آڌاريل هوندا آهن. جنھن جو بنيادي شرط آهي تہ لوڪن جي مشاهدي جي حس تيز هجي، يعني قدرتي ۽ فطري لقا جي بدلا جا پرکيندڙ ۽ پروڙيندڙ هجن جن جي اڪثريت جي اڪثريت ٻھراڙي جا رهاڪو يعني ڳوٺاڻا هوندا آهن.
1. مند ۽ موسم جي بدلاءِ جا اهڃاڻ مختلف جيوت، جهنگلي جيوت وڻ ٽڻ ۽چوپائي جانورن ۽ پکين منجهان پرکيو وٺن.
2. ڏڪار ۽سڪار انديشو بہ وڻ ٽڻ جي ڦوٽھڙي وغيرہ مان پروڙين.
3. مينھن ٻوڏ جي صورتحال وايو منڊل مان اندازو لڳائين.
4. وقت جي ماپن يعني گهڙين ساعتن ۽ پھرن يعني هڪ پھر ٻہ پھر ٽي پھر چوويھہ (وقت ۽ پاڻي) وغيرہ کي ورڇيندڙ... يعني اهڙن انيڪ پاسن کي جن ۾ مذڪورہ اهڃاڻ شامل هجن تن کي ماحولياتي/ ماحولي لوڪ ڏاهپ سڏبو آهي.
ياد رهي تہ لوڪ ڏاهپ کي آئون ذاتي طور تي لوڪ ادب جو حصو سمجهندو آهيان اهڙا انيڪ موضوع ڊاڪٽر بلوچ جي قلم جي زينت بڻجن ها پر ڪن مٺگُهرن لوڪ ادب جي اسڪيم کي محدود ڪرائي ڇڏيو. اھڙن موضوعن کي ساريندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب مختلف لکڻين ۾ پنھنجن دلي ارمانن جو اظھار ڪيو آهي. جنھن بہ تخليقَ ۾ جِتي بہ توصيف نگاري جِي جهلڪ نظر ايندي، اُتي ان سخن تي مدح ۽ ثناءَ جو اطلاق ٿيندو.
هي ڪتاب “مدح نامو” جيڪو ادا عاجز رحمت الله لاشاري جي لوڪ ادب سھيڙ جي سلسلي هيٺ سوشل ميڊيا واٽس ايپ گروپ ذريعي ڪيل ڪوششن جو نتيجو آهي، ۽ ان سلسلي هيٺ هن هي ٽيون ڪتاب مرتب ڪيو آهي جنھن ۾ مختلف لوڪ شاعرن جي مدحيہ ۽ نعتيہ شاعري گڏ ڪئي وئي آهي.
منھنجي سمجهہ مطابق “مدح” هڪ موضوعي صنف آهي، جنھن جا ڪيترائي قسم، اسم، عُنوان ۽ جِنسون آهن. هنَ صِنف جي فَني لوازمات يعني بحر، وزن، قافيه بندي کان وڌيڪ عقيدت ۽ محبت گهُربل هوندي آهي، مدح جو معيار اهو آهي تہ مُبالغو ۽ غُلُوّ يعني اجائي ۽ ٻي بنياد ڳالھين کان پرهيز ڪرڻ گهُرجي، مدحيہ شاعري جو اصل اثاثو سچي محبت آهي جيڪو هِن صِنف جو خاص مُحرڪ پڻ آهي. مدح انھيءَ شاعريءَ کي چئبو جنھن ۾ اخلاقِ حميدہ بيان ٿيل هُجن ۽ مَدح ۾ ممدوح مداح خوان کان بزرگ برتر ۽ محترم هجي.
مدح جو ڪن ٻين جِنسُن وانگر ڪو هڪ مقرر ٿيل پھلو ناهي هوندو موضوع جي اعتبار کان هِن جي وُسعت ڪئين نوع نمونن جي ٿي سگهي ٿي. پر ساڳي وقت مدح جي سادي سڃاڻپ اها آهي تہ موضوع ۽ مضمون جو سلسلو ساڳيو هُجڻ گهرجي.
مدح: درجہ بندي جي حوالي سان مدح هڪ وڏي شعري صنف آهي، اگر معنياتي لحاظ کان جيڪر هن صنف جِي زمرہ بندي جي ڪجي ٿي.
مدح منجهان: حمد، نعت، مولود، منقبت، ۽ ثناءَ جھڙيون خاص ۽ اهم صنفون نِڪتل ڏِسجن ٿيون ۽ ضمني طور تي شامل جِنسُن ۾ مناجات وغيرہ اچي وڃن ٿيون جڏهن تہ گڏيل تخليق: حمد و ثناءَ ، حمد ونعت، يا جزوي طور تي هڪ صنف جو ٻئي صنف ۾ گڏيل سڏيل طور تي سرجيل هجن تہ اهي سڀ مدح جي دفعي ۾ اينديون ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڻ لکيو آهي تہ” مداح انھي معنوي لحاظ سان“نعت ” يا“ثناءَ”جي برابر آهي.


حامد مري

مقدمو: لوڪ ادب سھيڙ جو ٽيون ڪتاب

دوستو!
ڪجهہ عرصي کان مون محسوس ڪيو آھي تہ اسانجو قومي ادب “لوڪ ادب” سرڪاري سطح تي يتيم ٿيندو پيو وڃي ان ڪري ان جي وارثي ڪجهہ سنجيدہ ۽ سچائيءَ سان ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آھي.
ڏٺو وڃي تہ ان حوالي سان ڪيترن ئي سالن کان وٺي سرڪاري ۽ غير سرڪاري سطح تي تمام ادارن سان لک پڙھہ سان گڏ ٽيبل ٽاڪ (روبرو ڳالھہ ٻولھہ) کان پوءِ مان مڪمل طور نا اميدي جي ٻہ واٽي تي بيٺل آھيان ۽ ان جي باوجود سنڌي لوڪ ادب بابت ڪجهہ ڪرڻ جو خواهشمند آھيان. يعني ان جي چِند ۽ نج صنفن جي بنياد تي لوڪ ورثي جي وارثي ۽ ٻوليءَ جو تحفظ ڪرڻ سان گڏ ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ۽ ڊاڪٽرڪمال، جي وفات سبب سھيڙ کان رهجي ويل سڀني صنفن جي فن کي سھيڙي ان جي پرفارمنس/ادائگي سان گڏ تخليقن کي محفوظ ڪري ھن ڊجيٽل ٽيڪنالوجي جي ذريعي پوري دنيا ۾ متعارف ڪرائي، سنڌي لوڪ ادب کي عالمي سطح تي پھريون نمبر قرار ڏيارڻ جو خواهشمند آھيان جنھن ۾ صرف تخليقڪار سگهڙن نہ پر سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قومَ جو ڳاٽ پڻ اوچو رهندو.اسان وٽ جيترو ڪم سنڌي لوڪ ادب تي ٿيل آھي يعني ڪچهرين، ڪانفرنسن، سيمينارن، ميلن سان گڏ لوڪ ادب اسڪيم ۽ سنڌ جي سگهڙن پاران مختلف تنظيمن توڙي پنھنجي مدد پاڻ تحت ڇپرايل فن آھي سو منھنجي اندازي مطابق هڪ هزار کن ڪتابن کان مٿي هوندو جيڪو ڪم سڄي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ڇپيل لوڪ ادب کان تمام گهڻو آھي پر اسانجي بدقسمتي آھي جو ڪو بہ فرد، ادارو يا سرڪار نامدار ان سلسلي ۾ پنھنجو سنجيدہ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
اسانجن ڪجهہ ادارن ۾ انگريزي ۽ ٻين ٻولين جي گاڏڙ اکرن جي ڳالھائيندڙن کان سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ، سڌاري ۽ حفاظت بابت مذاڪرا تہ ڪرايا وڃن ٿا پر ٻوليءَ جي اصليت ۽ نج پڻو سگهڙپائي جي فن جي لکين اڻ ڇپيل مُحاورن ۽ جملن ۾ محفوظ آھي ان جي باوجود ڪو بہ اسانجو اڪابر ان قسم جي ڪتابن کي سھيڙي ان مان منسوخ ۽ متروڪ ٿيل لفظ ڳولڻ مناسب ئي نٿو سمجهي جيڪا ڳالھہ دکدائڪ ۽ ستائيندڙ آھي. مون ۽ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ان سڄي صورتحال تي سنجيدہ قدم کڻندي سنڌ جي هرهڪ ادبي، سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن کي لکت ۾ عرض ناما ڪيا، پي ٽي وي ۽ ريڊيو سميت ٻين نجي چينلز تي خاص پروگرام ڪيا.ان وقت جي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير محترم سردار شاھ ۽ سيڪريٽري ڪلچر غلام اڪبر لغاري سان روبرو ڳالھيون ڪري عرض ڪيوسين ۽ ھڪ سال لڳاتار پرامن طريقي سان لوڪ ادب بچايو تحريڪ بہ هلائي پر ڪٿان بہ ڪو مناسب ۽ سنجيدگيءَ سان سچائيءَ وارو جواب نہ مليو نہ وري ڪنھن بہ اداري لکيل خط جو جواب ئي عنايت فرمايو جيڪو سُور سيني ۾ سانڍيندي اهو صدمو نہ سھندي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو بہ شاھہ عنايت ڳوٺ نزد سچل ڳوٺ ڪراچيءَ جي قبرستان ۾ ابدي آرامي ٿي ھميشہ لاءِ وڃي سُتو ۽ ٻيو ڪو سنجيدہ ۽ مخلص ساٿي نہ ملڻ سبب مون بہ هٿ ڍرا ڪيا. بعد ۾ خيال آيو تہ سنگت سان گڏجي ڇو نہ ان ڪم کي ڊجيٽل انداز سان سھيڙجي ۽ ان ڪم کي مون پنھنجي واٽس ايپ تي قائم ڪيل “عالمي” اوطاق” گروپ ۾ اظھار ڪري “لوڪ ادب سکيا” جو هڪ نئون گروپ قائم ڪندي حمديہ ڪلام کان شروعات ڪئي جنھن دوران پھريون ڪتاب “وحدت جي وائي” ۽ ٻيو ڪتاب “مُناجاتِ الاهي” ترتيب ڏنو جيڪي محترم محمد سليمان وساڻ پاران پنھنجي ويب سائيٽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪيا ويا. جنھن بعد ساڳي ڪَڙيءَ جو هي ٽيون ڪتاب “مَدح نامو” آھي جيڪو لوڪ شاعرن جي مدحيہ ۽ نعتيہ شاعري صفت ساراھہ جي گڏيل عنوان تي مشتمل آھي.
هن ڪتاب جي نظرثانيءَ ۾ منھنجي مُحسن دوست پروفيسر بيوس بخش علي چانڊيو جو مڪمل ساٿ شامل آھي جنھن لاءِ ڪجهہ دلي دعائون آھن. ان کان سواءِ جن دوستن مواد موڪلي هن سھيڙَ ۾ ساٿ ڏنو انھن جو پڻ نھايت ٿورائتو آھيان جن پنھنجي قلمي خزاني کي مون ناچيز جي سھيڙ واري سلسلي ۾ شامل ڪرڻ مناسب سمجهيو. منھنجي هن سھيڙ جو مقصد اهو آھي تہ هن آخري نسل جي سيني ۾ سانڍيل لوڪ ادب وارين تخليقُن کي محفوظ ڪري ڇڏجي. ڇو تہ بيقدري ۽ نا شناسائي سبب هن وقت لوڪ ادب جن پيرسن ۽ نوجوان سگهڙن جي سينن ۾ محفوظ آھي سي هن قومَ جا آخري فرد آھن ۽ ايندڙ نسل ان فن ۾ قدم رکڻ کان عاري آھي (اها ڳالھہ مان ذاتي تجربي جي بنياد تي چئي رهيو آھيان) ان ڪري هن هلندڙ اڌ صديءَ تائين لوڪ ادب جا وينجهار سنڌ مان هميشه لاءِ موڪلائي ويندا ۽ پوءِ اهو رهيل فن بہ سندن سينن ۾ هنن سان گڏ دفن ٿي ويندو ان لاءِ جيترو جلد ۽ ممڪن ٿي سگهي هن فن کي محفوظ بڻايو وڃي.

مدحيہ شاعري جي وصف:
مدحيہ يا نعتيہ شاعري لکڻ ۽ پڙھڻ خداپاڪ جي عظيم نعمت آھي. نعت گوئي جي صنف فنِ شاعري ۾ هڪ نئون، منفرد، اعليٰ ارفع ۽ مقدس آھي.
نعت پاڪيزہ ۽ سنجيدہ ٻولن تي مشتمل ٿئي ٿي جنھن ۾ حضورﷺ ڪجهہ والھانہ فدائيت، بي ڪنار محبّت ۽ بي پناه عقيدت جو بحر موجزن رهي ٿو. نعت مومنانہ صفت جي علمبردار ۽ آئينہ دار ٿئي ٿي.
شاعري جي جنھن بہ صنف ۾ حضور ﷺ جي تعريف ڪجي سا نعت جو مَقام تڏهن ماڻي سگهي ٿي، جڏهن انھي شعر جي نفسِ مضمون جو تعلق سڌو سنئون، صريحاً، صاف صاف فقط ۽ فقط حضورﷺ جن سان هجي!
نعت ۾ روحاني اقدار، پاڪيزہ افڪار، سروري اسرار ۽ نبوي انوار تي مشتمل معياري اشعار اچن ٿا، جن ۾ ادب شائستگي، ايمان ايقان، محبّت ۽ صداقت جا موتي مڙهيل ٿين ٿا.
انھن سڀني اصولن ۽ ڳالھين کان علاوه نعت ۾ اڃا بہ هڪ نازڪ ترين مقام اچي ٿو، اهو آهي محبّت ۽ شريعت جو امتحان. شريعت ۾ محمد مصطفيٰ ﷺ محبّت ۾ محبوبِ خداﷻ آهي! نعت جو مقام محبّت ۽ شريعت جي درميان هوندو آهي. محبّت ۽ شريعت مان ڪنھن بہ هڪ جي تقاضا کي ڇڏيو ويو تہ پوءِ نعت نعت نہ رهندي، محبّت ۽ شريعت جي بنيادن تي، نازڪ لطافتن، نوراني نزاڪتن، شاعرانہ فصاحتن، بلاغتن ۽ جدتن، سنجيدہ عقيدتن، شائستہ صداقتن، روحاني راحتن ۽ نبوي عظمتن جو ذڪر نڀائڻ واري شاعرانہ صنف ئي نعت هوندي آھي. مسلمان شاعرن کان علاوه غير مسلم شاعرن بہ حضور ﷺ جي اُسوَہِ حَسَنہ کان متاثر ٿي نعت گوئي ڪئي آهي ۽ ثناءِ رسول ﷺ جي طفيل مسلمانن جي دلين ۾ عزّت ڀريو مقام حاصل ڪيو اٿن. نعت ۾ محبّت رسالت ﷺ، جو رنگ شريعت تي حاوي ضروري رهي ٿو، تاهم پاڻ سڳورن ﷺ جي محبّت، حضور ﷺ جي شريعت جي منحرف ۽ تارڪ ٿي نٿي سگهي. پل صراط وانگر نعت، محبّت جي تخيّل ۾ هڪ نازڪ گذرگاھ آهي، جتان شاعر کي ايمان بالرسالت ﷺ جي سھاري لنگهڻو پوي ٿو.

مداح:
سڀ کان اول “مداح” لفظ جي معنيٰ سمجهڻ ضروري آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب، اصلي عربي لفظ “مَدَح” آهي، جنھن جي معنيٰ آهي: ساراھَ يا تعريف، مدح ڪندڙ (اسم فاعل) کي عربيءَ ۾ “مادح” يا مداح/ چئبو آھي . سنڌيءَ ۾ پڻ “مدح” (ساراھ يا تعريف) توڙي “مدح ڪرڻ” (ساراھہ ڪرڻ تعريف ڪرڻ) ٻئي رائج آهن، پر انھن جو استعمال خاص طرح ادبي آهي ۽ پڙهيلن تائين محدود آهي. ان جي برعڪس “مداح” ۽ “مداحي” عام مشهور لفظ آهن. لغت جي لحاظ سان لفظ “مداح” خاص معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. “مداح” سنڌي نظم جي هڪ خاص جِنس آهي. بلڪ “صنف شاعري” آهي. عربي لفظ “مدح” جي معنيٰ آهي: تعريف، پوءِ ڀل تہ اها ڪنھن (بادشاه امير، حاڪم. دوست وغيرہ) جي بہ هجي.
سنڌيءَ ۾ “مداح” جو مفھوم خاص آهي: يعني تہ اها منظوم ساراھ يا تعريف= جا نبي ڪريم ﷺ ۽ اصحابن سڳورن يا ڪنھن ولي يا درويش جي شانَ ۾ ڪيل هجي. جا ڪنھن نفساني خواهش يا دنيائي طمع سببان نہ، پر خالص دلي محبت ۾ عقيدت سان ڪئي وڃي. جيتوڻيڪ انھيءَ محبت ۾ عقيدت جي نتيجي طور پوءِ ڀل کڻي ڪو نيڪ مقصد سري يا ذاتي هدايت نصيب ٿئي. “مداح” انھيءَ معنوي لحاظ سان 'نعت؛ يا “ثنا؛ جي برابر آهي. “مداح” چوندڙ شاعر کي عربي لفظ “مادح يا مداح” جي بجاءِ سنڌيءَ ۾ “مداحي” چئبو
( سنڌي لوڪ ادب جو تحقيقي اڀياس:ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ص 29)
لوڪ ادب ڏاهو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو تہ:
شاعرن “مداحُون” نظم ۾ چيون آھن، جن ۾ آنحضرتﷺ، اصحابن ۽ اوليائن جي تعريف هوندي آھي.
ڊاڪٽر سنديلي موجب: “عربيءَ” ٻوليءَ ۾ مَدح ڪنھن بہ بادشاھہ، امير وزير جي ڪري سگهجي ٿي. پر اسانجي سنڌي شاعرن اهڙي مدح کي قصيدو سڏيو آھي، مَدح ۽ قصيدي ۾ اهو نمايان فرق آھي تہ مدح ۾ پنھنجي دلي عقيدتمنديءَ جو اظھار نھايت عاجزانہ اندازَ ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو. جنھن ۾ پنھنجي مُشڪل ڪشائي نظم جو خاص جُزو هوندو آھي. يعني دنيوي مصيبتن مان آجائي ۽ آخرت جي موچارائي ڪجهہ باربار عرض ڪَيل هوندو آھي ۽ ڪڏھن وري نريني اولاد ڪجهہ ڪي خاص خيال ۽ لفظ استعمال ڪَيل هوندا آھن. پر قصيدي ۾ بادشاھ، امير، وزير، وغيرہ جي لُنڊي خوشامد بہ هڪ جُزو هوندو آھي. يعني جيڪي وصفون يا خوبيون اڳلي ۾ ھونديون آھن تن کي مبالغه آميز لفظَن ۾ سھڻو بڻائي، اهڙي تہ شَدَّ ۽ مَدَّ سان پيش ڪندا آھن، جو هُو سمجهندا آھن تہ واقعي انھن ئي خوبين جا مالڪ آھن. اهي مداحي نہ پر درٻاري شاعر آھن جن جو مقصد هوندو آھي پنھنجي آقائن جي پِرڪارن تي پردہ پوشِي ڪري، پنھنجي ڪجهہ سندن جِيءَ ۾ جاء وٺي ڪجهہ ڇڏائڻ جي تمنا رکڻ، جيتوڻيڪ سندن سڀ آقا هڪ جھڙا بہ نہ هوندا آھن، پر تڏھن بہ سندن شانَ ۾ جنھن لفاظي ۽ طمطراقي کان ڪم وٺندا آھن، سو تيليءَ مان ٿنڀ بڻائڻ جي برابر آھي.

(لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو. ص 228- ڇاپو پھريون، سيپٽمبر2016ع، پيڪاڪ پرنٽرس ڪراچي.


رحمت الله “عاجز” لاشاري
باني چيئرمين
سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)

رحمت الله “عاجز” لاشاري

تعارف، ادبي خدمتون ۽ مليل مڃتا جو تفصيل
پورو نالو: مير رحمت الله.
ادبي نالو: رحمت الله “عاجز” لاشاري.
تخلص: آڪاش عاجز.
ولديت : فقير شاهنواز پُٽ جلال خان پُٽ جمال خان پُٽ ڪمال خان پُٽ شھداد خان پُٽ ڌڱاڻو خان پُٽ حُرّا خان پُٽ منگا خان.
قوم: سنڌي بلوچ.
ذات/قبيلو : لاشاري.
پاڙو: عھدياڻي.
پيدائش: اسڪول جي سرٽيفڪيٽ مطابق، 02 جنوري 1982ع بمطابق 5 ربيع الاول 1402ُ هجري.
جاءِ پيدائش: درگاھہ فقيرپورشريف لڳ راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو. ياد رهي تہ فقيرپور ۾ عاجز جا ناناڻا ويٺل هئا ۽ سندس امڙ پنھنجي والدين جي گهر ڄڻيو هو، جڏهن تہ سندن والد ان وقت ميھڙ کان مٿي ڌامراھہ واھہ جي ڏاکڻئين ڪَپ تي ڳوٺ حاجي مير محمد لاشاريءَ ۾ رهائش پذير هئو. ڪنھن معمولي ڳالھہ تان اڻ وڻندڙ تڪرار سبب اتان سال 1986ع دوران لڏپلاڻ ڪري موهن جو دڙو ڀرسان سنڌ جي مشھور ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي جَنم ڀومي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي.

تعليمي شروعات:
اپريل 1987ع دوران گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ ٻِنڊي، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو (اسڪول ۾ مرحوم غلام قادر ساريو کان الف اک واري پَٽي لکرائي هئي ۽ بعد ۾ ڪجهہ ڪلاسن ۾ استاد محمد امين منگي ۽ ڪامريڊ زبير احمد جکرو پڻ استاد رهيا) .

قرآن پاڪ ناظرہ:
پرائمري تعليم دوران ڳوٺ جي پيش امام مرحوم استاد مولوي محمد صالح لاکي وٽ ناظرہ قرآن پاڪ پڙهي پورو ڪيو.

قرآت، تجويد:
ڀر واري ڳوٺ برادي ساريہ ۾ مدرسہ مُحمّدي نورالھديٰ جي استاد حافظ محمد بخشل چنہ وٽ ڪلام پاڪ جي قائدن قانونن جي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ ڪجهہ سورتون حِفظ پڻ ڪَيُون.

انگريزي تعليم:
مدرسي ۾ پڙهڻ دوران گورنمينٽ هاءِ اسڪول موئن جو دڙو تي سيپٽمبر 1994ع ۾ داخلا ورتي.
ان عرصي دوران امڙ جي اسرار تي سال 1995ع کان 1997ع دوران درگاھہ الله آباد شريف ڪنڊيارو ضلعي نوشھرو فيروز ۾ مرشدن ڪريمن حضرت قبلا محبوب سڄڻ سائين مدظلہ العالي جن جي صحبت ۾ روحاني فيض ۽ ضروري ديني تعليم ۽ روحاني عِلمَ جو فيض حاصل ٿيو. دربار الله آباد شريف ۾ ضروري تعليم بعد ليبرڪالوني ڪوٽڙي ۾ پنھنجي مامي مولوي سراج الدين لاشاري جي تربيت هيٺ مدينہ مسجد نيو ليبر ڪالوني ۾ نائب امام جا فرض نڀايا.

نڪاح:
والدين طرفان طالب علمي جي عُمر ۾ 23 اپريل 1992ع تي توفيق ڪالوني دادو ۾ سڳي ماسات سان ٿيو جڏهن تہ شادي ڪجهہ سالن کان پوءِ 2 مئي 1999ع تي ڳوٺ ڪَرَن خان شورو قاسم آباد حيدرآباد ۾ ان ئي ڳوٺ جي جامع نورِ محمدي مسجد ۾ پيش امامي دوران ساڳئي هنڌ تي ٿي. شاديءَ جي موقعي تي سگهڙن جي ڪچھري ٿي هئي جنھن ۾ استاد محمد ملوڪ عباسي جو پڳدار پُٽ سُگهڙ ممتاز علي عباسي، موري جو مشھور سگهڙ (مرحُوم) رحمت الله عباسي ۽ (مرحوم) حاجي اقبال احمد جوڻيجو لوڪ ادب جون لاتيون پيش ڪيون هيون. هن وقت ٻن نياڻين ڪنيز فاطمہ ۽ عُروج فاطمہ سان گڏ هڪ فرزند محمد حَسَّان (پيدائش 28 سيپٽمبر 2010ع) جو اولاد آهي. (ان کان اڳ هڪ معصوم فرزند حيدرآباد سول اسپتال ۾ فوت ٿيل ڄائو جڏهن تہ محمد صبغت الله نالي ٻيو فرزند دل ۾ سوراخ واري تڪليف سبب 6 مھينن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو هو.)

شاعري جي شروعات:
طالب علمي جي زماني کان مامي نثار احمد جي صحبت ۾ سنہ 1990ع کان مولودشريف لکڻ سان ٿي.

سگهڙائپ ۾ پھريون قدم:
سال 1997ع ۾ ڳوٺ جي شاعر دوست ۽ قومپرست ڪارڪن ڪامريڊ قلندر بخش ساريو سان گڏجي سدا
حيات سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسي رحه سان ملڻ کان پوءِ لوڪ ادب جون لاتيون سکڻ ۽ لکڻ جو موقعو مليو. جنھن شوق ۽ ذوق سبب استاد محمد ملوڪ عباسي جي خواهش سان حضرت قلندر لعل شھباز جي ميلي ۾ 1997ع دوران سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ۾ پھريون ڀيرو سگهڙائپ جو فن پيش ڪيو .

صحافت جي ابتدا:
ليبرڪالوني ڪوٽڙي مدينہ مسجد ۾ مامي مولوي سراج الدين لاشاري وٽ خطابت، امامت جو فن سکڻ دوران صحافت جو ذوق بہ پيدا ٿيو ۽ باقائدي شروعات 1998ع ۾ روزانہ الک اخبار جي نمائندي طور ٿي، ان دوران اخبار جي هاڪري پڻ ڪئي ( ڪالم ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا) اخبار ماهوار لاشار جو ايڊيٽر رهڻ کان پوءِ اڳتي هلي لوڪ ادب ۽ سگهڙن جي ترجمان سلسليوار “سگهڙ سماچار” جو نومبر 2005ع ۾ باني ۽ چيف ايڊيٽر طور صحافتي ڪم نڀايو ۽ ان کان اڳ اپريل 2005ع تي سنڌي چينل سنڌ ٽي وي جي پروگرام “اوطاق” ۾ ڊائريڪٽر غلام رسول چانڊيي جي هدايتن هيٺ سگهڙ حاجي رحيم بخش قريشي سان گڏ ميزباني جا فرض نڀايا ۽ بعد ۾ 2007ع کان مھراڻ ٽي وي تي سگهڙن جي پروگرام “ڳالھيون ڳوٺاڻن جون “ جي ڊائريڪٽر طور ڪم سنڀاليو ۽ “ڀلارو رمضان” سميت کوڙ سارا ديني پروگرام پڻ رڪارڊ ڪرايا، ڪجهہ عرصو مھراڻ اخبار ۽ ڌرتي ٽي وي چينل تي ضلعي ڄامشوري جي رپورٽر واري ذميواري دوران نيشنل پريس ڪلب ڄامشورو ۾ جنرل سيڪريٽري طور پڻ صحافتي خدمتون سر انجام ڏنيون. مجموعي طور لکيل ڪالم ۽ مضمون توڙي رپورٽون مختلف اخبارن جھڙوڪ سوال، بختور، الک، ڪاوش، ڪوشش، عبرت، لاشار، سنڌ لائن، سوڀ. جيجل، سُڪار، هلال پاڪستان، عوامي آواز، مھراڻ ، ارادو ، برکا ، پاڪ ، فاسٽ ٽائيم، سنڌ ڌرتي، امڪان سميت ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ شائع ٿيل آهن ۽ اڃان تائين شائع ٿيندا رهن ٿا.

امامت ۽ خطابت:
1997ع دوران مدينہ مسجد نيو ليبر ڪالوني ڪوٽڙي ۾ نائب امام کان پوءِ 19 جو ڪجهہ 1998ع ۾ ڳوٺ ڪرن خان شورو قاسم آباد حيدرآباد ۾ فرض نڀايا. ان دوران مسجد شريف جي نئين تعميراتي ڪم سبب جنوري 2002ع کان نوراني مسجد ايم سي پي واپڊا ڪالوني ڄامشورو ۾ خطابت ۽ امامت جا فرض نڀايا ۽ مسجد جي بلڊنگ/عمارت تيار ٿيڻ کان پوءِ وري 23 آگسٽ 2008ع کان هن وقت جون 2024ع تائين ڳوٺ ڪرن خان شورو ۾ امامت ۽ خطابت سان گڏ ديني درس و تدريس جو في سبيل الله ڪم جاري آهي .

پي ٽي وي تي پروگرام:
سنڌ جي برک ڪردار فتح خان يعني سيد صالح محمد شاھہ سان گڏ پي ٽي وي تي پھريون ڪچھري پروگرام 15 جنوري 2004ع، ان کان پوءِ سنڌ نامون، لوڪ ادبي محفل، جون 2004ع. جا شروعاتي پروگرام هئا جڏهن تہ بعد ۾ 26 نومبر 2016ع تي پي ٽي وي تي ڪچھري پروگرام جي ميزباني پڻ مِلي.

ريڊيو تي پروگرام:
ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد تي سيد صالح محمد شاه/فتح خان سان گڏ پھريون پروگرام (سون ورني ڌرتي) 3 نومبر 2004ع. تي رڪارڊ ڪيو جنھن ۾ سائين سيد صالح محمد شاھہ لوڪ ادب جي پھرئين ڪتاب “رمزون رحمت الله جون” جو تعارف بہ ڪرايو هو. جڏهن تہ ريڊيو ڪراچي اسٽيشن تي 17 آڪٽوبر 2016ع تي ان وقت اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻُرڙي جي خواهش تي هڪ خاص پروگرام لوڪ ادب ڪچھري نشر ڪيو جنھن ۾ پڻ ميزباني جا فرض نڀايا.
عاجز جا هن وقت تائين شاعري سميت تحقيق ۽ تصنيف سان گڏ ترتيب ڏنل ننڍا وڏا ڪتاب:

(1) “رحمت جا خزانا” (مولود-ڀاڱو اول) نومبر 1999ع
(2) “رحمت جا خزانا” (مولود-ڀاڱو ٻيو) نومبر 2000ع
(3) “ رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱو ٽيون) اپريل 2001ع
(4) “رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱوچوٿون)، آڪٽوبر 2002ع
(5) “رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱو پنجون) فيبروري 2003ع
(6) “رمزون رحمت الله جون” (لوڪ ادب شاعري ) سيپٽمبر 2003ع
(7) “ديس وسي ديدار اسان جو” 2003ع. (سگهڙديدارعلي سيال جو احوال ۽ ڪلام)
(8) “رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱون ستون) مارچ 2004ع.
(9) “فيصلا انصاف جا” جوڪجهہ 2004ع (رئيس عبدالحميد خان جتوئي جي شخصيت ۽ فيصلا)
(10) “ آهون احمد حسن جون”، 2004ع (لوڪ شاعر خليفه حضرت حاجي احمد حسن لاشاري جو نعتيہ ۽ ناصحاڻو ڪلام) .
(11) “السفر” (اردو زبان ۾) 19 آڪٽوبر 2004ع (لاشاري تنظيم جي باني، جهوني صحافي ۽ سياسي، سماجي شخصيت محمد صفر لاشاري جون صحافتي، سياسي، سماجي ۽ تنظيمي خدمتون).
(12) “ رنگ رحمت الله جا” 2005ع (لوڪ ادب جي انسائيڪلوپيڊيا)
(13) سلات جي 117 ڏات ڌڻي سگهڙن جي احوال ۽ ڪلام تي ترتيب ڏنل “سنڌ سڄاڻ سگهڙ ڊائريڪٽري” 2005ع.
(14) “مولود ۽ مداحون” 2007ع.
(15) “دلبر جو ديدار” (ڪنھن کي ڏجي دانھن)، 2008ع. (سگهڙديدارعلي سيال جو احوال ۽ ڪلام).
(16) “تحفة العاشقين”، 14 فيبروري 2010ع (حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيہ ڪلام)
(17) “محبت جي منزل”، 2010ع (سگهڙ علي گوهر قريشي جي لوڪ شاعري) .
(18) “مٺا ٻول محبوب جا” مارچ 2010ع (سگهڙ محبوب علي ڏيپر جو ڪلام).
(19) “مٽيءَ جي خوشبوءِ”، 2010ع (سگهڙ محمد ايوب جوڻيجي جي لوڪ شاعري)
(20) “محبت جا موتي” جون 2013ع (سگهڙ شاعر علي گوهر قريشي جو ڪلام.)
(21) “پنھنجو رنگ پنھنجي شاعري”، 2013ع (محبوب علي ڏيپر جي لوڪ شاعري.)
(22) “مٽيءَ جو هُڳاءِ”، اپريل 2014ع (ماسٽر منظور جو فن ۽ شخصيت.)
(23) “سھڻل جا سينگار”، 2014ع (سنڌ ۽ بلوچستان جي سگهڙن جي سينگارشاعري.)
(24) “ موتي محبوب جا”، 2015ع (محبوب علي ڏيپر جي لوڪ شاعري) .
(25) “مداحون ۽ مناقبا”، ڊسمبر 2015ع (لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جو ڪلام.)
(26) “سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري”
(786 ڏات ڌڻين جو احوال ۽ ڪلام )، ڇاپو پھريون نومبر2015ع ڇاپو ٻيو ڊسمبر2015ع.
(27) “شاھہ جي شاعريءَ ۾ سگهڙائپ جو رنگ” 2016ع
(28) “شآهي ذوق شيديءَ جو”، جون 2016ع (سُگهڙ مولابخش شيدي جو احوال ۽ ڪلام.)
(29) “پرين جي پچار”،2016ع. (ميھڙ جي بخاري بزرگن جي سوانح ۽ ڪلام.)
(30) “سچن جي ساراھہ” ڊسمبر 2016ع (لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جو نعتيہ ڪلام.)
(31) “سھڻي حبيب جي نماز”، فيبروري 2017ع. (مولوي رفيق احمد بروهي جي سنڌي ٻوليءِ ۾ ترتيب ڏنل فرضي ۽ نفلي نمازن بابت ڪتاب جي سنوار ۽ سُڌار)
(32) “لوڪ ادب جو منظوم تعارفي مقدمو” (طويل نظم) 16ڊسمبر 2017ع
(33) “لوڪ ادب جو سپھ سالار”، جون 2017ع .(سگهڙ حسين بخش رڏ جي شخصيت ۽ فن.)
(34) “عشق جون آهون”، جوڪجهہ 2017ع. (لاڙ جي شاعر وسيم احمد ٽالپر جي نعتيہ شاعري.)
(35) “تحفة الصالحين”، نومبر 2018ع (حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيہ ڪلام.)
(36) “عشق امر ذات”، 16 ڊسمبر 2018ع (سگهڙ ارشاد علي عرضائي جو احوال ۽ لوڪ ادب شاعري.)
(37) تُحفة العابدين ؛ آڪٽوبر 2019ع (ڪوهستان جي شاعر حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيہ ڪلام)
(38) “ثنائي سِٽُون سڪندر جون” نومبر 2019ع (لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جي لوڪ شاعري.)
(39) “سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو”، ڇاپو پھريون، مارچ 2019ع.
(40) “حضرت محمد صلي الله عليہ وسلم جا فيصلا” 2019ع. سنڌيڪار: ديدار شاد گوپانگ، نظر ثاني ۽ سنوار: عاجز رحمت الله لاشاري.
(41) مديني جو سائين؛ (حافظ عبدالستار سولنگي جو لکيل “نعتيہ ڪلام”.)
(42) سوانح حيات فقير محمد قاسم طاهري ڪوهستاني. 2020ع، تصنيف؛ حافظ عابد خاصخيلي. سنوار: عاجز رحمت الله لاشاري.
(43) سنڌ، اسلام، سائنس ۽ فلسفو. 2021ع (جديد تحقيق ۽ ترتيب).
(44) مَھڪندڙ موتي مڱلي جا. 14 آگسٽ 2022ع (خادم حُسين منڱلي جي لوڪ شاعري) ترتيب: عاجز رحمت الله لاشاري.
(45) “سُگهڙ سارو سچ”، سگهڙ آدم سومري جو احوال ۽ ڪلام.
(46) سنڌ جي قديم اسلامي تاريخ. { حضرت آدم عليہ السلام کان پاڻ سڳورنﷺ تائين }
(تحقيق ۽ تاليف: عاجز رحمت الله لاشاري)
(47) ادبي ذوق اڪبَرَ جو. (سگهڙ علي اڪبر اداسيءَ جي لوڪ شاعري)
(48) يَڪا وَڙَ يعقُوبَ تي. (سُگهڙ محمد يعقوب جاگيراڻيءَ جي لوڪ شاعري)
(49) سُگهڙائپ جِي ساڃاھہ . (لوڪ شاعري/تحقيق ۽ تخليق : عاجز رحمت الله لاشاري.
(50) سُگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري (تحقيق، ترتيب ۽ مقدمو: عاجز رحمت الله لاشاري. ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
(51) وحدت جي وائي (لوڪ شاعرن جو حمديہ ڪلام جون 2024ع)
(52) “مُناجات اِلاهي” جون 2024ع
(53) “مَدح نامو” (لوڪ شاعرن جي مدحيہ ۽ نعتيہ ڪلام) جون 2024ع

ايڊيٽر طور شائع ڪَيل ميگزين/رسالا/ اخبارون:

“سُگهڙ سماچار”
سلسليوار 9 جُلد

مليل ايوارڊ ۽ مڃتا جو اعزاز :
اسڪول پڙهڻ دوران لطيف سائين جي پيغام بابت ٿيل تقريري مقابلي ۾ پوزيشن کڻڻ تي مُرشد حضرت محبوب سڄڻ سائين مدظلہ العالي، جن هٿان زندگي جو پھريون
“اللہ کے شیر ايوارڊ” 21 مارچ 1996ع تي مليو.
دولھہ دريا خان ايوارڊ مارچ 1998ع مڪلي ۾ مليو.
بھترين مُعلم ۽ مُدرس جو ايوارڊ 2 سيپٽمبر 1999ع ۾ ڪرن خان شورو، قاسم آباد، حيدرآباد ۾ مليو.
لاشاري تنظيم جي باني طرفان صحافتي مڃتا ايوارڊ 19 آڪٽوبر 1999ع تي لاڙڪاڻي ۾ مليو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هٿان استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ 28 فيبروي 2000ع تي مليو.
حضرت جلال شاھہ ايوارڊ تاجل بيوس هٿان 18 ڊسمبر 2002ع تي دائود ديري لڳ شاھہ پنجوسلطان، ضلع دادو ۾ مليو.
“رمزون رحمت الله جون” ڪتاب جو مڃتا ايوارڊ، ان وقت ثقافت کاتي جي صوبائي وزير شبير احمد قائمي هٿان 13 آڪٽوبر 2003ع تي ڊاڪٽر بلوچ هال لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۾ مليو.
ٻيو ڀيرو دولھہ دريا خان ايوارڊ، مڪلي ٺٽي ۾ 13 اپريل 2003ع تي مليو.
آواز گروپ لاڙڪاڻو طرفان آواز ۽ انداز ايوارڊ 18 جون 2003ع تي لاڙڪاڻي ۾ مليو.
بھترين ليکڪ ۽ مرتب جو “لاشار ايوارڊ” 19 آڪٽوبر 2005ع شاهنواز ڀٽو لئبريري لاڙڪاڻي ۾ مليو.
سلات پاران “سُڄاڻ سگهڙ مڃتا ايوارڊ “ 30 آڪٽوبر 2004ع تي مٺياڻي ۾ مليو.

“لوڪ ادب مڃتا ايوارڊ” 19 ڊسمبر 2004ع اڏيرو لعل ۾ مليو.
سلات پاران “استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ” 27 ڊسمبر 2004ع تي ڄامشوري ۾ مليو.
سيد جلال محمود شاھہ هٿان “عزت فقير ادبي ايوارڊ” 29 جنوري 2005ع ڳوٺ بُٺو، سن ۾ مليو.
حضرت قلندر شھباز جي ميلي ۾ سال 2003ع ۾ ڪتاب “ رمزون رحمت الله جون “ جي اعزاز ۾ پھريون “شھباز ايوارڊ” ان وقت ڊي سي او علم الدين بُلو هٿان مليو.
ميلاد النبي ايوارڊ پھرين مئي 2005ع تي ڄامشوري ۾ مليو.
عشق رسول ايوارڊ 28 مئي 2005ع تي واپڊا ڪالوني ڄامشورو ۾ مليو.
اڪادمي ادبيات ڪراچي پاران سنڌ يونيورسٽي جي وي سي مظهرالحق صديقي هٿاران لوڪ ادب ايوارڊ 19 نومبر 2005ع تي سنڌالاجي ڄامشورو ۾ مليو.
بزم روح رهاڻ ايوارڊ ڪتاب “رنگ رحمت الله جا “ جي مھورت تقريب دوران ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ ۽ حميد سنڌي هٿان 2008ع ۾ مليو.
سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن جو صدارتي ميڊل 23 مارچ 2013ع تي ميان صاحب ضلعي شڪارپور ۾ مليو.
دي روز انٽرنيشنل ايوارڊ 2015ع ۾ مٽياري شھر ۾ ميلو.
ٻيو “شھباز ايوارڊ “ حضرت قلندر لعل شھباز جي ميلي ۾ ڪتاب
“ سھڻل جا سينگار “ ترتيب ڏيڻ جي اعزاز ۾ ٻيو ڀيرو 06 جون 2015ع تي ميلو.

ٽيون ڀيرو شھباز ايوارڊ:
“سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري” جي سھيڙڻ جي اعزاز ۾ 2016ع ۾ مليو.
شاھہ لطيف ايوارڊ: حَسن درس اڪيڊمي حيدرآباد طرفان ڪتاب “شاھہ جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ” لکڻ جي اعزاز ۾ پھرئين لوڪ ادب ڏهاڙي 16 ڊسمبر 2016ع تي مليو.
ڊاڪٽربلوچ گريجوئيٽ ايوارڊ بااختيار اداري ۾ 16 ڊسمبر 2016ع تي مليو.

ريڊيو حيدرآباد طرفان “لوڪ ادب ايوارڊ:
2 جنوري 2017ع تي اسٽيشن ڊائريڪٽر محمد علي ٻانڀڻ هٿان مليو.
حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ لوڪ ادب ايوارڊ 20 جنوري 2017ع تي مليو.
آل پاڪستان سُگهڙ ڪانفرنس جو مڃتا ايوارڊ 16 ڊسمبر 2017ع تي لعلو رائنڪ ۾ مليو.
اوطاق ڪچھري ايوارڊ 10 مئي 2017ع تي زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردارعلي شاھہ هٿان مليو.

سگهڙ بھار علي بھار ٻُرڙو يادگار ايوارڊ، 19 جنوري 2018ع تي مليو .
استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ 2019ع عباسي ڪلھوڙا تنظيم جي سربراھہ مرحُوم سردار حاجي منور علي عباسي هٿان 7 آڪٽوبر 2019ع تي مليو.
ريڊيو نيٽ ورڪ جهول طرفان “صوفي جمال الدين فقير مڃتا ايوارڊ “ 1 نومبر 2019ع تي مليو.

لوڪ ادب بابت “حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ”
جوڳي ڳوٺ گلشن حديد ڪراچي ۾ 4 جنوري 2020ع تي گل حسن گل هٿان مليو.
استاد بھار علي بھار ٻُرڙو ساليانو “مڃتا ايوارڊ” شاعر سانول ميرالي هٿان 18 جنوري 2020ع تي مليو.
جاکوڙي ايوارڊ صوبائي وزير عبدالباري پتافي هٿان پھرين فيبروري 2020ع تي ڳوٺ جمال الدين پتافي نزد باري اڏو، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ مليو.
“باڪمال سگهڙ ايوارڊ” 2019ع، درمحمد ڪمال جي ورسيءَ جي موقعي تي ٺٺ سولنگي/دليپوٽا ضلعي نوشھروفيروز ۾ سينيئر صحافي منظور سولنگي هٿان مليو.
موهن جو دڙو اڪيڊمي طرفان پيرل مڱريو مڃتا ايوارڊ 2020ع ۾ مليو.
2 فيبروري 2020ع تي پنجاب جي ڏات ڌڻي سگهڙن پاران اوٻاوڙي شھر ۾ سربراه طور اعزازي پڳ پارائي.
13 رجب 1442ھہ 2021ع تي “جشن مولود ڪعبہ مڃتا ايوارڊ” فقير محمد سليم سيال اويسي قادري صدر صلوات ڪاميٽي خيرپور ميرس طرفان مليو.
راجن پور پنجاب ۾ سرائڪي پَٽيءَ جي سُگهڙن طرفان مارچ 2023ع ۾ تنظيمي سربراھہ جي اعزاز طور دستاربندي ڪرائي.
سيدنا غوث اعظم دستگير سگهڙ ڪانفرنس ملير ڪراچي ۾ 20 نومبر 2021ع تي “باڪمال سُگهڙ ايوارڊ” مليو.
ڀٽائي آباد، ڪراچي ۾ 18 ڊسمبر 2021ع تي “محقق، ڏاهو” مڃتا ايوارڊ مليو.
ثقافت کاتي حُڪومت سنڌ طرفان “شاھہ لطيف عالمي ايوارڊ” 13 سيپٽمبر 2022ع تي حيدرآباد ۾ مليو.

ايوارڊ ۾ عُمري جي ٽڪيٽ:
مدح خواني ۽ علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي ۽ ديني خدمتُن عيوض عُمرو شريف ادا ڪرڻ ڪجهہ فقير محمد اسماعيل جکراڻي غفاري، قادري، نقشبندي صاحب المعروف حيدرآباد واري سائين جن ايوارڊ طور ڀلي پار جي سڳوري سفر ڪجهہ عُمري شريف جِي ٽڪيٽَ عنايت ڪئي، جنھن بعد مڪةالمڪرمہ ۽ مدينةالمنورہ (حرمين شريفين) جو پھريون سفر 29 آڪٽوبر 2023ع کان 27 نومبر 2023ع تائين رهيو.
مرڪزي تنظيم علماءِ اهلسنت وجماعت ڄامشورو طرفان.

مڃتا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ پھرين جنوري 2023ع تي مليو.
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومت سنڌ پاران درسي نصاب ۾ “سنڌي ڪتاب چوٿين درجي ڪجهہ” جو سبق پھريون،
“حمد باري تعالىٰ” (شاعر: عاجز رحمت الله لاشاري) پرائمري اسڪولن جي نصاب ۾ پڙهايو پيو وڃي.

پھرين تاج پوشي:
لوڪ ادب خدمتن جي مڃتا طور علامہ فقير هدايت علي نجفي “تارڪ” جي درگاھہ تي لعلو رائنڪ شھر تعلقو وارھہ ضلعي قمبرشھدادڪوٽ ۾ سگهڙ مولابخش شيدي پاران پھريون ڀيرو چانديءَ جو تاج 08 آگسٽ 2015ع تي پارايو.

ٻيو ڀيرو تاج پوشي:
16 ڊسمبر2017ع تي ٻيو ڀيرو، ساڳئي هنڌ لعلورائنڪ ۾ پنج تولا سونو تاج مليو جيڪو بيمار سُگهڙن جي علاج ڪجهہ وقف ڪري ڇڏيو.

ٽين تاج پوشي ۽7 رنگي گلن ۾ تورڻ جو اعزاز :
23 مارچ 2019ع تي ڪتاب “سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو” جي تحقيق ۽ ترتيب واري اعزاز سان گڏ لوڪ ادب جي خدمتن جي مڃتا طور علامہ فقير هدايت علي نجفي “ تارڪ” جي درگاھہ تي لعلو رائنڪ شھر
تعلقي وارھہ ضلعي قمبرشھدادڪوٽ ۾ سگهڙ مولا بخش شيدي ۽ سلات تنظيم جي مرڪزي سرپرست اعليٰ نامور محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ۽ ٻين عھديدارن قيمتي هيرن سان جڙيل سونو تاج پارائي سَت رنگي گُلن ۾ توريو هئو، جيڪو اعزاز هڪ سُگهڙ ڪجهہ پھريون تاريخي اعزاز آهي. اهو تاج بہ عاجز ان ئي موقعي تي بيمار ڏات ڌڻين جي علاج ڪجهہ وقف ڪري سگهڙ مولابخش شيدي کي واپس ڏئي ڇڏيو.

نقشبندي طريقي/سلسلي ۾ خِلافت:
27جنوري 2019ع تي سنڌ جي روحاني شخصيت ۽ صوفي بزرگ حضرت خواجا مُحمد طاهر المعروف محبوب سڄڻ سائين دامت برڪاتھم العاليہ جن نقشبندي طريقي/سلسلي ۾ نيابت سان نوازيندي درگاھہ الله آباد شريف ڪنڊيارو ۾ خلافت جو اعزاز عطا فرمايو.

سنڌي مولود :
ننڍپڻ کان سمجهہ ۽ شعور ايندي مولود ڳائڻ شُروع ڪيا، اڳتي هلي مولودن ڳائڻ وارن ۾ هڪ خاص اهميت ملي.
مولودن جون شائع ٿيل آڊيو ۽ وڊيو سي ڊي:
مولود ۽ مداحون A.A پاران نومبر 2000ع.

منظر پيارو مدينو آ A.A جنوري 2001ع .
مٿيان ٻئي آڊيو البم محترم محمد قاسم ماڪا پاران رليز ڪيا ويا آهن.
ناز پروڊڪشن پاران رليز البم:
ڏسان شھر مدينو آڪٽوبر 2002ع.
مديني وارو منظر ڊسمبر 2002ع .
هتي رهڻ نٿي دل چاهي اپريل 2003ع.
مديني جا گهوٽ سيپٽمبر 2003ع .
منقبت سڄڻ سائين آڪٽوبر 2003ع .
وڊيو سي ڊي جون 2004ع .
منقبت غوث اعظم نومبر 2004ع ۾ رليز ڪيون ويون.
جڏهن تہ مھراڻ سينٽر سکر سميت عظيمي پروڊڪشن ڄامشورو 2 واليم وڊيو سي ڊي ۾ رليز ڪيا.

اسلامي ادبي خطابات:
تفرقي بازي ۽ سياسي تضاد کان پاڪ نج اسلامي موضوعن جا 500 کن خطاب يوٽيوب چينل عالمي اوطاق تي مختلف موضوعن جا خطاب موجود آهن. نج لوڪ ادب بابت فيس بُڪ لائيو جا نشر ڪيل 200 پروگرام عالمي اوطاق فيس بُڪ پيج تي پڻ موجود آهن.
اسلامي سطح جا نج سنڌي زبان ۾ صرف قرآن پاڪ جي تفسير جا 50 پروگرام، “سَئين راھہ” فيس بڪ پيج تي موجود آهن.

پي ٽي وي:
“ڪچھري پروگرام”
جو ميزبان.
ڪي ٽي اين:
“ڪچھريءِ جا مور” پروگرام ۾ ممتاز امين سنياسي سان گڏ ميزباني.

سنڌ ٽي وي:
(1) “اوطاق” پروگرام ۾ حاجي رحيم بخش قريشي سان گڏ ميزباني.
(2) سنڌ ڪچھري.(ظفر هڪڙو سان گڏ)

مھراڻ ٽي وي:
جي ادبي، ثقافتي ۽ ديني پروگرامن،
(1) “ڳالھيون ڳوٺاڻن جون”
(2) “ٻارن جو رمضان”.
(3) “ڀلارو رمضان”.
(4) “عظمَتِ رمضان”.
(5) “محفلِ ميلاد”.
(6) “شَبِ قدر”.
(7) “شَب برأت”
جي خصوصي پروگرامن ۾ پروگرام ڊائريڪٽر ۽ ميزبان.
ريڊيو پاڪستان ڪراچي: “لوڪ ادب ڪچھري” جو ميزبان.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد:
(1) “23 مارچ يومِ پاڪستان لوڪ ادب ڪچھري” جو ميزبان.
(2) 14 آگسٽ جشن آزادي “لوڪ ادب ڪچھري” جو ميزبان.
ثقافت کاتو، حُڪومت سنڌ جي ميزباني هيٺ.
(1) شاھہ لطيف سُگهڙ ڪچھري.
(2) ڪيفي ثقافت اسٽوڊيو ڪراچي ۾ لوڪ ادب ڪچھري.
(3) مچ ڪچھري.
پروگرامن جي ڪمپيئرنگ/ميزباني جو اعزاز پڻ ملندو رهي ٿو.


مَدح
شانُ تہ شھنشاھہ جو جڳ اندر آ جام،
توريت، انجيل، زبور ۾ الله ٻڌايو عام.
تہ اولاد ابراهيمَ جيءَ کي عطا ڪندُس انعام،
پوءِ جنھن مان پيدا ڪندس احمد عربي ڄام.
اڻ کٽ ان جا عاشق ٿيندا مانجهي مردَ مُدام،
وڻ پکي سڀ جانور پڻ جهڪي ڪندس سلام.
هڻندو ڪونہ حُسن جي ٻيو اڳيان هن جي ھام،
نرمل سندو نام، ٿيو “لاشاري” تڏ لوڪ ۾.

****

مَدح
الله پاڪ اسانجو، آ خالق خلقڻھار مٺا
پاڻ جنھن پيدا ڪيو، محمد ﷺ آ منٺار مٺا
وڏا جنھن جا وزيرَ ٿيا، چڱا چارئي يار مٺا
آهين عاشق عربيءَ جو، تہ ڪر پنجتن پاڪ سان پيار مٺا
علي ولي، حَسَن، حُسين ۽ خاتونَ بہ آسردار مٺا
سندن سخي اولاد ۾ شامل، آدستيگير دلدار مٺا
آ بغدادَ جو جوان جيلاني، نانءٌ عبدالقادر نروار مٺا
ٿيندا پنھنجا ٻيڙا پار مٺا، انھن محابي “عاجز” چئي

****

مَدح

خدا جي ٿي مھرباني، ملي آهي مَدح خواني،
نہ ٿيندي جا ڪڏهن فاني، ملي آهي مَدح خواني.

خدا طرفان لکيل آهي، ثنا ۾ هي سڄو قرآن،
اها تعريف لاثاني، ملي آهي مَدح خواني.

وڃان صدبار مان صدقي، پنجن پاڪن جي نالي تان،
جي آھن جيءَ سندا جاني، ملي آهي مَدح خواني.

ڀلي دنيا جا ماڻھو ٻيا، نہ سمجهن هن مَدح کي پر،
خدا وٽ آ قدرداني، ملي آهي مَدح خواني.

قبر ۾ ۽ حشر ۾ پڻ، اها تعريف ڪم ايندي،
ڪندو آقا نگھباني، ملي آهي مَدح خواني.

امڙ جيجل جي دعائن سان، شڪر آهي وئي گذري،
منھنجو ننڍپڻ منھنجي جواني، ملي آهي مَدح خواني.

قيامت جو ڪو ڊپ ڪونھي، مدح خوان مصطفيٰ جو هان،
ٿيندي “عاجز” لئہ آساني، ملي آهي مَدح خواني.

لطف “لاشاري”، تي ٿيندو، مَدح خوانيءَ جي صدقي ۾،
پري ٿيندي پريشاني، ملي آهي مَدح خواني.

****

مَدح

سڄو سنسار جوڙيو آ، خدا محبوب جي صدقي،
محبت پيار جوڙيو آ، خدا محبوب جي صدقي.

فَلَڪَ توڙي مَلَڪَ سارا، نشانبر ٿيا نبيءَ آئي،
سھڻو سينگار جوڙيو آ، خدا محبوب جي صدقي.

زمين توڙي زمن سارو، آهي چمڪيو چمن سارو،
هي ڪاروبار جوڙيو آ، خدا محبوب جي صدقي.

جمعو سردار ڏينھَن جو، مگر سومر سڳورو آ،
اهو ڀي وار جوڙيو آ، خدا محبوب جي صدقي.

ستارن چنڊ ۽ سج ۾، جيڪا هي روشني آهي،
اهو چمڪار جوڙيو آ، خدا محبوب جي صدقي.

لکڻ جي ڏات ڏئي “لاشاري عاجز” کي ڪيو شاعر،
مون جھڙو ٻار جوڙيو آ، خدا محبوب جي صدقي.

****

مَدحِِ مدينہ

واھہ مَدينہ، سُھڻا مدينہ، پيارا مدينہ، مٺڙا مدينہ
ساھُ ٿو سِڪي پيو تنھنجي طلبَ تات ۾،
تو جھڙو شَھر ڪٿي ڪونھي ڪائنات ۾،
رحمتون ۽ برڪتون تو ۾ بيشمار هن،
سي سڀئي ڏِسن اچِي، جيڪي بيقرار هن،
واھہ مدينہ، سھڻا مدينہ، پيارا مدينہ، مٺڙا مدينہ.

ڇا قلم لکي سگهي، شاهي تُنھنجو شان آ،
مُنھِنجي مَدني گهوٽ جو، تو ۾ آستان آ،
سي سڀئي گِهٽيون ڀليون، چَمڪندڙ مِينار هن.
سي سڀئي ڏِسن اچي جيڪي بيقرار هن،
واھہ مدينہ، سھڻا مدينہ، پيارا مدينہ، مٺڙا مدينہ.

مُصطفيٰ جي امتي جنھن بہ رکيو چاھُ آ،
ان کي تنھنجون زيارتون ڪرائيندو الله آ،
جيڪي تنھنجي عشق ۾ ، نيڻين روئندا نار هن.
سي سڀئي ڏسن اچي جيڪي بيقرار هن،
واھہ مدينہ، سھڻا مدينہ، پيارا مدينہ، مٺڙا مدينہ.

نِيلُون نشانبر اُتي شالَ ڪَبيون زيارتون،
نبوي حرم سامھُون اعليٰ هِن عِمارتون،
پيارا پاليھَر ڪري ويھندا قطار هن.
سي سڀئي ڏسن اچي جيڪي بيقرار هن،
واھہ مدينہ، سھڻا مدينہ، پيارا مدينہ، مٺڙا مدينہ.

تو ڏي اچڻ جِي رکي مون بہ دل ۾ آس آ،
تنھنجي ياد ۾ سدا رهندي دل اداس آ،
تو ۾ آ سُڪون هِتي درد ۽ آ زار هن.
سي سڀئي ڏسن اچي جيڪي بيقرار هن،
واھہ مدينہ، سھڻا مدينہ، پيارا مدينہ، مٺڙا مدينہ.

“ لاشاري عاجزَ ” ڪئي، خاص هيءَ اپيل آ،
ٻيو نہ ڪجهہ کپي مونکي، تنھنجي سِڪ سبيل آ،
مصطفيٰ جي شھر جا ڪَرڻا سڀ ديدار هن.
سي سڀئي ڏسن اچي جيڪي بيقرار هن،
واھہ مدينہ، سھڻا مدينہ، پيارا مدينہ، مٺڙا مدينہ.

****

مَدحِ مُصطفىﷺ

ڪَيان ڪھڙي بَيان پيارا، ثَناخوانِي مُحَمَّدَ ﷺ جِي،
اسان اُمَّتَ تي اَڻ کُٽَ آ مِھرباني مُحَمَّدَ ﷺ جِي.

حَوا آدم بہ ٿيا آھِن نبيءَ جي نُورَ مان پيدا،
ٻُڌي اَحمد اِسم جَن ڪَئِي، قدرداني مُحَمَّدَ ﷺ جِي.

رَوانو ٿِي جَڏھن هَليو هُئو حضرت نُوحَ جو ٻيڙو،
تڏھِن بہ ذات هُئي ظاهِر، اعليٰ شانِي مُحَمَّدَ ﷺ جِي.

ويا پُٽُ پيءُ وڇڙِي هُئا، نبي يعقوب ۽ يُوسُف،
مِلايئين پوءِ ورهيَن کان، هُئي اِحسانِي مُحَمَّدَ ﷺ جِي

خليلُ کي جڏھِين ويو اُڇليو هئو آڙَھ ۾،
نَظر اُنَ جي مٿان پِڻ ھُئي، سا نُوراني مُحَمَّدَ ﷺ جِي.

ذبح ويلي نہ اسماعيلَ تي ڇُري وَھِي سو ڇو؟،
ذَبيحُ تي پڻ ھُئي نظَرثاني مُحَمَّدَ ﷺ جِي.

سُھڻي صِديقِ اڪبر کي لڳو هُئو ڏنگُ زهريلو،
ڇُٽي ويو جڏ لڳي لِبَ پاڪَ لاثاني مُحَمَّدَ ﷺ جِي.

يَمن ۾ يارَ جي عاشِق ٻَٽيھِي هُئي ڪَڍي ٻاهر،
انھيءَ کي بہ تہ اُلفت هُئي، جِگر جاني مُحَمَّدَ ﷺ جِي.

سُتل وارِي تَتَل تي ھُو پَٿَرَ سِرَ تي سَھي ويٺو،
ھُئي بانگي بِلاول سان ڳنڍيل ڳاني مُحَمَّدَ ﷺ جِي.

ڪُٺل ٻَڪري ۽ پُٽَ جابِر جا ٿيڻا ڪونہ هُئا جيئرا،
مگر جيئرا تڏھِن ٿيا جو هُئي مھماني مُحَمَّدَ ﷺ جِي.

قيامتَ ۾ ڪُلئِي ڏِسندا، ڪندو سائين سخاوتَ جڏ،
عمَلَ نيڪَن جِي بد عملن لئہ قُرباني مُحَمَّدَ ﷺ جِي.

جِتي نفسِي پُڪاريندا، ٻُڌي اُمتي ٻيا پيغَمبَر،
هُوندي اُنَ ڏِينھن بہ ھڙَنِي کي حَيراني مُحَمَّدَ ﷺ جِي.

“لاشاري رَحمَتُ” گهُر دعا جي دَرَ تي،
سدا “عاجِزَ ” لِکِين ويٺو، مَدح خُواني مُحَمَّدَ ﷺ جِي.

****


مداحَ - سِرائڪي. ( ڪَڙو منجهہ ڪَڙي.)

جو پاڪ نَبِیْ دا شَان تِھیَا،تَنھں شان تُون صَدقے سَئو وارِی،
سَئو وارِی سِر گهور چھوڑاں، جے بخشیندا سئو سِر باری،
باری بیحد بخش کریندئے، سائیں دے صدقے ستَّاری،
ستَّاری نل سَبْ کُچھ ڏیندئے، لُطف کریندئے “لاشاری”،
“لاشاری” لولاک متھوں ہے، نبی مئيڏے دی نگهداری،
نگهداری نل نواز چھوڑئے اڑیاں دِی کر آدھاری،
آدھاری اِنھں یار دِی ہے جو ڏاتر بخشئے ڏوھاری،
ڏوھاری ڏڪْ ڏوھ چا آیا، گهوٽ ڪِیتی ھئے غمخواری،
غمخواری غمخوار کریندئے، دل کُوں ڏیندئے دلداری،
دلداری دلبر دی یارو مِڙنی ڪاں ہے موچاری،
موچاری اے ڳالھہ جو سُٹیُم، بار غماں دے گئے باری.

****

ٽيھہ اکري (مداح)

ا : الف اللهَ جو آ مَحبُوبُ،
خالِقَ جنھن کي خلقيو خُوب،
طالِبُ ھُو ۽ ھِي مطلُوبُ،
جانِبُ مِليو جيءَ جِيار،
آقا اڙيَن جو آڌار.

ب : بي سان بيشڪ شانَ وارو آ،
اعلىٰ عِزَّت مانَ وارو آ،
قادرَ جي قرآنَ وارو آ،
راضِي جَنھن تي ربّ سَتار،
آقا اڙيَن جو آڌار.

ت : تي تَنھِن جھڙو سَخِي تَونگر،
آيو نہ ايندو دنيا اندر،
راھَ سِڌي جَنھِن ڏِني آ رھبر،
سڀني نَبِيَن جو سردار،
آقا اڙيَن جو آڌار.

ث : ثي ثواب سيکاريو سائين،
جو ڪَم ايندو قيامت تائين،
جانِبُ مُنھنجو جيئي سدائين،
جيڪو يتيمن جو آ يار،
آقا اڙين جو آڌار.

ج: جيم جناب حُضور آ ھادي،
مالڪَ جنھن لئہ ڪَئي مُنادي،
ڏياري جهنم کان آزادي،
خالقَ طرفان خودمختيار،
آقا اڙين جو آڌار.

ح : حي حامِي آ قَبَر حَشَر جو،
دلبَرَ جو اعلىٰ آ درجو،
مُحبَ مديني جي مُنور جو،
چاھُ چَمنَ ۾ آ چوڌار،
آقا اڙين جو آڌار.

خ : خي خوش اُمت سارِي آھي،
پيارَي نبيءَ کي پيارِي آھي،
مِڙني کان موچاري آھي،
اللهَ ڪيو آ عزتدار،
آقا اڙين جو آڌار.

د : دال دعائون گهُريُون گهوٽَ،
روئي سائينءَ ڪئي سِپورٽَ،
مالڪَ طرفان جنھن کي موٽَ،
هردم ٿي آ ھائوڪار،
آقا اڙين جو آڌار.

ذ : ذال ذِڪر هِنَ ھاديءَ جو،
وَرَفَعْنَا لَكَ ذِکْرَكَ ٿيو،
جنھن جي اچڻ سان ڪُفر ويو،
سو ئِي دل جو آ دلدار،
آقا اڙين جو آڌار.

ر : ري رسولن جو بہ رسول،
مالڪَ طرفان آ مقبُول،
دينَ سندو قائم اسڪُول،
جنھِن آ ڪَيو سوئي سالار،
آقا اڙين جو آڌار.

ز : زي زمانو جاهل هئو،
اڻ سُڌريل ۽ غافل هئو،
جنھن جي اچڻ سان روشن ڏيئو،
حَقَ ۽ سَچ جو ٿيو صدبار،
آقا اڙين جو آڌار.

س : سين سعادت ڪيو قريب،
جنھن جو ڪلمو ٿيو نصيب،
راڻو ربَ جو آھي حبيب،
دنيا سڄي سندس حُبدار،
آقا اڙين جو آڌار.

ش : شين شفاعت وارو سائين،
ڏِئي سَھارا سَڀَ کي سدائين،
منزل کيس مِلي آ مٿاهين،
چاھہ چَمنَ ۾ آ چوڌار،
آقا اڙين جو آڌار.

ص : صاد صداقت وارو ثَمر،
جنھن جي اچڻ سان ٿيو ظاهر،
عِلم عقل ۾ پڻ ماهر،
اعليٰ آھي امانتدار،
آقا اڙين جو آڌار.

ض : ضاد ضعيفن ضامِن آھي،
ازلَ کان آيو ضِمو آ چائي،
اُمتَ ساريءَ کي بخشائي،
ڇڏيو ڪامِلَ قُربن دار،
آقا اڙيَن جو آڌار.

ط : طُئي سان طٰهٰ وارو لقب،
جنھن کي پاڻَ ڏِنو آ رب،
اُن جي صدقي آھي سڀ،
مالِڪَ جوڙيو هِي جنسار،
آقا اڙين جو آڌار.

ظ : ظُئي آ ظُلم مِٽايو جَنھن،
دنيا کي رنگ لايو جَنھِن،
سارو ڪُفر گهٽايو جنھن،
ٿي هرجاءِ توحِيدي تنوار،
آقا اڙين جو آڌار.

ع : عين عجيبَ جو شانُ نِرالو،
اعليٰ عِزت مانُ نِرالو،
اللهَ جو احسان نِرالو،
ٿيو جنھن جي صدقي هر وار،
آقا اڙين جو آڌار.

غ : غين غُلامي نُورِ مُبينَ،
جي آ ڏِني جبريلِ امين،
هيئن خَلقيو آ ڪوئي بہ ڪِينَ،
جيئن هِن کي جوڙيو آ جَبار،
آقا اڙين جو آڌار.

ف : في فرق ڪو آھي ڪِيمَ،
اَحَدُ، احمد، بِلا ميم،
بسمالرحمٰن الرحيم،
ڪَئي آمَدَ تي هر حُبدار،
آقا اڙين جو آڌار.

ق : قاف قلم پوءِ جُڙيو جَڳَ ۾،
عربي آيو ان کان اڳ ۾،
شالَ اُنھيءَ واليءَ جي وَڳَ ۾،
مُنھنجي ڪُٽنب جِي بہ ٿئي قطار،
آقا اڙين جو آڌار.

ڪ : ڪاف ڪنھين ٻِئي دَرَ جو ناهيان،
عاشق اُنَ دلبر جو آھيان،
شام صبح پيو ٿو ٻاڏايان،
آھيان اصل کان ٻانھي ٻار،
آقا اڙين جو آڌار.

ل : لام لِکان ٿو نعتون اُنَ جون،
خُوب ڪَري ڳالھيون دِل مَن جُون،
ديواني کي ھُو درشَنَ جون،
خيراتُن جا ڏيندو کرار،
آقا اڙين جو آڌار.

م : ميم مُحَمَّدُﷺ عربي ڄام،
ريءَ نُقطي جي جنھن جو نام،
عرش مَٿي اُن لئہ انتظام،
پاڻَ ڪيو هئو پالڻھار،
آقا اڙين جو آڌار.

ن : نون نہ آھي خوف خطر،
اُمت تي هن جي آ نظر،
هِن دنيا ۽ توڙي حَشر،
۾ مالڪ آھي مھدار،
آقا اڙين جو آڌار.

و : واءُ وڏائي واحِدَ جِي آ،
ربَ کان پوء بس هستي هي آ،
جُوانَ جَنت جنھن سَستِي ڪَئي آ،
سوئي آھي نبي ننگدار،
آقا اڙين جو آڌار.

ھہ : ھي هِن جھڙو جانِبُ ٻيو،
اڳ آيو نہ ئي ايندو ڪو،
ڏاجَ ڏَھوڻا ڏِيندو سو،
اسين تہ آھيون اميدوار،
آقا اڙين جو آڌار.

لا : لاَ معنىٰ نہ؛ هِن وٽ ناهي،
قاسم رتبو سندن جو آھي،
خالِقَ جو ٿو ونڊُ وِرهائي،
“ عاجزَ ” جھڙا لَکَ پينار،
آقا اڙين جو آڌار،

ء : ئُوئان اچڻ سان هُئي ٻولي،
ڄمندي ڏِني امڙ لولي،
گهوٽَ مُحَمَّدَﷺ صدقي سئولي،
ٿيندي سڻائي لھندا بارَ،
آقا اڙين جو آڌار.

ي : يي يقين اهو ئي ڄاڻ،
اڳيان ايندو پُنھَل پاڻ،
هر ويلي ويٺو سِڪَ ساڻ،
ڪلمو پاڪُ انھيءَ جو پُڪار،
آقا اڙين جو آڌار.

گل حسن “گل” مَلڪ

تعارف
دوستو!
اڄ آءٌ هڪ اهڙي شخصيت جو تعارف پيش ڪري رهيو آهيان جنھن لوڪ ادب ۾ سڄي سنڌ ۾ نالو روشن ڪيو آهي ـ تاريخ شاهد آهي تہ سنڌ جي تھذيب، تمدن ۽ آثار اهڃاڻ جا والي وارث ساڃاھہ وند، سالڪ، مانجهي مڙس رهيا آهن ـ جنھن جو پيوند پيچرو نظم، نثر ۽ لوڪ ادب سان رهيو آهي ڇاڪاڻ جو اُهي اديب ۽ شاعر ئي هوندا آهن جيڪي سير سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي هيرا لعل جنھوار ۽ ماڻڪ موتي ميڙي موتيُن جي مالھا جوڙيندا آهن، لفظن جي سھيڙ جا ڳهڻا ڳچي ڳل پائي بھترين سماج جوڙيندا آهن. پوءِ اهڙا املھہ مانجهي ماڻھو سماج جا ستارا موتي داڻا هوندا آهن جيڪي پڻ ڀٽائي جي ڀُونءِ جي آثار اهڃاڻ ثقافت تھذيب ۽ تمدن جا والي وارث بڻبا آهن.

جي دوستو!
هڪ اهڙو نانءٌ جيڪو ماکيءَ جِي مِٺاس جيان چاھہ رکندڙن کي چَس چکائيندو رهيو آهي، جنھن جو تعلق ڊگهي عرصي کان وٺي لوڪ ادب سان آهي پاڻ سنڌ جو ناميارو سگهڙ، شاعر ليکڪ ۽ محقق آهي.
1 سيپٽمبر 1967ع تي الله وڌايو مَلڪ جي گهر هڪ گُلُ ٽڙيو جنھن جي خوشبو هر هنڌ هٻڪار آڻي ڇڏي، وڏڙا شروع ۾ هاڻوڪي ڪشمور ضلعي جي شھر ڪرم پور ويجهو ڳوٺ گُڙدو بجاراڻي ۾ ويٺا هئا ۽ بعد ۾ هن لڏ پلاڻ ڪري ضلعي جيڪب آباد جي شھر مبارڪپور کي مَسڪن بڻايو.
استاد گل حسن “گل” مَلڪ شروع کان وٺي علم ادب سان چاھہ رکندڙ شخص آهي اهو ئي سبب آهي جو هو هن وقت 18 گريڊ ۾ گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول مبارڪپور ۾ استاد طور ڪم ڪري رهيو آهي، هن جو شوق شاعري ڏانھن ايترو تہ هوندو هيو جو هو ننڍي هوندي کان ئي سياري جي سرد ڊگهي راتين ۾ ٿيندڙ مچ ڪچھرين ۽ ٻين سگهڙ پروگرامن ۾ شرڪت پڻ ڪندو هو. جيئن جيئن وقت جا وهڪرا گذرندا رهيا تيئن تيئن هن جو لوڪ ادب ڏانھن لاڙو پڻ ترقي جون منزلون طئي ڪندو وڌندو رهيو، هن صرف 13 سالن جي الهڙ جواني ۾ سگهڙائپ جو شاگردي وارو ڳانو جڳ مشھور سگهڙ استاد محمد سيفل خان ڀَٽيءَ کان ٻڌرائڻجي منزل ماڻي ورتي، جنھن پڻ گُل حَسن کي “گُل” بڻايو، سندس استاد جو ساٿ “ڪل نفس ذائقة الموت” واري حقيقت جي ڪري ٿورو عرصو رهيو، پوءِ هن اڃا وڌيڪ سگهڙائپ جي صنفن تي پڪڙ پختي ڪرڻ ڪجهہ سنڌ جي مشھور سگهڙ شاعر استاد بھار علي “بھار” ٻُرڙي کان سگهڙائپ ۽ شاعريءِ جو ڳانو ٻڌايو، جنھن پڻ هن کي سگهڙائپ ۽ شاعري جي هر صنف تي دسترس دست شفقت سان پڻ حَقِ اُستادي ادا ڪندي سونپي، هن بہ پڻ آدابِ شاگردي، آداب روحاني فرزندي جيان نڀايا، گل جو سندس استاد سان اهو وچن هو تہ پھريان اُن استاد جي شاعري سھيڙي “بُوند بھار” ڪتاب مرتب ڪري سنڌ جي سگهڙن ڪجهہ آڻي پر هو قضا ڪريم آڏو بيوس ٿي پيو ۽ استاد بھار جي وفات بعد سندس لوڪ شاعري ڪافي مشڪلاتن سان مُنھن ڏئي سھيڙي چڪو آهي. اهو ان ڪري لکڻو پئجي رهيو آهي تہ استاد بھار جي ڪافي شاعري گم ٿي چڪي هئي پوءِ هن سندس همعصر سگهڙن ۽ شاگردن سان گڏ چاھہ رکندڙن کان پڻ جاکوڙ ۽ جفا ڪشي سان شاعري گڏ ڪئي ۽ شڪر ٿيو جو استاد جي سھيڙيل لوڪ شاعري کي ڪتابي شڪل ڏي چڪو آهي. جيڪو جلدئي سندس چاھہ رکندڙ ۽ نون نويڪلن سگهڙن جي ۽ ڀٽائي جي ڀونءِ تي رهندڙ رهواسين جي لوڪ ادب جي دنيا ۾ اڻکٽ اڻ لڀ معلومات پھچائڻ جو پڻ ذريعو بڻبو. هن وقت گل حسن “گل” مَلِڪ لوڪ شاعري جي هر صنف تي پڻ مھارت حاصل ڪري ورتي آهي هن جي شاعري ڏهس، سينگار، هنر، پھاڪو، ڳجهارت، ٽہ ڳڻو، سي حرفي، ڏور، نظم، نعت، وائي غزل کان علاوه سنڌ جي لوڪ داستان عمر مارئي، سسئي پنھون، سھڻي ميھار ۽ نوري ڄام تماچي کي پڻ محور بڻايو آهي، جڏهن تہ پورهيت مزدور هارين جي حقن بابت پڻ مهل ۽ موقعي جي مناسبت سان قومي عوامي شاعري سان گڏ ڏهس جيڪو اڳ ۾ شاھہ لطيف جي همعصر جلال کٽي جي شاعري ۾ ملي ٿو هن ان کي وڌائي ٻٽو ڏهس، ٽيھس، چاليھس ۽ پنجاهس ۽ سٺھس تائين پھچايو آهي جيڪا پڻ سگهڙ شاعري ۾ هڪ وڏي تحقيق آهي.

مثال چنڊ جا ٽيھہ نالا جھڙوڪ:
چنڊ، چاند، چندورو، چن، چندرما، پانو، پونو، پنرو، پُورَنْ، پُونم، پَھلو، نوخ، نشاقر، نوڪ، مُون، ماھہ، مھتاب، مڪرند، مَڌاس، اُماس، اِندُ، هلال، هسند، ڌَڄراج، طُوبا، سَن، سَسُ، قمر، بدر آهي سڀ تحقيق مطابق چنڊ جا نالا آهن اهو ٽيھس چئبو اهڙي نموني سج جا ڏھہ نالا ڏهس چئبو،

مثال طور: ارن، آرق، آڏِت، دي، ديتاب، آفتاب، شارق، شمس، سج، سُوهو، هوْر، ڀانُ، سورج نہ صرف ايترو ان تحقيق سان گڏ ڏهس شاعري بہ موجود آهي ـ
ياد رهي تہ سندس استاد سگهڙ بھار علي بھار پھريون ڏات ڌڻي هئو جنھن ٻولين جي سينگارَ ۽ سٽاءَ ۾ ٽيھہ اکري لکي هئي ۽ سندس هن شاگرد وري ان کي اڃا بہ تحقيق جو نئون رخ ڏئي ڪري “ڏهس” ۾ “سينگار سي حرفي” لکي ورتي آهي. ان کان علاوه جس لھڻي سندس شخصيت ئي آهي جنھن پڻ هڪ نئين صنف ايجاد ڪري لوڪ ادب تي پڻ احسان ڪري ڇڏيو اها صنف جيڪا بنيادي طور سگهڙن وٽ گُرو چيلو مشھور آهي ۽ تحقيق دانن پڻ ان تي تحقيق ڪئي آهي جنھن کي ٻين لفظن ۾ سگهڙن ڳاڻوءِ جا بيت بہ چيو آهي. دراصل
گروچيلو کي ڳاڻوءَ جا بيت چوڻ مناسب آهي يا نہ اهو تحقيق طلب آهي پر گروچيلي جي پرولين جا اصول ڳُڻن، خوبين يا لڇڻن مطابق قائم ڪيل آهن جن کي هن استاد سُگهڙ “ٽہ ڳُڻو” نالو ڏِنو آهي ۽ نہ رڳو نالو ڏنو آهي پر ان کي هن اڃا وڌايو پڻ آهي ۽ وڌيڪ محنت ڪري چوڳڻ پنج ڳُڻو، ڇھہ ڳُڻو ۽ سَت ڳُڻو تائين پھچايو. ان کان اڳ ڪنھن بہ سگهڙ جي لوڪ شاعري ۾ اهڙي قسم جي نواڻ ناهي آندي.
استاد گل حسن گل ملڪ جا 1983ع کان وٺي هن وقت تائين ڪيترائي ڀيرا پي ٽي وي ۽ ٻين سنڌي چئنلن ۽ ريڊيو تي سگهڙائپ ۽ شاعري جا پروگرام نشر ٿيندا آيا آهن، نظم کان علاوه نثر نويسي بہ سندس مشغلو رهيو آهي، هن جون لکڻيون ۽ شاعري ڪيترين ئي قومي اخبارن جي زينت بڻجي چڪيون آهن. وينجهار رسالي ۾ بہ هن ڪيترائي ڪالم لکيا آهن ۽ گذريل وڏي عرصي کان هن وقت تائين شاعري جو مڪمل صفحو “جهانگين جي جهونگار” سندس نالي تي ڇپجندو آهي، ان کان اڳ 1985ع کان 1990ع تائين شڪارپور مان شائع ٿيندڙ رسالي “شاگرد” ۾ پڻ شاعري واري شُعبي جو انچارج رهيو ۽ اسلام آباد کان نڪرندڙ ماهوار السنڌ رسالي، توڙي ڪراچي مان شائع ٿيندڙ “پُورب” رسالي ۾ پڻ اڻ ڳڻيون تحريرون ۽ شاعري ڇپجندي رهي. ٻئي طرف حيدرآباد مان نڪرندڙ “ساٿي” رسالي ۾ ٻاراڻين لکڻين جي اعتراف ۽ اعزاز ۾ اداري پاران کيس “رائيٽرايوارڊ” پڻ ڏنو ويو. ان کان علاوه سندس انقلابي ۽ اصلاحي شاعري مصري بلاول جي ڳايل “جوڌا اٿي جاڳ” ڪيسٽ ۾ پڻ موجود آهي. هن ڪرونا وائرس جي وبائي صورتحال تي بہ دعائيا نظم لکيا آهن.
اهو گل کي ئي اعزاز حاصل آهي جو سنڌ ڌرتي جي مھان لوڪ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان پڻ سڪ ڀريل سنيھن جو سلسلو رهيو آهي، هڪ خط ۾ ڊاڪٽر صاحب سندس لکيل ڪتاب!
The book of pronounciation “اچارن جي ڪتاب” ۾ ساراھہ ڪئي آهي، سڀ خط 2013ع ۾ سنڌيالاجي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ياد ۾ سلات پاران ڪوٺايل سنڌ بلوچستان لوڪ ادب ميلي جي موقعي تي سندس پُٽ ڊاڪٽر محمد شريف حوالي ڪيا هئائين، جنھن بعد سندس پوٽي ارشد طرفان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي خطن تي مشتمل “سڄڻن کي ساريوم” ڪتاب آندو آهي انھيءَ ۾ استاد گل حسن گل ملڪ ڏانھن لکيل خط پڻ شامل ڪيا ويا آهن.
سنڌ جي مھان لوڪ اديب ۽ استاد سگهڙ جو تعارف پڻ ڪيترن ئي ادبي ڪتابن ۾ ڇپجي چڪو آهي جھڙوڪ “سوچن جي سرهاڻ” (غلام مصطفيٰ مشتاق ميمڻ مھراڻ اڪيڊمي) سگهڙن جي ڊائريڪٽري (عبدالله ورياھہ سنڌي ادبي بورڊ)، سنڌي شاعري جي مختصر تاريخ (ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري )، ڪچھريءَ جا مور (ثقافت کاتو ) ۽ “سھڻل جا سينگار” (عاجز رحمت الله لاشاري ۽ گل حسن “گل” ملڪ خود هن ڪتاب کي
ترتيب ڏئي تنظيم فڪرو نظر سنڌ کان ڇپرايو)
استاد گل حسن “گل” ملڪ کي لوڪ ادب خدمتن جي ڪري کين ڪيترائي ڀيرا مڃتا ايوارڊز ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽن سان پڻ نوازيو ويو آهي، جنھن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو،

“ مڃتا ايوارڊ”

٢٠٠٣ع ۾ سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو جي موقعي تي اڳوڻي ناظم ضلع جيڪب آباد مير شبير علي خان بجاراڻي جي هٿان وصول ڪيو .
١٩٩۵ع ۾ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ هارس اينڊ ڪيٽل شو جيڪب آباد ۾ ادبي سب ڪميٽي طرفان پڻ مليو.
مارچ ١٩٩۵ع ۾ “ڪمينڊيشنس سرٽيفڪيٽ” ڊي سي جيڪب آباد عِلم الدين بُلي جي هٿاران مليو.

“ايوارڊ سرٽيفڪيٽ”
٢٠١١ع نوشھرو فيروز ۽ ساڳئي ئي سال” ايوارڊ سرٽيفڪيٽ” سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪانفرنس جي موقعي تي پڻ مليو.
٢٠١٢ع سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو پاران سلات سنڌ بلوچستان ڪانفرنس ۾ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ مليو.
٢٠١٣ع سندس” استاد محمد سيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ “ سلات پاران مليو ۽ ساڳيئي سال” ساٿي رايئٽر ايوارڊ” پڻ مليو پاران ٻاراڻي ادب ۾ ويھن سالن جي جدوجھد مستقبل جي معمارن جو علمي ۽ ادبي ترجمان ماهوار ساٿي حيدرآباد.
وڏي ڪاميابي هن تڏهن ماڻي جڏهن هن کي ٢٠١٣ع ۾ سنڌيالاجي طرفان “ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ايوارڊ” سان نوازيو ويو. ٢٠١۴ع ۾ سندس استاد بھار علي “بھار” جي چاليھي تي بين الصوبائي ڪنوينشن ۾ “بھار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ” سان پڻ نوازيو ويو.
“شھباز ايوارڊ” ٢٠١۴ع ۽ ٢٠١٧ع ۾ “بھترين سگهڙ” شھباز ميلا ڪاميٽي پاران ٻہ ڀيرا ملي چڪو آهي.
“گريجوئيٽ سگهڙ ايوارڊ” ٢٠١٦ع پاران باني سلات عاجز رحمت الله لاشاري هنڌ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري، ڊاڪٽر نبي بخش خان هال حيدرآباد گل کي سندس لوڪ ادب خدمتن عيوض ٢٠١٦ع ۾ “چاندي جو تاج” پڻ پارايو ويو لعلو رائنڪ ١٠٠ سگهڙن جي مڃتا ڪانفرنس جي موقعي تي پاران مولا بخش عرف عبدالخالق شيدي نائب صدر سلات
“لوڪ ادب ايوارڊ” ڊسمبر ٢٠١٧ع آل پاڪستان سگهڙ ڪانفرنس لوڪ ادب ڏھاڙي جي موقعي تي هنڌ لعلو رائنڪ پاران سلات.
جنوري ٢٠١٧ع تي “شيلڊ” ادب ۽ ٻولي جي سلسي م خدمتن عيوض پاران سنڌي ادبي ۽ ثقافتي فورم ميرپور ٻرڙو.
“فخر ملت اسلاميہ مرحوم قاضي حسين احمد يادگار شيلڊ” جنوري ٢٠١٨ع پاران جماعت اسلامي يوٿ مبارڪ پور.
ساڳي سال” استاد قمر کوسو يادگار ايوارڊ” پاران سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ لکي غلام شاھہ ضلع شڪارپور.علمي ادبي خدمتن عيوض مڃتا ايوارڊ پريس ڪلب مبارڪپور پاران پڻ ڏنو ويو.
جنوري ٢٠١٩ع “بھار ٻرڙو ايوارڊ “ Best” folk poet”پاران استاد بھار علي ٻرڙو يادگار ڪاميٽي جيڪب آباد ۽ ساڳي سال “لٽريچر فيسٽيول ايوارڊ” Am research foundation جيڪب آباد طرفان پڻ مليو.
٢٠١٩ع ۾ سدا حيات سگهڙ “ محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ” پاران ممتاز علي عباسي مرڪزي صدر سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم لاڙڪاڻو
“باڪمال سگهڙ ايوارڊ” لوڪ ادب خدمتن جي مڃتا طور فيبروري ٢٠٢٠ پاران در محمد ڪمال يادگار ڪاميٽي ٺٺ سولنگي نوشھرو فيروز طرفان ڏنو ويو.
انھن ايوارڊز ۽ سرٽيفڪيٽن، شيلڊ ۽ چاندي جي تاج جي سر تي سجائڻ مان واضع ٿئي ٿو تہ سندس شخصيت لوڪ ادب جي دنيا جي قدآور شخصيت آهي.
گل جي سرهاڻ جي هر هنڌ هٻڪار پکڙجي چڪي آهي ۽ هن جي خوشبوءِ جو واس وٺڻ ڪجهہ سنڌ بلوچستان جا سوين سگهڙ ڀنور جيان ڀيرا ڏيندي ڏسندي نظر ايندا آهن، اهوئي سبب آهي جو سندس شاگرد ۽ شاگردن جا شاگرد سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن. جن مان ڪجهہ پڻ استادي لقب پڻ ماڻي چڪا آهن، جن ۾ الله ڏنو هانڀي ۽ محمد ايوب لاشاري (تعلق بلوچستان )کي پڻ مڃتا ايوارڊ پڻ مليا آهن، ڪوڙل بمبل (پرائمري استاد) پنھنجي سگهڙائپ ۽ شاعري کي سھيڙي ڪتاب آڻي چڪو آهي، صادق علي ملڪ (ڏياڻي) بہ هونھار شاگردن مان آهي جنھن جو پڻ سگهڙ شاعري ۾ سٺو ڪم ٿيل آهي تازو جنھن جو پڻ ڪتاب شائع ٿي چڪو آهي، ۽ ڪيترائي ٻيا شاگرد پڻ موجود آهن جنھن جو ڳڻڻ ڳاڻيٽو ممڪن نہ آهي، اهو پڻ چئي سگهجي ٿو تہ جيڪا ڪُني لوڪ ادب جي ميدان ۾ استاد سيفل ڀٽي ۽ استاد بھارعلي “بھار” ٻرڙي جن چاڙهي هئي ان جو ڍڪڻ استاد گل حسن” گل” ملڪ لاٿو آهي، هن وقت استاد گل حسن “گل” ملڪ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جا مرڪزي صدر آهن ـ سلات جو صدر هئڻ ناتي سنڌ بلوچستان جي سگهڙن جا پروگرام سھيڙي ترتيب ڏيئي سنڌ بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ سگهڙ ڪانفرنسن ۾ سگهڙ موڪليندو آهي، پروگرامن جو محور ۽ مرڪز سنڌ جون قديم درگاهون، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، قلندر لعل شھباز ۽ سچل سرمست جي سالياني ميلن کان علاوه ثقافت کاتي پاران ڪوٺايل سنڌي ادبي ڪانفرنسون پڻ هونديون آهن ۽ سنڌ جي
ناليواري مرحوم سگهڙن جي مزارن تي لوڪ ادب جا ڏات ڌڻي سگهڙ شاعري ۽ مقالن ۾ لفظن جي ڀيٽا پيش ڪري انھن کي ۽ انھن جي فن کي پڻ زنده رکيو ويندوآهي، ان کان علاوه سگهڙن جي هر ڏک سک ۾ پڻ هو .
شرڪت ڪندو آهي، نہ صرف ايترو رات جو دير تائين ڪانفرنس ڪال ذريعي سندس شاگردن ۽ همعصر سگهڙن سان ڏهس ڏورين ۽ ڳجهارتن جو سلسلو جاري هوندو آهي، مطلب تہ گل هڪ اهڙي درسگاه بڻجي چڪو آهي جنھن ۾ لوڪ ادب جي دنيا جا طالب علم علم پرائڻ ۾ رڌل آهن ـ جيڪي پڻ اڳتي هلي ڪاري ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاري سنڌ جي ثقافت آثار اهڃاڻ ۽ تھذيب ۽ تمدن جي حفاظت ڪندا ـ
گل جي ڏهس ڏورين ۾ ڏاهن کي ڏندين آڱرين آڻڻ جي صلاحيت بہ موجود آهي تہ وري دعائيا شعرن ۾ رب کي رجهہائڻ جون رمزون بہ موجود آهن. وري سينگار بيتن ۾ “تان مڃ محمد ڪارڻي نرتو منجهان نيھن” جو معنا خيز محبت ڀريو مقصد بہ موجود آهي ۽ هن جي انقلابي ۽ اصلاحي نظمن ۾ مظلوم ڪجهہ سھائتا۽ ڏاڍن سان وڙهڻ جي جستجو ولولو ۽ همٿائڻ جو فن بہ موجود آهي، ان کان سواءِ سسئي جي پنھون ڪجهہ جستجو ۽ جدوجھد 'سھڻي جي ميھار ڪجهہ محبت مارئي جو لوهي نہ لڄائڻ جو درس' ۽ ڄام تماچي جو نوري ڪجهہ بادشاهت وساري ککي جا کارا ۽ ڄارا کڻڻ جو محبت ڀريو مقصد بہ موجود آهي.
مطلب تہ گل ملڪ جو شعر پڙهڻ جو انداز ايترو تہ وڻندڙ آهي جو ٻڌندڙ وجداني ڪيفيت ۾ اچي ٿر جي ساوڻين ۾ مورن جيان الھوٽ ٿي نچڻ تي مجبور ٿي پون ٿا ۽ ٻڌندڙ صرف واھہ واھہ جون وايون ورجائيندا رهن ٿا. هن حصي ۾ گل حسن گل ملڪ جي صرف لوڪ شاعري بابت تعارف هيو، سندس مبارڪپور شھر ۾ پيغمبري پيشي سان وابستگي، ڪمن، شاگردن ۽ علمي ڪم بابت حصي ٻئي ۾ اوهان اڳيان پيش ڪبو،
اميد تہ گل صلاحيتن جي سڳنڌ سان سنڌ واسين کي سدائين سير ڪندو رهندو ۽ گل جي سرهاڻ سنڌ واسين کي سبا بڻجي سنواريندي رهندي ـ سندس ڪجهہ محبتون ۽ دعائون سدا حيات رهن.

مَدح

ساراھہ سونھين سُبحانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
جنھن جوڙيو جڳ جھانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
پڙھي ڏس قرآنَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
آ رحم گهڻو رحمانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
واحد وڌايو آنَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
افضل بشر انسانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
صلوات سدا زبانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
حُبَ ڏِسو حَسانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
محمدﷺ مِير زمانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
ڏِس ميمَ مُحابي مانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
رسيو ابوبڪر ايمانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
جنھن قابو ڪيو ڪانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
نانگ سندي نيشانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
ورجايو ڀيڻَ پنھنجي بيانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
پوء چُمي آيو فرقانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
ڪمبڻي ٿي ڪُفرانَ کي،تون مڃ خدا جي شانَ کي.
ٻُڌي عمر جي اعلانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
واه سگهہ ملي سلطانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
ڏِس الله جي احسانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
ذي النورين لقب ذيشانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
عثمان غني پروانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
ذڪر ياد اهڙي جانان کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
وٺ ڳلي علي دامانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
جنھن چميو وڃي چوغانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
بستر نبي آستانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
جنھن نا ڏٺو طوفانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
دشمن نڪي دهمانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
حسنين جي داستانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
ڪر ياد تن جي دانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
جِت مانُ ملي مھمانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
بتول جي بستانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
جن بلند ڪيو آذان کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.
“گُلَ مَلڪَ” لُطف لِسانَ کي، تون مڃ خدا جي شانَ کي.

****

اوليائن جي شانَ ۾مَدح

ڀلاري ڀونءِ ولين سان، سونھين سنڌڙي سَڄي ساري،
قلندر ۽ ڀٽائي دِل سچل سائين، ٻُڍل ٺاري.

ڪيون توحيدَ جون ڳالھيون، ٻُڍل پنھنجي رسالي ۾،
هيو مدهوش محمدﷺ تي، ڏٺو بيتن مقالي ۾،
ويون، وائيون، ڪُلئي ڪافيون، اندر شاعري فڪر باري.

ملن موتي هدايت جا، جڏھن ڪنھن شعر پڙھيو آھي،
فقيري فيضَ ۾ رڱجي، اُھو آخر چڙھيو آھي،
ٻُڍلَ جو سِک فِڪر هاڻي، ٻُڍلَ جي ڳالھہ آ پياري.

ڏٺو استادَ سائينءَ کي، ٻُڍلَ جا ٻولَ ٻوليندي،
ملي مطلوب ويو تنھن کي، ڳلين ڳوٺن ۾ ڳوليندي،
اُتر سنڌ ۾ ٻَريو ڏيئو، ٻُڌي ٻولي ٻُڍل واري.

ملھايو مور مستڻ ھو، وري آيو بابُو سائين،
سُگهڙ شاعر اديبن کي، مِلي محبت ڏٺو مان ئي،
اچي “گُلَ مَلڪَ” ميلي ۾، فقيرن سان رکيم ياري.

****

الطاف حسين زهراڻي

تعارف
نالو: الطاف حسين
پيءِ جو نالو: محمد ڇٽل بن سعيد خان بن محمد ڇٽل،
بن عبدالحڪيم، بن ٺارو خان بھارو، بن يارمحمد
ذات ۽ قبيلو: زهراڻي، جت
پيدائش: 7 جنوري .1986ع شناختي ڪارڊ مطابق، سياري جي سرد هوائن ۾ تعلقي باقراڻي جي شھر ڳيريلي ڀرسان سرائي غلام علي زهراڻي ۾ سندس جي نانا سائين علي مراد زهراڻي جي گهر ۾ جنم ٿيو.
تعليم: مئٽرڪ
ادبي استاد : سندس والد سنڌ جو مشھور سگهڙ استاد محمد ڇٽل زهراڻي.
موبائل ۽ واٽس ايپ : 03452834729
ڪرت : پرائويٽ مڪينڪل انجنيئرنگ رائيس مل اينڊ آئيس فيڪٽري جي مڪمل فٽنس ڪرڻ سان گڏ آپريٽ ڪرڻ تائين.
هن سگهڙائپ جي فن جي شرعات ننڍپڻ کان والد طرفان ورثي ۾ ملي، لوڪ ادب جي لاتين ۾ ننڍپڻ گذريو، سندس جا وڏڙا تمام نالي وارا سگهڙ هيا سگهڙمحمدملوڪ عباسي بہ سندس جي چاچي محمد مريد زهراڻي جو شاگرد آهي، پاڻ هڪ بھترين سگهڙ سان گڏو گڏ شاعر پڻ آهي، ڪنھن دور ۾ هن فنڪارن جون ڪيسيٽون ۽ سي ڊيون بہ رڪارڊنگ ڪندو هيو ۽ سليڪشن بہ ڪيائين، جان پروڊڪشن سندس ۽ ان جي دوست جي آهي جنھن۾ هن قافي فنڪارن جا، ڊي وي ڊي شو، بہ رڪارڊ ڪرايا هيا. ڪيسٽ جي دنيا ۾ قافي لوڪل فنڪارن هن جا ڪلام بہ ڳايا آهن، لوڪ ادب ۾ سگهڙن جي مختلف تنظيمن ۾ سٽي يونٽن کان وٺي مرڪزي عھديدار بہ ٿي گذريو آهي ۽ اڃا تائين هلندو اچي پيو، شاعري جو پنھنجو ڪتاب، “منھنجو من مھراڻ”، ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي پر غربت جي ڪري رولڙي جو شڪار آهي، لوڪ ادب جي سگهڙن سان گڏوگڏ جديد ادب جي شاعرن سان گڏيل ڪتابن ۽ رسالن ۾ شاعري ڇپجي چڪي آهي جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
1- سلات جي سگهڙن جي ڊائريڪٽري 2004ع ۾ ڇپي هئي.
2- سھڻل جاسينگار 2014ع ۾ ڇپيو.
3- 786سگهڙن جي جامع ڊاريڪٽري 2015ع ۾ شائع ٿي. مرتب عاجز رحمت الله لاشاري.
4- ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب جو ترتيب ڏنل “رسالوڳجهارت”، 2017۾ ثقافت کاتي ڇپيو هيو.
ان کان سواءِ سنڌ جي مختلف رسالن ۾ پڻ شاعري ڇپجي چڪي آهي جھڙوڪ ميگزين رسالو عوامي سجاڳي ۽ هزار داستان ڪاوش ميگزين عبرت ميگزين وغيرہ شامل آهن.1989ع ۾ هي لوڪ ادب سگهڙ سنگت تنظيم جو ننڍ پڻ کان ميمبر هيو جيڪا تنظيم 1991ع ۾ رجسٽر ٿي سندس جي چاچي سگهڙ فقير محمد مريد زهراڻي جي تنظيم هئي محمد مريد جي گذاري وڃڻ کان بعد ۾ استاد مريد جي شاگردن ۽ سگهڙن جي اختلافات جي ڪري تنظيم هلي نہ سگهي.
الطاف زهراڻي جي سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ آرٽيڪل ۽ شاعري ڇپجندي رهندي آهي، لاتعداد مڃتا سندن سرٽيفڪيٽ ماڻي چڪو آهي اگر جي تفصيل ڏينداسين تہ مضمون وڏو ٿي ويندو مختصر ڏجن ٿا.

مليل ايوارڊن جو تفصيل:
1. سلات تنظيم طرفان 2014ع “ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايوارڊ” ڊاڪٽرڪمال ڄامڙي هٿاران مليل حيدرآباد سنڌ لئنگئج اٿارٽي ۾.
2 : سنڌ سڀيتا سگهڙ فورم طرفان2015ع ڪراچي گهگهر فاٽڪ تي. هٿاران پي ٽي وي پروڊيوسر سڪندر رند.
3 : سگهڙ فقير محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ 2021ع سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم پاران هٿاران ايڊوڪيٽ سردار ڪاظم علي خان عباسي تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ محمد خان ڪلھوڙو ۾ مليو.
4 : سگهڙ ميان پير بخش مڱريو ايوارڊ هٿاران مڱرين جي سردار، سردارمنظور علي مڱريو ڏنو هيو 2021ع پير بخش اڪيڊمي طرفان تعلقو ڏوڪري موهن جودڙو لڳ ڳوٺ ڪانپور ۾.
5 : سگهڙ فقير عبدالرحمان مھيسر ايوارڊ2022ع ۾ ادبي ڀلائي تنظيم طرفان ضلع خيرپور جي ڳوٺ رفيق مھيسر ۾ هٿاران زاهد حيسن ميتلو جج صاحب قمبر شھداد ڪوٽ هاءِ ڪورٽ.
6 : سگهڙ فقيرحسين بخش رڏ ايوارڊ 2022ع تعلقو چونڊڪو نارو ريگستان ۾ هٿاران سگهڙ خليل رحمان مھيسر چيرمين ادبي ڀلائي تنظيم
7: سگهڙ فقير بھارعلي بھار ٻرڙو ايوارڊ 2022ع سلات تنظيم طرفان ضلع شڪارپور جي شھر مبارڪپور لڳ ۾ هٿاران مولابخش شيدي.
8 : سگهڙ ميان پيربخش مڱريو اڪيڊمي جو بيسٽ لوڪ ادب ٽيچر ايوارڊ 2022هنڌ موهن جودڙو هٿاران سگهڙ فقير ڏاڏو ڏتل ابڙو ۽ سخي سگهڙ چاچو مولابخش شيدي
9 : ايوارڊ 2022ع چنڊ نيوز جي ادبي صفحي ۾ قلمي پورهيي جي عيوض هٿاران اصغر لاشاري سينئر صحافي ۽ شاعر هنڌ گلشن حديد ڪراچي
10 : ضلع قمبر شھداد ڪوٺ جي شھر لالو رائنڪ ۾ 16 ڊسمبر2017ع ۾ ڪنوينر سخي سگهڙ مولابخش شيدي جي ميزباني ۾ ٿيو هيو اتي لوڪ ادب جي خدمتن عيوض مڃتا طور پڳ بہ پارائي وئي ۽ چاندي جو ايوارڊ بہ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم سلات طرفان ڏنو ويو هو
هٿاران ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ۽ عاجزرحمت الله لاشاري باني چيئرمين (سلات)

مڃتا سرٽيفڪيٽن جو تفصيل :
1 : سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم پاران 30آڪٽوبر1994ع تي هٿاران ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ تعلقو ڏوڪري ڳوٺ محمد خان ڪلھوڙو ۾ مليو هيو.
2 : سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم پاران 19 نومبر 2005ع هٿاران ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر اڪادمي ادبيات پاڪستان، آغا نور محمد پٺاڻ جي، سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.
3 :،19 ڊسمبر 2004ع سنڌ سڄاڻ سگهڙ تنظيم.طرفان ڪل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس اڏيرو لعل اسٽيشن مٽياري هٿاران آغا نور محمد پٺاڻ جي.
4 : سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم پاران ستين سگهڙ ڪانفرنس 19جنوري 2005ع تي
هٿاران آغا نور محمد پٺاڻ جي ڳوٺ بٺو سولنگي اسٽاپ نيشنل ھہاءِ وي ڄامشورو.
5 : عشق رسول مڃتا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڄام شورو ۾ 2006ع هٿاران علامہ دين محمد ٻگهيو، سرپرست مرڪزي جماعت اهلسنت ڄام شورو.
6 : شھباز ميلا ڪاميٽي طرفان 2008ع ۾ قلندر جي ميلي تي سگهڙ ڪانفرنس تي هٿاران محمد بخش ناريجو صاحب.
7 : استاد محمد ملوڪ عباسي جي 16 هين ورسي تي سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم پاران ڏنو ويو هٿاران سردار حاجي منور علي خان عباسي اڳوڻو صوبائي وزير، هنڌ تعلقو ڏوڪري لڳ ڳوٺ محمد خان ڪلھوڙو ۾.
8 : جنوري 2016ع سنڌ سڀيتا سگهڙ فورم طرفان استاد محمد مريد زهراڻي، هٿاران ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو هنڌ گهگهر فاٽڪ ڪراچي.
9 : سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم سلات طرفان هنڌ سنڌ لئينگئيج اٿارٽي حيدرآباد هٿاران ڊاڪٽرڪمال ڄامڙو جي 9 اپريل 2016ع.
10 : سلات تنظيم پاران4 آگسٽ 2018ع
سداحيات سگهڙ حبيب الله مڱڻھار، جي ورسي تي هنڌ عرضي ڀٽو ۾ هٿاران عاجز رحمت الله لاشاري باني سلات.
11 : سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم سلات پاران 13 فيبروري2021ع استاد بھار ٻرڙو جي ورسي تي هٿاران عاجز رحمت الله لاشاري باني سلات جي.
12 : چنڊ نيوز سرهاڻ ادبي صفحه ۾ هن سال جو بھترين شاعر هجڻ جو اعزاز تي چنڊ نيوز طرفان 2022ع ۾ مڃتا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ مليو آهي.
پاڪستان ٽيليوزن جي پروگرامن ۾ سگهڙڪچھري آگسٽ ۾ 2008ع شرڪت ڪندڙ آهي سنڌي چئنل جھڙوڪ ڪي ٽي اين سنڌ ٽي وي آواز ٽي وي مھراڻ ٽي وي در تي ٽي وي ۾ بہ پنھنجي شاعري جي جذبن جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي سرڪاري سگهڙ ڪانفرنسن ۾ بہ ڪثرت سان شرڪت ڪندڙ آهي، حضرت لعل شھباز قلبدر شاھہ عبدلطيف ڀٽائي خضرت سچل سرمست جي ميلن تي سگهڙ ڪانفرسن ۾ ثقافت کاتي جي ياوري ميلاڪاميٽي طرفان هرسال دعوت نامه ملنداآهن، سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم سلات طرفان 2016۽2017م ميڊل بہ ماڻي چڪو آهي مختلف شاعرن ياکڻي سگهڙن جي ڇپيل ڪتابن تي بہ ٻہ اکر لکيل آهن جھڙوڪ مٽي جي آرسي جمشيد زهراڻي، پيغام پيرل، پيربخش مڱريو جو ڪتان پيغام پيرل ،رات بہ روشن رنگ هيو، روشن علي ڪوري، وغيرہ، هن وقت ڀلوڙ سگهڙن ۽ بھترين شاعرن ۾ شمار آهي ،، اڻ ڇپيل مواد بہ ڪافي تعداد ۾ ڇپجڻ جي آسري ۾ پيل آهي.
ايڊريس/ ڏس پتو : ڳوٺ ڏنو واهڻ، سونهري پُل، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو.
رابطہ نمبر: 0345-2834729 / 0303-3636423

مَدح

مـحمـد مـصطفىٰﷺ نرمل جي آ تعريف قرآن ۾،
آھــي امــام انبـياءَ جو ٻــڌايو فـــــائق فرمان ۾،

نـبـي نُـورالھــــدريٰ آهـي ۽ مـحـبـوبِ خــدا آهـي،
وڏو آ مـــان مــرتب ۾ ڪُـلـي نـبـيـن جـــدا آهي،
آھــي الـلــه جــو پـيـــارو ۽ افــضــل آ تہ انسان ۾

نـبـــي ســھـڻــو حـسينـن، ۾ ڪرم وارو ڪريمن ۾،
مٺـي مـحـمدﷺ جـي آ محـبت اسـان جهڙن فقيرن ۾،
سـدا صلوات سـرور جي اندر سيني جي آستان ۾.

ڏسو مـحبـوب مالڪ جو، ۽ پيارو خوب خالق جو،
وٺـي گهــر ٻار کـي آيـو، ســھارو ٿيو تہ ٻالڪ جو،
وڏي تعريف ڪئي قادر ڏسو کولي تہ ھي فرقان ۾.

اسـان جـي روز جـا رولا، نبـي صـدقي ڪــندو مولا،
جيـڪي ڏکيـا آھن ڪـمڙا ٿيندا “الـطاف” سـڀ سولا،
ڏسي وڃ ٽيھہ پـارن کــي، لکيل سـارا اٿــي شان ۾

****

مداح

ڀــــلــي ھــر بــات وڻندي آ، نــبــيءَ جــي نعــت وڻندي آ،
ھــجـي ســاراھہ سيد جي، وائــي ســـــا وات وڻـندي آ.
نـــبــيءَ جــي رھبــري ۽ ٻيو، فــھــــــم فــــڪرات وڻندي آ.
رڳـــو تعــريف تـــونگر جي، ســڄـڻ جي ســات وڻندي آ،
رڳو پنجتن جي دل کي بس، تـــنــي جـــي تــات وڻندي آ.
ٻـــڌي حــديث نــبــوي جـي، ۽ شـــوقــئون ڇات وڻندي آ،
مـديـنـي مـلـڪ جـي جيئڻ، واري حــــيـــات وڻــنــدي آ.
جهــلــي ايــوب انــصــاري، اھـــيا دعـــوات وڻــــنــدي آ.
مــٿــي مــھــمـان ٿيو مدني، اھـــائـي رات وڻـــنـــدي آ.
ملـيـس تــحـفـو نــمازن جو، ســائـي سـوغــــات وڻندي آ.
ويـا حــاجـي ڪــري حـجـڙا، اتــــي عـــرفــــات وڻـنـدي آ.
الله جـو نائون “الطاف” چئي، ســيــد ٻــي ذات وڻــنـــدي آ.

محمد ايوب “عارض” واھوچو

تعارف
نالو: محمد ايوب تخلص: “عارض”
ولد: غلام علي ذات: واهوچو
جنم: 20 جنوري 1970ع. تعليم: B.A اڪانامڪس
شاعري جي شروعات: 1990ع.
شاعري جا استاد: استاد ناظم منگي ۽ استاد آصف راڄپر صاحب.
لوڪ ادب جا استاد: استاد محمد ملوڪ عباسي ۽ استاد محمد لقمان کوکر.
ڇپيل ڪتاب : “عجب رنگ ايوب جا”، “اوجاڳا ايوب جا”، “اجرا گل ايوب جا”، “پھاڪن پچار”٠
ايندڙ ڪتاب : ”ساراھہ سھڻي سڄڻن جي”، “ڏس ڏنگايون ڏيھہ جون”، “حُسن سَندي هاڪ”، “عارض آس اُساٽ”٠

مڃتا ايوارڊز: (1) “حسن ڪارڪردگي سگهڙ ايوارڊ “ ڊاڪٽر بلوچ گريجوءِيٽ سگهڙ ڪانفرنس 2016
پاران سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) (2) سدا حيات سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ2017ع پاران سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم(3) استاد سگهڙ محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ2019ع سندس ورسيءِ جي موقعي تي٠ پاران عباسي ڪلھوڙا تنظيم سنڌ ۔ (4)حسن ڪارڪردگي مڃتا ايوارڊ 2022ع پاران ميان پير بخش مڱريو اڪيڊمي موهن جو دڙو٠
(5) “حضرت لعل شھباز قلندر مڃتا ايوارڊ 2023ع” سندس عرس مبارڪ جي موقعي تي٠

مڃتاسندون
(Certificates: (1) “سٺي ڪارڪردگي ۽ يادگار طور مڃتا سند” سنڌ سگهڙ ڪانفرنس/لوڪ ادب سيمينار1991 ٠پاران : سانگهڙ ھہسٽاريڪل ا؟نڊ ڪلچرل سوسا؟ٽي ٽنڊو آدم
2”جشن عيد ميلادالنبيﷺ 1993 ۾ مڃتا سند٠ پاران: سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم شاخ نصيرآباد٠ (3) مڃتا سند “ ڪل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس 30 آڪٽوبر 1994” ڳوٺ محمد خان ڪلھوڙا ٠پاران : سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم(4)مڃتا سند “ ڪل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس راڌڻ اسٽيشن 23 ڊسمبر 1994.پاران سنڌ سگهڙ ڀلائي تنظيم يونٽ ميھڙ٠(5)مڃتا سند “سنڌ سگهڙ ڪانفرنس 6 اپريل 1995 ڪنڊيارو پاران: سنڌي اصلاحي سگهڙ تنظيم ڪنڊيارو ضلعو نوشھرو فيروز٠(6) مڃتا سند “ڪل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ڳوٺ محمد خان ڪلھوڙو لڳ موهن جو دڙو 7 اپريل 1996.پاران: سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم٠(7) بھتر ڪارڪردگي جي بنياد تي استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا “سرٽيفيڪيٽ ايوارڊ “ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (عالم ـ اديب) نظير حسين مھر (ڪمشنر لاڙڪاڻو)٠ سگهڙ محمد مٺل جهتيال ۽ سگهڙ ممتاز علي عباسي طرفان٠ پاران: سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تـنظيم٠ پاران: ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ.(8) مڃتا سند” پھرين قومي لوڪ ادب ڪانفرنس 6
فيبروري 2015 ڪراچيءِ ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو (عالم ـ اديب چيئرمين وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر ظفر اقبال وائيس چانسلر (وفاقي اردو يونيورسٽي آف سائنس آرٽس ۽ ٽيڪنالاجي ڪراچي سنڌ) (9) مڃتا سند بعيوض سنڌ جي قديم لوڪ ادب جي تخلييق/سھيڙ/اشاعت ٠ از طرف ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب (عالم ـ اديب) سرفراز راڄڙ صاحب (چيئرمين سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو حيدرآباد سنڌ ـ
الهڏتو وگهيو صاحب (سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ ـ سگهڙ عاجز رحمت الله لاشاري صاحب (باني سلات) سگهڙ حسين بخش رڏ(مرڪزي صدر سلات) سگهڙ مولا بخش شيدي ڪنوينر صاحب ڪتاب سگهڙ ڪنوينشن)پاران: صاحب ڪتاب سگهڙ ڪنوينشن 12 ڊسمبر 2015. (10) مڃتا سرٽيفڪيٽ بعيوض علم ـ ادب ـ سنڌي ٻوليءِ جي خدمت ـ لطيفيات ـ لوڪ ادب جي پرچار 9 اپريل 2016ع. ازطرف ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب ـ (محقق ـ دانشور)ـ جناب سرفراز راڄڙ صاحب ( چيئرمين S.l .A ) ۽ محترم عاجز لاشاري صاحب باني سلات) (11) استاد محمد ملوڪ عباسيءِ جي سالياني ورسي17 آڪٽوبر 2018ع جي موقعي تي بھترين ڪارڪردگيءِ جي مظاهري عيوض استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ ـ (12) استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 2020ع سندس سالياني ورسيءِ ۾ لوڪ ادب خدمت جي حوالي سان بھترين ڪارڪردگيءِ عيوض ـ پاران سلطان احمد کوسو صاحب(شاعر ـ اديب ـ ڪمشنر لاڙڪاڻو) بئريسٽر ڪاظم علي خان عباسي صاحب ۽ سگهڙ ممتاز علي عباسي صاحب. (13) لوڪ ادب جي فن ۾ بھترين ڪارڪردگيءِ عيوض حاجي خانڻ چنجڻي مڃتا سند 13 مارچ 2021ع از طرف سيد سڪندر علي شاھہ (سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو)ـ عبدالعليم لاشاري (ڊائريڪٽر جنرل ثقافت کاتو سنڌ). خليل الله ڪاڪيپوٽو (اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد) سڪندر علي رند صاحب (جنرل مينيجر PTV World ڪراچي سنڌ ـ استاد محمد لقمان کوکر (مھان سگهڙ ۽ شاعر)ـ (14) لوڪ ادب ۾ حاجي منور علي عباسي جو ڪردار جي حوالي سان لوڪ ادب سيمينار سگهڙ ڪچھري 25 جون 2021ع ۾ بھترين ڪارڪردگيءِ تي مڃتا سند. پاران: آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۽ سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم (15) استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سند سندس سالياني ورسي 14 سيپٽيمبر 2021 جي موقعي تي . پاران: سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم (16) لوڪ ادب جي خدمت ۽ بھترين ڪارڪردگيءِ جي عيوض استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ سندس سالياني ورسيءِ 12 نومبر 2022 تي ـ

مختلف ڪتابن، رسالن، اخبارن ۽ ڊائريڪٽرين ۾ ڇپيل تخليقون ۽ احوال : 1) سگهڙن جي ڊائريڪٽري 1991ع ٽنڊوآدم ٠ ترتيب عبدالله ورياھہ . 2) سووينئر (رسالو) گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نصيرآباد 1994ع. 3 لاڙڪاڻو صدين کان 1995ع. ترتيب ڊاڪٽر بشير شاد لاڙڪاڻو٠
4) انگريزيءِ ۾ ڊائريڪٽري 2002ع ٠5) اخبارون “پاڪ ـ عوامي آواز ـ ڪاوش، ڪوشش ـ تعمير سنڌ ـ هلچل وغيرھہ وغيرھہ ٠ 6) ڪتاب وڳڻ جا ويچار 2006ع ڪراچي٠ مرتب محمد ايوب واهوچو 7) انگريزي ڊاريڪٽري 2002ع مرتب : ڊاڪٽر بدر الدين اڄڻ ٠ 8) ڪتاب لوچون ڏس لقمان جون 2012 مرتب : محمد ايوب عارض واهوچو ٠9) ڪتاب ڪچھري جا مور 2013ع
ترتيب ۽ تحقيق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري 2015ع محقق عاجز رحمت الله لاشاري باني سلات ٠10: پاڪستاني زبانون ڪا لوڪ ادب آگسٽ 2015ع .
11: ڪتاب رسالو ڳجهارت نومبر 2015 ترتيب ـ تحقيق ـ سمجهاڻي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ٠
12: وجود جو هڳاءِ (گڏيل شاعري) 2016 ترتيب ڊاڪٽر فيض جوڻيجو ٠
13: ڪتاب لقمان لبان تي تيڏا نالا 2018 ترتيب محمد ايوب واهوچو ٠
14: رسالو رهاڻ 2020 ترتيب واحد ڪانڌڙو حيدرآباد سنڌ٠
15: “گڏيل گفتا” ترتيب گل محمد چنجڻي ميانداد چنجڻي٠16 : چشمين ڏٺو چين کي 2021
ترتيب : محمد ايوب عارض واهوچو 17 : لعل هيرا لقمان جا 2024ع ترتيب : حسين چنجڻي ٠
(18) ڪتاب پاڪستاني زبانون ڪا لوڪ ادب 2015 جو مرتب ڊاڪٽر ڪمال جامڙو صاحب
پَتو: ڳوٺ سوالي واهوچا، لڳ نصيرآباد، ضلعو قمبر شھداد ڪوٽ سنڌ
رابطو نمبر : 03052158772 / Watsapp Number 03162909442

مداح.......!! (ٽيھہ اکري)

الف : اول ۾ الله آھي، پاڪ ڌڻي پرور.
ب : بلاشڪ بعد برابر، آھي نبي انور.
ت : تنھن کان پوءِ سائڻ زھرا، حَسَنُ حُسَين حيدر.
ث: ثنا آ ثابت سڄڻين، آھن سود ثمر.
ج : جِتان وٺي جوت ٻريا، ڪتيون، شمس، قمر.
ح: حڪيم ھن ھادي حاذق، ھاتڪ مرضن ھر.
خ : خداوند خلقيا خالص، توھہ ڀريا تونگر،
د : دکيءَ جا دور ڪيا ھن، درد سڀئي دلبر.
ذ : ذرو نہ شڪ پرين تي پڪ، ھو ڀورل ٿيندا ڀر.
ر : رسيلا راھ رھنما، رلين جا رھبر،
ز : زمرد زور زيب ۾، احمد ڄام اپر.
س : سجئون وڌ سھڻا سندر، صاف سخي سرور.
ش : شرف ۽ شان ۾ کانئن، ٻيا ڪلئي ڪمتر.
ص: صدوري صادق صورت، سيرت جا ساگر.
ض: ضعيفن ضامن آھن، ھوندا گڏ حشر.
ط: طرحين تال تڙيئي جا، واريئون ٿي واھر.
ظ: ظرف ۾ ذات زبر آ، تات تنين تھدر.
ع : عجيبن آئي ٿي ويا، سولا سانگ سفر.
غ : غرق ٿيا گوڙ گندي جا، قدم ڌريا ڪوثر.
ف: فنا ٿيا فڪر فقيري، ھاٺيلا ھيڪر.
ڪ: ڪذابن ڪوڙ ڳالھايو، سچ ڪيو صفدر.
ق: قضا جو قلم تنين ھٿ، بخت ڪندا بھتر.
ل: ليئاڪن پاتي “عارض”، آجيا ٿيا احقر.
م : محمدﷺ نانءُ مٺو آ، ڇورن ڇانوَ ڇپر.
ن: نصيبن نکار ٿيندي، کلندا ڀال بحر.
و: وصالي واءَ ورائي، ديد کوليندا در.
ھہ: ھميشہ لاءِ ھن ھينئڙي، ٿيندو ٿڌيرو ٿر.
لا: لاثاني لائق لطف، اچي ڪندا احمر.
ء: آسائتيون اکڙيون منھنجون، پسنديون پاڪ پھر.
ي: يقينن ير، ماڻيندس محبوب کي...!!

****

مَدح مُحَمّدُ مصطفى ﷺ

يا محمد مُصطفىﷺ، تعريف تنھنجي ڇا ڪجي،
تون امام الانبياء، تعريف تنھنجي ڇا ڪجي.

جن، ملائڪ، حورون، پريون، منتظر غلمان ڇا،
تنھنجوعاشق خود خدا، تعريف تنھنجي ڇا ڪجي.

چنڊ سج کي زيب تنھنجي مان، ذري آ جو ملي،
ٻئي تڏھن ٻھڪي ٻريا، تعريف تنھنجي ڇا ڪجي.

تون نگاھہ ڪرم سان، جنھن ڏي ڏسين اکڙيون کڻي،
ٿي وڃي سو اولياء، تعريف تنھنجي ڇا ڪجي.

تو رکيا پنھنجا قدم، جت ھئا اتي جان وفا،
گل ڦٽا ات باغ ٿيا، تعريف تنھنجي ڇا ڪجي.

رب مٺو عالم جو رب، تون رحمت للعالمين،
ٻاجهہ ور خيرالوريٰ، تعريف تنھنجي ڇا ڪجي.

آ ننڌڻڪن کي نوازڻ، مَرڪ تنھنجو مـه لقا!،
واھہ جا تنھنجي وضع، تعريف تنھنجي ڇا ڪجي.

تنھنجي خاطر ئي بڻي ھيءَ ڪائنات آھي سڄي،
تنھنجي صدقي سڀ مزا، تعريف تنھنجي ڇا ڪجي.

ڪوبہ اھڙو لفظ ڪونھي، جو ڪري تعريف ۾،
ھادي! تنھنجو حق ادا، تعريف تنھنجي ڇا ڪجي.

ويا کُٽي وڻ، قلم، ساگر، مس، پنا ڌرتي، فلڪ،
پر نہ ٿي پوري ثنا، تعريف تنھنجي ڇا ڪجي.

آءٌ “عارض” آھيان تنھنجي ديد جو دلبر نبيﷺ،
تون اگهئيندڙ التجا، تعريف تنھنجي ڇا ڪجي.

****


مدح مُحَمّدُ مصطفيٰ ﷺ

سُبحانَ تُنھنجو مانُ، تُنھنجو شانُ مُحَـــمٌـد ﷺ..!!
ٿِيو عرش مٿي آهِين، تون مھمان مُحَـــمٌـد ﷺ..!!

اي شھنشــاھہ دوجهـــــــان، دِلـــــــــدارَ مُصـطفيٰ ﷺ ،
سڀنـــي نبِيــــن جِي سَٿَ جــا، ســــالارَ مُصـطفيٰ ﷺ ،
آن جـو پُنــــو تون عرش تي، پڳـــــدارَ مُصـطفيٰ ﷺ ،
ڪئي خودخدا ڀي تُنھنجـــي، ڀليـڪـــــارَ مُصطفيٰ ﷺ ،
جيــــــڏو مِليــو تو محـب، مھہ لقـــا کــي آ رُتبـــو،
ايـــــڏو مِليــو نہ ڪنھن ڀي، اَنبيـاءَ کــي آ رُتبــــو،
پھتين مڪانَ کان تون لامڪـانُ مُحَـــمٌـد ﷺ..!!
ٿِيو عرش مٿي آهِين، تون مھمان مُحَــمٌـد ﷺ..!!

نالــو بہ اُتـــم تُنھنجــــو، تُنھنــجِــــي ذات اُتـــم آ،
مَحبُــــوبَ اُتـــم تـون ۽ تُنھنــجِــي نعـــت اُتـــم آ،
جِيــوَت سَمُــورِي کان تُنھنـجِـي، درجـــات اُتـــم آ،
بہ تـــوتـــي پــڙھــــي، صَلــــــوات اُتــــــم آ،
جـا تـوکي سَوا لک جِــي، اِمــامــت آ عــــطا ٿــي،
سـا ڪنھن بہ نبـَيءَ کي نہ، سعـــادت آ عطا ٿــي،
گُونجَي پئي تُنھنجي عِشقَ جي آذانَ مُحَـمٌـد ﷺ..!!
ٿِيو عرش مٿي آهِين، تون مھمان مُـحَـــمٌـد ﷺ..!!

گُفتـــارَ جِــي ڪجـــي يــا، ڪِـــردارَ جِـي ڪجــي،
ڇا ڳالـھہ تُنھنجي حُسن جِي، هُٻڪـارَ جِــي ڪجـي،
مهڪايو جـڳ سڄـو ثنــا، مهڪــارَ جِــي ڪجـــي،
آ گهٽ جيڏِي تـعرِيـفَ تــو، سرڪارَ جِـي ڪجــــي،
مولا جــو قســم تنھنجـــو، نہ ڪو مَــٽُ مثــال آ،
باقــي فنـــا هِـڪَ تُنھنـجِـــــي، هَستِـــــي لازوال آ،
گل باغ چمـــن آن تــون، گُلستـان مُحَـــمٌـد ﷺ..!!
ٿِيو عرش مٿي آهِين، تون مھمان مُحَـــمٌـد ﷺ..!!

رُخ پاڪَ جِــي رونــــق رتـا، رُخســـــارَ ڇا تہ هِن،
واسِينگَ ڀي ورڪن هِـــي تُنھنجــا، وارَ ڇا تہ هِن،
نيڻن جِي اهــا نُــــوندَ خَـــنَ، خُمــــارَ ڇــا تہ هِن،
قُدرت جا ڪَيَلَ توکي هِـــي، سِينگــارَ ڇا تہ هِـن،
لـب لالَ ســان هِـــي لـعـــلَ يا، مرجــان ڇا لڳــــي،
ڏندڙن سان ڏاڙهون موتي، يا مـاهـــان ڇا لڳـــــي،
مُرڪِئين تہ ٿِي وِيا شَمَ، شمعدان مُحَـــمٌـد ﷺ..!!
ٿِيو عرش مٿي آهِين، تون مھمان مُحَـــمٌـد ﷺ..!!

ذُلفــن جِــي سِياحِــي سَـــپَ، سَسِيھر ٿِي سھيـڙَي،
وارَن جِــي واسِنـــائِـــــــي، وَسِيھر ٿِي سھيـڙَي،
ڪَچَ ڪَــيسَ جِـــي ڪاراڻ، ڪارِيھر ٿِي سھيـڙَي،
عَينَــن سنـــدِي آذان، اَلِـــيھر ٿِــي سھيـــــــڙَي،
نُورانِـــي نِـرڙ ۽ جـــاڙَي اَبــرُن لئہ ڇـــا چــــــوان،
صُوفِين جي سجدي گـاھ ٿِئي فرض، اِتِ ادا چوان،
رِندَن جِي تون مَنزِل تون ئي، مئخان مُحَـمٌـد ﷺ..!!
ٿِيو عرش مٿي آهِين، تون مھمـان مُحَـــمٌـد ﷺ..!!

ڀرڪِي وڃــي پوئِـتـــي بِيٺــو، بلـڪُـل بَبَــــر ڏِسِي،
ڇِرڪِي وِيو شينھن ڇاتـي، وڏيءَ جِي ويڪَر ڏِسِي،
ڪَيھر ڪُنبِـي سو ڪَڄَ ۾، ڪِــريو قيصـــر ڏِسِي،
ٻَيـلائِــي لِڪِـــي ٻيــلَي وِيـو، سِينَــو سِپَـــــر ڏِسِي،
چِيتَـــــو بہ تُنھنجِـــي چيلھہ تي، چــــالان ٿِي وَيو،
هَنـجهہ، هـاٿــي هَلَڻ تُنھنجـــــي آ حيــران ٿِي وَيـو،
پيا پيـش پالِـــيھر تُنھنجي، پيران مُحَـمٌـد ﷺ..!!
ٿِيو عرش مٿي آهِين، تون مھمـان مُحَـــمٌـد ﷺ..!!

انــگُ انــگُ تنھنجـــو رنــگ، عقـــل دنگُ ٿـو ڪـري،
پـــاٻـــوھُ تــو پــروانـــو ۽ پتنـــگ ٿــــو ڪــــــري،
مُک پـــاڪ تُنھنجـــو مَسـت ۽ مَلنــــگُ ٿــو ڪــري،
انــدر ۾ پيـــدا عِشـــقَ جـي، اُمـنــگ ٿـــو ڪــــري،
ٿِيـا جُنــگ تُنھنجـــي آڏو جهُڪِي، تُنھنجـا دِيـوانــا،
آيــا تــو وٺـڻ ٻاجهہ ٻُڪِــــي، تُنھنجـــا دِيــــوانــــا،
پُربـــاش ڪِيا تـو دِيدَ جا ڏئي، دان مُحَــمٌـد ﷺ..!!
ٿِيو عرش مٿي آهِين، تون مھمـان مُحَـــمٌـد ﷺ..!!

بي نُــور تُنھنجـــي نُــور مـان، پُرنـــــور ٿِـي وَيــــا،
غَــمَ گهُـــورَ کان هئــا چُــور سَــي مَســرُور ٿِي وَيا،
جــي تَلــخ سِتـــم تـــاب کــان، تَنُـــور ٿِــــي وَيـــا،
سَـــي قھر جــا قھرام بـه، ڪافُــور ٿِي وَيـــــا،
هـر اَلَــــمَ کــان آزار کـــان، آزادي مِـــلــي وئــــــي،
تـــو آئَـــي غيـــرآبـــاد کـي، آبــادي مِلــي وئــــــي،
سَيــراب ڪَـــيا صَحِرا تو، سُلـطـان مُحَــمٌـد ﷺ..!!
ٿِيو عرش مٿي آهِين، تون مھمـان مُحَـــمٌـد ﷺ..!!

گُلــشنَ جـو رنــگُ، بُـــوءِ، نِزاڪــــت بہ آ تـوســـان،
شمس و قمر جِي ضِـيائي، ضمانــت بہ آ تــــوسـان،
ماکِــيءَ جِــي هــيءَ مِٺــاس ۽ لــذّت بہ آ تـوســان،
ها! حُسُــن حِـفاظـت بہ نفــاست بہ آ تــوســــــان،
هر مــاڻھو جِي، هر مُلـڪ جِي، هر چِــيزَ جي حـد آ،
پـــر روءِ رمــزَ جِــي نہ، تو رَمِـــيزَ جــي حـــــــد آ،
بــي اَنــت بـي حســاب، تون بَيـانُ مُحَــمٌـد ﷺ..!!
ٿِيو عرش مٿي آهِين، تون مھمان مُحَـــمٌـد ﷺ..!!

تُنھنجـــو نِگــاھِ ڪــرم، جَهِيـــن تي بہ ٿِـي پوي،
مَـدفُـون هُـجَـي مَيٿُ سو، جيئرو ٿِي جِــــي پوي،
مُرڪِيـن، بــي بخــت جــو بــه، مُقَــدّر ٺَـهِي پوي،
بي خيـال، بي مقصد کي، ڪو مقصــد مِلـي پوي،
توکــان ئِــي وَٺِــي وَنــڊَ جــو، ويرهائـيندو وَتَــي،
بِگڙيل سـو ٻِين جا بخت ڀي، بڻــائــينـدو وَتَــــي،
سَڏجَي سچل ڀِٽائِي ڪو، سُلطان مُحَــمٌـد ﷺ..!!
ٿِيو عرش مٿي آهِين، تون مھمان مُحَــمٌـد ﷺ..!!

گُـفتـــارَ تُنھنجِـــــي گُلـقَنـــدِي، رفـتـــــار رَهِــي آ،
هِـــيءَ پــورِي ڪائنــات، ڪري تُنھنجـي ٺَهِــــي آ،
تون جيڪو چَوِين تُنھنجِي، سڄِي ڳالھہ صحيح آ،
هــا! وَحـدتُ الـوَجُــودَ جِــي، تو وٽ ئي وَهِـــي آ،
تَـحرِيــرَ جــو تَفسِــــير جـــو تَعمِـــيرَ جـو مالِــڪُ،
تَعبِـــير جــو، تَــدبِــير جــو، تـقــدِير جـو مـالِــڪُ،
تُــون لــوح قـلـم لَيــک، قلمــدان مُحَـــمٌـد ﷺ..!!
ٿِيو عرش مٿي آهِين، تون مھمان مُحَــمٌـد ﷺ..!!

مُـحبـت نہ کُٽـي ٿِي، تُنھنجِـي شفقت نہ کُٽي ٿِي،
تـعريــف تُنھنجــي لفــظ جِــي، لـــذّت نہ کُٽي ٿِي،
جِـيئن قــادِرَ قُربــدار جِـــي، قُــدرت نہ کُٽــي ٿِي،
جَڳُ ٿـو کُٽـي وڃـي، تُنھنجِـي رَحمـت نہ کُٽي ٿِي،
عـزت نَڪِـي، عظمت نَڪِـي، برڪــت جِي باخــدا،
سرحــد نہ تُنھنجِــي سـونھن، مُرَوّتِ جي باخــدا،
ادنيٰ، اعــليٰ تـي تُنھنـجـو آ، اِحسان مُحَـمٌـد ﷺ..!!
ٿِيو عرش مٿي آهِين، تون مھمـان مُحَـــمٌـد ﷺ..!!

جنھن ڏي بہ کڻـــي نيـــڻ، نھاريو تـو جِــيئاريو،
جنھن جو بہ وٺِـــي نــانءُ، پُـڪاريو تو جِـيـئاريو،
سِڪَ، سَھَٽَ سـان جنھنکي به، سنڀارِيو تو جِيئاريو،
جنھن کـي آ وٺـي ڀـر ۾، ويھاريو تو جِـــــيئاريو،
حِڪمت ڀَرِي حاصل ٿِي وئي، صُحبت جنھنکي تُنھنجِي،
۽ وئـــي مِلـــي مڻيــادار آ، مُحبـت جنھنکي تُنھنجِي،
اِنـســـانُ اُهـو ٿِي ويـــو ذِيـشـــان مُحَـــمٌـد ﷺ..!!
ٿِيو عرش مٿي آهِين، تون مھمـان مُحَـــمٌـد ﷺ..!!

اُلــفت بہ آهِيـــن تُــــون ته، عبــادت بہ آهِين تُـون،
اُنسِيت بہ آهِيــن تُـــون ته، عِـنَـايت بہ آهِين تُــون،
شفقـت بہ آهِيــــن تُــون ته، شَفاعت بہ آهِين تُـون،
قُدرت جي اُتِ ڪمالَ جِــي، اوخـت بہ آهِين تُــون،
توکــان ئِـي ابـتــدا ٿِـــي، انـتھا بہ آ تـــــوتـــي،
پَـڳَ پُــــورِي ڪــائِنــات جِــي، رکِـــي خدا توتـــي،
تُون عِشقَ جِي عَظمت جو آن عُنوان مُحَـمٌـد ﷺ..!!
ٿِيو عرش مٿي آهِين، تون مھمـان مُحَـــمٌـد ﷺ..!!

صُـورت بہ جھڙي تُنھنجِـي، نہ صُـورت آ ڪَهِين جِي،
سِـيرَت بہ جھڙي تُنھنجِـــي، نہ سِيـرَت آ ڪَهِيـن جِي،
فِــطرت بہ جھڙي تُنھنجِــي، نہ فِطـرت آ ڪَهِيـن جِي،
قِـسمت بہ جھڙي تُنھنجِـــي، نہ قِسمت آ ڪَهِيـن جِي،
جِــنَ، حُــورُون، فــرشـتــا بـه، تُنھنجَـــي لاءِ مُنتظــر،
هِــي خلـق ڇــا! خــدا! به، تُنھنجَـــــــي لاءِ مُنتظـــر،
اِهــڙو تُــون اِحـسن آهِــين اِنســانُ مُحَــــمٌـد ﷺ..!!
ٿِيو عرش مٿي آهِين، تون مھمـــان مُحَـــمٌـد ﷺ..!!

سِينگــارُ لِکِــي تُنھنجــو، مــس قــلم آ کُٽِـــي وِيو،
اَلـفــاظَ جـو “اَيُــوبُ” چــوي، دَم آ کُٽِـــــــــي وِيو،
ڌرتي هِــي سَڄو عَرش ڀـي، اَنعــم! آ کُٽِــــي وِيو،
تُنھنجِـــي ثنــا کُٽِــي نہ هــي، عــالَــم آ کُٽِــي وِيو،
تعــريف تُنھنجِــي ڪـائِـنـات کــان بہ اَڳــاهيـــــن،
مخلُــــوق سڄــي ۾ تُنھنجِـي، مــرجات مٿانھيــن،
عظمت جو تُون اَڻکُـٽ آهين، ايـوان مُحَـــمٌـد ﷺ..!!
ٿِيو عرش مٿي آهِين، تون مھمــــان مُحَـــمٌـد ﷺ..!!

منظور علي مھيسر

تعارف

منظور علي ولد الله بخش ولد محمد عثمان ولد محمد صالح مھيسر، سياري جي شروعاتي موسم ۾ الله بخش مھيسر جي گهر ٢٥ نومبر ١٩٥٩ع تي ڳوٺ ڌڱاڻو مھيسر تعلقو ميرو خان ضلعو لاڙڪاڻو هاڻوڪو تعلقو سجاول جوڻيجو ضلعو قمبر شھداد ڪوٽ ۾ ڄائو. جڏهن پڙھہڻ جي عمر کي رسيو تہ استاد واحد بخش مھيسر وٽ قرآن شريف ناظرہ پڙهي پورو ڪيائين جيڪو ڳوٺ جي مسجد شريف ۾ پيش امام هو ۽ ان سان گڏ ڳوٺ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڌڱاڻو مھيسر مان ١٩٧٠ع ۾ پرائمري پنج درجا پاس ڪيائين. اتي جن استادن وٽان فيض حاصل ڪيائين انھن ۾ استاد علي مراد عرف استاد جمن مھيسر، استاد غلام رسول ابڙو، استاد فيض محمد ڀٽو ۽ استاد محمد جمن سومرو سر فهرست آهن. ١٩٧٥ ع دوران گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪوٽ لعل بخش مھيسر مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان بعد ١٩٧٦ع کان ١٩٧٨ع تائين خانگي نوڪري ڪيائين. ان کان بعد ڪوٽ لعل بخش مھيسر ۾ ڪرياني جو دوڪان کوليائين ١٠ ڊسمبر ١٩٧٩ ع تي مسجد اسڪول ٽيچر جو آرڊر ٿيو پھرين پوسٽنگ سرور آباد مھيسر ۾ ٿي جيڪو پنھنجي ڳوٺ کان هڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي. پوءِ پڙهڻ جو شوق ٿيو ۽ ١٩٨١ ع ۾ انٽر خانگي پاس ڪيائين ١٩ مئي ١٩٨٢ ع تي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ فريش پرائمري ٽيچر جو آرڊر ٿيو، هڪ سال گذرڻ بعد روحاني سلسلو بہ الله جي فضل و ڪرم سان حاصل ٿيو۔ جو روحاني رهبر غوث الزمان سخي سادات حضرت قبله سيد غلام حسين شاه بخاري غفاري نقشبندي مجددي نورالله مرقده جن جي مبارڪ هٿ تي نقشبندي سلسله عاليه ۾ بعيت ٿي ۽ حسيني فقير سڏائڻ جو شرف حاصل ٿيو ۽ الله پاڪ کان دعا آهي تہ سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سندس ٻچڙن سان تا قيام ادب جو سلسلو قائم ۽ دائم رکي آمين۔
منظور علي مھيسر جي پرائمري ٽيچر دوران جن اسڪولن ۾ بدلي ٿي انھن ۾ جي پي ايس ڌڱاڻو مھيسر، جي پي ايس حاجي احمد خان جتوئي، جي پي ايس حاجي محمد خان بوزدار، جي پي ايس محمد فاضل مھيسر، جي پي ايس ڪوٽ لعل بخش مھيسر ۽ جي پي ايس جان محمد انڙ سر فهرست آهن.
١٩٨٣/٨٤ع ۾ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج مين لاڙڪاڻو مان پي ٽي سي پاس ڪيائين ١٩٨٦ ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان خانگي طور بي اي پاس ڪيائين۔١٩٨٩ ع ۾ شاه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ايم اي اسلامڪ ڪلچر ۾ پاس ڪيائين. ١٩٩٣ع ۾ ايليمينٽري ڪاليج حيدر آباد مان سي ٽي پاس ڪيائين۔ ١٩٩٤ ع م شاه عبد اللطيف يونيورسٽي خير پور ميرس مان بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيائين ۽
مولوي عربي، مولوي عالم ۽ مولوي فاضل جو امتحان سکر بورڊ مان پاس ڪيائين ١٩٩٨ ع ۾ ايم ايڊ جو امتحان الخير يونيورسٽي آزاد ڄمو ڪشمير مان پاس ڪيائين۔ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي بہ ڪوشش ڪيائين پر يونيورسٽي ۾ مذهبي تضاد سبب اهڙي اميد کان رهجي ويو. ١٩٩٨ ع کان ادب ڏانھن لاڙو ٿيس ۽ پروفيسر سيد گل محمد شاه گل بخاري کي ادبي استاد قبولي نثر جي شروعات ڪيائين ۽ پھريون ڪتاب جنوري ١٩٩٩ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو پھريون جي نالي سان شائع ٿيو۔ ٻيو ڪتاب مارچ ١٩٩٩ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو ٻيو جي نالي سان شائع ٿيو۔ ٽيون ڪتاب مئي١٩٩٩ ع ۾ اسان جو آقا اسان جو رهبر صلي الله عليہ و آلہ وسلم شائع ٿيو۔ چوٿون ڪتاب ڊسمبر ٢٠٠٠ ع ۾ اسان مسلمان ڪيئن آهيون شائع ٿيو۔ پنجون ڪتاب نومبر ٢٠٠١ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو ٽيون جي نالي سان شائع ٿيو۔ ڇهون ڪتاب مئي ٢٠٠٢ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو چوٿون جي نالي سان شائع ٿيو۔ ستون ڪتاب ٢٠٠٢ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو پنجون جي نالي سان شائع ٿيو۔ اٺون ڪتاب ٢٠٠٢ ع ۾ الحسيني جي نالي سان شائع ٿيو۔ نائون ڪتاب اپريل ٢٠٠٥ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو ڇهون جي نالي سان شائع ٿيو۔ ڏهون ڪتاب اپريل ٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامه ضلعو خير پور ميرس لکيو۔ يارهون ڪتاب آگسٽ ٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامه ضلعو دادو لکيو۔ ٻارهون ڪتاب ٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامه ضلعو سکر شڪارپور لکيو۔ تيرهون ڪتاب ٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامه ضلعو نوشھرو فيروز لکيو ۔ چوڏهون۔ ڪتاب٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامه صوبہ پنجاب لکيو۔ مئي ٢٠٠٦ ع ۾ سجاول جا سگهڙ پندرهون ڪتاب لکيو۔ سورهون ڪتاب سوکڙي ٢٠١٢ ع شائع ٿيو ۔ سترهون ڪتاب اپريل ٢٠١٣ ع ۾ گڏيل گل گلاب جا شائع ٿيو ۔ارڙهون ڪتاب سوکڙي ٢٠١٧ ع شائع ٿيو۔اوڻيھون ڪتاب۔ سوکڙي ٢٠١٨ ع شائع ٿيو۔ ويھون ڪتاب۔ جنوري ٢٠٢٣ ع ۾ جاني جدا ٿي ويا شائع ٿيو۔ايڪيھون ڪتاب مارچ ٢٠٢٣ ع ۾ جيئن ڏٺو مون جانبن کي شائع ٿيو۔ ٻاويھون ڪتاب جون ٢٠٢٣ ع ۾ خيال ملن خيالن سان تہ منزل آسان آ۔ شائع ٿيو۔ ٽيويھون ڪتاب ڊسمبر ٢٠٠١ ع ۾ امن شائع ٿيو۔جوڪجهہ ٢٠٢٣ ع ۾ چوويھون ڪتاب شائع ٿيو۔ڪيئن قرب ڪندا ها ڪامل محبت وارن مريدن سان۔ هاڻي پنجويھون ڪتاب تي ڪم ھہلندڙ آهي جڙيا رهن جڳ ۾۔ سگهڙائپ جي فن م سندس استاد آهي سگهڙ عبد الرحمان مھيسر۔ هن وقت حمد، نعت، ڏور بيت، آجيان جا بيت، منقبت، رباعي تي طبع آزمائي ڪري چڪو آهي سماجي ڪمن ۾ بہ جيڪي ڪم ڪيائين آهي هي آهن حسيني ويلفيئر ايسوسيئيشن ۾ ٻہ سال جنرل سيڪريٽري ۽ ٻہ سال صدر رهيو۔تعلقو ڪوآرڊينيشن ڪائونسل سجاول جوڻيجو ۾ ڏھہ سال جنرل سيڪريٽري رهيو۔ مھيسر سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن مسوا ۾ ويھہ سال جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ پاڪستان سوشل ايسوسيئيشن جو تا حيات ميمبر آهي۔ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جو پڻ ميمبر آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ جڙيو چانڊيو جو ميمبر آهيءِ ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو سان سال کن کان پڻ وابستا آهي۔ ۴ جوڪجهہ ٢٠١١ ع تي ايڇ ايس ٽي گريڊ سورهين ۾ پرو موشن ٿيو ۽ هاءِ اسڪول ڪوٽ لعل بخش مھيسر مان ٣١ آڪوبر ٢٠١٨ ع تي رٽائر ٿيو۔ ڪجهہ وقت پنھنجو پرائيوٽ اسڪول بہ کوليائين۔ پوءِ اهو بند ڪري ١٥ جنوري٢٠٢٢ ع تي لاڙڪاڻي ۾ لڏي آيو ۽ شيخ زيد ڪالوني ۾ گلوبل سائنس ڪاليج ۾ پڙھہائي ٿو۔١٩٧٤ ع ۾ نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هو تہ ان وقت شادي ٿي هئي ۔اولاد ۾ ڇھہ پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون انھن ۾ ٻہ پٽ وفات ڪري ويا هڪ عبد التواب ۔ ٻيو الله بخش ۔ هن وقت چار نياڻيون ۽ چار پٽ آهن پھريون عبد الو حيد ٻيو عبد الصمد ٽيون عبد التواب چوٿون دربان علي مھيسر شامل آهن۔ سندس جذبا اڃا تائين جوان آهن الله پاڪ کيس علم، ادب، ڏات ۽ ڏاهپ ۾ اڃا بہ واڌارو فرمائي. (آمين ثُم آمين)

مَدح

آقا جو شان ڇاھي، رحمان کان پڇي ڏس،
الحمد کان والناس تائين، قرآن کان پڇي ڏس.

نہ ڪو حسين ڏٺو آ، نہ ڪنھن ماءُ ڄڻيو آ،
عاشق ازلي اھڙي، حَسان کان پُڇي ڏِس.

صادق ۽ امين جهڙن، لقبن سان نوازيا،
جاني دشمن اھڙي، مھمان کان پڇي ڏس.

جابر جھڙي عاشق، ڪئي آ دعوت صادق،
وريا ڪيئن ٻچڙا نازڪ، ان جوان کان پڇي ڏس.

عقل دنگ رھجي، وڃي ٿو “مھيسر”،
گهرائي عرش تي عربي، ان سلطان کان پڇي ڏس.

****

مَدح

يا محمد مُصطفىﷺ، سھڻو سردار تون آھين،
اڙين ۽ اٻوجهن جو، آقا آڌار تون آھين.

چنڊ کي ٻہ اڌ ڪرين، وس وارو آھين،
ويل سج کي واپس، ڪندڙ نروار تون آھين.

گلا جيڪو ڪري ٿو، ٻڌين پاڪ ڪنن سان،
پيار ڏئي پنھنجو ڪرڻ، وارو پڳدار تون آھين.

ضعيفن جو ضامن، يتيمن جو حامي،
روئندن کي پرچائي، ڏيندڙ پيار تون آھين.

“مھيسر” کي مصيبت ۾، ڏسي سھي ڪون سگهين،
“حسيني” جو ڀر جهلو، مددگار تون آھين.

****

ارشاد علي عرضائي

تعارف

سگهڙ ارشاد علي عرضائي 02 اپريل1965ع ۾ عرضي ڀٽو تعلقہ سجاول جوڻيجو ضلع قمبر شھدادڪوٽ ڄي هڪ ڏاهي ڏات ڌڻي سالڪ سگهڙ حبيب الله “حبيب”مڱڻھار جي گهر۾ اک کولي پڙهڻ جي عمر ۾ آيو ڳوٺ جي مين پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو پرائمري تعليم ۽ناظرہ قرآن شريف پڙهائڻ ۾ سندس پُڦڙ استاد تاج محمد مڱڻھار محنت ۽ جفاڪشي سان پڙهائي مڊل اسڪول ڏانھن روانو ڪيو مڊل تعليم ۾ ڪلاس ٽيچر سائين عبدالمجيد ڀٽو {ڳاڙهو} هيو مڊل تعليم کان پوءِ عرضي ڀٽو ۾ سھولت نہ هجڻ ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميروخان ۾ {1979ع دوران} داخلا ورتي اتي بہ ڪلاس ٽيچر سائين علي مراد تونيه ۽ سائين حاجي نواب علي ويسر {ابڙو رتوديرو وارو} بھترين استاد هئو جن دلچسپي سان تعليم ڏني اتان {1980ع دوران} ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ بيروزگاري ۽ غربت سبب سندس بابي سائين طرفان کيس مامي عيد محمد {عيدن} مڱڻھار وٽ درزڪي ڪم سکڻ ڪجهہ ويھاريو.
ارشاد علي 1982ع ۾ سگهڙائپ ڏانھن وک وڌائي۔ سگهڙائپ ارشادعلي عرضائي جي مؤروثي ملڪيت هئي ڇاڪاڻ تہ هن جو پڙڏاڏو لعل ڏنو ان وقت جو بھترين ڏاهو سگهڙ هو ۽ شاه عبداللطيف ڀٽائيرح جي رسالي جو پارکو ۽ حافظ هو ۔ شاھہ سائين جو بيت/وائي جڏهن ترنم ۾ ڳائيندو هو تہ ٻڌندڙن جي مٿان وجد طاري ٿي ويندو هيو ان کان سکيا ورتي عرضائي جو پڙنانو الله ورايو جيڪو بہ بھترين ڏاهو سگهڙ ۽ڪچھرين جو مور هوندو هيو۔ان کان وري بابي سائين حبيب الله”حبيب” سکيا ورتي، اهڙي طرح اها ڏات منتقل ٿيندي ڀائرن وٽ پر اهي نروار نہ ٿيا ۽ ان کان پوءِ جڏهن عرضائي وٽ اها ڏات پھتي تہ هن گهر ۾ رکڻ بجاءِ نروار ڪري ڇڏي ۔سگهڙحبيب الله “حبيب” جي جيڪا شاعري ملي سگهي اها سھيڙي سائين منظور علي مھيسر حسيني جي ڪتاب “گڏيل گل گلاب جا” ۾ ڇپرائي.
ارشاد علي کي ان وقت جي آرپي{RP}ريسورس پرسن بدرالدين مڱڻھار جيڪو ارشاد علي عرضائيءِ جو سؤٽ پڻ آهي جي ڪوشش سان {MST} مسجد اسڪول ٽيچرجو ڪانٽريڪٽ تي آرڊر مليو ۽ هن 16اپريل1986ع۾ ڳوٺ الھرکيو جويو{محمد صديق سناڻي}۾ پھرين جوائننگ ڪئي۔1995ع۾ PTC پاس ڪري PSTپڪو سرڪاري ملازم ٿيو2000ع۾ انٽرپاس ڪئي۔اڳ۾ ذڪرڪري چڪو آهيان تہ سگهڙائپ مؤروثي ملڪيت هئي ان ڪري اها ڏات هلندي اچي ارشادعلي عرضائي جي سر جو تاج بڻي۔هونءَ تہ ڳوٺ جا جهونڙاسگهڙ استاد علي حيدر ڀٽو۔عبدالغفورڀٽومرحوم غلام محمد{غلام}ڀٽومرحوم درمحمد درل لانگاه غلام قادر{غلام گڙو}مرحوم سدورو ٿھيم عرضائي جو وڏو ڀاءُ اختيار احمد ۽ٻيا شامل هئا جن سان بہ {عرضائي}ڪچھريون ڪندو هيو۔ پر 1980ع جي پوئين ڏهاڪي ۾ جڏهن استاد غلام ڪبير بليدي {لولائي} لڏي اچي پاڙيسري ڳوٺ بھادر ڀنڊ ۾ صوبيدارسرائي علي حسن ڀنڊ جي زمينن تي ويٺو۔عرضي ڀٽو ۾ اچڻ ڪري عطار هيو ۽ خريدارن کي ڳولي لڌوجن جا نالا مٿي ڄاڻايل آهن ۔پر ارشاد عرضائي سان سندس پيچ پختا ٿي ويا۽ شاگردي قبول ڪري پٽيلو بنجي ويو۔هن کي استاد جي مدد مھرباني اڀل آسرو ۽ دعا تمام گهڻي هئي (ڇوتہ استاد بہ ڏات ڌڻي۽ بھترين سگهڙ هيو) وري سنڌسگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” ۾ شموليت سان زندگي ۾ اڃان نکار اچي ويس. سندس لوڪ ادب شاعريءَ جو ڪتاب “عشق امر ذات” 16 ڊسمبر 2018ع ۾ ڇپيو اڄ جيڪو ڪجهہ بہ آهي اهو استاد غلام ڪبير بليدي۽ سنڌسگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” جي صحبتي سنگت جي ڪري آهي الله پاڪ اڃان بہ کيس علم۔ادب ۽ سگهڙائپ ۾ واڌارو ڪري . (آمين)

مَدح

ڪيان تعريف ڪَران سھڻي سرور دي، جنھن دا افضل اعليٰ شان اي،
جنھن دي ڪيتي رب ني جوڙيا جملي ڪل جهان اي.

سڀ نبيان دا بڻ سلطان آيا، اسان امت تي ڪَرڻ احسان آيا،
ڪمزور قافلي دا ڪاروان آيا، ٻوليندڙ اسان ڏي قرآن آيا،
عزت احترام سڻاوڻ عربي دي، آيا فيض ڀريا فرقان اي.

امام الانبياءَ تي ختم المرسلين هي، شافع محشر تي سيدالثقلين هي،
قرة العين تي راحت العاشقين هي، نان محمدﷺ تي لقب صادق امين هي،
ڪانھي طاقت زبان وقلم ڪون بيحد بالا بيان هي.

والضحيٰ واليل دا قسم چاوي، نيڪي ڪرڻ وچ من ڪونہ پيا ڍاوي،
حضرت موسيٰ نان پيا طورتي الاوي، ول اپڻي محبوب ڪون پيا عرش منگواوي،
اٺاره سال رهيا اٿان مولامي زبان تي محبوب مھمان اي.

مزمل مدثر دي پاندا پوشاڪ اي، مالڪِ ڪوثر تي واليءِ لولاڪ اي،
بلند بالا برتر عربي دا اخلاق اي، پکي جيت انسان حجر شجر مشتاق اي،
عطر مشڪ عمبر بہ آ ڪي منگدي اٿان دان اي.

جڏان سمجهہ آئي سڻيا مين نان اي، تڏا ڪون رکيا مين حبيب وچ ھان اي،
محبوب منور ميڏا شافي ڇپر ڇان اي، “عرضائي” احمد دا سگهڙ ثناخوان اي،
ديدار درشن جي ٿي وڃي پِڇي“ارشاد” ٻھون احسان اي.

****

مَدح

افضل درجو الله ڪيو، محبوبَ مھربان جو،
عقل ڪم ڪاٿي ڪندو نينھن بنا نادان جو.

سوا لک انبياءَ کان سرس عظمت عربيءَ جي آاتم،
دين اتم، درجا اتم، عزت عربي جي آ اتم،
صلوات سلام تي جيڪا ملي سا رحمت تسبيح جي آ اتم،
قرآن فضيلت ۾ نازل ٿيو الحمد کان والناس تائين،
جنھن بہ جاني جي دامن جهلي ان کي پرور ڪيو آ پاس سائين،
اهو قرب اسان تي ئي آ ڪريم نبي سھڻي سخي سلطان جو.

معراج تي مرسل ويو هلڻ رات ڏينھن جو رڪي ويو،
سفرجو ساٿي ساڻ هو سو ماڳ انھي تي مُڪي ويو،
حورن ملڪن جو حبيب آڏو جلدي سر جُهڪي ويو،
آمھون سامھون ڪريم سان ڪريم جي ڪچھري ٿي وئي،
روح رهاڻ ۾ رات هڪ ١٨هن ورهين جي گھَرِي ٿي وئي،
نہ پوش نہ پردو هو مھمان لاءِ ميزبان جو.

ڪيڏي تہ سڪ هئي سلمان کي جو ٻھڳُڻ ٻُھاري ڏيندو وتي،
باري بره هو بلال کي جو تتل واريءَ تي پچندو وتي،
درڪار هيس ديدار جي تڏهن پيو غار۾ نانگ گهمندو وتي،
سڄڻ سائين سڪ وارن لاء ڇپر ڇانوَ ٿي آيو آ،
عاشقن سان پاڻ عاشق هي پنھنجو معشوق ملايو آ،
اها اسپيشل مھرباني الله جي آ جنھن قدر ڪيو آ محبوب جي مستان جو.

آڱر اڀي ڪري چنڊ ڏي دلبر پيو ان کي ڌار ڪري،
اشارو ملي جي ان پٿر کي پاڻي پکيءَ جيان پيو پار ڪري،
ٿورو پري ٿئي جي ان ٿُڙَ کان پرين تہ ڳوڙهن جي ڳلن تي پيو هار ڪري،
ايڏي شناس اٻوجهن کي جو پيا سھڻي نبي جي سڃاڻ ڪن،
حيرت آ، هِنَ مسلمانيءَ تي جو پاڻ جھڙو ٿا عربيءَ کي اڻڄاڻ ڪن،
جنھن جي ڪري ڪائنات جُڙي هو گستاخ بہ ان عاليشان جو.

قدم رکن جي ڪريم ڪاٿي تہ پٿر بہ پير چمندا وتن،
جبل وڻ جانور بہ جلوو پسي جاني اڳيان جهڪندا وتن،
پيزار چمڻ لاءِ پرديسي عرش ٿا سڪ ۾ سڪندا وتن،
سڪ محبت سڀني جي پھچي پرين پوري ڪئي،
عشق وارن کان “عرضائي” چوي دلبر نہ ڪڏهن دُورِي ڪئي،
مرتبو مٿاهون ٿي ويو محب ڪري هيٺ زمين ۽ مٿي آسمان جو،
افضل درجو الله ڪيو آمحبوب مھربان جو،
عقل ڪم ڪاٿي ڪندو نينھن بنا نادان جو.

****

مَدح بنا نقطي بيت

همسرمَ ڪو مرسل، اڪرم اطهر مَحَمَّدُﷺ آ،
گل گوهر گهڻو ڪَمِ آ، سھڻو سراسر مُحَمَّدُﷺ آ،
راحم رکوال محد لحد، و در گهر مُحَمَّدُﷺ آ،
آهم سھارو مرسل وارو، اصل آهر مُحَمَّدُﷺ آ،
ڪل عالم سرا ڪامل، ڪرم ڪڪر مُحَمَّدُﷺ آ،
سوا سھڻل مَ ڪو ڪم آ، اسم دل هرهر مُحَمَّدُﷺ آ،
مڪمل عمر ساراه لک مگر اعليٰ امر مُحَمَّدُﷺ آ،
موڪل درود وسلام صدوار مسلم، سھڻو سرور مُحَمَّدُﷺ آ.
دلدار دلاور مُحَمَّدُﷺ آ، آ سھڻل سام “عرضائي” ادا.

****

عاجز عبدالحميد جت

تعارف
نالو : عاجز عبدالحميد جت
پيءُ جو نالو: بھولا
پيدائش جي تاريخ: 02 فيبروري 1995ع
تعليم : ميٽرڪ
ادبي فن جي شروعات: 2009ع
ادبي استاد: عاجز رحمت الله لاشاري
ڪو ڇپيل ڪتاب: جهونڪا پورب واھہ ۾ گڏيل شاعري
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: روزاني چنڊ نيوز ڪراچي
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: جهونڪا پورب واھ جا
پورو پتو: حاجي نور محمد ورڪ ديھہ گوپالو نئون دمبالو تعلقو ماتلي ضلع بدين
موبائل رابطہ نمبر: 03000367604

مَدح

آقا اسان جو آھي شان وارو،
مٺڙو محمدﷺ وڏي مان وارو،

اسان لاءِ بڻجي آيو سھارو، ڏيارڻ گناهن کان ڇوٽڪارو،
کڻي معجزو آيو، قرآنَ وارو. مٺڙو محمدﷺ وڏي مان وارو،

رب سائين جوڙِي، ڪائنات جنھن لئه، جِنَ، مَلَڪَ، ماڻھو، ڏينھن رات جنھن لئه،
ڪيو سير جنھن آ، لامڪانَ وارو، مٺڙو محمدﷺ وڏي مان وارو،

سائين ڪُل نبين جو سردار آھي، مڙين انبيائن جو مهدار آھي،
ڏسي ڏيھہ آيو، آسمانَ وارو، مٺڙو محمدﷺ وڏي مان وارو،

اسان تڏ پيا “عاجز” لک شُڪر ڳايون، اسانجي مٿان ٿيون، بيحد ڀلايون،
اسان دڳ آ ورتو، فُرقانَ وارو، مٺڙو محمدﷺ وڏي مان وارو،

****

ميرحسن ملڪ

تعارف

نالو : ميرحسن
پيءُ جو نالو: عبدالڪريم
ذات: ملڪ
پيدائش جي تاريخ: 12 مارچ 1991ع
تعليم: انٽر
ادبي فن جي شروعات: 2012ع
ادبي استاد: سگهڙ محمد صادق ملڪ
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، هنڌ ميان جو ڳوٺ، تعلقو خانپور ضلع شڪارپور، سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)بھار ٻرڙو ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، هنڌ ڳوٺ بھار علي بھار ٻرڙو، لڳ ميرپور ٻرڙو، مڃتا ايوارڊ سرٽفڪيٽ علمي ادبي ثقافتي ميلو راڳ رهاڻ ۽ گلن جي نمائش، هنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌ ڪوٽ ڪرڪيٽ اسٽيڊم سنڌ سگهڙ لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم (سلات) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ سنڌي لوڪ ادب ڏھاڙو تقريب ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ ۽ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب (سلات) جي گڏيل ڪاوشن سان منعقد ڪيل ايوارڊ سرٽيفڪيٽ جشنِ بھار سرٽيفڪيٽ، سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: ماهوار رسالو ويجهار ڪراچي ، ماهوار سمنڊ رسالو ڪراچي
پورو پتو: ڳوٺ مير مھراڻ خان بجاراڻي (ڏياڻي)ضلع ڪشمور، تعلقہ تنگواڻي، پوسٽ آفيس ڪرمپور، واٽس اپ نمبر: 03022613312 اي ميل : mirhassan214@gmail.com

نعتيہ مداح

پرور ٺاهي آ پيارا، ڪائنات تنھنجي صدقي،
سج چنڊ ستارا ٿي آ، پرڀات تنھنجي صدقي.

انسان شرف وارو اعليٰ مرتبو آ ماڻيو،
مخلوق ۾ مڙين کان بالا مرتبو آ ماڻيو،
ڏاتر ڏنو آ ڏينھن ۽، ٺھي رات تنھنجي صدقي.

جنت ۽ حور غلمان، ٻيون نعمتون هزارين،
ارض و سما سمنڊ ٿيا، ۽ برڪتون هزارين،
مٺڙا مليا هي ميوا باغات تنھنجي صدقي.

غنچا ۽ گل ڦل ٿيا، جٿ ڪٿ ٿيون بھاريون،
ساوڪ ۽ سونھن سرس هِتِ ھُتِ ٿيون بھاريون،
پکڙين ۾ پيار واري آلات تنھنجي صدقي.

هڪ “مير حسن ملڪ” ڇا، سنسار آ ثناگر،
مون بي جهلي آ جهولي، سگدر آھيان پيناگر،
الله ڪيو احسان آ، ڳائي نعت تنھنجي صدقي.

****

عاشق حسين “عاجز” تنيو

تعارف

نالو: عاشق حسين
تخلص: “عاجز”
پيءِ جو نالو: واحد بخش.
ذات: تنيو
پيدائش جي تاريخ: 25 فيبروري 1981ع.
تعليم: ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان گريجوئيشن ۽ ايل ايل بي خيرپور ميرس يونيورسٽي مان.
فن جي شروعات: 1996ع
ادبي استاد: استاد ناظم منگي

ڇپيل ڪتاب:
(1) “احساس ختم ٿي ويو” ڪنول پبليڪيشن قنبر. سال …………2006
(2) “جهونڪو هوا جو آهيان” مرڪ پبليڪيشن ڪراچي. سال …………2022
ريڊيو ٽي وي پروگرام: سنڌ ٽي وي مارننگ شو ۾ ٻہ ڀيرا ۽ ڪي ٽي اين عيد مشاعري ۾ هڪ ڀيرو شرڪت.
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: سچ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ ڪراچي ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ هالار ڊائجسٽ ۽ مختلف پليٽ فارمن تان.
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر يا ڪا تخليق: (رسالي يا ميگزين جو نالو لکو) سنڌ رنگ، هالار ڊائجسٽ، هزار داستان، هفتيوار سنڌو ڊائجسٽ، پندرهن روزه عبرت مئگزين، ڪاوش ميگزين، امرتا ميگزين، نئين زندگي رسالو، پيپلز ٽائيمز، سنڌ رويو، وغيرہ وغيرہ
پورو پتو: تنيا هائوس آپوزٽ ايگريڪلچر ايڪسٽينشن آفيس ويجهو تعلقہ اسپتال ميھھڙ ضلع دادو سنڌ پاڪستان.
موبائل رابطہ نمبر: 03003982959 واٽس اپ نمبر: 03003982959
اي ميل: aajizashiquetunio@gmail.com.pk
فيس بڪ آءِ ڊي ڪھڙي نالي سان آهي: Ashique Hussain Tunio
سوشل ميڊيا پيج: غزل سنڌ.

مَدح

تُنھنجي آمد سان دُنيا ۾، وڏي ٿي روشنائي آ،
خُدا جا کوڙ ٿِيا اَحسان، جَنھن دُنيا بنائي آ.

اُتر، اولھہ، ڏکڻ، اوڀر، سڀن طرفن ۾ رحمت تون،
يتيمن بي سھارن سان، اوھان کان ٿي ڀلائي آ.

نبي محبوبَ مولا جا، خدا ٿئي نور مان خلقيو،
اوھانجي ئي تہ صدقي ۾، خدا عظمت وڌائي آ،

عطر کان وڌ پگهر تنھنجو، نہ ئي تنھنجو ٺھي پاڇو،
تنھنجي عظمت لکين نبين، کان وڌ مولا ٻڌائي آ.

ڪُفر جي رات ڪاريءَ کي، مٽائڻ تون ھليو آئين،
سگهاري تنھنجي دعا آھي، نہ دنيا ۾ ٻي ڪائي آ.

حشر ويلي قبر ويلي، تون لھجان سارَ “عاشق” جي،
سَھارو تُنھنجو ئي آهي، عمل جو تِرُ نہ پائي آ.

صادق علي ملڪ

تعارف
نالو: صادق علي
پيءِ جو نالو: الله ڏنو
ذات: ملڪ
پيدائش جي تاريخ:
پھرين جون 1973ع.
تعليم : B A
فن جي شروعات: 1989ع.
ادبي استاد: سگهڙ گل حسن “گل” ملڪ
ڇپيل ڪتاب: “سچا ٻول صادق جا”
شائع ٿيل شاعري: حافظ الملت سيريز 5، “سھڻل جا سينگار”، شان مصطفيٰ نعتيہ ڪتاب ۾ شاعري، ”786 ڏات ڌڻين جي ڪلام ۽ احوال تي مشتمل سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري ۾ شاعري ۽ تعارف ڇپيل آهن. ريڊيو ٽي وي پروگرام: پي ٽي وي، آواز، مھراڻ، ڪي ٽي اين. سنڌ ٽي وي سميت مختلف ڇينلز تي پروگرام رڪارڊ ٿيل آهن.

مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ:
(1) سنڌ هارس ۽ ڪيٽل شو 1995 جيڪب آباد پاران ادبي سب ڪميٽي جيڪب آباد ڪل سنڌ سگهڙ ڪچھري جي موقعي تي مڃتا سرٽيفڪيٽ هنڌ مھراڻ هال جيڪب آباد
(2) حضرت لال شھباز قلندر جي عرس جي موقعي تي 2008 شھباز ميلا ڪميٽي سيوهڻ طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ
(03) سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم ايوارڊ سرٽيفڪيٽ حضرت سيد موريل شاھہ بخاري سگهڙ ڪانفرنس 08 نومبر 2011 هنڌ ڳوٺ ٺٺ سولنگي لڳ دليپوٽا ضلع نوشھرو فيروز
(04)صوبائي سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 20 ڊسمبر 2011 هنڌ ميرپور ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد
(05) سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم (سلات) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن 08 سيپٽمبر 2012 ڄامشورو.
(06) سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 23 مارچ 2013 استاد سگهڙ محمد صيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ هنڌ ميان جو ڳوٺ تعلقہ خانپور ضلع شڪارپور سنڌ
(07) سنڌ بلوچستان لوڪ ادب ميلي جي موقعي تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 05 آڪٽوبر 2013 هنڌ سنڌ الاجي ڄامشورو
(08) لوڪ ادب مقابلا سگهڙ ڪانفرنس جي موقعي تي سدا حيات سگهڙ لال فقير ڪورار يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 13 ڊسمبر 2014 هنڌ ڳوٺ علي اڪبر ڪورار لڳ مبارڪپور ضلع جيڪب آباد
(09) بين الصوبائي لوڪ ادب ڪنوينشن سکر فقير هدايت علي رڏ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 11 اپريل 2015 هنڌ ٽائون هال روهڙي ضلع سکر
(10) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) مڃتا سرٽيفڪيٽ 09 اپريل 2016 هنڌ مرڪزي دفتر سيد آباد ڪالوني ڄامشورو
(11) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) بھار ٻرڙو ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 13 فيبروري 2021 هنڌ ڳوٺ بھار علي ٻرڙو لڳ ميرپور ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد
(12) ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ علمي ادبي ثقافتي ميلو راڳ رهاڻ ۽ گلن جي نمائش مڃتا ايوارڊ 2021 پاران آرٽس ڪائونسل ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ
(13) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) 16 ڊسمبر 2023 سنڌي لوڪ ادب ڏهاڙو تقريب اعزازي مڃتا سنڌ هنڌ ميان جو ڳوٺ

مليل ايوارڊ:
گريجوئيٽ سگهڙ ايوارڊ 2016 ڊاڪٽر بلوچ گريجوئيٽ سگهڙ ڪانفرنس هنڌ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ان کان سواءِ ڪجهہ مڃتا ميڊل پڻ مليل آهن.
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: ماهوار پورب رسالو ڪراچي، ماهوار السنڌ اسلام آباد، ماهوار وينجهار حيدرآباد، ماهوار سنڌ دوست ميرپور ماٿيلو، ماهوار نئين آس شھدادڪوٽ، ماهوار سمونڊ ڪراچي، ماهوار نئون چنڊ ڊکڻ، سگهڙ سماچار ڄامشورو، سڪار ڊائجسٽ ڪراچي، ماهوار الراشد پير جو ڳوٺ، عبرت ميگزين حيدرآباد.
مختلف اخبارون: ڪاوش ڪوشش خبرون سڪار پاڪ سنڌ روزانہ ايڪسپريس عوامي آواز، سوڀ وغيرہ.
سنڌ جي مايہ ناز نعت خوانن جا نالا جن شاعري ڳائي آهي: حاجي عبدالحق طاهري ميھڙ، حاجي گل محمد مھرگهوٽڪي، حاجي خان محمد چاچڙ گهوٽڪي، عبدالرحيم عزمي شاعر و نعت خوان پنوعاقل، عاجز رحمت الله لاشاري ڄامشورو، قربان ناريجو ۽ بدر الدين سومرو لاڙڪاڻو، بيدار بخشل چانڊيو ۽ علي شير حيدري لاڙڪاڻو، صداقت علي مھر ميرپور ماٿيلو، روشن علي مھر ميرپور ماٿيلو، عبد المجيد عباسي، نواب علي چاچڙ گهوٽڪي، صالح محمد سومرو ڏهرڪي، عبدالوحيد عالماڻي پنوعاقل، امام بخش عجمي گهوٽڪي، ڪريم بخش ملڪ ڪرمپور، اختر علي راڄپر ۽ حافظ ممتاز علي، محمد قاسم رضا قادري اوٻاوڙو. حافظ و قاري عبدالغني کوسو، ڀورل فقير قادري بخشاپور، عبدالسميع چاچڙ ڪنڌڪوٽ، عامر منظور سولنگي بخشاپور، هزارو فقير قادري ميرپور ماٿيلو، خيرالدين انڍر پنوعاقل، خان محمد ۽ فاروق احمد چاچڙ پنوعاقل، خالد حسين گلال ڳاڙهي موري، محمد اسلم مھر ٺل، برڪت علي نصيراڻي ٺل، عبدالمجيد قادري ڪشمور، عبدالنبي بنگلاڻي انڙواھہ ٺل، حافظ محمد علي کوسو باهو کوسو، عبدالله ڏاهاڻي تنگواڻي، محمد محسن قادري ٺل، حافظ محب علي قادري، محمد يعقوب اوڍاڻو ڪرمپور، صدرالدين نصيراڻي ڪرمپور، مرحوم موسن فقير نصيراڻي ڪرمپور، غلام عباس چولياڻي نواب شاھہ، ميرحسن ملڪ ۽ معشوق علي ملڪ ڏياڻي، الطاف حسين چولياڻي ڏياڻي، الله بخش ملڪ ڏياڻي، دلبر علي قادري، محمد مريد ملڪ ڏياڻي، فنڪار مريد علي ملڪ شڪارپور.

پورو پتو: ڳوٺ مير مھراڻ خان بجاراڻي(ڏياڻي) پوسٽ آفيس ڪرمپور، تعلقو تنگواڻي ضلع ڪشمور
موبائل رابطہ نمبر: 0315-3502197 فيس بڪ آءِ ڊي: Sadique Ali Malik

مَدَح

هلي شام وصبح پيو، جنھن جو ذڪر.
اهو مٺڙو محمدﷺ سھڻو نبي، محبوب خدا جو آ دلبر.

پکي پرندن جيت جڻين ۾، ماڻھو ملائڪ وڻن ٽڻن ۾،
ثنا سڄڻ جي آ جاري ۽ ساري، وقت ناهي ڪوئي مقرر.

ٿرن برن ۾ لاتِ نبي آ، ڏينھن ھجي يا رات نبي آ،
فرش فلڪ ۾ صلي الله پڙھي، ڪوئي ڪراچي تہ ڪوئي سکر.

جيئن حسان ويو ڳائي سدائين، سائي ثنا هلندي قيام تائين،
سھڻا ثناگر سنڌڙيءَ ۾ ويو، ڳائي غلام النبي مھيسر.

جُهڙ ڦُڙ ميگهہ ملھارن ۾ آ، ثنا سھڻل جي ستارن ۾ آ،
شمس و قمر قربان وڃن ٿا، چانڊوڪين ۾ آھي پچر.

“صادق ملڪ” سبحان الله چئو، شڪرِ خدا الحمدُلله چئو،
اهڙو مليو محبوب محمدﷺ، جنھن جو ثناگر آ پرور.

****

مَدَح

يا محمد مصطفىٰﷺ، توتي صلواتون ۽ سلام.
سڏ ٻُڌي يا سيّدي رس، آھيون گندڙا غلام.

وقت مشڪل ۾ مدد ڪر، يا شفيع المذنبين.
ڇوتہ ڪنڙن ڪوجهڙن تي، تنھنجي شفقت آ تمام.

رب العالمين، تون رحمت العالمين،
تنھنجي سايئه رحمت مان، ملندو عاصين کي انعام.

خالي آ جهولي جهلي ڀر، يا نبي تون،
بي وڙو بدڪار آھيان، تنھنجي مان دام.

هيءُ صدا “صادق ملڪ” جي، آ تنھنجي چائٺ چمان.
آس اڻ تڻ آ اندر ۾، يا نبي خيرالانام.

****

مَدَح

وهواھہ محمدﷺ، تنھنجو شان نرالو،
الله ڏنو توکي آ، قرآن نرالو،

لولاڪ لما جو آ مليو، مرتبو توکي،
تون صاحبِ سلطان، حڪمران نرالو.

عرش معلىٰ تي، توکي موليٰ گهرايو،
اهڙو نہ مليو ڪنھن کي آھي مان نرالو.

هت بہ حڪومت تنھنجي، عرشن تي بہ آھي،
جبرائيل جھڙو جوان آ، دربان نرالو.

سو الک نبي تنھنجا، ٿيا مقتدي سارا،
تنھنجي امامت لئہ ٿيو، اعلان نرالو.

ناهي طاقت ڇا ڪيان، تعريف مان تنھنجي،
صدقي وڃان “صادق”، آ ثناخوان نرالو.

****

نعتيہ مَدح

قدرت جي نظارن ۾، نالو محبوب تنھنجو آ.
سج چنڊ ۽ ستارن ۾، نالو محبوب تنھنجو آ.

باغ جي هر ٻوٽي ۽ گلڙن جي گلزارن ۾،
باد صبا بھارن ۾، نالو محبوب تنھنجو آ

رحمت جي ڪڪرن ۾، تنھنجا نوراني جلوا،
ماه لقا ملھارن ۾، نالو محبوب تنھنجو آ.

اسم مبارڪ مٺڙو، جنت جي پيالن تي،
دلڪش در ديوارن ۾، نالو محبوب تنھنجو آ.

اتر اولھہ ڏکڻ اوڀر، ذڪر تنھنجو آ دلبر،
شام و سحر سارن ۾، نالو محبوب تنھنجو آ.

ڏيھہ سڄي ۾ عاشق، تنھنجا ديوانا آھن.
وڏڙن ۽ ٻارن ۾، نالو محبوب تنھنجو آ.

ملڪ مداحي “صادق”، پنھل اوهان جو آھي،
“عاجز” جي پڪارن ۾، نالو محبوب تنھنجو آ.

****

مَدح

ڪائنات قادر آ بڻائي، صرف تنھنجي ئي ڪري.
نور جي ٿي روشنائي، صرف تنھنجي ئي ڪري.

يا محمد مُصطفيٰﷺ، آھين نبي لولاڪ جو،
عرش ڌرتي رب سجائي، صرف تنھنجي ئي ڪري.

جنت الفردوس جنت، ۾ لطف ئي اور آ،
مومنن لاءِ آ واڌائي، صرف تنھنجي ئي ڪري.

تعظيم خاطر عرش تي ٿيا، گڏ فرشتا منتظر،
صلي جي وات وائي، صرف تنھنجي ئي ڪري.

تعريف آ تنھنجي سڄڻ، مخلوق ۾ يا مُصطفيٰ ﷺ،
ڪي قلندر ٿيا ڀٽائي، صرف تنھنجي ئي ڪري.

آ قلم قاصر زبان، تنھنجي ثنا قرآن آ.
“ملڪ صادق” ٿيو ثنائي، صرف تنھنجي ئي ڪري.

****

مَدح

سنسار سموري ۾ آ، سرهاڻ نبيءَ جي.
گلڙن ۾ آ گلزاري، ۽ لالاڻ نبيءَ جي.

روشني آ نور جي، ڪائنات سڄيءَ ۾،
ڄڻ چمڪي رهيو چنڊ آ، چانڊاڻ نبيءَ جي.

مليو شمس کي ڀي شعاع، حبيبن جي حُسن مان،
ٻيو سونھن حسينن کي ملي، آ کاڻ نبيءَ جي.

طاقت نہ آھي ڪنھن ۾، سڄو شان ٻُڌائي.
بس! نعت ۽ صلوات، زبان آڻ نبيءَ جي.

محبوب ڪريمن جي ڪري، ماکي مٺي آ،
ماکيءَ ۾ سمايل آھي، ميٺاڻ نبيءَ جي.

صلوات پڙھڻ ساڻ “صادق” دلڙي ٺري ٿي،
صلوات شفا آھي، امت ڪاڻ نبيءَ جي.

****

مَدحَ

ڪھڙي نموني مان ڪيان، تنھنجي ثنا يا مُصطفيٰﷺ .
آھين امام الانبياءَ، حبيب خدايا مُصطفيٰﷺ .

قرآن ۾ واکاڻ، تنھنجي حبيب ڪبريا.
الحمد کان والناس تائين، نورالھديٰ يا مصطفيٰﷺ.

لفظ مٺڙا نام ۾، ڪيڏا نہ آھن پر لطف.
يا محمدﷺ بس هجي، لبڙن سدا يا مصطفيٰﷺ.

لوح و قلم سج چنڊ تارا، جنت دوزخ حورون پريون.
تولئي آ جوڙيو، ارض وسما يا مصطفيٰﷺ.

سان گڏ آ لکيل، نالو تنھنجو هر هنڌ نبي.
برابر خدا ناهين خدا، کان تون جدا يا مصطفيٰﷺ.

ناهي طاقت ڇا لکي، تنھنجي ثنا “صادق علي” .
بس پيناگر آھيان، در تي فدا يا مُصطفيٰﷺ .

****

سجاد حسين ساگر چنجڻي

تعارف
نالو: سجاد حسين
تخلص: ساگر
ولد: عطاءُ الله
ذات: چنجڻي
پيدائش جي تاريخ: 14، 11، 1990
تعليم: MA(sindhi)(political science)BED MED
ادبي فن جي شروعات: 2008ع
ادبي استاد: سگهڙ گل حسن گل چنجڻي
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ: محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفڪيٽ، حاجي خانڻ لائبريري سرٽيفڪيٽ
پورو پتو: ڳوٺ ميانداد چنجڻي، تعلقو نصيرآباد، ضلعو قمبر شھداد ڪوٽ
فون نمبر 03003478027 واٽس اپ نمبر 03162442990
فيس بڪ آ ڊي Sajjad Hussain Chinjni

مدح

تنھنجي ڪري خالق آهي جوڙيو جھان،
آهي اِهو ايمان، آهي اِهو ايمان.

تون ئي اڙين جو مِٺا آڌار آن،
تون ئي تہ سڀ جي لھندو سھڻا سار آن،
تو تي ئي نازل ٿيو آهي پورو قرآن،
آهي اِهو ايمان، آهي اِهو ايمان.

تنھنجي اڳيان مان عشق جو اظھار ڪيان،
دل ٿي چوي تنھنجو مِٺا ديدار ڪيان،
تنھنجي ڪري مالڪ ٿيو آهي ميزبان،
آهي اِهو ايمان، آهي اِهو ايمان.

اکين جي آهي آس تہ روضو ڏِسان،
مديني جون ڳليون چپن سان مان چمان،
سڀني نبين کان مٿي تنھنجو آ مانُ،
آهي اِهو ايمان، آهي اِهو ايمان.

“چنجڻي” جي اچي ڪر ڪا تون وارث واهر،
سِڪ سان سڏيندو توکي آهي “ساگر”،
قربان آ تنھنجي مٿان منھنجي جند ۽ جان،
آهي اِهو ايمان، آهي اِهو ايمان.

****

مَدح

مان عاشق آهيان سھڻي سرور جو،
جيڪو محبوب آ، پاڻ پرور جو.

آمد جو مونکي انتظار آهي،
سھڻي سائين سان سچو پيار آهي،
شل ديدار ٿئي مديني منور جو.

مرڻ تائين مالڪ سھڻي سان پيار هجي،
جنھن جي جلوي جو ديدار هجي.
شل ديدار ٿئي دلبر جي در جو.

“ساگر” اکين سان ڏسان مان نبوي نظارا،
“چنجڻي” ڏسان مان مسجدِ نبوي جا مُنارا،
ڏسڻ جو انتظار آ محمّدﷺ جي گهر جو.

****

مدح

ڪھڪشان، سج، چنڊ، ستارن کان پڇي ڏس شان محمّدﷺ جو،
سمنڊ، صحرا، دريا ڪنارن کان پڇي ڏس شان محمّد ﷺ جو،
شھيدِ ڪربلا جي اُڃارن کان پڇي ڏس شان محمّد ﷺ جو،
مسڪين، يتيم معصوم ٻارن کان پڇي ڏس شان محمّدﷺ جو،
مشڪلن ۾ مبتلا سھارن کان پڇي ڏس شان محمّدﷺ جو،
وڻ، ٽڻ، ٻوٽا جاندارن کان پڇي ڏس شان محمّدﷺ جو،
الله جي ٻانھن پيارن کان پڇي ڏس شان محمّدﷺ جو،
اڙين، اٻوجهن عربيءَ جي آڌارن کان پڇي ڏس شان محمّدﷺ جو،
سنگتي، صحبتي، اصحابن سارن کان پڇي ڏس شان محمّدﷺ جو،
اهلِ سنت جي علمي ادارن کان پڇي ڏس شان محمّد ﷺ جو،
“چنجڻي” چئني چڱن يارن کان پڇي ڏس شان محمّدﷺ جو،
“ساگر” دلبر جو ديدار ڪرڻ وارن کان پڇي ڏس شان محمّد ﷺ جو.

****

ظھور احمد کوسو

تعارف
نالو: ظھور احمد.
ولد: حاجي محمد رمضان.
ذات: کوسو.
جنم : 01 جنوري 1980ع.
تعليم : مئٽرڪ.
ادبي فن جي شُروعات: 2019ع
ادبي استاد : اردو ۾ استاد محترم عنايت علي فيصل آباد استاد محمد وسيم سدوي لاهور
پتو: مستقل پتو شھر ڳوٺ جهنڊا تالا، هن وقت ڊيرہ مراد جمالي، بلوچستان.
پيشو: مزدوري.
واٽس اپ نمبر: 03482137472 فيس بڪ آءِ ڊي: (ڪھڙي نالي سان) Zahoor Ahmed

مدَح

مِٺي محبوبَ جي صدقي، خدا رحمان آمليو.
خدا جي مھرباني آ، سچو سلطان آمليو.

سُٺي صورت، ڀلي سيرت، سڄڻ صدقي ملي آهي،
ھِتي شُھرت، ادا عزت، بَشر کي شان آ مليو.

ڪروڙين قرب قادر جا، پرين لاريب آ مليو،
اٿم ڪافي، ڪندو شافي، پرين درمان آ مليو.

پڙھو ڪلمو، انھيءَ مٺڙي محمدﷺ جي محابي ۾،
امن ايمان آ مليو، سچو قرآن آ مليو.

محمد مير جي صدقي، “ظھور” گنج ملندو آ،
کڻان ٿو ساھہ سرھا مان چٽو زيشان آ مليو.

****

مداح

مصطفيٰﷺتي، نثار ٿي وڃجي،
زندگيءَ کان، فرار ٿي وڃجي.

موت ٻيھر، وري نہ پوءِ ايندو،
جان ڏِيَڻَ لَئه، تيارُ ٿي وڃجي.

مصطفيٰﷺ جو وٺي وسيلو ۽،
پُل انھيءَ کان، بہ پار ٿي وڃجي.

فخر اھڙو ڪجي پوءِ سَروَر ﷺ جي،
عاشقن ۾ شمار ٿي وڃجي.

شل مديني “ظھور” موت اچي،
قسمتن ساڻُ تار ٿي وڃجي.

****

محمد صديق لنڊ بلوچ

تعارف
نالو: محمد صديق
پيءِ جو نالو: نجم الدين
ذات: لنڊ بلوچ
پيدائش جي تاريخ: پھرين جنوري 1993ع
تعليم: ايم اي اسلاميات 2017 شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس
ادبي فن جي شروعات: ننڍپڻ کان
ادبي استاد: ريڊيو کان متاثر ٿي لوڪ ادب جي ميدانَ ۾ رحمت الله “عاجز” لاشاري جي صحبت بعد قدم رکيو.
ريڊيو ٽي وي پروگرام: گلن جھڙا ٻارڙا ۾ سال 2007 ريڊيو پاڪستان خيرپور .
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ: سلات طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ.
پورو پتو: ڳوٺ وليداد خان لنڊ پوسٽ آفيس سيٺارجا تعلقا ٺري ميرواھہ ضلع خيرپور ميرس
موبائل رابطہ نمبر: 03022734116 واٽس اپ نمبر: 03022734116
اي ميل : siddiqlund@gmail.com فيس بڪ آءِ ڊي: محمد صديق لنڊ

مَدح

اول تعريف اللهَ جِي، جو آ ڏيھن جو ڏاتار،
ٻي تعريف محمدﷺ گهوٽَ جي، جيڪو اڙين جو آڌار،
ٽين تعريف صحابن جِي، جَي چڱا هئا چوڌار،
چوٿين تعريف اهلبيتن جي، جن سان پرور جو آ پيار،
پنجين تعريف ولين جِي، جيڪي ولايت منجهہ وفادار،
ڇهين تعريف ابي امان جي، جن وڏو ڪيو وينجهار،
ستين تعريف سڄڻ سائينءَ جي، جيڪو مُرشد آ مهدار،
هاڻي ٻيڙا پُڄندا پار، سڀني صدقي “صديق” چئي.

اقبال احمد “عادل” مھر

تعارف
نالو: اقبال احمد “عادل” مھر
پيءُ جو نالو: وزير احمد مھر
ڄم جي تاريخ: 25-03-1982ع
تعليم: ايم اي (‏‏M.A) بي ايڊ (B-Ed)
ڪرت: وائرليس آپريٽر (سنڌ پوليس)
سگهڙپائيءَ ۾ استاد؛ گل حسن “گل” ملڪ

مليل ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ:
20 ڊسمبر 2011ع تي لوڪ ادب مڃتا سرٽيفڪيٽ تنظيم سلات پاران هنڌ؛ عبدالقادر عرف بابو خان جي اوطاق ميرپور ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد 23 مارچ 2013ع تي استاد سگهڙ محمد سيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ سلات پاران هنڌ؛ سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن جي موقعي تي ميان جو ڳوٺ تعلقہ خان پور ضلع شڪارپور 25 جنوري 2014ع بمطابق 24 ربيع الال 1435 هجري تي مڃتا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ پاران؛ تنظيم فڪر و نظر سنڌ. پھرين مارچ 2014ع تي بين الصوبائي سگهڙ ڪنويشن جي موقعي تي بھار ٻرڙو ايوارڊ سرٽيفڪيٽ. هنڌ: ڳوٺ بھار علي ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد پاران سلات.
ايڊريس: ڳوٺ مبارڪ پور تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد
رابطہ لاءِ 0300-2486845 / 0346-3408226
E- mail: iqbaladil786@gmail.com Face Book ID: اقبال عادل مھر

مدح

اول نانءُ الله جو عليم آھي اڪبر،
بعد بلاشڪ آھي سچو نبي سرور،
سڀئي صحابي سائين جا بيشڪ آھن بھتر،
چارئي يار رسول جا آھن دلي دلبر،
ھڪ بڻيو صديق ٻيو انصاف وارو عمر،
ٽيون سخي عثمان آ چوٿون شجاعت وارو حيدر،
پنجتن پيارن سان ئي پيار ڪيو پرور،
ڪربلا ۾ حسينڻ ڪيو قربان پنھنجو سر،
شان وارا شھيد آھن شبير ۽ شبر،
پياريندا آب ڪوثر اسان کي اقبال چئي

****

شعبان علي “شيدا” چنجڻي

تعارف

نالو: شعبان علي “شيدا” چنجڻي.
پيءُ جو نالو: حسن علي چنجڻي.
پيدائش جي تاريخ: 01.01.1982
تعليم: ايم اي اسلامڪ ڪلچر.
ادبي فن جي شروعات: 1997ع.
شاعري ۾ استاد: محمد صديق “سڪايل” پيرزادو
پورو پتو: ڳوٺ ميانداد چنجڻي، تعلقو نصيرآباد، ضلعو قمبرشھدادڪوٽ.
موبائل رابطہ نمبر: 03002386292 واٽس اپ نمبر: 03002386292
اي ميل : shabanchinjni@gmail.com
فيس بڪ آءِ ڊي: شعبان علي چنجڻي طاھري

مَدح مصطفيٰﷺ

ٻيا بہ عاليشان پر، اعليٰ اوھان جي ذات آ،
ڇا ڪجي تعريف، بس تنھنجي مٿان صلوات آ.

حُسن جي حد ھيٺ، تون آن مٿڀرو منھنجا نبي،
سونھن، تنھنجي مسڪراهٽ مان کنيل خيرات آ.

خَلق جا محبوب سڀ محدود ھڪڙي محب ۾،
تو مٿان ھڪ ٻہ نہ پر شيدا سڄي ڪائنات آ.

عاشقن کي مون ڏٺو آ، چنڊ کي منٿون ڪندي،
چنڊ جنھن جي ڏئي غلامي، سا تہ تنھنجي ذات آ.

سڀ حسينن ۽ جميلن جو ذڪر بند ٿي ويو،
ھر گهڙي ھر جا تنھنجي واکاڻ وائي وات آ.

يارسول اللهﷺ ھي “شعبان چنجڻي” ڇا چوي،
بس سڄو قرآن تنھنجو، خُلق تنھنجي نعت آ.

****

مَدح

يا محمد مُصطفىٰﷺ تو تي سلام،
اي حبيبِ ڪبريا تو تي سلام.

نور تنھنجي ساڻ روشن ٿيو جھان،
يا نبي نور الھدىٰ تو تي سلام.

سونھن ۾ تنھنجو نہ ثاني ڪو مٺا،
مظھرِ نورِ خدا توتي سلام.

حضرتِ جبريل آ تنھنجو غلام،
اي امام الانبيا تو تي سلام.

اي گنھگارن ڪِنن جا آسرا،
شافعِ روزِ جزا تو تي سلام.

يا نبي خير الورى يا مجتبىٰ،
مالڪِ ارض و سما تو تي سلام.

سيدِ عالم نبيءِ محترم،
صاحبِ جود و سخا تو تي سلام.

شوق سان “شعبان چنجڻي”، يا نبيﷺ
ٿو پڙھي صبح و مسا تو تي سلام.

****

علي محمد چنجڻي

تعارف

نالو: علي محمد
پيءُ جو نالو: حمزو خان
ذات: چنجڻي
پيدائش جي تاريخ: اسڪول سرٽيفيڪيٽ مطابق 1981
تعليم: پنج درجا پاس ادبي فن جي شروعات: 1997
ادبي استاد: استاد محمد لقمان کوکر صاحب
ڪو ڇپيل ڪتاب:
ريڊيو ٽي وي پروگرام: پي ٽي وي پروگرام 28 جنوري 2004
پي ٽي وي پروگرام 17 جنوري 2020

مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 1 ڊسمبر 2014
سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 28 آڪٽوبر 2017
آل سنڌ سگهڙ ڪنوينشن 2015 ضلع خيرپور ميرس ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ

مڃتا سرٽيفيڪيٽ
حاجي خانڻ چنجڻي لائيبريري مڃتا سرٽيفيڪيٽ 13 مارچ 2021
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: رھبر ڪتاب ۾ 2004
پورو پتو: ڳوٺ ميانداد چنجڻي تعلقو نصيرآباد ضلعو قمبر شھدادڪوٽ
موبائل رابطہ نمبر: 03272811956

مدح

اُٿــي اسـتـقـبـال ڪــيـو عــربـي انـــور ٿـو اچـي
مون وٽ محبوب منھنجو سھڻو سرور ٿـو اچـي

عـربي ايـنـدو عـرش تـي مـون مُڪو آھـي وَحـي
قدم ڪـريمن جا چمي ٿو منھنجي لالـڻ وٽ لھي
دِيـــن جـــو دلـبـر نـبـي مُـحـب مــنــور ٿـو اچـي

جـوڙي ھـي ڪائنات مـون ڪـئي حـضور حـوالي
پـيار مـان پُـر نُـور ويٺو سڪ مـان سـيـد سنڀالي
منھنجي مخـلوق جـو مـالڪ رات رھـبر ٿو اچي

چـنڊ تـارا چـاھہ مـان چمڪي اڄ چمڪار ڪيو
مـحـمـدﷺ مـھـمان مـون وٽ مُـحب آ مـنـٺـار ٿـيو
سـوا لـک جـو پـائـي پـنـھـل تـاج تـونـگر ٿو اچي

مـعـراج واري ڪيڏي پـيـاري ھــي ڀـلاري رات آ
ھــن رات ۾ رسـول سـان اڄ روبــرو ٿــي بـات آ
نــبـي آھــي نُــور مُـنھنـجون نُـور نـظـر ٿـو اچي

“عـلـي مـحـمد” لـکي مـون نـعت چنجڻي چـاھہ ۾
شـل ڪـنـدو قـبـول مـالـڪ رب پنھنجي راھہ ۾
ھيـڻن جـو حامي ھـتـڙي گهوٽ گوھر ٿو اچي

****

مدح

ھـجي ڏيـنھـن تـوڙي رات
پڙھون سائين تي صلوات

آھي نور سارو نبي، پئي تعريف ھر ھر ڪبي،
اٿس راز مٿان ربـي، اعـليٰ عربي جي آ ذات،

آيو حڪم ٻـڌي وري، پٿر پاڻي منجهان تـري،
ٻـڌي شان دل ٺري، پئي ڳـوھ پڙھي ڪلمات،

ڪيا الله سائين احسان، آھـي مـدني مھربان،
ھي جرڪي پيو جھان، سھڻي ملي آ سوغات،

ســڀ خـتـم ٿـيا رنـج، ڏنـا غـفـور آھـن گـنـج،
مليا پنجتني پنج، ٿي وئي معاف مشڪلات،

مـن وارث واري واڳ، ڏسان مديني جـا ماڳ،
اھــڙا ڀـلا ٿـيـن ڀــاڳ، اھــا طـلـب آھـي تـات،

آھـي انـدر ۾ اڪـير، ڏسان مـديني جـو مـير،
چوي چنجڻي فقير، منھنجي ھـي آ مناجات،

چـمان نبي جـو نـام، “عـلي محمد” صبح شـام،
آھيون سيد جي سام، ڪندو سولي سڪرات،

*****

امجد علي چنجڻي

تعارف

نالو: امجد علي چنجڻي
پيءُ جو نالو: محمد صادق ولد محمد صالح ولد محمد عالم چنجڻي
پيدائش جي تاريخ: اسڪول سرٽيفڪيٽ مطابق 14/5/2001
اسڪولي تعليم: انٽر اسلامي تعليم: حافظ القرآن
ادبي فن جي شروعات: 2015ع
ادبي استاد: استاد سگهڙ گل حسن گل چنجڻي
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: سگهڙ حاجي خانڻ چنجڻي لائيبريري مڃتا سرٽيفيڪيٽ 13/3/2021ع سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 7/10/2018
پورو پتو: ڳوٺ ميانداد چنجڻي تعلقو نصيرآباد ضلعو قمبر شھدادڪوٽ
موبائل رابطہ نمبر: 03453437537 واٽس اپ نمبر: 03003437537
اي ميل: hamjadalichinjni@gamil.com فيس بڪ آءِ ڊي ڪھڙي نالي سان آھي: H Amjad Ali Chinjni
سوشل ميڊيا تي ڪو ٻيو اڪائونٽ يا پيج: حاجي خانڻ چنجڻي لائيبريري

“بيوس” بخش علي چانڊيو

تعارف

اصلي نالو: بخش علي چانڊيو
ادبي نالو: “بيوس” بخش علي چانڊيو
ولديت: نياز علي چانڊيو
جنم: ڇهين اپريل 1972
جنم جو هنڌ: نزد ڦل شھر، جنھن ڳوٺ ۾ جنم ٿيو، اهو چانڊيہ ڳوٺ، سم جي پاڻيءِ ۾ ٻڏي ويو، هاڻي رهائش ڦل شھر، ضلع نوشھرو فيروز
تعليم: ايم - فل سنڌي لوڪ ادب
ذريعہ معاش: ائسوسيئيٽ پروفيسر/ پرنسپال گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج پڊعيدن، ڪاليج ايجوڪيشن گورنمينٽ آف سنڌ
ادبي ابتدا: 86 -1985 کان
ادبي سڃاڻپ: شاعري ادبي استاد: مشاهدو ۽ مطالعو

ڇپيل ڪتاب: چار ڪتاب
1. ڪورونا لاڪ ڊائون ۽ پيڙائن جا عڪس (واقعاتي شاعري )
2. ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو (تحقيق)
3. دانھون ٻوڙيل ديس جون ( 2022 جي شديد برساتن جي تباهي ۽ المين تي مشتمل واقعاتي شاعري)
4. وينا شرنگيءِ جو سنڌ جي سفر تي لکيل ڪتاب ڪڇان تہ ڪافر، نظرثاني ڪري چپايل.
اڻ ڇپيل ڪتاب: ٻن ڪتابن جيتروغزلن، نظمن، بيتن ۽ چئوسٽن تي مشتمل مواد ۽ هڪ ڪتاب جيترو حمديہ ۽ نعتيہ ڪلام.

حاصل ڪيل ايوارڊ:
1. 1996 صدف اخبار نوشھرو فيروز طرفان بھترين ڪالم نويس جو ايوارڊ.
2. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن مرڪز طرفان بھترين سماجي خدمتن عيوض سلور ميڊل 1996.
3. نوشھرو فيروز هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽي طرفان اعزازي شيلڊ ايورڊ 2007.
4. مورو هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي طرفان اعزازي شيلڊ ايوارڊ 2010
5. سگا برانچ مورو طرفان علمي ادبي خدمتن عيوض، شيلڊ ايوارڊ
6. سگا گهوٽڪي برانچ طرفان مڃتا ايوارڊ 2020.
7. ماهنور فائونڊيشن سيوهڻ طرفان ڪورونا وبا دوران تخليق ڪيل ڪتاب “ڪورونا لاڪ ڊائون ۽ پيڙائن جا عڪس” لکڻ تي شيلڊ ايوارڊ.
8. انٽرنيشنل رائيٽرز فورم طرفان ڪتاب” ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر، تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو تي شاھہ لطيف ايوارڊ 2022.
9. سنڌ گريجويٽس ائسوسيئيشن “سگا” مرڪز طرفان رني ڪوٽ متعلق تاريخي سيمنار ۾ مقالو لکڻ تي شيلڊ ايوارڊ 2023
10. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سگا مرڪز طرفان علمي، ادبي خدمتن عيوض حيدري ٽرافي “شيلڊ” 2023
11. انٽرنيشنل رائيٽرز فورم طرفان ٻيون ڀيرو، شاعريءَ جي ڪتاب “دانھون ٻوڙيل ديس جون” تي شاھہ لطيف ايوارڊ 2023.
ائڊريس: پوسٽ آفيس شھر ڦل تعلقو ۽ ضلعو نوشھرو فيروز
واٽس ايپ نمبر: 03033785037/03337086982

گل حسن سومرو

تعارف
نالو: گل حسن
پيءِ جو نالو: حاجي لال بخش
ذات: سومرو
پيدائش: 17 اپريل 1972ع.
تعليم: گريجوئيشن
فن جي شروعات : 1990ع کان.
استاد: سگهڙ محمد ملوڪ عباسي
ڇپيل ڪتاب: “برائيءَ جو بدلو”.
مليل مڃتا: محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفڪيٽ، سلات پاران مليل سرٽيفڪيٽ، موهن جو دڙو ڪلچرل سوشل فورم سرٽيفڪيٽ.
شائع ٿيل مواد: شوبز ورلڊ رسالي ۾ ڇپيل شعر، مختلف اخبارن رسالن ۾ ڪهاڻيون مضمون، مقالا، بيت ڇپيا جن ۾ عوامي آواز، ڪوشش ڪاوش عبرت لاشار سنڌ رنگ ڊائجيسٽ جاڳو فاسٽ ٽائيم تعمير سنڌ وغيرہ پورو پتو/ائڊريس: اصل شھر نصيرآباد بعد لاڙڪاڻو هن وقت ڊيوٽي جي ڪري ميرپور خاص. ڌنڌو / ڪرت: هاءِ ڪورٽ ۾ ملازم .
موبائل نمبر 03003489249

مدح

ڪل نبين جو سردار آهين، منھنجا مٺڙا محمدﷺ،
آقا اڙين جو آڌار آهين، منھنجا مٺڙا محمدﷺ،

توکي مالڪ مٺڙا سائين، عرشن تي آهي گهرايو،
سامھون ويھي سھڻا سڄڻ، توکي دلبر ديدار ڪرايو،
تنھنجو ڌرتيءَ فلڪ تي آهي ڪلام، رب پاڻ پڙهي ٿو درود سلام،
صفا نور سان ٽمٽار آهين منھنجا مٺڙا محمدﷺ.

حضرت يوسف جي لاء زليخا هڪڙي دنيا ۾ ديواني،
عاشق اوهان جا لکين ڪروڙين هر هڪ آ دلڙي مستاني،
رب قسم کنيا تنھنجي وصفن جا، وضحيٰ چھري وليل زلفن جا،
ثنا ساري جو حقدار آهين منھنجا مٺڙا محمدﷺ.

ڪوجهن ڪنڙن بي واهن لاءِ بڻجي آيو آهين رحمت،
“سومري گل حسن” کي بہ ملي آ صدقي اوهان جي ئي عزت،
واھہ سھڻا نبي تنھنجو شآن اتم، رب توتي ڪئي آ نبوت ختم،
تون يتيمن سندو يار آهين منھنجا مٺڙا محمدﷺ.

****

محمد شفيق ملڪ

تعارف

نالو : محمد شفيق.
تخلص : دلبر علي
پيءِ جو نالو: صادق علي
ذات: ملڪ
پيدائش جي تاريخ: 01 اپريل 2000ع
تعليم: B. Sc
ادبي فن جي شروعات: 2020ع. ادبي
استاد : سندس والد.
ريڊيو ٽي وي پروگرام: سنڌ ٽي وي . ڪي ٽي اين نيوز . مھراڻ، ڌرتي ٽي وي تي پروگرام رڪارڊ ٿيل.
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: (01) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) 13 فيبروري 2021 بھار ٻرڙو ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، هنڌ ڳوٺ بھار علي بھار ٻرڙو، لڳ ميرپور ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد (02) مڃتا ايوارڊ سرٽفڪيٽ علمي ادبي ثقافتي ميلو راڳ رهاڻ ۽ گلن جي نمائش 2021 هنڌ ڪرڪيٽ اسٽيڊم ڪنڌڪوٽ پاران آرٽس ڪائونسل ڪشمور (03) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) 16 ڊسمبر 2023 سنڌي لوڪ ادب ڏهاڙو هنڌ ميان جو ڳوٺ تعلقہ خانپور ضلع شڪارپور.
پورو پتو: ڳوٺ مير مھراڻ خان بجاراڻي پوسٽ آفيس ڪرمپور تعلقہ تنگواڻي ضلع ڪشمور
موبائل رابطہ نمبر: 03313483783 واٽس اپ نمبر: 03313483783
اي ميل: malikdilbarali123@gmail.com
فيس بڪ آءِ ڊي: Dilbar Ali Malik پيج: Dilbar Ali Qadriدلبر علي قادري

مدح

اِنَّ اللهَ عَلىٰ کـُـــلِ شَـــيءِِ قَــــــــدِيْرُ تـــــون قادر،
محـــــمدﷺ مـِـــير مرســــل ٿــيو، رســـول اللهﷺ رهبر،
سھڻا نبيءَ جا صـــــحابا، ڀـــــلا آهــــن بھتر،
ابو بڪــــــر عشـــــــق رکــــيو، ٿيــو صديق اڪبر،
عمــــــــرِ فـــــاروق ڪيئــــــي، ڪنــــبايا ڪــــافر،
عثـــــمان ذي النــــوريـــن ٿـــــيو، نـــــروار نــــــشانبر،
علـــي حيــــــــدر ڪـــــرار، نــــبيءَ جــــــو آ برادر،
حسنــــــــين جـــــو بابــــــو ۽ بتــــول جــو شوهر،
محي الديـــــن ٿـــــيو دســــــتگير، عــاصــــين آڌر،
غوث اعـــــظم مـــــدد ڪــــر، پڪـــــاريون هر هر،
ٻيــــــڙا تاريـــــــندو ٻــــڏل، پــــاڪ ڌڻـــــــي پرور،
پنجن ٻارنھن جي عشق ڪيو، شوق منجهان شاعر،
“مَلڪ” آهيان ڏِياڻيءَ جو، منھنجو تخلص آهي “دلبر”،
ڏيھہ ڌڻـي ڏاتر، ڪــــندو احــــسان مون اٻوجهہ تي.

****

مدحِ مُصطفىﷺ

محــبوب مٺـــــو مصــــطفىٰ، مـــنٺار اتــم آ،
ڄاڻــــــــــي شــــان ۾، ســــــردار اتــم آ.

آدم موســـىٰ عيسىٰ ۽ جــرجــيــس نــبي آ،
يعقوب ۽ يــحـــىٰ تـــــوڙي، ادريــس نبــي آ،
آمـــــــنہ جــــو لال، ڳــــچيءَ هـــــار اتــم آ.

روبرو رحمـــان ســان، ڪنھن منڊل مچايو ؟
جيئن عـــرش تي، الله ســائين عربي گهرايو،
اهـــــڙو رتــبو ڏنـــــو، پــــاڻ پالڻــــھار اتم آ.

ڪائــنات جـــــنھين لاء، خـــداوند آ خلقي،
ثاني نہ سڄڻ جو آ، ڪوئي فرشي ۽ فلڪي،
مطلـــــب تہ مٺـــو مصطـفىٰ، مھندار اتم آ.

واکاڻ جنھن جـــي پاڻ، ڌڻي پاڪ ڪري ٿو،
محبوب جي صـــدقي ته، ٻڏل ٻيڙو تري ٿو،
ســــرها آھيـــــون سنـــسار ۾، ســالار اتم آ.

شڪـــــرانہ ڳايــــون “دلــبر”، دلــدار نبي آ.
آڌار اٻــــوجــــهن يــــتيــــمن، يـــــار نـبي آ.
اڳـــــواڻ نبـــــــيين جــــو، پڳـــــدار اتــم آ.

****

محمد صفر چنجڻي

تعارف

نالو: محمد صفر
پيءُ جو نالو: الله ڏتو
ذات: چنجڻي
پيدائش جي تاريخ: 1 جنوري 1981ع
تعليم: ميٽرڪ
ادبي فن جي شروعات: 1996ع
ادبي استاد: سگهڙ استاد محمد لقمان کوکر صاحب
ريڊيو ٽي وي پروگرام: ٽيليويزن پروگرام 29 جنوري 2004 ڪراچي
ريڊيو پروگرام 2005 ڳوٺ ميانداد چنجڻي
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: 1 سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 22 ڊسمبر 2012
2 سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 28 آڪٽوبر 2017
3 سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 17 آڪٽوبر 2018
4 سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 12 نومبر 2022
5 حاجي خانڻ چنجڻي لائيبريري مڃتا سرٽيفيڪيٽ 13 مارچ 2021
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: ڪتاب رھبر ۾ 2004
پورو پتو: ڳوٺ ميانداد چنجڻي تعلقو نصيرآباد ضلعو قمبر شھدادڪوٽ
موبائل رابطہ نمبر: 03447181831

مدح محبوبن جِي

سـڀ کان اُتـم تنھنجو آ شان محمدﷺ
مڙني کان مٿي تنھنجو آ مان محمدﷺ

لـکـڻ چـوڻ کـان تـعـريـف گهڻي آ
مــان ۽ مـرتـبـي جـو رازدان ڌڻــي آ
تنھنجي صدقي سھڻي ڪائنات بڻي آ
سائين نـازِل ٿـيو تـوتـي قـرآن محمد

ھـي گـنھگار ڪندو ڇـا بـياني تنھنجي
لامڪان تي مولا ڪئي مھماني تنھنجي
رب ساڻ ٿـي ملاقات جسماني تنھنجي
تــو بـنـا ٻـيـو نہ ويــو لامـڪان محمدﷺ

ڪُـل نـبـيـن جــي تـوتـي دستار رکيائين
سوا لـک پيغمبر جو توکي پڳدار ڪيائين
ٻـنھي جهـانـن جو توکي سردار سڏيائين
ھـن ڪـافـلـي جــو تـون آ سلطان محمدﷺ

اڙيــن ۽ اٻــوجــهــن جـــو آڌار بہ تون آ
غريبن ۽ مسڪينن جـو غمخوار بہ تون آ
قــبــر ۽ حـشــر ۾ لـھـنـدو ســار بہ تون آ
مِــھـــر ڪــنـدو آهــيـن مـھـربـان محمدﷺ

آھين رسول خدا جو خدا ٿو پاڻ ٻـڌائـي
پـرور جـو پـنھل تـوسـان ڏاڍو پـيار آھـي
انـھـيءَ ڳـالـھہ ۾ شـڪ ڪـو شُبھوئي ناھي
آھــي فــائــق جــو ھــي فــرمــان محمدﷺ

تـو آئـين سـڄڻ ڄـٽن کي ڄـاڻ ٿي وئي
دين ۽ اسلام جي سڀ کي سڃاڻ ٿي وئي
ڪـفـر ۽ اسـلام جـي ڇــنـڊ ڇـاڻ ٿي وئي
تـــو آھـي ڦــهـلايـو ديــن ايــمـان محمدﷺ

صـدا “صـفـر” کـي تـنـھـنجـي آ سـار سـائـيـن
تــن مــن ۾ رڳـو تـنـھـنـجـي آ تــار سـائـيـن
چـنـجـڻـي جـــو تــوســان آ پـيـار سـائـيـن
ســر ســاھہ ڪـيـان تــوتــي قــربــان محمدﷺ

****

گل حسن چنجڻي

تعارف

نالو: گل حسن چنجڻي
پيءُ جو نالو: محمد عيسيٰ چنجڻي
پيدائش جي تاريخ: اسڪول سرٽيفڪيٽ مطابق 1978
تعليم: پرائمري. ادبي فن جي شروعات: 1994ع
ادبي استاد: سگهڙ استاد محمد لقمان کوکر صاحب

پروگرامن ۾ شرڪت:
1 حضرت لعل شھباز قلندر رحمت الله عليہ جو 764 عرس مبارڪ، 770هون عرس مبارڪ، حضرت 771 هون عرس مبارڪ، 772 هون عرس مبارڪ ۽ 273 هون عرس مبارڪ جو پروگرام .

ريڊيو پروگرام 2005 ڳوٺ ميانداد چنجڻي :
سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 12 نومبر 2022
حاجي خانڻ چنجڻي لائيبريري مڃتا سرٽيفيڪيٽ 13 مارچ 2021
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: رسالو سالار ۾ 2002 اپريل، ڪتاب رھبر ۾ 2004 جنوري
پورو پتو: ڳوٺ ميانداد چنجڻي تعلقو نصيرآباد ضلعو قمبر شھدادڪوٽ
موبائل رابطہ نمبر: 03482553568

مدح

جنھن دا ٻيٺي کائون شان ڀي ڳائُون
مـحـبوب مـحـمـدﷺ دي ھِـسي اُمـتـي ٻِيٺي شُڪر منائُون

ڀـاڳ اسـاڏي ڀـال ڀـلـي ٿَـئـي
رھـبـر آيـا رکـوال ڀـلـي ٿَـئـي
اسـان نـوڪـر نـَام سـڏائُـون

در سـڄڻ دي سـوين سـلامي
قبول ڪريسي ساڏي غـلامي
پِـيـزار پـئي چُـم چُـم چـائُون

ھـي شان مـٿي احسان مـٿي
ھــي قــــادر دا قـــرآن مـٿـي
ڪــيــا ڪــيــا آک ٻــڌائُــون

“گـل حسن” آکي سـچ ھي پيارا
سـائـين آيــا تہ لـٿـا مونجهارا
گــڏ “چنجڻي” مـيـلاد ملھائُون

****

خان محمد چاچڙ

تعارف

نالو: خان محمد
تخلص: خانڻ
پيءُ جو نالو: محمد عمر
ذات: چاچڙ
پيدائش جي تاريخ: 02/09/1975
تعليم : MA Sindhi
ادبي فن جي شروعات: 1992
ادبي استاد: حاجي غلام النبي مھيسر رح
نعت خواني جو استاد: حاجي ليمون فقير رح
ريڊيو ٽي وي پروگرام : PTV/SindhTV/KTN/Awaz TV/Darti TV/ ريڊيو خيرپور | ريڊيو حيدرآباد | ريڊيو ملتان | ريڊيو ڪراچي |QT TV
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ: (1) ڪل پاڪستان نعت ڪانفرنس 1996 سکر ۾ لڪس پارڪ ۾ مليل روڪ رقم 2000 ھزار ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ميزبان | سيد اقبال حسين شاھ فيضي صاحب (2)لوڪ ادب ايوارڊ سرٽيفيڪٽ ھنڌ: پنجين ڪل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس19 ڊسمبر 2024 اڏيرو لعل اسٽيشن تعلقو مٽياري ضلعو حيدر آباد سنڌ (3) سگهڙ استاد عزت فقير لاکو يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ستين سنڌ سگهڙ ڪانفرنس 29 جنوري 2005 ھنڌ: ڳوٺ بٺو سولنگي ڄامشورو (4) عشق رسول ايوارڊ سرٽيفڪيٽ باني چيئرمين بزم ثناخوان رسول سنڌ | عاجز رحمت الله لاشاري صاحب پاران | مرڪزي جماعت اھلسنت ڄامشورو(5)شھيد عبدالرحمن ھاشمي رح يادگار ايوارڊ پاران | 04 آگسٽ 2023 مخدوم عبدالرحمن شھيد ڪلچرل ايجوڪيشنل اينڊ ڊولپينٽ ٽرسٽ کھڙا شريف(6) سيد خورشيد شاھ مڃتا سرٽيفڪيٽ وفاقي وزير آبي وسايل حڪومت پاڪستان MNA سائين سيد خورشيد احمد شاھ صاحب طرفان ڪراچي ۾ 22/05/2022 تي مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ (7) جشن بيدل ايوارڊ 2024سنڌ جي عظيم صوفي روحاني بزرگ حضرت فقير قادر بخش بيدل رح جي 156 عرس مبارڪ جي موقعي تي بيدل ايوارڊ سان نوازيو ويو. پاران | بيدل يادگار ڪاميٽي +ميونسپل ڪاميٽي روھڙي ۽ ٻين کوڙ سارن ايوارڊن سان نوازيو ويو....
پورو پتو: ڳوٺ عمر چاچڙ، تعلقو پنوعاقل، ضلعو سکر سنڌ.
موبائل رابطہ نمبر: 03003112569 واٽس اپ نمبر: 03043753181
اي ميل: productionfs03gmail.com فيس بڪ آءِ ڊي: Khan Muhammad Chachar

مدح

انمول مليو جو خزانو آ، سو حَسن حُسين جو نانو آ،
رب پاڪ ڪيو احسان آهي، ٿيو جڳ جنھن تي پروانو آ.

جو غلاميءَ ھن منجهہ ايندو آ،
حقدار جنت جو سو ٿيندو آ،
مقبول ٻانھون ٿي ويندو آ،
ڏنو جان جو جن نظرانو آ.

چئني يارن سان دلي چاھہ اٿم،
سواءِ پنجتن جي نہ ٻي واھہ اٿم،
ٻارنھن چوڏنھن معصومن جو،
ٺاھي ڳايو مون بہ ترانو آ.

ابو جهل ھيو انڪار ڪيو،
ابوبڪر صديق اقرار ڪيو،
عثمان عمر سھڪار ڪيو،
علي سائين جو عجب داستانو آ.

ڪيئي خزانا خوب خدا جا ھن،
آهي “خانڻ چاچڙ” کٽيو تن،
جن دلبر جي دامن ورتي،
ٿيو محبت ۾ مستانو آ

****

مدح

ٿيا غلامَ نبيءَ جا، دل سان اچي دلدارا، ٿيا ڀاڳ تن جا ڀلارا.
بوبڪر، عمر، عثمان، حيدر، ساٿ ۾ سونھارا، ٿيا ڀاڳ تن جا ڀلارا.

پھريون نمبر ابوبڪر تي، راضي ٿيو رب ۽ رسول،
ڪلمون محمدﷺ تي پڙھيئن، مدني بہ ڪيو تنھن کي قبول،
يار غار آ، پھريدار آ، تائين قيامت قرارا.ٿيا ڀاڳ تن جا ڀلارا.

دربار مدني ۾ جڏهن آيو عمر ابن خطاب،
ڪلمو پڙھيو تنھن چاھ مان، بڻجي ويو سو لاجواب،
فاروق اعظم لقب جو رتبو مليو نروار آ، ٿيا ڀاڳ تن جا ڀلارا.

ترويجِ اسلام لئہ جند جان ڪئي قربان آ،
سو سخي عثمان غني جنھن ڪيو جمع قرآن آ،
ھرشئي پرينءَ تان گهور ڪئي، هر وقت ۽ باربار آ، ٿيا ڀاڳ تن جا ڀلارا.

ڪعبي ۾ ٿي آ ولادت حيدر قرار جي،
جنھن دنيا ۾ پھرين زيارت ڪئي مٺي منٺار جي،
گهوٽُ سيده فاطمہ سيدن سندو سالار آ، ٿيا ڀاڳ تن جا ڀلارا.

ھاشمي حضورِ انور مير مدني ڄام آ،
آھي والي دوجهان ۽ انبيا جو امام آ،
ٿي “خان محمد” خاص خادم، پائي ڳچيءَ ۾ ڳارا.ٿيا ڀاڳ تن جا ڀلارا.

****

مدح

آءٌ ادنيٰ اسير، تنھنجو بيحد آهي بيان،
ھڪ لک چوويھہ ھزار نبين جو، رب بڻايئي سلطان،
مڙني ميدانن ۾، تنھنجو شاھي ڪيو رب شان،
لکين ڪروڙين عاشق تنھنجا، تن جو اتم اعليٰ مان،
قد جاءَ کم من الله نور و ڪتاب مبين، آهي فائق جو فرمان،
جن نور مڃيو محبوب کي، سي تري ويا طوفان،
“خانڻ چاچڙ” آهي خود، منھنجو مدني مٺو مھربان،
مديني جو جوان، ڪندو مھر مڙين تي.

آءٌ ادنيٰ اسير، تون لعلڻ آن لڄپال،
مون ۾ عيب اڻايون اڻ ميون، تون رھبر آن رکوال،
مون ۾ ڪچايون ڪيتريون، رڳو بد اعمال،
لائق لاکيڻا لاھہ تون، غم مڙئي غمٽال،
سوالي آھيان تنھنجي در، ڀورل ڪر ڪي ڀال
مون ۾ مڻ مداين جا، ٿي جان ڏڪي فلحال
ڪندا قرب ڪمينن تي، ھيڻا ڏسي حال،
“خانڻ چاچڙ” خائف ھوندا، خان توڙي خوشحال،
ڪر ڀلايون ڀال، آھيون تنھنجي آسري.

****

رياض خليل چنجڻي

تعارف

نـــالـــو: ريـــاض خــلــيـل چـنـجـڻـــي
ولــــد: خــلــيـــل احــمـــد چـــنـجـڻــي
ذات: چـــنــجــڻـي
تــخــلــص: “راز”
جــنـــم: 12 مــئــي1966 ع.
تـعـلـيـم: Bsc Hons & M.sc physics سـنــڌ يـونــيـورســٽــي ڄــامـشــــورو
عھدو: پـرنـسـپـال - گ - ب _ ھہ _س اسـڪـول
ٻــيـر شـريــف تعلقہ قـمــــبـر
گــريــڊ: 19 گــزيـٽــيـڊ آفــيـسر ايـسـوسـيـيئــٽ پـروفـيـســر
نــثــر جـي شـروعـات: 1978 کان
شــاعـري جـي شـروعـات: 1986 کان اڄ تـائـيـن

شـاعـري جـا اسـتـاد:
ڊاڪـٽـر اڪـبـر اسيـر قـريـشـي صاحب ۽ مـحـمـد ايـوب عـارض واهوچـــو صـاحب .
ڇـپـيـل مــواد (مضمون، 300 کــن ) اڻ ڇپيل 500 کـن ڊائري جــا ورق، تـعـلـيـمــي، سـيـاسـي، غـيــر سـيـاسـي، سـائـنـسـي مـضـمـون، تــقـــريـــرون 270 انگـريـزي سـنـڌي ۽ اردو ۾ ) شـخـصـيـتـيـون نـــثـر، نـظـم، غــزل، آزاد نــظـم، دوهـا، وائــي، بـــيـت، نـعــتـون ۽ حـمـد (ڇپيل تعداد 550 کـن ) ۽ اڻ ڇـپـل 2000 کان مـٿـي.
ايوارڊ: بـيـسـٽ ٽـيـچـر ايـوارڊ، بـيـسـٽ سـائـنس ٽـيـچـر ايـوارڊ، بـيـسٽ ايـڊ منـسٽـريـٽـر ايــوارڊ ۽ بـسـٽ

مـضـمـون ايوارڊ:
پَـتـو: ڳـوٺ مـيـانـداد چـنـجـڻـي تعلقہ نـصـيـرآبــاد، ضلعو قـمـبـر شھداد ڪـوٽ سـنـــڌ
نـوٽ: سـنـڌ جـي تـمـام اخـبـارن رسـالـن ۾ نـثـر تـوڙي نـظـم تـي طـبـع آزمـائـــي ٿـيـل

مــدح

اي اشرف الانبياء تنھنـجي سـاراھہ ڇا ڪريون
تـون نـور الانبياء تـنـھـنجي ساراھہ ڇا ڪريون

تو آئـي چـوڏس چـمـڪار ٿـي ۽ ھـٻـڪـار ٿـي
خـــزائون ٿـيــون خــتــم مــھـــڪـار ٿــي
اي امـام الانبياء تنھنجي ساراھہ ڇا ڪريون

حـورن ڳـايـا ڳـيـچ پـريـن پـئـي ڀـيـرا ڏنــا
آدم کان عـيسي' تـاء چـئي صلو علي' ڦـيـرا ڏنـا
اي سردار الانبياء تنھـنجي ساراھہ ڇا ڪريون

سٌـونھن جا سرور تـون بـيــمـثـل بـيـمــثـالٌ
سڀ نبـين جا لاڏلا تنـھـنجي ھٍـدايت ڪمـالٌ
شفيع الانبياء تـنـھـنـجي ساراھہ ڇـا ڪريون

تـنھـنجي آئي جن اٍنـس ملڪ خدا آڏو جهڪيا
پکي پکـڻ چرنـد پرنـد مٍـٺـڙيون لاتٍـيون لـنـويـا
اي راحت الانبياء تنھنجي ساراھہ ڇا ڪريون

گـلٌ ڦـلٌ ٽٍــڙيـا مٌـکـڙيـون مٌـرڪـيـون، مــدنـي
زٍنـــدگـيـون مٌــسـڪـرائـي اٌٿـيـون، مــدنــي
اي خيـر الانبياء تنـھـنجي ساراھہ ڇا ڪريون

نـگاھہ تنھنجي سـان ڏاڍ جـا ڏونـگـر ڀـور ٿيـا
مات سڀ مـوذي مـئـا ۽ ڪـوٽ زبــر زور ويـا
اي شير الانبياء تـنـھـنجي ساراھِ ڇـا ڪريـون

خــيـرالــوري' سـج چـنـڊ سـتـارا تو لاءِ ھـــن
ســارا آسـمــان گـرھہ ســارا تــو لاءِ ھــن
پڳدار الانبياء تنھنجي ساراھہ ڇا ڪريـون

****

مــدح

پـڇ ! ھـوائن طوفـانن کان شـان ڪريمن ﷺ جو
پـڇ ! چـشمـن سـمنـڊن کان شان ڪـريمـن ﷺ جـو
پـڇ ! ٽـيـڙو ڪـتـيـن کـان شـان ڪـريـمـن ﷺ جـو
پڇ ! سـتـارن آسمـانـن کان شان ڪـريمـن ﷺ جو
پڇ ! لـھـرن وھـڪرن کان شـان ڪريمـن ﷺ جو
پڇ! دريـائـن ڪينـالن کان شـان ڪريمن ﷺ جو
پڇ ! وڻـن ٻوٽـن گلـن کـان شـان ڪـريمـن ﷺ جــو
پڇ ! چنبيلي نـرگس گلابن کان شـان ڪريمـن ﷺ جـو
پڇ! پـاڻـي وھڪرن ڪنارن کان شان ڪريمن ﷺ جو
پڇ ! بـيـواھـن بـيـحسن کان شـان ڪريـمـن ﷺ جـو
پڇ ! مسڪينن اٻوجهن لاچارن کان شان ڪريمن جو
پڇ ! ولين درويشن ۽ اولـيـائـن کان شان ڪريمن ﷺ جو
پڇ ! اصحابن چئن يارن سچارن کان شان ڪريمن ﷺ جو
پڇ ! راز مـاڻھن سھـڻن پـيارن کان شان ڪريمن ﷺ جو
پڇ ! دلـوارن دلدارن ۽ دلربائن کان شان ڪريمن ﷺ جو
پڇ ! حسن حسين زين عابدين کان شان ڪريمن ﷺ جو
پڇ ! جسمن جنتن فردوس کان شان ڪريمن ﷺ جو
پڇ ! توريت انجيل زبور قـرآن کان شان ڪريـمن ﷺ جو
پڇ ! موسى عيسي دائود رحمان کان شان ڪريمن ﷺ جو
پڇ ! ياسين مزمل مدثر بيان کان شان ڪريمـن ﷺ جو
پڇ ! قـرآن جي آيتن سيپـارن کان شان ڪريـمـن ﷺ جو

****

مــدح

سنـسار جـو سـينگار نـبـي اسـانـجو نـبـي
ڪل نـبيـن جو سـردار نـبـي اسانجو نـبـي

آدم کان جـو اڳ هـيو اهـو نـور نبي هـيو
اڙين جــو آڌار نـبـي اسـانـجـو نـبـي

مـعـراج تـي محمـدﷺ ڀـري سلامي ٿيو ڪلامي
بـخـشـائـي آيـو گـنـهـگار نـبي اسـانـجـو نـبـي

سوين صفتون بريون ۽ بـرا ھـيـاسـيـن سڀـئي
جـڏهــن آيـو سالار نــبـي اسـانـجـو نـبـي

ڪفر ڪيني بغض جي پٽي پـاڙ سـردار نــبـي
محـبـت جـو مـيـنـار نـبـي اسـانـجـو نـبـي

ڪوڙ ڪلفت ڪدورت ڪئي دور مـاھ مـنـيـر
آيــو بـڻـجـي شـفــــادار نـبـي اسـانـجـو نـبـي

بـيواهـن بـيوسن بيڪسن سان ڪري ھمدردي
بــڻــيـو مـددگار نـبـي اسـانـجـو نـبـي

ننڍن ٻارن کي قرب ۽ وڏن جـي ڪئي عـزت
اهـــو سـڀ جـــو پـيــار نـبـي اسانـجـو نـبـي

راز ســان راز ۾ جـنھن فـڪـر تـوحيـد ڏنـو
اهـو آهــي قــربــدار نـبـي اسـانـجـو نـبـي

****

مـــدح

منھنجا محبوب منٺار توکي منھنجو سلام آ
سڀين نبين جا سردار توکي منھنجو سلام آ

خدا خود تنـھـنجي لاءِ جــوڙي ھـي ڪائـنات
سڀن جهانـن جا سالار توکي منھنجو سلام آ

اوکي ويـل ٿـو سـڏ ۾ سـڏ ورنـــائـيـن سـھڻا
حيلو وسيلو تون مھندار توکي منھنجو سلام آ

ڪفر جي ڪاري رات تنھنجي اچڻ سان دور ٿي
تـون ظاھــر ظـھـور نـروار تـوکي منھنجو سلام آ

مــــردن تـــوڙي عـورتـــن جــو تـــون ھــمــراھہ
رکي عورتن جي عزت عزتدار توکي منھنجو سلام آ

تون مصطفى ۽ مرتضي عرض منھنجا سڀ اگهاء
اگهو ھـان سگهو ڪر دلدار توکي منـھـنجو سلام آ

“راز”جـي آس ۽ امـيـد الـتجـائـون تـو در سائـيـن
“چنجڻي” جي لھہ سار سرڪار توکي منھنجو سلام آ

****

ديدار علي “شاد” گوپانگ

تعارف

نالو : ديدار علي “شاد” گوپانگ
پيءُ جو نالو: گل حسن گوپانگ
پيدائش جي تاريخ: 04 مارچ 1984ع
تعليم : سنڌي فائينل
ادبي فن جي شروعات: 2000ع
ادبي استاد: سعيد سنڌي
ڪو ڇپيل ڪتاب: گڏيل شاعري، ڏيئا جرڪيا ڏيھہ ۾، سنڌڙي تي سِر ڪير نہ ڏيندو، غزل رنگ.
مرتب ڪتاب: حضرت محمد ﷺ جا فيصلا، حضرت علي جا قول، حضرت علي جا فيصلا
ريڊيو ٽي وي پروگرام: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، پي ٽي وي، مھراڻ ٽي وي، سنڌي ٽي وي، آواز ٽي وي، ڪي ٽي اين، ڪشش ۽ ڌرتي ٽي وي سميت مختلف چئنلز تي پروگرام.
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: هڪ سؤ کان وڌيڪ مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ٽي قومي ادبي ايوارڊ مليل
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: آوازِ سنڌ، ڌرتي دوست، سنڌ رائيٽر، پيغامِ لطيف، فڪرِ لطيف، هزار داستان، عبرت مئگزين، ڀليڪار مئگزين، مختلف رسالن ۾ شاعري ڇپيل آهي.
پورو پتو: سيد عبدالغفور شاھہ ڪالوني، ديدار شاد گوپانگ محلو، لائين چينل ميرپور ناڪو حيدرآباد.
موبائل رابطہ نمبر: 0333-7211286 واٽس اپ نمبر: 0304-3018400
اي ميل : deedarshad786@gmail.com
فيس بڪ آءِ ڊي ڪھڙي نالي سان آھي: Deedar shad
سوشل ميڊيا تي ڪو ٻيو اڪائونٽ يا پيج: Shad Production

مَدح

آھين نبين جو سردار پِرين،
محبُوبِ خدا منٺار پِرين.

رب تنھنجو ڪيو وڏو شان آھي،
ڪُل نبين کان مٿي مانُ آھي،
لٿو تنھنجي مٿان قرآن آھي،
تون هر دل جو دلدار پِرين.

هڪ تنھنجو ئي تہ سھارو آ،
هتي غمن ۾ منھنجو گذارو آ،
سوا تنھنجي ڳلي، نہ ڪو چارو آ،
غم ٽار منھنجا غمٽار پِرين.

توکي رب عرشن تي گهرايو آ،
لامڪان جو سير ڪرايو آ،
باري بخت اسانجو ورايو آ،
مليو تو جھڙو مهدار پرين.

ڪر ٻاجهہ ٻانھيءَ جي ٻارَ مٿان،
سڀ لاهيو غمن جا بار مٿان،
غمگينَ “گوپانگَ ديدار” مٿان،
روئي تولئہ نيڻين نارَ پِرين.

****

عامر ساگر لُنڊ

تعارف

نالو: عامر ساگر
پيءُ جو نالو: نياز حسين
ذات: لُنڊ
پيدائش جي تاريخ: 01-01-1997
تعليم : B.A
ادبي فن جي شروعات: ننڍپڻ کان
ادبي استاد: ادبي ڪتاب
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: صحافتي سرٽيفڪيٽ، بھترين اُستاد ايوارڊ
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: سنگيت رسالي ۾
پورو پتو: ڳوٺ سنجر خان لُنڊ، يونين ڪاؤنسل محسن شاه، پوسٽ آفيس سيٺارجا، تعلقہ ٺري ميرواھہ ضلع خيرپور ميرس
موبائل رابطہ نمبر: 03012638421
واٽس اپ نمبر: 03012638421
اي ميل : aamirsagar2020@gmail.com
فيس بڪ آء ڊي ڪھڙي نالي سان آھي: عامر ساگر
سوشل ميڊيا تي ڪو ٻيو اڪائونٽ يا پيج: ناول جي دنيا، Aamir sagar official page*

مدح

نبين ۾ آهي اُتم منھنجو، مٺڙو محمدﷺ عربي پيارو،
جنھن لئہ جوڙيو آهي رب هي، مخلوقَ سان گڏ جڳ ٻيو سارو.

جنھن کي هن ساري عالَم لئه، ربَ رحمت عام بڻايو آ،
جنھنجو ڪلمو پاڪُ نصيب ڪري، رب ان جو غلام بڻايو آ،
آدمَ کان عيسيٰ تائين آ، سڀني نبين ۾ ناميارو.
جنھن لئہ جوڙيو آهي رب هي، مخلوقَ سان گڏ جڳ ٻيو سارو.

ٻيا بڻيا جماعتي جانبَ جا، آ اسانجو آقا امام بڻيو،
قرآن ڪريم آ امت لئه، رب جي طرفان پيغام بڻيو،
جو قدمَ پنھنجا عَرشن جي مٿان، رکي گهوٽُ هي آھي گهمڻ وارو،
جنھن لئہ جوڙيو آهي رب هي، مخلوقَ سان گڏ جڳ ٻيو سارو.

امت سان گڏ گنھگار بَندي، “عامر ساگر” سان بہ قربَ ڪندو،
بس شفقت وارو هٿ هوندو، مونتي بہ مٺا ان سائين سندو،
آ اميد پڪي پنھنجي مرسلَ ۾ ھُو کڻندو بُرن جو خود بارو،
جنھن لئہ جوڙيو آهي رب هي، مخلوقَ سان گڏ جڳ ٻيو سارو.

****