مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام), مُرتب : عاجز رحمت ﷲ لاشاري

مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)
مُرتب : عاجز رحمت ﷲ لاشاري
ڪيٽيگري : لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
ڇپيندڙ : سنڌ سلامت ڪتاب گهر
شايع ٿيڻ جو سال : 2024
عالمي ڪتاب نمبر (ISBN) : 0
شامل ڪيو ويو : 2024-07-20
ڏِٺو ويو : 176 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 50 ڀيرا

ڪنهن بہ قوم جي حقيقي تاريخ ۽ عروج و زوال جو مطالعو ڪرڻو هجي تہ ان لاءِ لوڪ ادب کان وڌيڪ ڪو سونھون نہ ٿو ٿي سگهي! ان لاءِ ضروري آهي تہ هر دور جي عوامي تاريخ يعني لوڪ ادب کي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪيو وڃي. ھن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي اھم صنف ”مدح ۽ نعتيہ ڪلام“ ۾ سنڌ ۾ موجود چونڊ سگهڙن جو ڪلام ترتيب ڏئي پيش ڪيو ويو آھي. اشعار ۽ ڪلام سان گڏ لاڳاپيل سگهڙ يا لوڪ شاعر جو تعارف پڻ ڏنو ويو آھي. مدح لوڪ ادب جي هڪ جامع صنف آھي جنھن جو نالو عربي ٻوليءَ مان اخذ ڪيو ويو آھي، جنھن جي معني آھي تعريف يا ساراھ ڪرڻ. نعت اھڙو نظميہ ڪلام آھي جنھن ۾ رسول ڪريم صہ جي تعريف بيان ڪيل ھجي.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ