عاجز رحمت ﷲ لاشاري

Author Name

پورو نالو: مير رحمت ﷲ.
ادبي نالو:  رحمت ﷲ “عاجز” لاشاري.
تخلص: آڪاش عاجز.
ولديت : فقير شاهنواز پُٽ جلال خان پُٽ جمال خان پُٽ ڪمال خان پُٽ شهداد خان پُٽ ڌڱاڻو خان پُٽ حُرّا خان پُٽ منگا خان.
پيدائش: اسڪول جي سرٽيفڪيٽ مطابق،  02 جنوري 1982ع بمطابق 5 ربيع الاول 1402ُ هجري.
جاءِ پيدائش: درگاھہ فقيرپورشريف لڳ راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو. ياد رهي تہ فقيرپور ۾ عاجز جا ناناڻا ويٺل هئا ۽ سندس امڙ پنھنجي والدين جي گهر ڄڻيو هو، جڏهن تہ سندن والد ان وقت ميهڙ کان مٿي ڌامراھہ واھہ جي ڏاکڻئين ڪَپ تي ڳوٺ حاجي مير محمد لاشاريءَ ۾ رهائش پذير هئو. ڪنھن معمولي ڳالھہ تان اڻ وڻندڙ تڪرار سبب اتان سال 1986ع دوران لڏپلاڻ ڪري موهن جو دڙو ڀرسان سنڌ جي مشھور ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي جَنم ڀومي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي.

تعليمي شروعات:
 اپريل 1987ع دوران گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ ٻِنڊي، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو (اسڪول ۾  مرحوم غلام قادر ساريو کان الف اک واري پَٽي لکرائي هئي ۽ بعد ۾ ڪجهہ ڪلاسن ۾ استاد محمد امين منگي ۽ ڪامريڊ زبير احمد جکرو پڻ استاد رهيا) .

قرآن پاڪ ناظره:
 پرائمري تعليم دوران ڳوٺ جي پيش امام مرحوم استاد مولوي محمد صالح لاکي وٽ ناظره قرآن پاڪ پڙهي پورو ڪيو.

قرآت، تجويد : 
 ڀر واري ڳوٺ برادي ساريه ۾  مدرسه مُحمّدي نورالهديٰ جي استاد حافظ محمد بخشل چنہ وٽ ڪلام پاڪ جي قائدن قانونن جي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ ڪجهہ سورتون حِفظ پڻ ڪَيُون.

انگريزي تعليم: 
مدرسي ۾ پڙهڻ دوران گورنمينٽ هاءِ اسڪول موئن جو دڙو تي سيپٽمبر 1994ع ۾ داخلا ورتي.

 ان عرصي دوران امڙ جي اسرار تي سال 1995ع کان 1997ع دوران درگاھہ ﷲ آباد شريف ڪنڊيارو ضلعي نوشھرو فيروز ۾ مرشدن ڪريمن حضرت قبلا محبوب سڄڻ سائين مدظله العالي جن جي صحبت ۾ روحاني فيض ۽ ضروري ديني تعليم ۽ روحاني عِلمَ جو فيض حاصل ٿيو. دربار ﷲ آباد شريف ۾ ضروري تعليم بعد ليبرڪالوني ڪوٽڙي ۾ پنھنجي مامي مولوي سراج الدين لاشاري جي تربيت هيٺ مدينہ مسجد نيو ليبر ڪالوني ۾ نائب امام جا فرض نڀايا.

شاعري جي شروعات:
 طالب علمي جي زماني کان مامي نثار احمد جي صحبت ۾ سنہ 1990ع کان مولودشريف لکڻ سان ٿي.

سگهڙائپ ۾ پھريون قدم:
  سال 1997ع ۾ ڳوٺ جي شاعر دوست ۽ قومپرست ڪارڪن ڪامريڊ قلندر بخش ساريو سان گڏجي سدا حيات سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسي رحه سان ملڻ کان پوءِ لوڪ ادب جون لاتيون سکڻ ۽ لکڻ جو موقعو مليو. جنھن شوق ۽ ذوق سبب استاد محمد ملوڪ عباسي جي خواهش سان حضرت قلندر لعل شهباز جي ميلي ۾ 1997ع دوران سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ۾ پھريون ڀيرو سگهڙائپ جو فن پيش ڪيو . 

صحافت جي ابتدا:
ليبرڪالوني ڪوٽڙي مدينہ مسجد ۾ مامي مولوي سراج الدين لاشاري وٽ خطابت، امامت جو فن سکڻ دوران صحافت جو ذوق بہ پيدا ٿيو ۽ باقائدي شروعات 1998ع ۾ روزانہ الک اخبار جي نمائندي طور ٿي، ان دوران اخبار جي هاڪري پڻ ڪئي ( ڪالم ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا) اخبار ماهوار لاشار جو ايڊيٽر رهڻ کان پوءِ اڳتي هلي لوڪ ادب ۽ سگهڙن جي ترجمان سلسليوار “سگهڙ سماچار” جو نومبر 2005ع ۾ باني ۽ چيف ايڊيٽر طور صحافتي ڪم نڀايو ۽ ان کان اڳ اپريل 2005ع تي سنڌي چينل سنڌ ٽي وي جي پروگرام “اوطاق” ۾ ڊائريڪٽر غلام رسول چانڊيي جي هدايتن هيٺ  سگهڙ حاجي رحيم بخش قريشي سان گڏ ميزباني جا فرض نڀايا ۽ بعد ۾ 2007ع کان مھراڻ ٽي وي تي سگهڙن جي پروگرام “ڳالھيون ڳوٺاڻن جون “ جي ڊائريڪٽر طور ڪم سنڀاليو ۽ “ڀلارو رمضان” سميت کوڙ سارا ديني پروگرام پڻ رڪارڊ ڪرايا، ڪجهہ عرصو مھراڻ اخبار ۽  ڌرتي ٽي وي چينل تي ضلعي ڄامشوري جي رپورٽر واري ذميواري دوران نيشنل پريس ڪلب ڄامشورو ۾ جنرل سيڪريٽري طور پڻ صحافتي خدمتون سر انجام ڏنيون. مجموعي طور لکيل ڪالم ۽ مضمون توڙي رپورٽون مختلف اخبارن جهڙوڪ سوال، بختور، الک، ڪاوش، ڪوشش، عبرت، لاشار، سنڌ لائن، سوڀ. جيجل، سُڪار، هلال پاڪستان، عوامي آواز، مھراڻ ، ارادو ، برکا ، پاڪ ، فاسٽ ٽائيم، سنڌ ڌرتي، امڪان  سميت ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ شائع ٿيل آهن ۽ اڃان تائين شائع ٿيندا رهن ٿا. 

امامت ۽ خطابت:
  1997ع دوران مدينہ مسجد نيو ليبر ڪالوني ڪوٽڙي ۾ نائب امام  کان پوءِ 19 جولاءِ 1998ع ۾ ڳوٺ ڪرن خان شورو قاسم آباد حيدرآباد ۾ فرض نڀايا. ان دوران مسجد شريف جي نئين تعميراتي ڪم سبب  جنوري 2002ع کان نوراني مسجد ايم سي پي واپڊا ڪالوني ڄامشورو ۾ خطابت ۽ امامت جا فرض نڀايا ۽ مسجد جي بلڊنگ/عمارت تيار ٿيڻ کان پوءِ وري 23 آگسٽ 2008ع کان هن وقت جون 2024ع تائين ڳوٺ ڪرن خان شورو ۾ امامت ۽ خطابت سان گڏ ديني درس و تدريس جو في سبيل ﷲ ڪم جاري آهي . 

پي ٽي وي تي پروگرام:
سنڌ جي برک ڪردار فتح خان يعني سيد صالح محمد شاھہ سان گڏ پي ٽي وي تي پھريون ڪچھري پروگرام 15 جنوري 2004ع، ان کان پوءِ سنڌ نامون، لوڪ ادبي محفل،  جون 2004ع. جا شروعاتي پروگرام هئا جڏهن تہ بعد ۾ 26 نومبر 2016ع تي پي ٽي وي تي ڪچھري پروگرام جي ميزباني پڻ مِلي.

 ريڊيو تي پروگرام:
 ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد تي سيد صالح محمد شاه/فتح خان سان گڏ پھريون پروگرام (سون ورني ڌرتي) 3 نومبر 2004ع. تي رڪارڊ ڪيو جنھن ۾ سائين سيد صالح محمد شاھہ لوڪ ادب جي پھرئين ڪتاب “رمزون رحمت ﷲ جون” جو تعارف بہ ڪرايو هو. جڏهن تہ ريڊيو ڪراچي اسٽيشن تي 17 آڪٽوبر 2016ع تي ان وقت اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻُرڙي جي خواهش تي هڪ خاص پروگرام  لوڪ ادب ڪچھري نشر ڪيو جنھن ۾ پڻ ميزباني جا فرض نڀايا.

عاجز جا هن وقت تائين شاعري سميت تحقيق ۽ تصنيف سان گڏ ترتيب ڏنل ننڍا وڏا ڪتاب:

(1)  “رحمت جا خزانا” (مولود-ڀاڱو اول) نومبر 1999ع 
(2)  “رحمت جا خزانا” (مولود-ڀاڱو ٻيو) نومبر 2000ع 
(3)  “ رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱو ٽيون) اپريل 2001ع
(4) “رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱوچوٿون)، آڪٽوبر 2002ع
(5) “رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱو پنجون) فيبروري 2003ع
(6) “رمزون رحمت ﷲ جون” (لوڪ ادب شاعري ) سيپٽمبر 2003ع 
(7) “ديس وسي ديدار اسان جو” 2003ع. (سگهڙديدارعلي سيال جو احوال ۽ ڪلام)
(8) “رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱون ستون) مارچ 2004ع.
(9) “فيصلا انصاف جا” جولاءِ 2004ع (رئيس عبدالحميد خان جتوئي جي شخصيت ۽ فيصلا)
(10)  “ آهون احمد حسن جون”، 2004ع (لوڪ شاعر خليفہ حضرت حاجي احمد حسن لاشاري جو نعتيہ ۽ ناصحاڻو ڪلام) .
(11) “السفر” (اردو زبان ۾) 19 آڪٽوبر 2004ع (لاشاري تنظيم جي باني، جهوني صحافي ۽ سياسي، سماجي شخصيت محمد صفر لاشاري جون صحافتي، سياسي، سماجي ۽ تنظيمي خدمتون).
(12) “ رنگ رحمت ﷲ جا” 2005ع (لوڪ ادب جي انسائيڪلوپيڊيا)
(13) سلات جي 117 ڏات ڌڻي سگهڙن جي احوال ۽ ڪلام تي ترتيب ڏنل “سنڌ سڄاڻ سگهڙ ڊائريڪٽري” 2005ع.
 (14)  “مولود ۽ مداحون” 2007ع.
(15)  “دلبر جو ديدار” (ڪنھن کي ڏجي دانھن)، 2008ع. (سگهڙديدارعلي سيال جو احوال ۽ ڪلام).
(16)  “تحفة العاشقين”، 14 فيبروري 2010ع (حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيه ڪلام)
(17) “محبت جي منزل”، 2010ع (سگهڙ علي گوهر قريشي جي لوڪ شاعري) . 
(18) “مٺا ٻول محبوب جا” مارچ 2010ع (سگهڙ محبوب علي ڏيپر جو ڪلام).
(19) “مٽيءِ جي خوشبوءِ”، 2010ع (سگهڙ محمد ايوب جوڻيجي جي لوڪ شاعري)
 (20) “محبت جا موتي” جون 2013ع  (سگهڙ شاعر علي گوهر قريشي جو ڪلام.)
(21) “پنھنجو رنگ پنھنجي شاعري”، 2013ع (محبوب علي ڏيپر جي لوڪ شاعري.)
(22) “مٽيءِ جو هُڳاءِ”، اپريل 2014ع (ماسٽر منظور جو فن ۽ شخصيت.)
(23) “سهڻل جا سينگار”، 2014ع (سنڌ ۽ بلوچستان جي سگهڙن جي سينگارشاعري.)
(24) “ موتي محبوب جا”، 2015ع (محبوب علي ڏيپر جي لوڪ شاعري) .
(25) “مداحون ۽ مناقبا”، ڊسمبر 2015ع (لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جو ڪلام.)
(26) “سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري”
 (786 ڏات ڌڻين جو احوال ۽ ڪلام )، ڇاپو پھريون نومبر2015ع ڇاپو ٻيو ڊسمبر2015ع.
(27)  “شاھہ جي شاعريءَ ۾ سگهڙائپ جو رنگ” 2016ع
(28) “شاهي ذوق شيديءَ جو”، جون 2016ع (سُگهڙ مولابخش شيدي جو احوال ۽ ڪلام.)
(29) “پرين جي پچار”،2016ع. (ميهڙ جي بخاري بزرگن جي سوانح ۽ ڪلام.)
(30) “سچن جي ساراهه” ڊسمبر 2016ع (لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جو نعتيه ڪلام.)
 (31) “سهڻي حبيب جي نماز”، فيبروري 2017ع. (مولوي رفيق احمد بروهي جي سنڌي ٻوليءِ ۾ ترتيب ڏنل فرضي ۽ نفلي نمازن بابت ڪتاب جي سنوار ۽ سُڌار)
(32) “لوڪ ادب جو منظوم تعارفي مقدمو” (طويل نظم) 16ڊسمبر 2017ع
(33) “لوڪ ادب جو سپه سالار”، جون 2017ع .(سگهڙ حسين بخش رڏ جي شخصيت ۽ فن.)
(34) “عشق جون آهون”، جولاءِ 2017ع. (لاڙ جي شاعر وسيم احمد ٽالپر جي نعتيه شاعري.)
(35) “تحفة الصالحين”، نومبر 2018ع (حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيه ڪلام.)
(36) “عشق امر ذات”، 16 ڊسمبر 2018ع (سگهڙ ارشاد علي عرضائي جو احوال ۽ لوڪ ادب شاعري.)
(37) تُحفةالعابدين ؛ آڪٽوبر 2019ع (ڪوهستان جي شاعر حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيہ ڪلام)
(38) “ثنائي سِٽُون سڪندر جون” نومبر 2019ع (لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جي لوڪ شاعري.)
(39)  “سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو”، ڇاپو پھريون، مارچ 2019ع. 
(40) “حضرت محمد صلي ﷲ عليه وسلم جا فيصلا” 2019ع. سنڌيڪار: ديدار شاد گوپانگ، نظر ثاني ۽ سنوار: عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
(41) مديني جو سائين؛ (حافظ عبدالستار سولنگي جو لکيل “نعتيه ڪلام”.)
(42) سوانح حيات فقير محمد قاسم طاهري ڪوهستاني. 2020ع، تصنيف؛ حافظ عابد خاصخيلي. سنوار: عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
(43) سنڌ، اسلام، سائنس ۽ فلسفو. 2021ع (جديد تحقيق ۽ ترتيب).
(44) مَهڪندڙ موتي مڱلي جا. 14 آگسٽ 2022ع (خادم حُسين منڱلي جي لوڪ شاعري) ترتيب: عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
 (45) “سُگهڙ سارو سچ”، سگهڙ آدم سومري جو احوال ۽ ڪلام.
 (46)  سنڌ جي قديم اسلامي تاريخ. { حضرت آدم عليه السلام کان پاڻ سڳورنﷺ تائين }
 (تحقيق ۽ تاليف: عاجز رحمت ﷲ لاشاري)
(47) ادبي ذوق اڪبَرَ جو. (سگهڙ علي اڪبر اداسيءَ جي لوڪ شاعري)
(48) يَڪا وَڙَ يعقُوبَ تي. (سُگهڙ محمد يعقوب جاگيراڻيءَ جي لوڪ شاعري)
(49) سُگهڙائپ جِي ساڃاھہ . (لوڪ شاعري/تحقيق ۽ تخليق : عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
(50) سُگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري (تحقيق، ترتيب ۽ مقدمو: عاجز رحمت ﷲ لاشاري. ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
(51) عشق امر ذات (سگهڙ ارشاد علي عرضائي جي لوڪ شاعري 16 ڊسمبر 2018ع)
(52) وحدت جي وائي (لوڪ شاعرن جو حمديہ ڪلام جون 2024ع)

 ايڊيٽر طور شائع ڪَيل ميگزين/رسالا/ اخبارون:
“سُگهڙ سماچار”
سلسليوار 9 جُلد

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عاجز رحمت ﷲ لاشاري جا ڪُل 7 ڪِتاب موجود آھن


عاجز رحمت ﷲ لاشاري جا ڪتاب

سهڻل جا سينگار (لوڪ ادب شاعري)، سھيڙيندڙ : عاجز رحمت ﷲ لاشاري

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سهڻل جا سينگار (لوڪ ادب شاعري)
سھيڙيندڙ : عاجز رحمت ﷲ لاشاري
شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ، ليکڪ : عاجز رحمت ﷲ لاشاري

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ
ليکڪ : عاجز رحمت ﷲ لاشاري
شاهي ذوق شيديءَ جو، ليکڪ : عاجز رحمت ﷲ لاشاري

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
شاهي ذوق شيديءَ جو
ليکڪ : عاجز رحمت ﷲ لاشاري
عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)، سھيڙيندڙ : عاجز رحمت ﷲ لاشاري

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)
سھيڙيندڙ : عاجز رحمت ﷲ لاشاري
وحدت جي وائي، مُرتب : عاجز رحمت ﷲ لاشاري

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
وحدت جي وائي
مُرتب : عاجز رحمت ﷲ لاشاري
مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)، مُرتب : عاجز رحمت ﷲ لاشاري

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)
مُرتب : عاجز رحمت ﷲ لاشاري
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ