لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)

ڪنهن بہ قوم جي حقيقي تاريخ ۽ عروج و زوال جو مطالعو ڪرڻو هجي تہ ان لاءِ لوڪ ادب کان وڌيڪ ڪو سونھون نہ ٿو ٿي سگهي! ان لاءِ ضروري آهي تہ هر دور جي عوامي تاريخ يعني لوڪ ادب کي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪيو وڃي. ھن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي اھم صنف ”مدح ۽ نعتيہ ڪلام“ ۾ سنڌ ۾ موجود چونڊ سگهڙن جو ڪلام ترتيب ڏئي پيش ڪيو ويو آھي. اشعار ۽ ڪلام سان گڏ لاڳاپيل سگهڙ يا لوڪ شاعر جو تعارف پڻ ڏنو ويو آھي. مدح لوڪ ادب جي هڪ جامع صنف آھي جنھن جو نالو عربي ٻوليءَ مان اخذ ڪيو ويو آھي، جنھن جي معني آھي تعريف يا ساراھ ڪرڻ. نعت اھڙو نظميہ ڪلام آھي جنھن ۾ رسول ڪريم صہ جي تعريف بيان ڪيل ھجي.

Title Cover of book مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)

پيش لفظ: لوڪ ڏاهپ !

ڏٺو وڃي تہ “لوڪ ڏاهپ” هڪ نيارو عنوان آهي.جنھن جا خاص مضمون هيٺين موضوعن تي آڌاريل هوندا آهن. جنھن جو بنيادي شرط آهي تہ لوڪن جي مشاهدي جي حس تيز هجي، يعني قدرتي ۽ فطري لقا جي بدلا جا پرکيندڙ ۽ پروڙيندڙ هجن جن جي اڪثريت جي اڪثريت ٻھراڙي جا رهاڪو يعني ڳوٺاڻا هوندا آهن.
1. مند ۽ موسم جي بدلاءِ جا اهڃاڻ مختلف جيوت، جهنگلي جيوت وڻ ٽڻ ۽چوپائي جانورن ۽ پکين منجهان پرکيو وٺن.
2. ڏڪار ۽سڪار انديشو بہ وڻ ٽڻ جي ڦوٽھڙي وغيرہ مان پروڙين.
3. مينھن ٻوڏ جي صورتحال وايو منڊل مان اندازو لڳائين.
4. وقت جي ماپن يعني گهڙين ساعتن ۽ پھرن يعني هڪ پھر ٻہ پھر ٽي پھر چوويھہ (وقت ۽ پاڻي) وغيرہ کي ورڇيندڙ... يعني اهڙن انيڪ پاسن کي جن ۾ مذڪورہ اهڃاڻ شامل هجن تن کي ماحولياتي/ ماحولي لوڪ ڏاهپ سڏبو آهي.
ياد رهي تہ لوڪ ڏاهپ کي آئون ذاتي طور تي لوڪ ادب جو حصو سمجهندو آهيان اهڙا انيڪ موضوع ڊاڪٽر بلوچ جي قلم جي زينت بڻجن ها پر ڪن مٺگُهرن لوڪ ادب جي اسڪيم کي محدود ڪرائي ڇڏيو. اھڙن موضوعن کي ساريندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب مختلف لکڻين ۾ پنھنجن دلي ارمانن جو اظھار ڪيو آهي. جنھن بہ تخليقَ ۾ جِتي بہ توصيف نگاري جِي جهلڪ نظر ايندي، اُتي ان سخن تي مدح ۽ ثناءَ جو اطلاق ٿيندو.
هي ڪتاب “مدح نامو” جيڪو ادا عاجز رحمت الله لاشاري جي لوڪ ادب سھيڙ جي سلسلي هيٺ سوشل ميڊيا واٽس ايپ گروپ ذريعي ڪيل ڪوششن جو نتيجو آهي، ۽ ان سلسلي هيٺ هن هي ٽيون ڪتاب مرتب ڪيو آهي جنھن ۾ مختلف لوڪ شاعرن جي مدحيہ ۽ نعتيہ شاعري گڏ ڪئي وئي آهي.
منھنجي سمجهہ مطابق “مدح” هڪ موضوعي صنف آهي، جنھن جا ڪيترائي قسم، اسم، عُنوان ۽ جِنسون آهن. هنَ صِنف جي فَني لوازمات يعني بحر، وزن، قافيه بندي کان وڌيڪ عقيدت ۽ محبت گهُربل هوندي آهي، مدح جو معيار اهو آهي تہ مُبالغو ۽ غُلُوّ يعني اجائي ۽ ٻي بنياد ڳالھين کان پرهيز ڪرڻ گهُرجي، مدحيہ شاعري جو اصل اثاثو سچي محبت آهي جيڪو هِن صِنف جو خاص مُحرڪ پڻ آهي. مدح انھيءَ شاعريءَ کي چئبو جنھن ۾ اخلاقِ حميدہ بيان ٿيل هُجن ۽ مَدح ۾ ممدوح مداح خوان کان بزرگ برتر ۽ محترم هجي.
مدح جو ڪن ٻين جِنسُن وانگر ڪو هڪ مقرر ٿيل پھلو ناهي هوندو موضوع جي اعتبار کان هِن جي وُسعت ڪئين نوع نمونن جي ٿي سگهي ٿي. پر ساڳي وقت مدح جي سادي سڃاڻپ اها آهي تہ موضوع ۽ مضمون جو سلسلو ساڳيو هُجڻ گهرجي.
مدح: درجہ بندي جي حوالي سان مدح هڪ وڏي شعري صنف آهي، اگر معنياتي لحاظ کان جيڪر هن صنف جِي زمرہ بندي جي ڪجي ٿي.
مدح منجهان: حمد، نعت، مولود، منقبت، ۽ ثناءَ جھڙيون خاص ۽ اهم صنفون نِڪتل ڏِسجن ٿيون ۽ ضمني طور تي شامل جِنسُن ۾ مناجات وغيرہ اچي وڃن ٿيون جڏهن تہ گڏيل تخليق: حمد و ثناءَ ، حمد ونعت، يا جزوي طور تي هڪ صنف جو ٻئي صنف ۾ گڏيل سڏيل طور تي سرجيل هجن تہ اهي سڀ مدح جي دفعي ۾ اينديون ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڻ لکيو آهي تہ” مداح انھي معنوي لحاظ سان“نعت ” يا“ثناءَ”جي برابر آهي.


حامد مري