سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”شاھہ جي رسالي جي سُڄاڻي“ اوھان اڳيان پيش آهي، جنھن جي تحقيق ۽ تحرير محمد حسين ڪاشف جي آھي.
ھن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف جي رسالي جي چئن سُرن سُر ڪلياڻ، سُر يمن ڪلياڻ، سُر کنڀات ۽ سُر بروو جي ھر بيت جي ھر اکر جي معنيٰ ۽ وضاحت ڏني وئي آھي. ھر بيت جي سمجهاڻي ۽ شرح پڻ بھترين نموني پيش ڪيل آھي.
ھي ڪتاب 2010ع ۾ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي