تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ جي سياسي جدوجھد (1843ع کان 1936ع)

ھن ڪتاب ۾ 1843ع کان 1936ع تائين جي سنڌ جي سياسي تاريخ بيان ڪئي وئي آهي. ڪتاب پنجن بابن ۽ ٽن ضميمن ۾ ورهايل آهي. پھرئين باب ۾ سنڌ جي تاريخي پس منظر کان پوءِ سنڌ ۾ انگريزن جي آمد، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور جي ميرن، انگريزن جي سنڌ تي قبضي ۽ ميرن جي نظام حڪومت تي بحث ڪيو ويو آهي. ٻئي باب ۾ 1857ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ، انقلاب جي سببن، هندستان ۾ پھرين مارشلا ۽ جنگ آزاديءَ جي ناڪاميءَ جا سبب بيان ڪيا ويا آهن. باب ٽئين ۾ ٻي انقلابي جدوجھد ۽ سنڌ، انقلاب جو منصوبو، عارضي حڪومت جو نقشو، بيروني ملڪن ۾ منصوبہ بندي، مولانا عبيدﷲ سنڌيءَ جي ڪابل، ماسڪو، استنبول، مڪہ معظمہ جي دورن ۽ سنڌ واپسيءَ تائين جا موضوع بحث هيٺ آندا ويا آهن. باب چوٿين ۾ خلافت تحريڪ، الوحيد اخبار جي اجراء، بمبئي خلافت ڪانفرنس، عدم تعاون تحريڪ، جميعت العلماء سنڌ، هجرت تحريڪ ۽ خلافت جو خاتمو بيان ڪيو ويو آهي. پنجين باب ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي تحريڪ جو پسمنظر، لنڊن گول ميز ڪانفرنس، مختلف ڪميٽين، سنڌ آزاد ڪانفرنس ۽ ڊو ڪاميٽيءَ جي رپورٽ ۽ سنڌ صوبي جو اعلان جا موضوع شامل آهن.

Title Cover of book سنڌ جي سياسي جدوجھد (1843ع کان 1936ع)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري محقق ۽ اديب ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جو لکيل ڪتاب ”سنڌ جي سياسي جدوجھد (1843ع کان 1936ع)“ اوھان اڳيان پيش آهي.
ھن ڪتاب ۾ 1843ع کان 1936ع تائين جي سنڌ جي سياسي تاريخ بيان ڪئي وئي آهي. ڪتاب پنجن بابن ۽ ٽن ضميمن ۾ ورهايل آهي. پھرئين باب ۾ سنڌ جي تاريخي پس منظر کان پوءِ سنڌ ۾ انگريزن جي آمد، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور جي ميرن، انگريزن جي سنڌ تي قبضي ۽ ميرن جي نظام حڪومت تي بحث ڪيو ويو آهي. ٻئي باب ۾ 1857ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ، انقلاب جي سببن، هندستان ۾ پھرين مارشلا ۽ جنگ آزاديءَ جي ناڪاميءَ جا سبب بيان ڪيا ويا آهن. باب ٽئين ۾ ٻي انقلابي جدوجھد ۽ سنڌ، انقلاب جو منصوبو، عارضي حڪومت جو نقشو، بيروني ملڪن ۾ منصوبہ بندي، مولانا عبيدﷲ سنڌيءَ جي ڪابل، ماسڪو، استنبول، مڪہ معظمہ جي دورن ۽ سنڌ واپسيءَ تائين جا موضوع بحث هيٺ آندا ويا آهن. باب چوٿين ۾ خلافت تحريڪ، الوحيد اخبار جي اجراء، بمبئي خلافت ڪانفرنس، عدم تعاون تحريڪ، جميعت العلماء سنڌ، هجرت تحريڪ ۽ خلافت جو خاتمو بيان ڪيو ويو آهي. پنجين باب ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي تحريڪ جو پسمنظر، لنڊن گول ميز ڪانفرنس، مختلف ڪميٽين، سنڌ آزاد ڪانفرنس ۽ ڊو ڪاميٽيءَ جي رپورٽ ۽ سنڌ صوبي جو اعلان جا موضوع شامل آهن.
ھي ڪتاب 2011ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي