سفرنامه

ڪالاش ڪافرن جو ديس

سال 2004ع ۾ گل حسن ڪلمتيءَ ۽ زبيدا بِرواڻيءَ  چِترال/ تَمرگرہ ۾ رهندڙ دوست عُمر زادہ يوسف زئي جي دعوت تي ويا ۽ هنن چترال ۽ ڪيلاش پربت جا لڳ ڀڳ سڀئي طئي ڪيل ماڳ مڪان گُهميا. گُل حسن نہ رڳو اُتان جي ماڻھن جي رهڻي ڪھڻي ۽ حالتن جو دِلچسپ احوال لکيو آهي پر اُن پاسي جي جاگرافي ۽ اُتي پھچڻ جو بَيان پڻ پيرائتي نموني ڪيو آهي، ھن اتان جي وادين، ماٿرين، رنگن، نظارن، خوشبوئن ۽ ناچ جي دنيا بابت پڻ لکيو آھي. هي ڪِتاب هڪَ بھترين گائيڊ طور پڻ ڪتب اچي سگهي ٿو،

Title Cover of book ڪالاش ڪافرن جو ديس

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب، تاريخدان، سفرناما نگار  ۽ محقق گل حسن ڪلمتيءَ جو لکيل سفرنامو ”ڪالاش ڪافرن جو ديس“ اوھان اڳيان پيش آهي.
سال 2004ع ۾ گل حسن ڪلمتيءَ ۽ زبيدا بِرواڻيءَ  چِترال/ تَمرگرہ ۾ رهندڙ دوست عُمر زادہ يوسف زئي جي دعوت تي ويا ۽ هنن چترال ۽ ڪيلاش پربت جا لڳ ڀڳ سڀئي طئي ڪيل ماڳ مڪان گُهميا. گُل حسن نہ رڳو اُتان جي ماڻھن جي رهڻي ڪھڻي ۽ حالتن جو دِلچسپ احوال لکيو آهي پر اُن پاسي جي جاگرافي ۽ اُتي پھچڻ جو بَيان پڻ پيرائتي نموني ڪيو آهي، ھن اتان جي وادين، ماٿرين، رنگن، نظارن، خوشبوئن ۽ ناچ جي دنيا بابت پڻ لکيو آھي. هي ڪِتاب هڪَ بھترين گائيڊ طور پڻ ڪتب اچي سگهي ٿو،
ھي ڪتاب 2011ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي