آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سُکن لڌي سار

ھن ڪتاب جو وڏو حصو شاھہ صاحب پنھنجي دوستن، احباب جي زندگيءَ ۽ ساڻن گذاريل وقت جي يادگيرين تي مشتمل آھي. انھن شخصيتن ۾ وڏيون شخصيتون، وزير، ڪامورا بہ شامل آھن تہ عام مزدور، پڪوڙا، سبزي ۽ کير وڪرو ڪندڙ عام ماڻھو بہ شامل آھن.  شاھہ صاحب جو تعلق پيپلز پارٽيءَ سان رھيو آھي ھن ڪتاب ۾ سيد ديدار حسين شاھہ جتي پيپلز پارٽيءَ جي تعريف ڪري ٿو، اتي ھن پيپلز پارٽيءَ، قيادت ۽ سسٽم تي اصلاحي تنقيد پڻ ڪئي آھي. ھن ڪتاب ۾ سوين شخصيتن جي تاريخ قلمبند ڪرڻ سان گڏ سيد ديدار شاھہ جي وسيع ڄاڻ ۽ دوستن جي وسيع حلقي جو اندازو پڻ ڪري سگهجي ٿو.

Title Cover of book سُکن لڌي سار

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھہ جي آتم ڪٿا تي مشتمل ڪتاب ”سُکن لڌي سار“ اوھان اڳيان پيش آهي.
ھي ڪتاب سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين ۽ آتم ڪٿا جو ٻيو جلد آھي، ھن کان اڳ پھريون جلد ”گوندر ويا گذري“ جي نالي سان 2014ع ۾ ڇپجي چڪو آھي. ھن ڪتاب جو وڏو حصو شاھہ صاحب پنھنجي دوستن، احباب جي زندگيءَ ۽ ساڻن گذاريل وقت جي يادگيرين تي مشتمل آھي. انھن شخصيتن ۾ وڏيون شخصيتون، وزير، ڪامورا بہ شامل آھن تہ عام مزدور، پڪوڙا، سبزي ۽ کير وڪرو ڪندڙ عام ماڻھو بہ شامل آھن.  شاھہ صاحب جو تعلق پيپلز پارٽيءَ سان رھيو آھي ھن ڪتاب ۾ سيد ديدار حسين شاھہ جتي پيپلز پارٽيءَ جي تعريف ڪري ٿو، اتي ھن پيپلز پارٽيءَ، قيادت ۽ سسٽم تي اصلاحي تنقيد پڻ ڪئي آھي. ھن ڪتاب ۾ سوين شخصيتن جي تاريخ قلمبند ڪرڻ سان گڏ سيد ديدار شاھہ جي وسيع ڄاڻ ۽ دوستن جي وسيع حلقي جو اندازو پڻ ڪري سگهجي ٿو.
ھي ڪتاب 2016ع ۾ پيڪاڪ پبلشرز، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي