شاعري

وچن وفا جا

فقير محمد سنڌيءَ جي شاعريءَ ۾ سماجي ۽ قومي موضوعن سميت پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جا آفاقي موضوع بہ شامل آھن. فقير محمد ناانصافين ۽ ظلم خلاف بغاوت جو عَلم قلم جي صورت ۾ کنيو آھي. فقير محمد جي شاعريءَ جو پنھنجو نرالو رنگ آھي، سادگي آھي، سندس شاعري اندر جو آئينو آھي. 

Title Cover of book وچن وفا جا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، نثرنگار، صحافي ۽ براڊڪاسٽر فقير محمد سنڌيءَ جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”وچن وفا جا“ اوهان اڳيان پيش آهي. 
فقير محمد سنڌيءَ جي شاعريءَ ۾ سماجي ۽ قومي موضوعن سميت پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جا آفاقي موضوع بہ شامل آھن. فقير محمد ناانصافين ۽ ظلم خلاف بغاوت جو عَلم قلم جي صورت ۾ کنيو آھي. فقير محمد جي شاعريءَ جو پنھنجو نرالو رنگ آھي، سادگي آھي، سندس شاعري اندر جو آئينو آھي. 
ھي ڪتاب ڏاھپ پبليڪيشن، قنبر پاران 2004ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون فقير محمد سنڌيءَ جا  جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com