مختلف موضوع

سانگين سنڀارون (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڏي لکيل خط)

ھي ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڏانھن لکيل خطن جو چوٿون مجموعو آھي. ڪتاب ۾ اھل علم، اڪابرن، اديبن، شاعرن ۽ مختلف اھم شخصيتن پاران مختلف تاريخي، جاگرافيائي، ادبي، ثقافتي ۽ ٻين اھم معاملن ۽ مونجهارن جي حل بابت ڊاڪٽر بلوچ ڏي لکيل خط شامل ڪيا ويا آھن. 

Title Cover of book سانگين سنڀارون (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڏي لکيل خط)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڏي لکيل مختلف خطن ۽ ڪن خطن جي جواب تي مشتمل ڪتاب ”سانگين سنڀارون“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سھيڙيندڙ ۽ ترتيب ڏيندڙ عنايت بلوچ آھي.
ھي ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڏانھن لکيل خطن جو چوٿون مجموعو آھي. ڪتاب ۾ اھل علم، اڪابرن، اديبن، شاعرن ۽ مختلف اھم شخصيتن پاران مختلف تاريخي، جاگرافيائي، ادبي، ثقافتي ۽ ٻين اھم معاملن ۽ مونجهارن جي حل بابت ڊاڪٽر بلوچ ڏي لکيل خط شامل ڪيا ويا آھن. 
ھي ڪتاب 2013ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ريسرچ فائونڊيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ  جي سھڪار سان پيش آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي