شاعري

ڪي پڙاڏا ڪي سڏ

جي الانا صاحب جي سنڌي شاعريءَ جي ھن مجموعي ۾ بيت، ڪافيون ۽ آزاد نظم شامل آھن. سندس شاعريءَ ۾ تصوف جا رنگ بہ آھن تہ جديد ۽ قديم شاعريءَ جو سنگم پڻ موجود آھي. سندس ڪافين ۾ سپرين جي سڪ، محبوب جي تانگهہ طلب، جانيءَ جي جدائي جا جهوراڻا صاف نظر اچن ٿا. آزاد نظمن ۾ تخيل جو پرواز مٿاھون آھي ۽ شاعر جي فلسفي ۽ فڪر جي اونھائي ڌيان ڇڪائي ٿي. ڪتاب ۾ شامل بيت دل وري وري پڙھڻ تي مجبور ڪري ٿي.

Title Cover of book ڪي پڙاڏا ڪي سڏ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سياستدان، صحافي، شاعر ۽ اديب غلام علي لانا ”عاجز“ المعروف جي الانا جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪي پڙاڏا ڪي سڏ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سھيڙيندڙ ۽ سموھيندڙ ڏيندڙ عنايت بلوچ آھي.
جي الانا صاحب سنڌ جو ناميارو سياستدان، صحافي، شاعر ۽ اديب رھيو آھي. ھو ڪراچيءَ جو ميئر پڻ رھيو آھي. سندس انگريزي شاعري گهڻو مقبول رھي آھي ۽ ايشيا، يورپ ۽ لاطيني آمريڪا جي اديبن کي متاثر ڪري چڪي آھي، جنھن تي کيس اعزا پڻ مليا. ان کانسواءِ سندس شاعريءَ جو اردو ، بنگالي ۽ گجراتي ٻولين ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪو آهي. سندس سنڌي شاعريءَ جي ھن مجموعي ۾ بيت، ڪافيون ۽ آزاد نظم شامل آھن. سندس شاعريءَ ۾ تصوف جا رنگ بہ آھن تہ جديد ۽ قديم شاعريءَ جو سنگم پڻ موجود آھي. سندس ڪافين ۾ سپرين جي سڪ، محبوب جي تانگهہ طلب، جانيءَ جي جدائي جا جهوراڻا صاف نظر اچن ٿا. آزاد نظمن ۾ تخيل جو پرواز مٿاھون آھي ۽ شاعر جي فلسفي ۽ فڪر جي اونھائي ڌيان ڇڪائي ٿي. ڪتاب ۾ شامل بيت دل وري وري پڙھڻ تي مجبور ڪري ٿي.
ھي ڪتاب 1981ع ۾ وفائي اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ  جي سھڪار سان پيش آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي