شاعري

تون جو پاڇو چنڊ جو

رخسانہ ”پريت“ مسيحائي پيشي سان واڳيل هئڻ باوجود جتي فطري حُسناڪين کي هيئين سان هنڊائي پنھنجي الڳ ڍنگ ۽ اسلوب سان شعري ثمر کي تقويت بخشي آهي، اُتي پنھنجي دلفريب سڀاءَ ۽ بردباريءَ سان دنياوي دولابن سان مھاڏو اٽڪائڻ جي جرئت تي بہ هميشہ ثابت قدم رهي آهي، اهوئي سبب آهي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعرن جي اڻکٽ ڳاڻيٽي باوجود رخسانہ ”پريت“ اڄ بہ صِف اول جي شاعرہ طور سڃاڻپ برقرار رکي آهي. ھن مجموعي ۾ غزل، وايون، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، ترائيل، گيت، ڏيڍ سٽا ۽ بيت شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 16
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book تون جو پاڇو چنڊ جو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعرہ رخسانہ پريت جي شاعريءَ جو ٽيون مجموعو ”تون جو پاڇو چنڊ جو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
رخسانہ ”پريت“ مسيحائي پيشي سان واڳيل هئڻ باوجود جتي فطري حُسناڪين کي هيئين سان هنڊائي پنھنجي الڳ ڍنگ ۽ اسلوب سان شعري ثمر کي تقويت بخشي آهي، اُتي پنھنجي دلفريب سڀاءَ ۽ بردباريءَ سان دنياوي دولابن سان مھاڏو اٽڪائڻ جي جرئت تي بہ هميشہ ثابت قدم رهي آهي، اهوئي سبب آهي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعرن جي اڻکٽ ڳاڻيٽي باوجود رخسانہ ”پريت“ اڄ بہ صِف اول جي شاعرہ طور سڃاڻپ برقرار رکي آهي. ھن مجموعي ۾ غزل، وايون، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، ترائيل، گيت، ڏيڍ سٽا ۽ بيت شامل آھن.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو ٿورائتا آھيون ادي رخسانا پريت ۽ سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ساجد سنڌيءَ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب: 310

ڪتاب جو نالو: تون جو پاڇو چنڊ جو
موضوع: شاعري
شاعر: رخسانہ ”پريت“
ڇاپو پهريون: 2021ع
ٽائيٽل: خدا بخش ابڙو
لي آئوٽ: فيصل ميمڻ
ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
دوابا پوليس لائين سامھون عبرت پريس گاڏي کاتو حيدرآباد

مُلهه: 500/=

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2024ع

ISBN: 978-696-737-044-3

TOON JO PACHHO CHAND JO
(POETRY)
poet: Rukhsana Preet
First Edition: 2021
Title Design: Khuda Bux Abro
Lay Out: Faisal Memon
Published By: Sambara Publication Hyd
Email: sambara.publication@gmail.com
0300-3513966

ارپنا

عشق ۽ آدرشن لاءِ جدوجھد
ڪندڙ، سڀني سرفروش
باغي ڪردارن
جي نانءِ.

اداري پاران

شاعريءَ جي پيچ و خَم جي چوٿين ڏهاڪي ۾ بہ “پريت” جا پير ساڳئي سفر طرف مضبوطيءَ سان روان دوان فڪر انگيز حوصلاپسنديءَ جو مظھر آهن، جو سندس ڪوتائن ۾ روايتي پيوندڪاريءَ کان هٽيل سوچن جو وسيع ڦھلاءُ ۽ لفظن جو جَڙاءُ حساس دلين جي سيني ۾ وَڍ بہ وجهي ٿو تہ رومانوي رنگن کان روشناس ڪرائڻ جا بہ نت نوان دڳ پَسائي ٿو. رخسانہ “پريت” مسيحائي پيشي سان واڳيل هئڻ باوجود جتي فطري حُسناڪين کي هيئين سان هنڊائي پنھنجي الڳ ڍنگ ۽ اسلوب سان شعري ثمر کي تقويت بخشي آهي، اُتي پنھنجي دلفريب سڀاءَ ۽ بردباريءَ سان دنياوي دولابن سان مھاڏو اٽڪائڻ جي جرئت تي بہ هميشہ ثابت قدم رهي آهي، اهوئي سبب آهي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعرن جي اڻکٽ ڳاڻيٽي باوجود رخسانہ “پريت” اڄ بہ صِف اول جي شاعرہ طور سڃاڻپ برقرار رکي آهي.
هونئن بہ ان ڊگهي عرصي دوران “پريت” جو قلم ڪڏهن رُڪيو ناهي، هُن لڳاتار لکيو آهي، خاص طور ڌرتيءَ تي ٿيندڙ جبر خلاف سرجيل نظم سندس اندر جي اُڻ تُڻ ۽ مزاحمت جو ڀرپور اظھار آهن. “پياسي ساڀيان، جل ٿل خواب” ۽ “نگاهن جا سجدا” کانپوءِ رخسانہ “پريت” جو هي ٽيون شعري مجموعو “تون جو پاڇو چنڊ جو” محبتي مايا جو املھہ تحفو ان ڪري بہ آهي جو سندس شاعريءَ ۾ هر پڙهندڙ آسانيءَ سان پنھنجا ۽ پنھنجي پرينءَ جا عڪس پَسي لطف اندوز بہ ٿي سگهي ٿو تہ نڙيءَ ۾ دٻيل ان گھري چيخ کي بہ محسوس ڪري سگهي ٿو، جنھن لاءِ اياز چيو هو تہ “جا هر ڪنھن کي جاڳائي ٿي ، جا دنيا کي بدلائي ٿي.”


ساجد سنڌي
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد

ڪجهہ ڳالھيون

وقت ڪيڏو نہ تيزيءَ سان گذري رھيو آھي، جو احساس ئي نہ رھيو آ تہ ڪيڏو ڊگهو سفر طئي ڪري آيا آھيون. پھرين ڪتاب “پياسي ساڀيان جل ٿل خواب” جي شايع ٿيڻ کان وٺي “نگاھن جا سجدا” ۽ پوءِ ھن نئين شاعريءَ جي مجموعي “تون جو پاڇو چنڊ جو” تائين جي سفر ۾ ڪيتريون ئي ڏکيائيون، لاھا چاڙھا حياتيءَ ۾ ايندڙ بدلاو کوڙ سارا چيلينجز ذھني اضطراب، نيون سائنسي کوجنائون، جن ڏات جي ڏيھہ ۾ پڻ وڏا اثر ڇڏيا آھن، ڪتابن جي دنيا جو گهڻي ڀاڱي سوشل ميڊيا ڏانھن شفٽ ٿيڻ، ھنن سڀني تبديلين ۽ نون چيلينجز کي منھن ڏيندي پاڻ کي نئين دور سان ھم آھنگ رکندي ھيستائين. پھچڻ کي پاڻ لاءِ ھڪ ننڍڙي ڪاميابي سمجهان ٿي. مون ھميشہ پنھنجي سوچ کي آس پاس جي ماحول، ۽ سماج ۾ وقوع پذير ٿيندڙ وارتائن سان سلهاڙي رکڻ سان گڏوگڏ ھميشہ پنھنجي ڏات ۽ قلم تي ڀروسو ڪيو آھي. پنھنجي زندگي، اندر جي ڀڃ ڊاھ، احساسن جي عميق جي بيقرارين ۽ ڪروڌن سماج ۾ موجود انساني المين ۽ معاشي اڻبرابرين بابت پنھنجي ٻئي مجموعي “نگاھن جا سجدا” ۾ تفصيل سان لکي چڪي آھيان. ھن مجموعي ۾ چاھيان ٿي تہ پڙھندڙن سان ڪجهہ ڳالھيون ڪريان، محبتن جون، موسمن جون، زندگيءَ جون، موسيقيءَ ۽ منظرن جون ۽ وجود جي انھن بي حد تنھاين جون جن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪو بہ ٻانھن ٻيلي ناھي ھوندو. ڪجهہ ڏينھن اڳ ۾ خوبصورت ادبي مخزن ابابيل ۾ ايوان ترگنيف جو ناول “پھريون پيار” پڙھيم جنھن ۾ ھڪ ڏکئي وقت مان گذرندڙ خوبصورت شھزادي پنھنجي ماءُ سان گڏ لڏي اچي ڪنھن وڏي شھر ۾ رھي ٿي، ھنن جي گهر ۾ شام جو روز ڪچھري جي محفل ھجي ئي ھجي ٿي جنھن ۾ شھزاديءَ جا چار پنج فرينڊز ھن سان گڏ ھجن ٿا ڪڏھن تاش راند، ڪڏھن پرچين واري راند ۽ ڪڏھن خوابن ٻڌائڻ واري ايڪٽوٽي ڪن ٿا، پراندران اندران ھي سڀئي شھزاديءَ سان پيار ڪن ٿا انھن ۾ ھڪ ويھن سالن جو امير شاگرد پڻ آھي، جيڪو پڻ ان گروپ جو حصو آھي ۽ شھزاديءَ تي موھت پڻ آھي.
ھڪ ڏينھن انھن مان ھڪ سنجيدہ وڏي عمر جو دوست ھن ڇوڪريءَ کي چوي ٿو تہ تون ڇو اچي ھن معاملي ۾ پيو آھين؟ جنھن ۾ تمام گهڻي ذھني ۽ احساساتي نقصان جو خدشو آھي. ڇوڪرو جواب ڏئيس ٿو اوھان بہ تہ ھن معاملي ۾ آھيو ۽ شھزاديءَ کي چاھيو ٿا.
جنھن تي ھو ھن نوجوان کي ڏاڍي سٺي انداز سان سمجهائيندي چوي ٿو تہ زندگيءَ جا مختلف تجربا ڪرڻ کان اڳ پيرن ھيٺان سھاري لاءِ ھڪ مضبوط پٿر جو ھجڻ ضروري آھي، جيئن ناڪاميءَ جي صورت ۾ ماڻھو پنھنجو پاڻ سنڀالي وڃي، تون اڃا ٻار آھين، تعليم بہ مڪمل نہ ڪئي اٿئي، ھينئر ئي ھن جذباتي معاملي جو شڪار ٿي ويو آھين.... پھرين پنھنجي تعليم مڪمل ڪر پنھنجو پاڻ کي مضبوط ڪر. پوءِ زندگيءَ جي ھنن چيلينجز ۾ پئو.
ڇوڪري کي ڳالھہ دل سان لڳي ٿي ۽ سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو... الائي ڇو اھو ناول پڙھندي پنھنجي سماج جي نوجوان ٽھيءَ جا ڪيترا ئي الميا ذھن تي تري آيا جن جي نتيجي ۾ نقصان ڀوڳڻو پئي ٿو ........
حاصل مطلب تہ پنھنجي پيرن تي بيٺل زندگين کي ئي حاصلاتون پلئہ پونديون آھن، نہ تہ ڪيتريون ئي حياتيون محرومين جي بليڪ ھولس ۾ ڪِري تباھ ٿيو وڃن.
محبتون منھنجي روح جو اٽوٽ حصو رھيون آھن. شايد ان کي اعتراف ئي چئجي تہ منھنجي ذھن ۾ ڪيئي سوال ۽ روح محبتن سان سرشار رھيو آھي. شخصيت جي ان عجيب امتزاج ڪري ئي شايد زندگي ۾ ڪافي توازن آھي.
اوھان جي ھٿن ۾ ھيءَ پريت جو جيڪو ڪلا ڪتاب آھي اھا ڪاغذن تي اڪريل ڪا لکت نہ پر ان جي اکر اکر ۾ عشق جي آميزش آھي اڻ ڳڻين راتين جا اوجاڳا چوپاسي ڦھليل روح جي پاتال تائين محسوس ٿيندڙ درد ۽ اضطراب شامل آھي. ڪروڌ جون ڪيئي شڪليون انھن سٽن ۾ سمايل آھن، جن کي حساس پڙھندڙ ڏاڍي سولائيءَ سان محسوس ڪري سگهي ٿو.
ادبي دنيا ۾ مون لاءِ گهڻيون ناراضگيون ۽ تلخيون بہ ھونديون، ڇاڪاڻ تہ ھر ڪم پنھنجي مرضيءَ سان ڪندي آھيان ڳالھہ وڻندي، ذھن مڃيندو تہ ھا ڪبي نہ تہ ڪنھن بہ ڳالھہ جي حامي نہ ڀربي ....
مصلحتن جي ھروڀرو ور ناھيان چڙھندي ڇو تہ ڪنھن بہ قسم جي بلندين ماڻڻ کان وڌيڪ زندگيءَ جي انيڪ پاتالن جو ادراڪ رکڻ بھتر سمجهندي آھيان...
سماج جي مشاھدي ۾ جوانين سان ٿيل جٺين هميشہ مضطرب پئي ڪيو آھي. جڏھن محنتن سان وڏن تعليمي ادارن ۾ پھچندڙ نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ڊونيشنس يا گهڻگهرن طرفان مدد ذريعي پڙھي سگهن يا وري ان عمر ۾ غربت کين لٿو پٿو پائڻ تي مجبور ڪري تڏھن سچ پچ آئون سراپا المياتي نظم بڻجي ويندي آھيان، جن جوانين کي منظرن جون مسافتون ڪرڻ گهرجن ڪھڪشائن ۾ اڏامڻ جي خواھش ھجي جيڪي ڪاميابين جا حسين خواب سجائيديون ھجن، جيڪي محبتن جي ماحول سان ڀريل بصارتون کڻي رومانس جا سوين جهان اڏينديون ھجن. انھن کي معاشي تنگدستي جي دٻڻ ۾ ڏسي خود پنھنجو پاڻ کي ڀڳل ڀُريل محسوس ڪندي آھيان. منھنجي سموري رومانوي شاعري نوجوان ٽھيءَ کي ئي ارپيل آھي...
سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن سان ٿيندڙ ھاڃن تي پڻ ھانءُ ھڄي پوندو آھي، جن جا پرتو پڻ اوھان ھن ڪتاب ۾ محسوس ڪري سگهندا. پنھنجي پاران لکندي اھو پڻ ٻڌائيندي ھلان تہ زندگيءَ جي سفر ۾ صرف قلمي جدوجهد ئي ناھي ڪئي پر جتي جتي بہ ضرورت پئي آ روڊن تي، رستن تي، مظاھرن ۾، ريلين ۾ ۽ پريس ڪلبن جي اڳيان ظلم خلاف پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي رھي آھيان.
ادبي سفر طئي ڪندي وچ ۾ گهڻائي ڏکيا دور بہ آيا آھن. تعليم، ڪيريئر ۽ تخليق وچ ۾ ٽڪراءُ بہ رھيو آھي، فيملي لائيف ۽ ادبي سرگرمين وچ ۾ ھم آھنگي پڻ ڏکي بڻجي وئي ھئي. ڪجهہ دور تہ اھڙا آيا جو مھينن تائين ڪجهہ بہ نہ لکي سگهيس ۽ اھو خدشو ظاھو ٿيڻ لڳو تہ ھاڻي شايد ڏات ديوي هميشہ لاءِ رسي وئي آھي پر وقت هميشہ ساڳيو نہ ٿو رھي نہ ئي ڪيفيتون ساڪن رھي سگهن ٿيون، ان ڪري وري ساڳئي جذبي رواني ۽ حوصلي سان لکڻ جو تسلسل جڙي ويو جنھن جي نتيجي ۾ ھي خوبصورت ڪوتا ڪتاب اوھان جي ھٿن ۾ آھي. ھي دور ھر رائيٽر جي زندگيءَ ۾ ايندا آھن ۽ وري گذري بہ ويندا آھن مايوس قطعي بہ نہ ٿيڻ گهرجي.
پنھنجي ھڪ شاعر ۽ اديب ھجڻ واري تعارف تي هميشہ فخر رھيو آھي. سنڌ مون کي ھڪ تخليقڪار جي حيثيت ۾ سڃاڻي ٿي اھا مون لئہ انتھائي مانائتي ڳالھہ آھي، جنھن مون کي زندگي گذارڻ ۾ تمام گهڻو اعتماد، حوصلو ۽ جيئڻ جي سگهہ ڏني آھي. منھنجي تصور کان وڌيڪ سنڌ واسين جي محبت ۽ عزت ڏيڻ تي مان سندن ٿورائتي آھيان.
شاعري جتي منھنجي روح جي رڙ آھي، اتي منھنجي محبتن جو اظھار پڻ آھي. ھي تخليقون احساسن جي زبان بہ آھن تہ احتجاج به، مختلف وقتن ۽ ھنڌن تي ٿيندڙ انسانيت سوز ظلمن جبرن خلاف سگهارو آواز بہ آھن تہ من جي بي حد اڪيلاين جو اظھار پڻ آھن.
ھي تخليقون ڌرتيءَ ۽ وطن جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ھٿ چراندن خلاف مذمتون ۽ ڪروڌ بہ آھن تہ سڄي سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن سان ٿيندڙ ڪِيسن ۽ قتل عامن خلاف آواز بہ آھن.
منھنجي اکين جيڪو بہ جبر ڏٺو ۽ ذھن ان کي قبولڻ کان منڪري واري اھو سڀ ڪجهہ شاعريءَ جي صورت ۾ ھن ڪتاب اندر اوھان مانائتن پڙھندڙن اڳيان آھي.
ھن ڪتاب "تون جو پاڇو چنڊ جو" کي آڻڻ لاءِ جتي ڪيترن ئي ساٿين، سھيلين، گهر ڀاتين ۽ زندگيءَ جي ساٿيءَ جو سھڪار رھيو آھي، اتي ھن ڪووڊ وبا جو پڻ حصو آھي. آگسٽ 2020 ۾ ڪووڊ 19 جو حملو ٿيو جنھن سبب ٻہ ٽي ھفتا گهر ۾ آئيسوليٽ رھيس بيماريءَ کان وڌيڪ اڪيلائيءَ پريشان ڪيو ھو، جنھن جو حل اھو ڪڍيم تہ ان عرصي دوران مختلف رجسٽرن، موبائيل فون ڊائرين ۽ پنن جي دستن تي ٽڙيل پکڙيل تخليقن کي نہ صرف سھيڙي ھڪ جاءِ تي ڪيم پر روزانو چار ڪلاڪ ليپ ٽاپ تي ويھي ڪمپوز پڻ ڪري ڇڏيم.
“تون جو پاڇو چنڊ جو” ڪلا کيتر ۾ منھنجي ٽئين حاصلات آھي. اڄ انتھائي خوش آھيان، ھن ڪتاب آڻڻ ۾ جن ادبي ساٿين جو تمام گهڻو سھڪار رھيو انھن جي تمام گهڻي ٿورائتي آھيان.
نثري نظمن جي خوبصورت شاعر ۽ پياري ڀيڻ ۽ سرتي ريحانہ چنڙ جون وڏيون مھربانيون جنھن پنھنجي پي ايڇ ڊيءَ جي ٿيسز لکڻ دوران وقت ڪڍي ھن ڪتاب جو مھاڳ لکيو.
پياري سھيلي سنڌ جي بي باڪ عورتازاد تخليقڪار عطيہ دائود جا وڏا وڙ جنھن ڪتاب جو خوبصورت بيڪ ٽائيٽل تخليق ڪيو.
پنھنجي پياري سھيلي ليکڪ شاعر ۽ ايڪٽيوزٽ امر سنڌو جي پڻ بي حد ٿورائتي آھيان، جنھن انتھائي مصروف ھجڻ باوجود ڪتاب جو فليپ تخليق ڪيو.
گڏوگڏ پنھنجي ادبي ساٿي ۽ سنڌ جي ناليواري شاعر ادل سومري جون پڻ مھربانيون جنھن ڪتاب جي فليپ لاءِ پنھنجي خوبصورت تحرير موڪلي ڏني.
تخليقي آرٽسٽ خدا بخش ابڙي جا پڻ ٿورا جنھن ھن ڪتاب جو ٽائيٽل ڪور ڊيزائن ڪيو.
آخر ۾ سنڌ جي نامياري تخليقڪار ۽ تمام محنتي پبلشر ساجد سنڌيءَ جا وڏا وڙ جنھن ڪتاب کي خوبصورت انداز سان پنھنجي سمبارا پبليڪيشن طرفان ڇپرائي اوھان جي ھٿن تائين آندو آھي.


رخسانہ "پريت"

مھاڳ: لطيف جذبن، محبت ۽ مزاحمتي آوازن جي شاعرہ

اھو 23 آگسٽ جو ڏينھن ھو جڏھن حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ھڪ ٻارڙيءَ جو جنم ٿيو ھو، جيڪا خوشيءَ سان گڏ ڄڻ تہ سندس والدين جي جسماني طور تي صحتمند ھجڻ جو سرٽيفڪيٽ بہ گڏ کڻي آئي ھئي. سندس ماءُ جي اکين ۾ خوشين جي درياھ ڄڻ تہ ڇوليون ٿي ھنئيون، ۽ پوءِ اھا ننڍڙي ڇوڪري سندن لاءِ وندر جو سامان بڻجي وئي جنھن جون ڌوتل چوليون وري وري پيون ڌوپبيون ھيون، ھوءَ گهر جي ھڪڙي ننڍڙي شھزادي ھئي، جيڪا ڪاري موريءَ جي ھڪ ڪمري واري بادشاھي محل ۾ رھندي ھئي، ھن پريءَ کي تريءَ تي بھشت کپندو ھو ۽ ھر طرف خوبصورتي ڏسڻ چاھيندي ھئي. ھوءَ پاڙي جي ھر ان ٻار کي ماري گهر موڪلي ڇڏيندي ھئي، جيڪو ھن جي مزاج جي مطابق راند نہ کيڏندو ھو، ھوءَ حيدرآباد صدر ۾ وچ روڊ تي تيستائين ويٺي رھي ھئي، جيستائين کيس پنھنجي پسند جي گُڏي نہ ملي.... ھوءَ واٽر ڪلرس کان وٺي پشم جي اُن جي گولي تائين (جيڪي سندس والدين سمجهن ٿا تہ اسڪول وارا ھروڀرو خرچ ڪرائين ٿا) ضد ڪري بہ وٺندي ھئي. ائين بہ نہ ھو تہ ڪو کيس ھر شيءِ ملي ويندي ھئي، ڪي شيون نہ بہ ملنديون ھئس ۽ ڪن جا آسرا بہ ملندا ھئس، پر ھوءَ چاھيندي ھئي تہ جيڪو ڪجهہ ھن کي کپي سو کيس ملڻ گهرجي. پر پوءِ آھستي آھستي ھوءَ ننڍڙي شھزادي سمجهي ٿي وڃي تہ ماءُ پيءُ سڀئي خواھشون پوريون نہ ٿا ڪري سگهن، پر انگل ڪرڻ ھوءَ پنھنجو حق سمجهندي ھئي. جنھن عمر ۾ ٻار اسڪول وڃڻ کان پڙ ڪڍي بيھندا آھن ان عمر ۾ ھن ننڍڙي ڇوڪريءَ گهر ۾ ضد ڪري ڏنو تہ سليٽ، پين ۽ ڊريس وٺي ڏيو مان اسڪول وينديس ۽ ائين ھن جو تعليمي سلسلو شروع ٿيو.
توڙي جو اسڪول ۾ پڙھائيءَ سان گڏ راندين ۽ تقريري مقابلن ۾ پڻ نمايان پوزيشنس ۾ رھندي ھئي پر اڃا ڪجهہ ھيو جيڪو ھن جي اندر ۾ ھريو پئي، اسڪولي ڪتابن ۾ لکيل ڳالھين ۽ گهر ۾ ھلندڙ بحثن ۾ الاھي فرق ھيو. گهر جي ديوارن تي لڳل تصويرن ۽ اسڪولي ڪتابن ۾ ڇپيل تصويرن ۾ پڻ ڪا ھڪجھڙائي نہ ھئي. گلين ۾ لڳندڙ نعرن ۽ ديوارن تي ٿيل چاڪنگ سندس ذھن ۾ ڪيئي سوال پيدا ڪري ڇڏيا ھئا، جن جي جوابن کان جڏھن اسڪول جي استادن لنوايو تڏھن ھن ننڍڙي ڇوڪريءَ ستين ڪلاس ۾ پنھنجي سرتين سان گڏجي پھرين بغاوت ڪئي ۽ چاڪ سان سڄي اسڪول جي ديوارن ۽ ٻوٽن جي ڪونڊين تي “جيئي سنڌ” نعرو لکي ڇڏيو ھو. اھا ھڪ معصوماڻي بغاوت ھئي پر سندس ذھن ۾ سوال اڀرندا رھيا ۽ اھڙا ڪيئي سوال ساڻ کڻي ھوءَ ڇوڪري مستقبل جي مسيحا ٿيڻ لاءِ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پھچي ٿي ۽ پھرين سال ۾ پڙھندي جڏھن اناٽامي ڊپارٽمينٽ جي سرد خاني ۾ پيارڪندڙ انسانن جا لاش ڏسي ٿي تہ کيس سماج جي ڪنھن اڻ لکئي قانون کان بغاوت محسوس ٿئي ٿي، ڪاوڙ جو ڪڪر سندس ذھن تي ڇانئجي وڃي ٿو، ھوءَ مستقبل جي مسيحا ڇوڪري جڏھن ھڪ ٻڍڙيءَ کي پنھنجي ڳڀرو پٽ جو گولين لڳل لاش وصول ڪندي ڏسي ٿي تڏھن بہ ڇرڪجي وڃي ٿي، ھن جي ذھن ۾ سوال ڪر کڻن ٿا ھي سڀ ڇا آھي، ڇو آھي ۽ پوءِ کيس شدت سان محسوس ٿئي ٿو تہ جسم جي اناٽامي سمجهڻ سان گڏوگڏ سماج جي اناٽامي پڻ سمجهڻ انتھائي ضروري آھي، جنھن لاءِ ھوءَ مطالعي جي نئين گس تي قدم رکي ٿي. مطالعو جيئن گھرو ٿو ٿئي، سندس سوچن جو سمنڊ جنھن ۾ ماٺار تہ پھريان بہ بنھہ ڪانہ ھئي پر ھاڻي ادراڪ جي جوت سندس سوچن ۾ شدت آڻي ٿي ڇڏي. سوچن جي سمنڊ ھاڻي ڪنارا عبور ڪرڻ ٿي چاھيا ۽ پوءِ ان بيقرارروح تي ڏات جي ديوي مھربان ٿي ۽ سوچن کي ھيٺئين انداز ۾ اظھار جا گس مليا.
ذھن ھي بيقرار مجرم آ.
تنھن ۾ سوچن جو ڄار مجرم آ.

سھڻا خواب لڏي ويا ڪاڏي،
اڄ سپنن ۾ جنگ لڳل آ.
سوچن ۾ سنگهرام ھلي پيو،
پيٽ ورن ۾ جنگ لڳل آ.

ڪونہ ڏئي ٿي پل ڀي ساھي حياتي،
اينئن ڪاٿي ھئي اسان چاھي حياتي،
جينئن چاھيون تينئن ئي گذري وڃي ھيءَ،
ايتري ڀي ڪونہ آ ڏاھي حياتي.

سوچن جي ويرن کي شاعريءَ جو روپ ڏيندڙ اھا ڇوڪري پوري سنڌ ۾ “رخسانہ پريت” جي نالي سان ڄاتي ۽ سڃاتي وڃي ٿي، پريت جي ٽنھين مجموعن“پياسي ساڀيان جل ٿل خواب” “نگاھن جا سجدا” ۽ ھي ايندڙ ڪتاب “تون جو پاڇو چنڊ جو” جو اگر سرسري نظر سان مطالعو ڪجي تہ جيڪي لفظ وري وري نظر مان گذرن ٿا سي آھن پيار، محبت، خواب، ساڀيان، عشق جنھن مان عمومي اھا راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي تہ شاعري محبت جي موضوع تي مشتمل آھي، ڏٺو وڃي تہ اھا راءِ صحيح بہ آھي ان ۾ ٻہ رايا آھن بہ ڪونہ تہ پريت پيار ۽ محبت جي شاعرا آھي پر اھو پيار رڳو ڪنھن فرد تائين محدود ڪونھي، بلڪہ وڏي وسيع معنيٰ ۾ موجود آھي. ڌرتيءَ سان پيار، بغاوت سان پيار، جدوجھد سان پيار، پورھيي ۽ پورھيت سان پيار ۽ پنھنجو پاڻ سان پيار انھن سڀني ڪيفيتن کي پريت عشق جي انتھائن تائين وٺي ٿي وڃي.
عشق ديوانگيءَ جي حد آھي،
عشق نڪتل زمان مڪان مان آ،
عشق يوسف جو، ھٿ وڍي ويو آ،
عشق عيسيٰ کي ھو مصلوب ڪيو،
عشق ڄڻ پنڌ آ پھاڙن جو،
عشق سسئيءَ جو حوصلو آھي.
عشق ڪيڏارو آ لطيفيت جو،
عشق ڄڻ دار تي دلاسو آ،
جو ڀي تاريخ ۾ لکيل آھي،
عشق جو ڄڻ سڄو خلاصو آ.

توڙي جو عشق جسماني ويجهڙائين کان تمام گهڻو اڳتي آھي پر جسماني ڳانڍاپو پڻ محبتن ۾ معنيٰ رکي ٿو، شاعريءَ ۾ اھڙن ڇُھائن کي مرد تہ لکندا ئي رھن ٿا پر جي عورت شاعرا ان تي بي باڪ انداز سان قلم کڻي ۽ پنھنجي جذبن ۽ احساسن جو اظھار ڪري تہ اھو خود پنھنجي اندر ۾ ھڪ باغي عمل آھي، پريت پنھنجي شاعريءَ ۾ محبوب کي چاھڻ ۽ ان جي لمس کي محسوس ڪرڻ جو اظھار وڏي جرئت سان ڪيو آھي.

من باھہ ٻري آھي،
ٻرندڙ جو چمي ھن جي،
چپڙن تي ڪري آھي.

يا وري غزل جي ھيٺين سٽن ۾ سندس بيباڪ اظھار ڏسي سگهجي ٿو.
لھي تشنگي ھيءَ صدين جي پرين،
اڃايل چپن جون ڳنڍيون کولجن.

سراپا وصل کي پرين ماڻجي،
سموريون انگن جون ڳنڍيون کولجن.

ڇھائن سان ھڪٻئي کي ڇرجي، ائين
حجابي ڳلن جون ڳنڍيون کولجن

يا وري:
حفظ ھر انگ ڪري ڇڏيو تنھنجو،
حافظن جي قطار ۾ آھيان.

ھيٺيون ترائيل پڻ سندس خوبصورت بي باڪ اظھار جو ھڪ نمونو آھي.
چانڊاڻ آ مٿي ڪر چھرو ڏسڻ تہ ڏي،
ھيءَ چنڊ رات ٻيھر ڪھڙو پتو اچي،
چپ چار ٿورڙا سي ويجهو اچڻ تہ ڏي،
چانڊاڻ آ مٿي ڪر چھرو ڏسڻ تہ ڏي.

ڪجهہ چاش چاهتن جي تنھن ۾ رلڻ تہ ڏي،
جيون ڪسارو ڪونہ ٿو سچ پچ مزو اچي،
چانڊاڻ آ مٿي ڪر چھرو ڏسڻ تہ ڏي.
ھيءَ چنڊ رات ٻيھر ڪھڙو پتو اچي.

ھيٺيان غزلن جا شعر پڻ سندس رومانوي اظھار جا ڪيئي روپ پيش ڪن ٿا.
ڇو نہ ٿي ويجهڙا وھي ماڻيون،
ھي سدا ڪارا وار رھندا ڇا.

نج پنھنجو ھيءُ جياپو گڏ عاشقي بہ تنھن ۾،
مان سڀ لئہ اوپري پر توسان ٻکي گذاريان.

رخسانہ پريت جو نظم“محبت اوتبي آھي” پڻ رومانوي احساسن جو ھڪ جاندار اظھار آھي.
محبت اوتبي آھي “نظم”
اوھان وارن جھانن ۾
محبت ورڇبي ھوندي
ڪري ھڪ جيترا حصا
برابر ونڊبا ھوندا
ڏيڻ ھوندو، وٺڻ ھوندو
رتي جي ھيڏانھن ھوڏانھن
رساما رنج ھوندا ڪئي
منجهيل ڪئي معاملا ھوندا
ميارون، کوڙ ڏوراپا
سوين ٻيا سلسلا ھوندا
مگر ھيڏانھن ائين ناھي
اسان جي پار ڏي جاني
محبت ورڇبي ناھي
ٿبو آ جذب ھڪٻئي ۾
محبت اوتبي آھي
سموري ذات کي ميڙي
۽ ويڙھي روح کي ان ۾
سراپا سونپبي آھي
محبت اوتبي آھي

ٿئي تحليل ھڪٻئي ۾
رڳو ھڪ آھہ ٿي وڃبو
پتو ڪنھن کي ڏبو ناھي
ڄڀن ۾ راز رھندا ھن
جي خوش ٿي ماڻڪي مرڪي
ڪري تنبيھہ نيڻن کي
مرڪ سا روڪبي آھي
محبت اوتبي آھي
اوھان وٽ ٻيءَ طرح آھي
ھتي پر ھينئن ٿيندو آ
بدن اجرو تعلق جو
جڏھن ڀي ڪوڙھبو آھي
انھن عرصن جو ھڪ ھڪ پل
صدين جو لوڙبو آھي
ھيءَ ئي ھڪڙي گهڙي شايد
قيامت ڪوٺبي آھي
محبت اوتبي آھي

شاعريءَ جي اھڙي ئي رومانوي رنگ ۾ جتي محبوب جي قرب پائڻ جي چاھنا ھجي ٿي اتي شاعرن پنھنجي محبوب جي نقش و نگار سندس جسماني خدوخالن کان وٺي سندس ھر ادا جي حسن کي پنھنجي اظھار بيان ۾ آندو آھي، جيئن استاد بخاريءَ پنھنجي محبوب جي ڀرونئن کي ڌوڌاري تلوار سان تشبيھہ ڏني آھي:
ابرو تنھنجا ابرو ناھن ڌوڌاري تلوار يار
جيڪي ايندا، ٿيندا ويندا
ڌڙ سسين کان ڌار يار

يا شيخ اياز وري محبوب جي زلفن کي ڪاريھر جي ور وڪڙن سان ڀيٽيو آھي:
اڙي نانگ اڙي نانگ
پرين تو تہ ڏٺو ناھي
سندس وار سندس ونگ
ائين آھي جيئن تون

رومانس جي ان رنگ ۾ پريت بہ پنھنجي پرينءَ جي ٻانھن ڪٿي ڳچيءَ جو ھار ٿي ٺاھي تہ ڪٿي اھي ٻانھون سيرانديءَ وھاڻو ٿي ٿيون وڃن، تہ ڪٿي وري ڇپر ڇانوَ طور ٿي محسوس ڪري. پريت جون اھي تشبيھون غزل جي ڪيفيت جي حساب سان منڊيءَ تي ٽِڪ جان ٺھڪي ٿيون اچن.
مرڪب وجود منھنجي ۾ تون ڀي جڙيل پرين،
ٻانھون نہ ڪڍ ڳچيءَ مان، ھي نہ ھار ڌار ڪر.

مورڻين کنڀن جو، ڪوڻيءَ جو ڪو ريشم،
ٻانھن جھڙو ڪو وھاڻو ڪونہ ٿيندو.

نٽھڻ اس ۾ پيا ھلون ڪونہ ڏسون ڇانئون،
پرينءَ سنديون ٻانھون مڙئي اسان لئہ ڇانورو.

ڏٺو وڃي تہ دنياوي وھنوار ۾ پَل کان وٺي پئسي تائين، ڌرتيءَ جي سُرڻ، چنڊ جي چڙھڻ سان گڏوگڏ زلزلن کان وٺي سونامين تائين ھر شيءِ جي وقعت ۽ شدت کي ماپڻ جو ماپو موجود آھي، پر وکر جي ڪاروبار ۾ انساني احساس بغير ماپ طور جي، صرف منافعي جي لاءِ استعمال ٿيندا رھن ٿا، انھن نج انساني داخلي احساسن جي وکر جي دنيا ۾ ڪا بہ وقعت ڪانھي. انسان جي پيار جي شدت کي، اوسيئڙي جي پيڙا کي، ڌڪار جي ذلت کي، بيگانگي ۽ ويچارپ جي احساسن کي ماپڻ جو ڪو بہ ماڻ يا ماپو موجود ڪونھي اھڙين نج داخلي ڪيفيتن جي گھرائي ۽ شدت کي جڏھن شاعر استعارن ۽ تشبيھن جي استعمال سان اظھارن ٿا تہ اھي ڄڻ انھن اڻ ماپيل ڪيفيتن جي گهرائي ۽ شدتن جا ماپا ٿي پون ٿا، پريت پنھنجي تخليقن ۾ پڻ اھڙيون ئي تشبيھون ۽ استعارا ڪتب آندا آھن جيڪي انساني احساسن جا ماپا محسوس ٿين ٿا.
ٻانھن جي ٻيڪڙ مان نڪتيس،
ايئن لڳو ڄڻ جڙ مان نڪتيس.
ھن جي جو پھلوءَ مان نڪتيس،
ڄڻ ڪنھن باھ ڀڀڙ مان نڪتيس.
ڳوليئي کل، خوشي، خوشبوءَ ۾،
دردن جي مان ھڙ مان نڪتيس.
نينھن نديءَ جو ڳجهہ سڃاتم،
منڍ گهڙيس پوڇڙ مان نڪتيس.
ڪجهہ لکيم ۽ ڪجهہ ڳالھايم،
چپ جي ايئن چاپڙ مان نڪتيس.

يا وري ھيٺيان شعر:
ٿورو ويجهو اچي تہ ڌونڌاڙيو
ڄاڻو، زندھ ھون يا لاشا آھيون
آھيون ڪجهہ ماس جي ممين وانگر
ڏڍ آھيون نہ دلاسا آھيون

رخسانہ پريت جي شاعري پڙھندي نہ صرف داخلي ڪيفيتن جي شدت محسوس ڪري سگهجي ٿي پر ان سان گڏوگڏ سندس شاعري ڪٿي ڪٿي ننڍڙي وڊيو ڪلپ جيان پڻ محسوس ٿئي ٿي، جنھن ۾ سڄو منظر اکين آڏو ڦري ٿو اچي. جيئن هيٺئين وائيءَ ۾ واضح ڏسي سگهجي ٿو:
پنڌ کٽي ئي ڪونہ ٿو ،
ھي ڏس پيرن مان،
رت وھي آيو.

سرخي سيري جو ڏٺو ،
سڪل چپڙن مان،
رت وھي آيو.
محبت جي ڪَٿ تہ نہ ٿي ڪري سگهجي پر ان جو معيار ضرور ھوندو آھي. پريت جي پيار جو معيار ڪنھن اوچائيءَ تان وھندڙ جهرڻي، ڪنھن مسلسل وھندڙ نيري نديءَ جيان صاف شفاف، شڪ شبھن جي غلاظتن کان آجو برابري ۽ ھم آھنگيءَ جي بنياد تي ٻڌل نظر اچي ٿو، جنھن ۾ خودغرضيءَ جو عنصر تہ ناھي پر ھروڀرو جي انڪساري بہ ناھي. بلڪہ خودداري ۽ سيلف ريسپيڪٽ جي جهلڪ نظر اچي ٿي. اردوءَ جي نالي واري شاعرا پروين شاڪر جتي پنھنجي محبوب جي بيوفائيءَ کي رومانٽيسائيز ڪندي لکي ٿي:

وو جہاں بھی گيا لوٹ کے ميري ھي پاس آيا،
بس يھي بات اچھی لگي مجهے ميرے ھرجائي کی۔

اتي پريت نہ صرف رستا الڳ ڪرڻ جي ڳالھہ ٿي ڪري، پر اھو چتاءُ بہ ڏياري ٿي تہ اگر اوھان مصروف ٿي ويا آھيو تہ ڪو اوھان جي انتظار ۾ ويٺو ڪونہ ھوندو بلڪہ زندگي روان دوان رھندي، اوھان واپسيءَ تي گهر خالي ۽ دروازي تي تالي جي پڻ توقع رکو.

ڪينئن سوچيئي تو اچين ۽ ھر ڀيري ھو ملي پئي،
گهر بند ۽ ڪنڍي بند، تالو بہ ٿي سگهيو پئي.
يا وري سندس ھيٺيون غزل:
جي نہ ملندين تہ مان ھلي وينديس
جي نہ گهرندين تہ مان ھلي وينديس
اچ اَجهو ڏيانءِ مان پنھنجي نيڻن ۾
پو بہ رلندين تہ مان ھلي وينديس
جوڙ ونڊ ضرب ۽ بچيل پاڇيون
مون کان پڇندين تہ مان ھلي وينديس
پنھنجو ھٿ منھنجي ھن ٿڌي ھٿ تي
جي نہ رکندي تہ مان ھلي وينديس

سماج اندر غربت، بک، بي روزگاري، ڪنھن سماجي سياسي ويساھہ گهاتيءَ جو نتيجو ھونديون آھن، اھڙيون ويساھہ گهاتيون عالمي سطح تي ڦھليل سرمائيداراڻي نظام جي ميگا پروجيڪٽس جي نتيجي ۾ معصوم عوام سان وقت جا حڪمران ڪنھن دلفريب نعري ۽ ترقيءَ جي نالي تي ڪندا رھندا آھن. انھن بي واجبين جو شڪار ھونئن ھر ملڪ جو عوام ڪنھن نہ ڪنھن شڪل ۾ ٿيندو رھي ٿو پر ٽين دنيا جو عوام تہ ڄڻ غربت جي اونھي کاھيءَ ڏانھن مسلسل ڌڪجندو پيو وڃي، غربت جي ان کڏ ۾ ڪير ڪيترو اونھائيءَ تائين ڪريل آھي ۽ ڪير اڃا ڪِرڻ وارو آھي، سرمائيداراڻي نظام ان جو بہ عالمي سطح تي پيمانو جوڙي ڇڏيو آھي، جنھن کي “غربت جي لڪير” نالي ڏنو ويو آھي، ۽ ٽين دنيا جي آباديءَ جي اڪثريت ان غربت جي لڪير کان بہ ھيٺ انتھائي ڏتڙيل حالتن ۾ پنھنجي ساھن جو سلسلو قائم رکڻ جا جتن ڪري رھي آھي، جن مان صرف چند ماڻھو پنھنجي اندر جي غرور کي ماري پيٽ پالڻ لاءِ ٻين اڳيان ھٿ ٽنگين ٿا، باقي سڀ “ڀلي بک ڀرم جي شال مَ وڃي شان” واري حالت ۾ ڪنھن نہ ڪنھن طرح ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ ھٿوراڙيون ھڻندا رھن ٿا. رخسانہ پريت اھڙين حالتن کي جنھن انداز سان پنھنجي تخليقن ۾ اظھاري ٿي نہ رڳو ان بک جي شدت کي محسوس ڪري سگهجي ٿو پر گڏوگڏ ذھن ۾ سوال بہ ڪر کڻن ٿا تہ آخر اھو سڀ ڪجهہ ڪيستائين ......
تن کي ڀئہ تون موت جا ڏيندو رھين ٿو
ڦندو جن لئہ پيٽ ھو، ڦاھي حياتي

چنڊ ڀي ڪيستائين بھلائي
ٻري آنڊن ۾ کورو ڪيئن جيئجي

لڙڪن جي جاءِ رت ھو فاقن ۾ پيٽ ھئا
شيھو رجيو پئي سوچ ۾ نعرا بہ کوڙ ھئا

ھيٺينءَ وائيءَ ۾ تہ انساني بيوسيءَ جا اھڃاڻ چٽا ملن ٿا
ھڪڙي مانيءَ ڪاڻ
روئي ٻار سمھي پيا
چلھہ ۾ ٿڌ جو ٿاڪ ھو
ماءُ اندر مانڌاڻ
روئي ٻار سمھي پيا
چکندي چکندي، تڙپندي
جيون جي کاراڻ
روئي ٻار سمھي پيا

زندگيءَ لاءِ اھم آھيون ايترا،
ھر دفعي ڪاٿي وساري ٿي اچي.

خوف جي پاتال ۾ ڪنبندي ڏسي ڪو،
دنيا ھن جي گول ۾ ڪيئن ٿا جيئون پيا.

ھر گهڙي الزام ٿي نوان آڻي،
تھمتن چوٻول ۾ ڪيئن ٿا جيئون پيا.

مٽيءَ قرض چڪائيندا سڀ
جوڌيون ۽ اڙٻنگ مٽيءَ جا

ماريو ويو کنڀيو ڪو گهايو،
ڄڻ تہ وطن ۾ جنگ لڳل آ.

شايد اھا انساني خصلت آھي تہ ھو گهڻي ڀاڱي نااميد نہ ٿو ٿئي، شديد مايوسيءَ وارين حالتن ۾ بہ ھو ڪنھن آفاقي سھاري مان مدد جي اميد نٿو ڇڏي، ان ڪري ئي صدين کان انسان ۽ خدائيءَ جو بحث هلي پيو. عقيدائي علمن کي عوام جي اڪثريت تہ رڳو پنھنجو دڳ ڳولڻ يا وري شديد تڪليف ۾، سھاري طور استعمال ڪري ٿي پر جڏھن اھي عقيدا ئي علم سامراجي قوتون پنھنجا سياسي ۽ اقتصادي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن ٿيون، تڏھن سماج ۾ مذھبي منافقت پيدا ٿئي ٿي ۽ پوءِ عام ماڻھو جيڪي زندگيءَ جون ننڍڙيون گهرجون بہ پوريون نہ ڪري سگهڻ سبب احساس ڪمتريءَ جو شڪارٿي ھڪ منجهيل ۽ ڳنڀيرتا واري زندگي گذاري، وڏي سولائيءَ سان تنگ نظريءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ “مشال خان” ۽ “ڀوري ڀيل” جھڙا واقعا سماج ۾ ٿيندي نظر اچن ٿا. اھڙي تنگ نظريءَ واري ماحول ۾ جتي بلاسفيمي جي تلوار ھر سوچيندڙ ذھن مٿان لٽڪيل ھجي ۽ ڪنھن بہ مھل ڪنھن تي اھو الزام لڳائي سندس حياتيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏڻ واري صورتحال ھجي. رخسانہ پريت وڏي بھادريءَ سان ان تنگ نظريءَ کي ننديو آھي ۽ ڀوري ڀيل کي زبردست خراج پڻ پيش ڪيو آھي:
ڀورا تنھنجيءَ ڀونءِ تي
توسان ھيءُ انياءُ
سنڌ سڄي سڏڪي پئي
ڌرتيءَ دانھيو درد مان
اڀ جو ڦاٽو ھانءُ
سنڌ سڄي سڏڪي پئي
ڪھڙو دين الله جو
ڏسِ تون مون کي آءُ
سنڌ سڄي سڏڪي پئي
ماڻھو ٿيو بي آبرو
انسانيت کي گهاءُ
سنڌ سڄي سڏڪي پئي
ماڻھو مذھب کان مٿي
ڌرتي سڀ جي ماءُ
سنڌ سڄي سڏڪي پئي
ھو تہ اسان مان ئي ھيو
کڻ تون ڌار ھي ٿانءُ
سنڌ سڄي سڏڪي پئي

يا وري سندس نظم جون ھيٺيون سٽون:
ھتي ھن ديس ۾ ھاڻي
جو گوليءَ گهاو کان بچندو
وري ڪنھن موڙ تان مڙندي
آ ڪيڏو ڇرڪجي ويندو
وري ڪنھن ڪفر جي فتوي
سندءِ پيرا کنئيا ھوندا
سندءِ معصوم دل ۾ خوف جا
خيما ھنئيا ھوندا
وري ڪاري ڪڪر اڀ مان
وڏي گجگوڙ ڪئي ھوندي
۽ ڪنھن ڪافر چئي ڪنھن کي
سڌي گولي ھنئي ھوندي.
توڙي جو سماج جو ھڪ حصو ان تنگ نظريءَ کي ننديندي بہ نظر اچي ٿو پر ھو ان جي نعم البدل طور سائنسي سوچ کي ھٿي وٺرائڻ بجاءِ صوفي ازم کي پيش ڪري ٿو، جڏھن تہ پريت پنھنجي شاعريءَ ۾ صوفي ازم کي جز ۽ ڪل جي وچ ۾ ھڪ ذاتي سطح جو ڳانڍاپو سمجهندي باقي مسئلن لاءِ گڏيل ۽ مسلسل جدوجھد ۾ يقين رکي ٿي.
مان مجازي رنگ ۾ رنگجي وئي ھان
منھنجو لھجو عارفاڻو ڪونہ ٿيندو

ڏئي لت ماڻھپي تي پئي ماڻھو لنگهي ويو
پئي ٿيون عبادتون ۽ سجدا بہ کوڙ ھئا

عام طور تي اھو محسوس ڪيو ويو آھي تہ جڏھن بہ جدوجھد ۽ دشمن سان مقابلي جي ڳالھہ ٿيندي آھي تہ بھادر ۽ جوڌن جي ماءُ کي ساراھيندي ۽ ان تي فخر ڪندي اڪثر اھي جملا ٻڌڻ ۾ ايندا آھن تہ سلام آھي انھن مائن کي جن ھھڙا بھادر پٽ ڄڻيا، يا وري چيو ويندو آھي تہ اڃا مائرن جون ڪکيون بنجر ناھن ٿيون جو جوڌا پٽ جنم نہ وٺن. شاھ عبدوالطيف ڀٽائي عورت واتان چورائي ٿو:
ڀڳو آئون نہ چوان ماريو سين وسھان
ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سونھان
تان پڻ لڄ مران جي ڪر ھوئنس پٺ ۾.

يعني عورت فخر محسوس ڪري ٿي جڏھن سندس ڪانڌ ڪنھن ويڙھ ۾ ڀرپور مقابلو ڪري زخمي ٿي سرخرو ٿي موٽي ٿو. عورت بس اھو چاھي ٿي تہ سندس ساٿي بھادريءَ سان مقابلو ڪري نہ ڪي بزدل ٿي ميدان ڇڏي واپس موٽي. عورت پاڻ ويڙھہ ۾ حصو وٺي، پنھنجي بھادريءَ تي ناز ڪري، شاھ سائين اھڙي ترغيب ڏيندي نظر نہ ٿو اچي ان ساڳي تسلسل ۾ اياز بہ ڌرتيءَ جو راڄ ڌڻي مرد کي سمجهي ٿو:
ھن ڌرتيءَ جا او راڄ ڌڻي
تون رت ۾ ريٽو ٿي ايندين
مان ڇيرين کي ڇمڪائينديس

مطلب تہ اھا ئي عورت بھادر آھي جا پنھنجي گهر ڀاتين جا رت ۾ ريٽا جسم ڏسي روائيتي روڄ راڙي بجاءِ خوش ٿئي، جهومي، فخر ڪري ۽ سندس آڌرڀاءُ ڪري، توڙي جو شاھہ سائين پنھنجي سورمين ذريعي علامتي جدوجھد ڏيکاري آھي پر اھا سڄي مجازي عشق جي ذريعي، جڏھن تہ گڏيل جدوجھد ۾ عورت جو ڪو علامتي طور تي بہ خاطر خواھ حصي جو ذڪر نہ ٿو ملي. شاھہ سائينءَ جي دور ۾ توڙي عشق ۾ روايتن کي ٽوڙي اڳيان اچڻ ئي ھڪ وڏي بغاوت ھئي (جيڪا اڄ ڏينھن تائين جاري آھي خاص طور تي ٽين دنيا جي ماڻھن لاءِ) ۽ اگر تاريخي طور تي ڏٺو وڃي تہ اھو دور غلام ۽ آقا وارو ھيو جنھن جي ڪري ڪافي سماجي ۽ اقتصادي رويا واضح طور تي سامھون نہ اچي سگهيا، جيئن ڪارل مارڪس ارسطوءَ کان متاثر ٿي لکيو آھي تہ: “ارسطو ان منطق کي تہ ڄاڻي ويو ھو تہ شين جي وچ ۾ برابريءَ جي بنياد تي مٽا سٽا ڪنھن مساوات کان سواءِ ممڪن ناھي پر اھا ڪھڙي شيءِ آھي جيڪا کين برابر ڪري ٿي اھو، ھُو ان ڪري ڄاڻي نہ سگهيو جو اھو غلاميءَ وارو دور ھو جنھن ۾ پيداوار سڄي جا سڄي مالڪ جي ملڪيت ھئي ۽ انساني محنت جيڪا اصل ۾ شين ۾ قيمت پيدا ڪري ٿي ان جي ڪا بہ وقعت نہ ھئي، ان لاءِ ارسطوءَ انساني محنت جي اھميت کي منطقي انداز سان سمجهي نہ سگهيو، ساڳي انداز سان شاھ سائين جي دور ۾ اھڙيون سماجي حالتون نہ ھونديون جو شاھہ سائين گڏيل جدوجھد ۾ عورت جي ڪردار کي اڳيان آڻي، پر شيخ اياز جي دور تائين عورت جدوجھد ڪافي اڳتي اچي چڪي ھئي، يورپ ۾ فيمينسٽ تحريڪون ھلندڙ ھيون، سوشلسٽ انقلابن ۾ پڻ عورت جدوجھد جو وڏو حصو ھيو، جيڪو روسي ادب ۾ واضع طور تي نظر اچي ٿو. فلسطين جي آزاديءَ جي جدوجھد ۾ بہ عورت جو وڏو ڪردار آھي ان سڄي جدوجھدن باوجود اياز بہ اتي ئي بيٺو آ جتي شاھہ سائين جو پيغام، پر عورت ھجڻ ناتي رخسانہ پريت پنھنجي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جي ھڪ محب وطن فرد جيان پنھنجي ڌرتيءَ جي ويرين سان مھاڏو اٽڪائيندي ۽ ڌرتيءَ جا گيت ڳائيندي نظر اچي ٿي.
دانھن ڌرتيءَ جي مان ورنائڻ ڇڏي ڏيان
ڇا وطن جا گيت مان ڳائڻ ڇڏي ڏيان
موھن جو اتھاس مان ئي سنبارا
تون چوين ٿو ڀونءِ کي ڀانئڻ ڇڏي ڏيان
وار وحدت تي وطن جي ھينئن ڏسندي
تخليقن ۾ قوم جاڳائڻ ڇڏي ڏيان
مان دراوڙ ڌيءُ ڌرتيءَ جي جبر سان
ڪيئن مھاڏو نيٺ اٽڪائڻ ڇڏي ڏيان
قلم ڌياڻي، پاسبانن ۾ ٿي ڳڻجان
ھيڏانھن جو گهوري غلط، گهائڻ ڇڏي ڏيان

پريت ڪيڏي نہ خوبصورت انداز سان کنڀجي ويل ديس واسين لاءِ مسلسل جدوجھد ۾ رڌل نينگرين کي ساراھيو آھي:
رڪ جيان ڏاڍو عزم اوھان جو ڇوڪريون
سسئي سورٺ ۽ ٽيون عشق اٿو آڏو
ڪيڏو مھاڏو اٽڪايو ٿوّ ڏاڍ سان
پريت وڏي اتساھ سان بلوچ نينگرين جي جدوجھد جو بہ ذڪر ٿي ڪري، جيڪي پيرين پيادي لڪن، جهنگن، پھاڙن کي جهاڳي پنھنجي ڌرتيءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ ايوانن تائين پھچن ٿيون.
عشق ھوءَ ڇوڪري بلوچي آ
جنھن پھاڙن پٺيان پڪاريو آ
نيٺ نڪري پئي آ راھن تي
پنڌ ھن جو گهڻو پرانھون آ
ڪيئن چئجي تہ ھوءَ ٿڪي پوندي
ھوءَ اڃا ڪئي ھزار ميل ھلي
نئين تاريخ عشق جي لکندي.

جبر جي خلاف جدوجھد ڪندڙن جي پيچرن تي ڪيئي خار ھجن ٿا، جي ننگن پيرن کي تہ پٿون ڪري وجهن ٿا پر سندن حوصلن کي لوڏي نہ ٿا سگهن، پريت اھڙن انسانن جي ڪيفيتن کي تمام گهڻي ويجهڙائيءَ کان پرکيو ۽ محسوس ڪيو آھي، پريت پنھنجي جيون ساٿيءَ جي پٺن تي جڏھن ڦٽڪن جا نشان ڏسي ٿي ۽ جڏھن ان کان اھو ٻڌي ٿي تہ ڪيئن ضمير جي قيدين کي ڇھہ ڇھہ مھينا اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي رکيو وڃي ٿو، اھڙين حالتن مان گذري جڏھن سياسي ڪارڪن ٻاھر اچن ٿا تہ سندن ذھني ڪيفيت ڪھڙي ھوندي، ھو پنھنجي ٿيل تذليل ۽ تڪليف کي ڪيئن ٿا منھن ڏين. ٻاھر رھندڙ ماڻھو ان اذيت کي سمجهي ئي نہ ٿا سگهن، پريت مزاحمتي سياست جي اھڙن ڪارڪنن جي ڪيفيتن جي ترجماني ڪجهہ ھنن لفظن ۾ ڪندي نظر اچي ٿي.
گونج منھنجي گهٽيو زبان رکبي،
ڀل تہ گردن ڪپيو زبان رکبي.

لڙڪ اکڙين جا ڄڻ تہ ٽانڊا ٿيا،
ساڻ رت ڀي رڙيو، زبان رکبي.

مون اڏيو مورچو آ سوچن جو،
سو بہ ناھي جهريو، زبان رکبي.

منھنجو ھي آخري بيان آھي،
مون کي ماري ڇڏيو، زبان رکبي.


يا وري ھڪ غزل ۾ لکي ٿي:
ڪک جيان لڙڪ مان تري نڪتو.
ھو وڏي ويڙھہ مان جهري نڪتو.

جينئن ئي اٽڪيو وڃي ھو اوندھ سان
پوءِ حياتي سڄي ٻري نڪتو.

سج کان وڌ جليو ھو جوڀن ۾،
ڏئي سج جي مٿان تري نڪتو.

ھتي اگر ھيٺينءَ وائيءَ کي ڏسجي تہ لڳي ٿو ڄڻ سڄي جا سڄي انھن سرفروشن کي ڀيٽا طور لکي وئي آھي.
ڪونہ مڃيسين مات،
اسان اڃا ڀي پنڌ ۾ .
نيٺ نراس جي ڪوھيڙي مان
جوءِ پائيندي جهات.
اسان اڃا ڀي پنڌ ۾.
گهگهہ جا گهيرا ٽٽندا ايندي،
پايل سان پرڀات.
اسان اڃا ڀي پنڌ ۾.
ڪڏھن پرھ واٽن تي گڏجي،
ڪڏھن اماسي رات.
اسان اڃا ڀي پنڌ ۾.
ڪڏھن نچن سوريءَ تي سسيون
ڪڏھن اڏيءَ تي ڪات.
اسان اڃا ڀي پنڌ ۾.

پريت ڌرتيءَ جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙن کي نہ صرف اتساھي ٿي پر ھوءَ پنھنجي آسپاس ٿيندڙ ھر سياسي چرپر، جنھن سان ديس واسين کي ڪو نقصان پھچي سگهي ٿو، اھڙين حالتن کان باخبر رھڻ جي پڻ تاڪيد ڪندي خبردار پڻ ڪري ٿي.
روز پيو جڪڙجين ان ڄار جو پتو تہ رک.
ڪينئن ٽٽين پيو ٿو ڏار ڏار جو پتو تہ رک.

ملھہ ڇا منڪريءَ جو تون سمورو ڄاڻين ٿو،
ايئن سراپا بڻيل انڪار جو، پتو تہ رک.

کڻي سنگهرون گهڻو ويجهو پڄي ويا آھن،
تون آھٽن جو ۽ جهنڪار جو پتو تہ رک.

تو چوين پيو ٿو تہ توکي آ سفر وڏو ڪرڻو،
تہ پوءِ ھر سنگ جو ھر خار جو پتو تہ تہ رک.

تنھنجي لڙڪن ۾ رنگ ڇو لٿو لھوءَ جو آ،
من جي ماتم جو، ھر آزار جو پتو تہ رک.

سماج ۾ جڏھن جدوجھدون تيز ٿي وينديون آھن ۽ حڪمران پنھنجا بنياد لڏندي محسوس ڪندا آھن، تڏھن ھو پھريون وار اظھار جي آزاديءَ تي ڪندا آھن. ھو اديب جي قلم جون قيمتون بہ لڳائيندا آھن تہ ماڻھن جي ميڙ کان ڊڄي 144جھڙا قلم پڻ لڳائيندا آھن، پر تاريخ گواھ آھي تہ جيئن پاڻيءَ جي تيز وھڪري جي رستا روڪ نہ ٿي ڪري سگهجي، ھو پنھنجا گس پاڻ ٺاھيندي اڳيان وڌندو ويندو آھي ايئن سوچيندڙ دماغ پنھنجي اظھار جو رستو سخت پابندين ھوندي بہ ڪڍي وٺندو آھي. اھڙين حالتن ۾ علامتي مزاحمتي ادب سامھون ايندو آھي. پريت بہ انھن تخليقڪارن منجهان آھي جن جو قلم پنھنجي اظھار لاءِ علامتي رستو ڪڍي ٿو وٺي. پريت جو قلم اھو گوارا نہ ٿو ڪري تہ قومي سلامتيءَ جي نالي تي انساني جانيون بغير ڪنھن قانوني جواز جي سالن جا سال گم ڪيون وڃن ۽ ڪا ٻڙڪ بہ ٻاھر نہ نڪري.
نظم اڇا جزا
منھنجي رت ۾ موجود
اڇا جزا الائي تہ ڇو
منھنجي ئي وجود
جا دشمن بڻجي پيا آھن
منھنجي جسم جا ڪئي
گهرڙا گم پڻ آھن
منھنجي وجود جا محافط
ڪيڏي نہ چالاڪيءَ سا
دڙڪي دھمان ۽ ڌمڪين
سان حملو ڪندڙ جراثيمن
تي رعب وجهندا رھن ٿا،
پر کين سان وڙھڻ بدران
منھنجو ئي ماس پٽي رھيا آھن،
منھنجو ڏيل وڃي پيو ڏرندو
۽ ھي مچي مواڙ ٿيندا ويا آھن،
منھنجي جسم جو مدافعتي
نظام منھنجي ئي گوشت
تي پيو پلجي
آئون ٻوٽي ٻوٽي ٿي
کاڄي رھي آھيان
مان اگر پنھنجي سفر ۾
وقت کان اڳ مري وڃان
تہ منھنجي قتل جي
ايف آءِ آر منھنجي ئي
مدافعتي نظام جي اڇن
جزن خلاف لکرائي وڃي.

پريت سماج اندر ھلندڙ ھر جدوجھد کي پنھنجي مختلف تخليقي صنفن، بيت، وائي ۽ غزل ۾ سرجيندي رھي آھي، تخليقڪار جي ذھن ۾ سوچن جون ويرون لھنديون چڙھنديون رھن ٿيون جن کي ھو پنھنجي مخصوص تخليقي انداز سان ڪاغذ تي اوتي ٿو، پريت پڻ انھن اڻ جهل ويرن کي غزل، وائي ۽ بيتن ۾ اظھاريندي رھي ٿي پر جڏھن ڪا وڏي وير اڀري ٿي اچي، جا غزل ۽ وائيءَ جي پابندين ۾ اظھارجي نہ ٿي سگهي تہ اتي وري پريت نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم کي وي آف ايڪسپريشن طور چونڊي ٿي. جڏھن جمھوري دور ۾ کلي عام وڪيلن تي تشدد ۽ گولين جو وسڪارو ڪيو ويو ھو، ان واقعي پريت جو جيءُ جهوري وڌو ھو جنھن تي ھن نظم “ڇا انسانيت مري وئي آ” تخليق ڪيو ھو:
ڇا انسانيت مري وئي آ
ھر گس تي لال لھو ڦھليو
ماڻھن پئي ماڻھن کي گهليو
ڪو فائر ساڻ ڪريو ھيڏانھن
ڪنھن گوليءَ گهاءُ وڌو ھوڏانھن
سک سان گڏ سانت مري وئي آ
ھر دل جا شانت مري وئي آ
ھر ڪوئي پڇي ھر ڪنھن کان پيو
ڇا انسانيت مري وئي آ
آ ديس سندو قانون ڪٿي
يا خود رياست مري وئي آ.

رخسانہ پريت جنھن ٽھيءَ سان تعلق رکي ٿي ان ٽھيءَ سياسي سماجي ۽ معاشي طور تي وڏا لاھا چاڙھا ڏٺا آھن، سخت قسم جون مارشلائون، ايم آرڊي جھڙيون تحريڪون، ڪالا باغ خلاف جدوجھدون ۽ نسلي فساد. ان سڄي دور ۾ ھڪ شخصيت جو ڪردار جمھوري طور تي بلڪل واضح نظر اچي ٿو اھو آھي محترمہ بينظير ڀٽو جو ڪردار جيڪا ايم آرڊي جي موومينٽ دوران جهر جهنگ لتاڙيندي دورا ڪندي جلسا ڪرائيندي نظر اچي ٿي تہ ڪالا باغ ڊيم خلاف جدوجھد ۾ بہ شامل رھي ٿي. اھڙي بي باڪ جمھوري شخصيت جڏھن قتل ٿئي ٿي تہ گهڻي ضبط باوجود اکيون دل ۽ قلم روئي ويھن ٿا، پريت اھڙي غمگين ۽ رنج واري صورتحال ۾ نظم “سچ تہ ھوءَ بينظير آھي” جھڙو نظم تخليق ڪري محترمہ بينظير کي خراج پيش ڪري ٿي.
رخسانہ پريت جي شاعريءَ جو ھڪ وڏو ڀاڱو عورت جي پنھنجي وجود جي بقا جي لاءِ ھڪ مڪمل انسان طور پاڻ مڃائڻ ۽ ھڪ آزاد فرد طور زندگيءَ جي سڀني خوشين کي ماڻڻ ۽ ڪاميابين جي سڀني ڏاڪن کي پار ڪرڻ جي جدوجھد سان گڏ عورت جي پيڙائن ۽ ڀوڳنائن جي اظھار ۽ سماج جي طرفان ٻہ اکيائي واري رويي کي نندڻ تي مشتمل آھي. پريت جڏھن تاريخ جي جهروڪي ۾ ليئو پائي ٿي تہ اڌ آبادي تي مشتمل عورت سواءِ ھڪ ٻن ھنڌن تي سندس موجودگيءَ ھجي ٿي باقي ھن جو وجود ھرھنڌان غائب ڏسي سندس ذھن گهڻو ڪجهہ سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو جنھن جو اظھار ھوءَ پنھنجي تخليقن ۾ ڪجهہ ھيئن ڪري ٿي.
پيار خوشبو وفا تلاشي پئي
ڏڍ ڪي آسرا تلاشي پئي
پنھنجا تاريخ ۾ ڏسي پيرا
پنھنجي ھوءَ ارتقا تلاشي پئي
ڳولي ھمدرد پنھنجي ڀر ۾ پئي
۽ ڪوئي ھم نوا تلاشي پئي
ھوءَ بہ ھڪ دل رکي ٿي سيني ۾
ھوءَ بہ ھڪ دلربا تلاشي پئي
ويڙھہ وڙھندي وجود پنھنجي جي
ساھ لئہ ڪجهہ ھوا تلاشي پئي
ھوءَ سراپا سرير مان نڪري
عشق جي انتھا تلاشي پئي.

پنھنجي ارتقائي سفر جي جستجوءَ ۾ پريت کي عورت جي ثانوي حيثيت ھجڻ تي انتھائي تڪليف پھچي ٿي ھوءَ سوچي ٿي تہ ڪيئن نہ ثقافت ڪلچر ۽ قبيلائي مان مرياڌا قائم رکڻ جي نالي تي عورت کي ھڪ مخصوص دائرن اندر قيد ڪري رکيو ويو آھي، جتي آزاديءَ سان ساھ کڻڻ لاءِ بہ کيس جتن ڪرڻا ٿا پون.
ھوءَ جلي بي پناھہ ڇا تہ ڪندي
ھيءَ ننڌڻڪي نگاھ ڇا تہ ڪندي
نيٺ محبت مٽيءَ مان آ ڳوھيل
ڪندي ھرھرپئي چاھہ ڇا تہ ڪندي
ھيئن جي پھرا ڌريندي ساھن تي
ھوءَ لڪائيندي ساھ، ڇا تہ تہ ڪندي
جنھن ۾ شعلو جلي بغاوت جو
وقت توسان، سا ٺاھہ ڇا تہ ڪندي
ٻَڌين فظرت کي پيو وجهي واڍيون
جو ڪري، سڀ گناهہ، ڇا تہ ڪندي
ھوءَ سراپا ڪڙيل رواجن ۾
ڪا تہ ڇڏجوس واھ، ڇا تہ ڪندي.

جتي ظلم ٿيندو آھي اتي ان خلاف آواز پڻ اٿاريو ويندو آھي، پر اگر ظلم، ريتن، رسمن ۽ غيرت جي نالي تي ڪيو وڃي تہ ان خلاف اٿندڙ آواز ٿوري دير جا پڙاڏا ئي ثابت ٿين ٿا اھڙين مدي خارج رسمن مان ڪارو ڪاريءَ جو قتل پڻ آھي اھڙين سڀني عورتن جو رخسانہ پريت آواز بڻجي لکي ٿي:
ڇا مان ايئن سمجهان.
منھنجو خون لڙھي ويو .
سڏڪي ٿي سنڌو ندي،
سڀني کي چئجان.
منھنجو خون لڙھي ويو.
او سرتي! تاريخ کي،
منھنجي دانھن ڏجان.
منھنجو خون لڙھي ويو.
ڪنھن ٻيءَ ڀيڻ مٿان کڄي
ھٿ اھو ڀڃجان.
منھنجو خون لڙھي ويو.
منصف مايا تي ڀلئين،
عمريون ھٿ ھڻجان.
منھنجو خون لڙھي ويو.
ديس ڌياڻي سنڌ جي،
مون لاءِ تون وڙھجان.
منھنجو خون لڙھي ويو.
ڪين وطن جي سورمي،
مات مري مڃجان.
منھنجو خون لڙھي ويو.

ٽين دنيا خاص طور تي ننڍي کنڊ جون عورتون ھڪ طرف ماريون وڃن ٿيون تہ ٻئي طرف مٽا سٽا جي وکر جيان وڪاميون ۽ خريديون بہ وڃن ٿيون، پريت جو قلم اھڙن ھاڃن تي ڪڏھن بہ خاموش نہ ٿو رھي.
آھيان جلندي اجهامي ويندي ھان
ايئن ئي پڄري ۽ کامي ويندي ھان
شيءِ خريدوفروخت جي آھيان
سو خريدي وڪامي ويندي ھان
جتي ڳوٺاڻي عورت کي ان جي پسماندگيءَ، ويچارپ ۽ ان سان ٿيندڙ ناانصافين جي بنياد تي ھمدردي جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آھي اتي شھري عورت جنھن جو اگر لباس ٿورو مختلف آھي يا ننڊي وڏي نوڪري ڪري ٿي ۽ پنھنجي ضرورتن جون شيون وٺي ٿي تہ ان کي آزاد ۽ خودمختيار عورت سڏيو ويندو آھي. ايتري قدر جو عورت پاڻ بہ اھو سمجهڻ شروع ڪري ڏيندي آ تہ ھوءَ بہ سماج جو ھڪ آزاد ۽ خودمختيار فرد آھي، ان عورت جي گمان تي پريت “خودمختيار عورت” نظم لکي اھڙين سڀني عورتن کي ڌونڌاڙيو آھي تہ جنھن وھم کي ھو خودمختياري سمجهن ٿيون اھو سچ نہ پر سندن وھم آھي. مارڪس چواڻي اھي فالس ڪانشيسنيس جو شڪار آھن. اصل ۾ تہ سندن غلامي جي رڳو ھڪ ڪڙي ٽوڙي زنجير کي ٿورو گهرگهلو ڪيو ويو آھي تہ جيئن ھوءَ ٿوري حرڪت ڪري سگهن ۽ مالڪ جي ڪمن ڪارين ۾ وڌيڪ ھٿ ونڊائين. کيس اڃا ھڪ ڊگهي زنجير لاھي ڦٽي ڪرڻي آھي تڏھن ئي ھوءَ ھڪ خود کي خودمختيار عورت سڏرائي سگهندي.

خودمختيار عورت (نظم)

ڪچھري ڪندي ڪندي
اوچتوٽھڪ ڏئي چيائين
“سرتي ھن صورتحال ۾
مان پاڻ لاءِ
چئي سگهان ٿي تہ آئون
ھن دور جي خودمختيار
عورت آھيان”
ٿورو ترسي منھن ۾ چتائيندي
پڇيومانس
“ايڏي وڏي آفيسر آھين
ڇا پنھنجي پگهار جو چيڪ
بينڪ وڃي خود ڪيش
ڪرائيندي آھين؟”
ڪجهہ پل خاموش رھندي وراڻيائين
“نہ نہ ڪڏھن بہ نہ مون کي تہ
خبر ڀي ناھي تہ منھنجي
پگهارڪيتري آھي”
گهڙي ترسي ٻيو سوال ڪيو مانس
ڇا ڪنھن الف بي تي کي
ٻڌائڻ يا اجازت وٺڻ
کان سواءِ ڪڏھن گهر جي
چائنٺ ٽپي اٿئي
ڪجهہ وقفو ڏئي وراڻيائين
“نہ ڪڏھن بہ نہ
ڪنھن نہ ڪنھن کان ته
پڇڻو يا ٻڌائڻو پوندو آ”
ڀلا اھو تہ ٻڌاءِ ھنن ٻچڙن جي
پالنا دوران راتين جي
اوجاڳن ۾ ڪنھن جي
ڀاڱي ڀائيواري ٿئي؟
اکيون ڀرجي آيس
“نہ نہ ڪنھن جي بہ نہ اڪيلي
جاڳي آھيان
صدين جا اوجاڳا اڪيلي سر
سٺا اٿم ڪڏھن ڪڏھن
تہ اکيون ئي پٿرائجي ويل ڀائيندي ھئم”
پريت جو مٿيون مڪالماتي نظم سڄي جو سڄو لاجواب ۽ عورت جي اندروني ڪيفيتن جو عڪس پيش ڪندڙ آھي، جنھن جا ڪجهہ مڪالما حوالي طور پيش ڪيا ويا آھن.
ڏٺو وڃي تہ عورت کي ھڪ منظم پدرشاھي سرشتي تحت سندس صنفي خصلتن کي بنياد بڻائي کيس ھر دور ۾ ھڪ طرف ڪمزور ۽ نازڪ نفيس ڪري پيش ڪيو ويو آھي، تہ ٻئي طرف کيس قدرت جو حسين تحفو سمجهندي سندس حسن ۽ جسماني خدوخال جي اھڙي تہ اپٽار ڪئي وئي آھي جو عورت انسان مان بدلجي سونھن جو ھڪ بي جان مجسمو بڻجي وئي آھي، جنھن کي تڪڻ، گهورڻ، سندس رستا روڪ ڪرڻ، سماج ۾ معيوب نہ ٿو سمجهيو وڃي اھڙين سوچن ۽ مجموعي سماجي ادراڪ ۾ جڏھن نينگريون پرعزم ٿي پنھنجي منزل ماڻڻ لاءِ اڳتي اچن ٿيون تہ ڪئي ڳجهن نما ذھن کين انسان سمجهڻ بجاءِ ماس جو ٽڪرو سمجهي سندن آسپاس لامارا ڏين ٿا پريت پنھنجي نظم”شھوت” ۾ نہ صرف ان جي منظر ڪشي ڪندي نظر اچي ٿي پر گڏوگڏ نينگرين کي اتساھ پڻ ڏياري ٿي تہ اھڙين حالتن ۾ مقابلو ڪيئن ڪجي ۽ پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪري سوڀارو ڪيئن بڻججي:
شھوت
وڏي ڇا ٿي
ڄڻ تہ اگهاڙي ٿي پئي
چوڏسائن کان تاڪو نظرون
لٽا تہ ڇا
چم مان بہ پار ٿيڻ لڳس
وجود کي ڍڪڻ لئہ
پوتي ڇڪي ڇڪي
ساڻي ٿي پئي
پر پوءِ بہ
ڪا نہ ڪا ٻوٽي
ڪٿان نہ ڪٿان ظاھر
ٿيڻ لڳس
سھميل وجود
نيٺ ڀڙڪو کاڌو
۽ شروع ٿي ويو ھڪ سنگهرام
سماج سورھن آنا سندن پاسي ھو
۽ ھن سان گڏ ھو
صرف پنھنجو پاڻ
ويڙھہ ۾ سوڀ تڏھن ماڻيائين
جڏھن پوتي کي اڇلي
ڦٽو ڪيائين ۽
ويڙھيائين وجود کي حوصلي
جي چادر
حوصلي جي چادر ڇا پاتئين
تاڪو نظرن جي شھوت
ايئن وڃي ترو ورتو
جيئن ٿڌ ۾ ٿرماميٽر
جو پارو
ھيٺ ڪري پوندو آ.
پريت ھڪ ليکڪا جي طور تي اھو پڻ محسوس ڪري ٿي ته، ادبي لڏي پاران جيڪو ڪجهہ لکيو وڃي ٿو، ان ۾ عورت کي ڪيئن پوئٽري ڪيو ٿو وڃي ڪجهہ اديب، دانشور ترقي پسنديءَ جي چادر اوڍيلن جون بظاھر تہ عورت جي ھمدردي ۾ لکيل تخليقون، اصل ۾ لاشعوري طور انھيءَ سوچ جو ڏيک ڏين ٿيون جن جو مقصد جسماني لذت کي محسوس ڪرڻ کان سواِءِ ٻيو ڪجهہ بہ ناھي ھوندو. اھڙين تخليقن کي تنقيدي نظر سان ڏسندي رخسانہ پريت ڪجهہ بھترين نثري نظم لکيا آھن جن ۾ “اگهاڙپ جو سچ”، “بائلاجي ۽ آرٽ” ۽ “جڏھن تون نظم ٿي بڻجين” شامل آھن.
پريت جتي عورت تي ٿيندڙ جبر ۽ زيادتين خلاف لکيو آھي اتي ھوءَ عورتن جي حقن جي لاءِ اٿندڙ ھر آواز سان پنھنجو آواز ملائيندي نظراچي ٿي. ھونئن تہ دنيا ۾ لڳ ڀڳ سئو سالن کان مٿي ٿي ويو آ جو عورتن جي جدوجھد جي مڃتا جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ 5 مارچ عورتن جي عالمي ڏينھن طور ملھايو ويندو آھي جنھن ۾ عورتن جي جدوجھد کي ڀيٽا سان گڏ عورتن جي حقن لاءِ پوسٽر نعرا ۽ گيت ڳائي ان ڏينھن کي ڀرپور ملھايو ويندو آھي. گذريل ڪجهہ سالن کان جڏھن ترقي پسند سياسي ۽ سماجي تحريڪن، ملي ڪري عورت مارچ ڪرڻ شروع ڪيو آ جنھن ۾ مزدور ھاري سان گڏ ھر طبقي ۽ پيشي سان تعلق رکندڙ عورت حصو وٺي ۽ پنھنجي وجود جي ھئڻ جي احساس کي سمجهي ٿي، اھڙين عملي جدوجھدن جي موقعي تي رخسانہ پريت جا ”عورتن جا ترانا “جنھن انداز سان ڳاتا وڃن ٿا اھي جدوجھد ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏين ٿا. پريت جا لکيل ترانا صرف منظوم نسبتي شاعري ئي نہ پر پوري عورت جدوجھد جي مرحليوار ويڙھ جو منشور آھي جنھن جي پھرين تراني ۾ پريت پوري پدر شاھي سماج کي ھڪ ئي جهٽڪي سان رد ڪري سڀني ساٿين کي سڏي ھڪ جدوجھد لاءِ اتساھي ٿي.
اچو اي سرتيون ۽ ساٿياڻيون،
پنھنجي لئہ نئون جھان جوڙيون.

بعد ۾ وري ھڪ قدم اڳتي وڃي پريت شڪوا شڪايتن ۽ ويچارپ کي رد ڪندي ھڪ عزم سان عورت کي پنھنجي وجود سان ويڙھيل اڻ محسوس ٿيندڙ زنجيرن کي ٽوڙي زندگيءَ جي تازگيءَ کي محسوس ڪرائي ٿي.
زندگيءَ جو گيت ڳايان مان بہ آھيان مان بہ آھيان.
ھر ڇني زنجير لاھيان مان بہ آھيان مان بہ آھيان.

پريت جو ٽيون عورت ترانو سرمائيداراڻي نظام جنھن ۾ عورت کي نيم آزاد ڪموڊٽي طور ھڪ خوبصورت شيءِ طور پيش ڪري ننڍي طوڙي وڏي اسڪرين تي پنھنجا پراڊڪٽ کپائڻ لاءِ پيش ڪيو ٿو وڃي. پريت پنھنجي ھن تراني ۾ عورت کي ان حسن جي غلاف مان نڪري پنھنجي وجود جي بقا جي جنگ ۽ جدوجھد طرف سڏيندي کيس پنھنجي ذھني صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي مضبوط ۽ ڪامياب ٿيڻ جي صلاح ڏئي ٿي.
سوچيندي تہ سگهاري ٿيندي.
نيٺ سکي سوڀاري ٿيندي.

پريت جا عورت ترانا، عورت جدوجھد ۾ اھا حيثيت رکن ٿا جھڙي عوامي جدوجھد ۾ فيض، جالب ۽ شيخ اياز جي شاعري .......
رخسانہ پريت جي تخليق جو سفر ھڪ صديءَ کان ٻي صديءَ تائين جو آھي، اھو سفر جڏھن شروع ٿيو ھو تڏھن دنيا ۾ ڪميونيڪيشن جا محدود وسيلا ھئا جتي شاعري عام فيروزي لفافي ۾ وجهي عام پوسٽ ذريعي مختلف رسالن ڏانھن، اخبارن ڏانھن موڪلبي ھئي، ايڊيٽر تائين اھا تخليق پھتي يا نه... اھا خبر رسالي ۾ شاعري ڇپجڻ جي صورت ۾ پوندي ھئي.
بعد ۾ وقت تمام تيزيءَ سان بدليو آ، مواصلات جا نوان ذريعا وجود ۾ اچي ويا آھن، جتي موبائيل فون، سوشل ميڊيا، فيس بڪ، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام جھڙيون سھولتون اچي ويون آھن، جن سڄي دنيا کي ڳنڍي واقعي بہ ھڪ ڳوٺڙو ٺاھي ڇڏيو آ. ڪميونيڪيشن جي انھن ذريعن جتي ٻوليءَ ۾ واڌ، نواڻ ۽ رابطا گيريءَ ۾ تيزي آندي آھي اتي سماجي رشتن ۾ پڻ ڪيئي تبديليون آيون آھن. تنھائي، رشتن ۾ مٿاڇرائپ، انساني قدرن جو ڏيوالپڻو، حد درجي جو ڪمرشلزم جنھن کي پڻ پريت جو قلم محسوس ڪندي نئين دور جي واڪيوبلري کي استعمال ۾ آڻي نظم “رپ” “پروٽيڪٽر” ۽ بروڪن باڊس جھڙا نظم لکيا آھن.
ھن مھاڳ جي صورت ۾ پريت جي مڪمل ڪتاب “تون جو پاڇو چنڊ جو” جو مختصر تجزيو پيش ڪري سگهي آھيان. آخر ۾ اگر ڪو ھڪ سٽ ۾ پريت جي ھن ڪتاب ۾ موجود سموري شاعريءَ کي سمائڻ لاءِ چوي تہ آئون اھو ئي لکنديس تہ:
“پريت لطيف جذبن، محبت ۽ مزاحمتي آوازن جي شاعرا آھي”


ريحانہ چنڙ
پهرين ڊسمبر
2021ع

شاعري

---

محبت اوتبي آھي!

اوهان وارن جھانن ۾،
محبت ورڇبي هوندي،
ڪري هڪ جيترا حصا،
برابر ونڊبا هوندا،
ڪئي ساکون، قسم هوندا،
ڏيڻ هوندو، وٺڻ هوندو،
رتي جي هيڏانھن هوڏانھن،
رساما رنج هوندا ڪئي،
منجهيل ڪئي معاملا هوندا
ميارون کوڙ ڏوراپا،
سوين ٻيا سلسلا هوندا،
مگر هيڏانھن ائين ناهي،
اسان جي پار ڏي جاني،
محبت ورڇبي ناهي،
ٿبو آ جذب هڪٻئي ۾،
محبت اوتبي آهي.
سموري ذات کي ميڙي،
۽ ويڙهي روح کي ان ۾،
سراپا سونپبي آهي.
محبت اوتبي آهي.

ٿئي تحليل هڪٻئي ۾،
رڳو هڪ آھ ٿي وڃبو،
پتو ڪنھن کي ڏبو ناهي،
ڄڀن ۾ راز رهندا هن،
جي خوش ٿي ماڻڪي مرڪي،
ڪري تنبيھہ نيڻن کي،
ڇنڀي ڇپرن کي ڪيرائي،
مرڪ سا روڪبي آهي،
محبت اوتبي آهي.

اوهان وٽ ٻيءَ طرح آهي،
هتي پر هيئن ٿيندو آ،
بدن اجرو تعلق جو،
جڏهن ڀي ڪوڙهبو آهي،
انھيءَ عرصي جو هڪ هڪ پل
صدين جو لوڙبو آهي،
هيءَ ئي هڪڙي گهڙي شايد،
قيامت ڪوٺبي آهي.
محبت اوتبي آهي.

گهڻا هن سانحا ٿيندا،
جدايون فاصلا ٿيندا،
هٿين خالي آهي رهبو،
رڳو ئي درد آ لڻبو،
۽ پيڙا پوکبي آهي،
محبت اوتبي آهي.
اوهان وارين دنيائن ۾،
محبت ورڇبي هوندي،
اسان جي پار ڏي جاني!
محبت اوتبي آهي.

ارپي ڇڏيئون ھا پاڻ کي نالو بہ ٿي سگهيو پئي.

ارپي ڇڏيئون ھا پاڻ کي نالو بہ ٿي سگهيو پئي.
ھي نينھن پنھنجو جڳ کان نرالو بہ ٿي سگهيو پئي.

آلا ٿيا پير ھلندي، تو ڪيئن پسينو سمجهيو،
ڪو زخم ڪوئي جهرندڙ، ڇالو بہ ٿي سگهيو پئي.

ڪيئن سمجهيئي تون وڃين، ۽ ھر ڀيري ھو ملي پئي،
گهر بند ۽ ڪنڊي بند، تالو بہ ٿي سگهيو پئي.

پنھنجي پنڌن ۾ ڇالئہ ھيءَ ڌرتتي ھميشہ ،
گهلندڙ ھوا ڪا، اُڀ ھي، جهڙالو بہ ٿي سگهيو پئي.

ڇالئہ ٿي وقت آڇيون، ھي وھ وٽيون سدائين،
بيخود بدن ڪو مڌ جو، پيالو بہ ٿي سگهيو پئي.

ھيءَ جا اُماس چوڏس، گهٽجي بہ سا سگهي پئي،
ھيءُ نيڻ ٻارجن ھان، اجالو بہ ٿي سگهيو پئي.

جوڀن ۾ نار ايڏي ڇالئہ ٻُسي ٻُسي آ،
پازيب چوڙيون پاتل، جهالو بہ ٿي سگهيو پئي.

ھر چارو چاھتون ھون ڪئي عاشقيءَ عميق ھئا،
ھن اھل دل جو دامن، آلو بہ ٿي سگهيو پئي.

روز پيو جڪڙجين ان ڄار جو پتو تہ رک.

روز پيو جڪڙجين ان ڄار جو پتو تہ رک.
ڪيئن ٽٽين پيو ٿو ڏار ڏار جو پتو تہ رک.

ملھہ ڇا منڪريءَ جو، تون سمورو ڄاڻين ٿو،
ايئن سراپا بڻيل انڪار جو پتو تہ رک.

تندون ھن روح جون ڪاٿي ٽٽي بہ پونديون ھن،
پڳو آن ڪاٿي پنھنجي پيار جو پتو تہ رک.

کڻي سنگهرون گهڻو ويجهو پڄي ويا آھن،
تون آھٽن جو ۽ جهنڪار جو پتو تہ رک.

تون چوين ٿو تہ توکي آ سفر وڏو ڪرڻو،
تہ پوءِ ھر سنگ جو ھر خار جو پتو تہ رک.

تنھنجي لڙڪن ۾ رنگ ڇو لٿو لھوءَ جو آ،
من جي ماتم جو ھر آزار جو پتو تہ رک.

ڪا گهڙي مون سان گهار دل ٿي چئي.

ڪا گهڙي مون سان گهار دل ٿي چئي.
ڪنھن ڏسا کان پڪار دل ٿي چئي.

ھا گهڻيون ٿي ويون پٿر جون ھن،
تون نہ دل اھڙي ڌار دل ٿي چئي.

سرس ڪجهہ بيقراري ڏسجي پئي،
پنھنجي ڀر ۾ وھار دل ٿي چئي.

تون ھجين ساڻ پوءِ ملي جيڪر،
زندگي بار بار دل ٿي چئي.

ھانءُ پيو ھارجي انڌيرن ۾،
ديپ ھڪڙو تہ ٻار دل ٿي چئي.

روح ھڪڙي نظر لئہ پيو ترسي،
نين کڻ تون نھار دل ٿي چئي.

ھيءُ ھوائن جو وار الجهايا،
اچ سڄڻ تون سنوار دل ٿي چئي.

اچ ڪڏھن طئي ڪري ڏسون خود کي،
۽ پو ھڪٻئي کي پار دل ٿي چئي!

سڀ ڏانوڻيون ڇنان مان آزاد ٿي گذاريان،

سڀ ڏانوڻيون ڇنان مان آزاد ٿي گذاريان،
سرمست ٿي اداس ٿي خوش ٿي کلي گذاريان.

ڇو منھنجي ھر عمل لئہ ايڏي پڇا ۽ ڳاڇا،
ڇا پنھنجي زندگي ڀي توکان پڇي گذاريان.

نج پنھنجو ھيءُ جياپو گڏ عاشقي بہ مون ۾،
مان سڀ لئہ اوپري ڀل، ھُن سان ٻکي گذاريان.

آھي اجهو اڏيو مون سوچن جي سرزمين تي،
ھان رقص ۾ ۽ مون وٽ ٻي شاعري گذاريان.

ڪَٿ منھنجي ڪيفيت جي ڪھڙي ڪندين ڀلا تون،
ڪنھن پل ڄمي وڃان ٿي ڪنھن پل ٻري گذاريان.

زندھ وجود آھيان سوچيان، ھلان، گهمان ٿي،
ڇالئہ ڀلا مان بڻجي ڪا مورتي گذاريان.

خيالن ۾ اوچو اڏندي مان چنڊ ڀي ھان چمندي،
۽ گيت ڪڏھن دل کي ڇھندڙ ٻڌي گذاريان.

رکوالي ديس جي آ مون تي بہ ساڳي واجب،
وَيرين جي مان اکين ۾ اکيون وجهي گذاريان.

توڏي ايندي ساھ ساڻو ڪونہ ٿيندو،

توڏي ايندي ساھ ساڻو ڪونہ ٿيندو،
تو بنا جانان! ٺڪاڻو ڪونہ ٿيندو.

ڳھہ، ڳٺو، ڪپڙو يا شيءِ ڪو ٽول ڪونھي،
پيار منھنجو آ، پراڻو ڪونہ ٿيندو.

مورڻين کنڀن جو ڪوڻيءَ جو يا ريشم،
ٻانھن جھڙو ڪو وھاڻو ڪونہ ٿيندو.

دل جي انگل آر تي گهٻرائجي وئين،
آ وچن، ھاڻي ڪو ماڻو ڪونہ ٿيندو.

ٻڪ، گل، مرڪون ۽ پوءِ وِڌئي ڀاڪر،
ھھڙو ڪوئي آجياڻو ڪونہ ٿيندو!

مان مجازي رنگ ۾ رنگجي وئي ھان،
منھنجو لھجو عارفاڻو ڪونہ ٿيندو.

روز گهائيندا ھي نوان منظر.

روز گهائيندا ھي نوان منظر.
ڪونہ مڙندا ھي بي چيا منظر.

ياد تنھا ڪٿي آ گهائيندي،
ياد سان ياد پيا گهڻا منظر.

پاڻ پھلوءَ ۾ منھنجي جيسين ھو،
بڻيا رنگين بي رنگا منظر.

اُڃ اکڙين جي ڪيئن ڀلا لھندي،
رُڃ ئي رُڃ سڀ سُڃا منظر.

مون کي ٻانھن ۾ ھن ڇڏيو ويڙھي،
مون کان لکبا ڇا ھي سڄا منظر؟

ڄڻ وڏا ٿانَ ڪي کُليا آڏو،
تو جڏھن خواب جا پُڇيا منظر.

پڇين ٿو ڪيترو غم آ

پڇين ٿو ڪيترو غم آ

اک ھرڪا ڏسئون نَم آ،
پڇين ٿو ڪيترو غم آ.

ٻڌئون ٿا وحشتن واڪا،
ٽُٽن ٿا ھانوَ جا ٽاڪا،
ڀرم بک جو ڀڄي پيو آ،
اگهاڙا ٿي پيا فاڪا،
حياتيءَ سان لڳي جاڙو،
ٿيو ھت درد جو ڄم آ.
پڇين ٿو ڪيترو غم آ.

ٿيون گونگا وڃؤن گذري،
انڌن وانگر مَٽيون رستا،
ڪروڌن کي ڪَپي ڪوري،
اندر مان پاڻ ئي اڇليون،
اگهامون ڪچ جي اگهہ تي،
وڃؤن ٿي ايترا سستا،
جهڪائڻ سر بہ لازم آ.
پڇين ٿو ڪيترو غم آ.

وڏا ڌڌڪا ڌماڪن جا،
مٿان ڌڪ ھا قنداقن جا،
اھو جيون سڀئي گهارين،
رڙيون دانھون ڪري ڪوئي،
وڃين سي اُڀ کي ڏارين،
سچي ھڪ مرڪ مبھم ۽،
سڄو ماحول برھم آ.
پڇين ٿو ڪيترو غم آ.

سخن سوداگري ڏسجي،
ٿي ھر جاءِ حاضري ڏسجي،
قلم ڪاغذ جهلي، سوچن،
لڳي قيمت ڳري ڏسجي،
آ مايا موھہ ھي سارو،
قلم سان ڊوھہ ھي سارو،
اسان جي ڏات جا ڏوھي،
اسان جو ٻيو ئي ڪو ڪم آ،
پُڇين ٿو ڪيترو غم آ.

ڇو ھيڊو چنڊ آ ٿي پيو،
۽ ويران سمنڊ آ ٿي پيو،
اسان جو موھہ ھو سمجهيو،
سو من جو منڊ آ ٿي پيو،
درياھن اُڃ آ پاتي،
ڏِسي جن کي ڇڄي ڇاتي،
ڏِسي ھر ڏيل کي ڏرندي،
ڪٿي ھر ديد ۾ دم آ.
پڇين ٿو ڪيترو غم آ.

اداسي ايتري ڇو آ؟

اداسي ايتري ڇو آ؟

حسين ڪنھن خيال جي خوشبوءِ
آ ڦھلي چوڏسائن ۾
نظر ۾ نينھن آ سانڍيو
ھيءَ دل جا ھينئن پئي ڌڙڪي
لڳي دک ۾ ٻڏي ٿي پئي
لڳي ڪنھن کي سڏي ٿي پئي
اندر پنھنجي جو ھيءُ آڳنڌ
يا آ صحرا ستو پيو ڪو
نہ ڪنھن کي آ پتو پيو ڪو
جا من پنھنجي جي آ ڌرتي
سا پياسي ايتري ڇو آ
اداسي ايتري ڇو آ؟

مينھوڳيءَ موٽ کاڌي آ
وري دل چوٽ کاڌي آ
جا من ۾ آڳ آ ڀڙڪي
وڃي وچڙي گهٽائن کي
ٿي کنوڻيون، اڀ ۾ جرڪي
ڪڪر ھي سياھ، گجگوڙون
آ، ڄڻ ڪا دانھن بادل جي
يا ٽڪري آ وڃي اڀ سان
دکي ڪا آھہ ڪنھن دل جي
جا گذري رات ٿي تنھا
اماسي ايتري ڇو آ
اداسي ايتري ڇو آ؟

حسين جي خواب ٿا ميڙيون
تہ تعبيرون رلائن ٿيون
پرينءَ جي پار ڏانھن ويندي
گهٽيون ڄڻ پير گهائن ٿيون
خوشيون ڪاٿي کٽن، ڪاٿي
ھي دامن چاڪ ھو پنھنجو
جهريل ھر ڄاڻ ھئي پنھنجي
ٽٽل ادراڪ ھو پنھنجو
رڳو ھن درد جي دل ئي
ڪشادي ايتري ڇو آ
اداسي ايتري ڇو آ؟

ڪک جيان لڙڪ مان تري نڪتو.

ڪک جيان لڙڪ مان تري نڪتو.
ھو وڏي ويڙھہ مان جهري نڪتو.

دل جي دامن جا ڇيد ٽاڪيندي،
مھل ڪھڙيءَ الائي سري نڪتو.

ھھڙا انگل ۽ آر جاچيندي،
ھو کليو پئي ۽ چئي “چري” نڪتو.

جيئن ئي اٽڪيو وڃي ھو اوندھ سان،
پوءِ حياتي سڄي ٻري نڪتو.

ڌيري من ۾ ڪندو ويو حددخليون،
ڪري پنھنجي ھو ڇوڪري نڪتو.

نينھن واريءَ نظر جو محور ھو،
سا نظر ٿي پئي اوپري، نڪتو.

سج کان وڌ جليو ھو جوڀن ۾،
ڏئي سج جي مٿان تري نڪتو!

چنڊ چاري جي ساک ڪيئن کڻجي؟

چنڊ چاري جي ساک ڪيئن کڻجي؟
ڪنھن ستاري جي ساک ڪيئن کڻجي؟

نھر، ڪنھن گاج، نئين، نديءَ جي کڻون،
سمنڊ ساري جي ساک ڪيئن کڻجي؟

ڪيئن ٺريا بسترا، جليا جوڀن،
تھہ سياري جي ساک ڪيئن کڻجي؟

نيٺ جوڀن آ، ڪئي چُڪون ٿينديون،
نينھن نياري جي ساک ڪيئن کڻجي.

آھي ازلئون جو پريم جو ويري،
دل جي ڪاري جي ساک ڪيئن کڻجي؟

ڪفر ڪئي ڏوھہ منڪريون ھونديون،
پريت پاري جي ساک ڪيئن کڻجي؟

عشق ديوانگيءَ جي حد آھي!

عشق ديوانگيءَ جي حد آھي!

عشق ديوانگيءَ جي حد آھي
عشق نڪتل زمان مڪان مان آ
عشق نعرو ڪڏھن آ اناالحق
ڪُل جي راز جو ڪڏھن مظھر
عشق منصور جي روايت آ
عشق ڪا بيقرار ساعت آ
عشق يوسف جو، ھَٿُ وڍي ويو آ
عشق عيسيٰ کي ھو مصلوب ڪيو
عشق روميءَ کي رقص ۾ آندو
۽ ويو سقراط کان حيات کسي
عشق ڄڻ پنڌ آ پھاڙن جو
عشق سسئيءَ جو حوصلو آھي
عشق للڪار شاھ عنايت جي
عشق ڪيڏارو آ لطيفيت جو
عشق ڄڻ دار تي دلاسو آ
جو ڀي تاريخ ۾ لکيل آھي
عشق جو ڄڻ سڄو خلاصو آ
عشق ھوءَ ڇوڪري بلوچي آ
جنھن پھاڙن پٺيان پڪاريو آ
نيٺ نڪري پئي آ راھن تي
پنڌ ھن جو گهڻو پرانھون آ
ڪيئن چئين ٿو تہ ھوءَ ٿڪي پوندي
ھوءَ اڃان ڪئي ھزار ميل ھلي
نئين تاريخ عشق جي لکندي
عشق ماما قدير جي پٻ جو
لھو ٽمندڙ آ گهاءُ بڻجي ويو
ڪٿي سوريءَ جو آ سينگار بڻيو
ڪٿي آ لانگ مارچ بڻجي ويو
ڄڻ تہ سورن جو ساٿ بڻجي ويو
عشق اُڇلي وڃي ٿو بي ڪفنو
جنھن جون ڌرتي ھيءَ شاھديون ڏيندي
ويڙھ ھيءَ عشق جي علامت آ
موڙ تاريخ کي نوان ڏيندي
عشق سڀ سرحدون لتاڙي ٿو
عشق دل جي درن کي تاڙي ٿو
عشق ساعت جي ڪائي سڌ ڪانھي
عشق ديوانگيءَ جي حد آھي
عشق ويساھ جيان لڳي ٿو پيو
عشق ڄڻ ساھ ۾ کڄي ٿو پيو
عشق ساعت جي ڪائي سڌ ڪانھي
عشق ديوانگيءَ جي حد آھي.

ويڙھيل اکيون

ويڙھيل اکيون

اوھان پڄاڻان
منظرن جا سفر
ڀانءِ ڪٿي ٿا پون
مون اکيون ويڙھي
رکي ڇڏيون آھن.

خوابن جو قبرستان

خوابن جو قبرستان

ڪائنات جي
ڪنھن تہ ڪنڊ مان
پنھنجو پاڻ پَساءِ
ان کان اڳ
جو
اکيون خوابن جو
قبرستان بڻجي وڃن.

منھنجو جنم ڏينھن

منھنجو جنم ڏينھن

دوستو!
اڄ منھنجو جنم
ڏينھن آھي
اڌ صديءَ جي ويجهو
پھتل عمر اتي گهاري اٿم
جتي گهڙي گهارڻ بہ
معجزوليکجي
ڏسجو ! ڀلجي بہ
منھنجي
جيون ڪتاب کي
کولڻ جي
ڪوشش نہ ڪجو
مئل خوابن، زخمي خواھشن
۽ دل جي درخت جي سڪل
ڇوڏن کان سواءِ
ڪجهہ بہ نہ ملندو
ھا! پر مون کي
جنم ڏينھن تي
واڌايون ڏيڻ نہ وسارجو
آنءُ آس جي
روشن ڪرڻي سان
گڏ ستت ئي عمر جي
ٻي اڌ صديءَ ۾
داخل ٿيڻ واري آھيان.

عورتن جو ترانو

عورتن جو ترانو

سرتيون زندھہ باد تہ ساريون ڌرتيون زندھہ باد.
ڪارا سڀ قانون، سموريون رسمون مردھہ باد.
ڀونءِ جون ساريون ڀينر آيون
پائي سگهہ جا زيور آيون
ڪلھہ آيون ڪي ھينئر آيون
شال رھن سي سنڌ وطن ۾
ماريون شاد و آباد
سرتيون زندھہ باد تہ ساريون ڌرتيون زندھہ باد.
سمجهہ نہ مٽيءَ مورت آھي
ساھ سڳي سان عورت آھي
گهر راڻي ڪا پورھيت آھي
تن کي گهاءُ رسائيندڙ ھر
قوت ٿئي برباد
سرتيون زندھہ باد تہ ساريون ڌرتيون زندھہ باد.
موت جي منھن ۾ جيئنديون آھن
سارا ڪِيس ھي سھنديون آھن
نھر ندين ۾ لڙھنديون آھن
ديس سندي ھر ڌيءَ جو آخر
ڪو تہ ٿئي فرياد
سرتيون زندھہ باد تہ ساريون ڌرتيون زندھہ باد.
ڪوٽن ۽ پھرن ۾ ڦاٿل
سڱ چٽين چڪرن ۾ ڦاٿل
لالچ ڏوھ ڏنڊن ۾ ڦاٿل
ڏاڍ ۽ ھر ڏھڪاءُ کان ٿينديون
آجيون ۽ آزاد
سرتيون زندھہ باد تہ ساريون ڌرتيون زندھہ باد.
ڪارا سڀ قانون سموريون رسمون مردھہ باد.

آجپو آھي روشني آھي.

آجپو آھي روشني آھي.
سنڌ آھي. تہ. زندگي آھي.

جبر ايڏو ھي ايڏيون پيڙائون،
ڪونہ تحريڪ ڪا ٿڪي آھي.

ھن ۾ ڏسندي ھان پاڻ کي پل پل،
سنڌ ڄڻ منھنجي آرسي آھي.

اڄ سڀئي سورميون پيون جاڳي،
ٿي پئي ڌرتيءَ جي دل وڏي آھي.

ٺاھ مصلحت نہ ڪوئي سمجهوتو،
مون چمي سنڌ جي مٽي آھي.

سنڌ تحليل رت ۾ منھنجي،
ھيءَ بہ انداز عاشقي آھي.

سنڌ. اول آ سنڌ آخر آ،
سنڌ. ڌرتيءَ تي دائمي آھي.

منھنجي سوچن ۾ ويڙھ. ۽ واڪا،
"پريت "سمجهين متان !جهڪي آھي.

آيو ڪنھن لئہ تون ھئين گلاب کڻي.

آيو ڪنھن لئہ تون ھئين گلاب کڻي.
آئون تہ موٽيس اکين ۾ آب کڻي.

پيار جي مرڪزيت ڇڏيم ماڻي،
تنھنجا ناھيون جي انتخاب کڻي.

وڙھيو ھو ڀي آ ڏس حجابن سان،
تون بہ سرڪائي ڇڏ نقاب کڻي!

عشق ھيء خاڪ ٿو ڪري سائين!
پنھنجيءَ پر ۾ هجو نواب کڻي.

ڪاٿي جوڀن وڃائي آيو آن؟
ڪجهہ تہ پل ماڻين ھان شباب کڻي.

ٿي چوي دل جلا وطن ٿي وڃان،
پر وڃان ڪاڏي، کھنڀا خواب کڻي؟

مون کي مرضيءَ سان ڏي پيئڻ پاڻي،
تون پي شربت، ڀلي شراب کڻي.

حوصلن سان تڏھن بہ جيئڻو آ،
"پريت " ناھن ڪي ھم رقاب کڻي.

پھرين، پوئين پيار تائين گڏ ھجئون!

پھرين، پوئين پيار تائين گڏ ھجئون!
نه، پٺيان ھاڪار تائين گڏ ھجئون!

ساعتون جيون جون سڀ گڏجي پسئون،
دل لڳين کان دار تائين گڏ هجئون!

اڀرندي جو اوج ڀي ماڻيئون ملي،
۽ الهندي آر تائين گڏ هجئون.

زندگيءَ جو شور ڀي گڏجي سڻئون،
موت جي ماٺار تائين گڏ ھجئون.

گوندرن، گهاون جو ڀي ادراڪ ٿئي،
سونھن ۽ سينگار تائين گڏ ھجئون!

ھو چپن جا ڇھاءُ ۽ ڀريون ڀاڪر،
ھھڙي ھرندڙ سار تائين گڏ ھجئون.

ماريندو، گهائيندو ھو وري وڙھندو،
وقت جي ھر وار تائين گڏ ھجئون.

شام جيسين موڪلائي وار ويڙھي،
پرھ جي آثار تائين گڏ ھجئون !

مند مٽي آ ساجن مون تي وار نہ ڪر ايئن ڌار نہ ڪر.

مند مٽي آ ساجن مون تي وار نہ ڪر ايئن ڌار نہ ڪر.
شيشي جهڙاجذبامنھنجا ڏار نہ ڪر ايئن ڌارنہ ڪر.

چنڊ جھڙي چاھت کي رولي آخرڇا ڳولين پيو بن ۾،
موتيي مھڪيل راھن کي تون خار نہ ڪر ايئن ڌار نہ ڪر.

ڇھاءَ ھٿن جا، چاھہ چپن جا، گهرجن ٿا ڳاڙھن ڳلڙن کي،
ڪين وصل ۾ وجهہ وٿيون، انڪار نہ ڪر ايئن ڌارنہ ڪر.

ڌرتي جي گولي تي ڏس ويڙھاند ئي آھي پيار ڪٿي آ،
دور سڄڻ ٿي زيان سمورا پيار نہ ڪر ايئن ڌار نہ ڪر.

ڪيڏو وقت پيو آ پريتم پرھہ ڦٽڻ ۾ سج سُرڻ ۾،
پري ھي مک پنھنجي تان منھنجاوار نہ ڪر ايئن ڌارنہ ڪر.

گڏ جو پير ھليا ھي پنھنجا مٽي ڪيڏي سرھي ٿي پئي،
ايئن وڇوڙو اوتي، وِھہ وھنوار نہ ڪر ايئن ڌار نہ ڪر.

ڪارا ويس گهٽائن اوڙھيا رم جهم رت موٽي آئي آ،
سرتا سانوڻ ماڻِ نراش ھيء نار نہ ڪر اينئن ڌار نہ ڪر.

ھي درد ڀي ھو ڪمال اسريو.

ھي درد ڀي ھو ڪمال اسريو.
جو ڏات اسري خيال اسريو.

بنياد. دوکا ڪمال ڪھڙو،
انھن منجهان ئي زوال اسريو.

ڀلا ڇو ايڏو عقيدا سھميا،
جيئن ئي ھي ٿورو سوال اسريو.

ھي وھشتن جا ورھ وڌي ويا،
سکن جو ڪاٿي ڪو سال اسريو.

تماشا رونشا، ڀلا ڏسيو ڪو،
شعور جو ڀي مثال اسريو؟

پئي سازشن جا سلا جو نسريا،
خوشي امن جو پئي ڪال اسريو.

اوھان بہ دامن سُبيو پئي دل جو،
ڪٿي اسان جو ڀي حال اسريو.

زمانو بي چين ٿي پوي ٿو،
ٿورو جي جوڀن جمال اسريو.

ھاڻ وڌ ڪونہ بار ٿي چاھيان.

ھاڻ وڌ ڪونہ بار ٿي چاھيان.
زندگي ڪجهہ قرار ٿي چاھيان.

ٻوٽ اکڙيون، حرارتون گهٽجن،
ڪجهہ گهڙين جي لئہ ٺار ٿي چاھيان.

پيار وڻ ويڙھيءَ جان ڇڏي ويڙھي،
ايتري بس ڄمار ٿي چاھيان.

ڪيڏو ڏمريو آ ڏيھہ چاھت تي،
ڏيل تنھن جي ۾ ڏار ٿي چاھيان.

عڪس تنھنجو رکي مان نيڻن ۾،
ڏاڍي اوچي اڏار ٿي چاھيان.

روح جو رڻ وسي پئي جيڪر،
تنھنجي هڪڙي نھار ٿي چاھيان.

ھجان ٻيڪڙ ۾ تُنھنجي ٻانھن جي،
ھا مان اھڙا مدار ٿي چاھيان.

منھنجي پھلوءَ ۾ ٿي تون آرامي،
مان بہ ڪجهہ پل خمار ٿي چاھيان.

ھي پيار بنھہ ٻيا ھئا اظھار بنھہ ٻيا ھئا.

ھي پيار بنھہ ٻيا ھئا اظھار بنھہ ٻيا ھئا.
مون جي ڪيا ھا توسان سي پيار بنھہ ٻيا ھئا.

ھڪٻئي ۾ حل ٿياسين، ھڪٻئي ۾ پئي ڳرياسين،
محلول بنھہ ٻيا ھئا ھي ڳارڻ بنھہ ٻيا ھئا.

ھيءَ ڪل آھي مون کي شيشو بہ ٿو ڏري پئي،
منھنجي جهريل اندر ۾ جي ڏار بنھہ ٻيا ھئا.

وڻ ويڙھي ڀي ڪٿي هئي ڪي ونگ ڀي ھئا ڪاٿي،
جت جيءُ منھنجو اٽڪيو سي ڄار بنھہ ٻيا ھئا.

ڪي ڦول يا کٿوري موتي نہ ڪائي مالھا،
منھنجي ڳچيءَ پيا جي سي ھار بنھہ ٻيا ھئا.

ھئا ٻاٻري بہ ڪاٿي ڪنڊين جا ڀي ڪٿي ھئا،
منھنجي پٻن چڀيا جي سي خار بنھہ ٻيا ھئا.

پٿر سرون ھون ڪاٿي، ڪاٿي ڀريل ڀريون ھون،
منھنجي وجود ڍويا سي بار بنھہ ٻيا ھئا.

اديب ۽ خبر

ھا مڃان ٿي تہ تون تمام وڏو
تخليقڪار آھين
مشاهدا ماڻڻ لاءِ تنھنجو ادراڪ
اڀ جا ھڙئي تھہ ۽
ڌرتيءَ جون عميق گهرايون
چيري وڃڻ جي سگهہ
رکي ٿو !
تون دانش جي ڪجهہ
داڻن جي حصول لاءِ
علم جو سمنڊ
جهاڳيو آھي
ڪونھي توتي ڪو شڪ ...
اھا خاطري ڪر.!
پر.....
تون اڄ جي پروگرام جي
صدارت نہ ٿو ڪري سگهين
جي پڇين ٿو ڇو ؟
تہ ٻڌ !
تون ادب جي مارڪيٽ
جو نبض شناس بنھہ ناھين
مارڪيٽ ۾ ڪھڙو
وکر پيو ھلي
ان کان تون بلڪل نا آشنا
۽ ڪورو آھين
تنھن جو صدارتي خطاب
سڀاڻي جي اخبار جي
خبر نہ بڻجي سگهندو!!

سنڌي ٻولي/ نظم

سنڌي ٻولي/ نظم

منھنجي احساسن، جذبن
سوچن، خيالن،
احتجاج، محبت، نفرت
۽ سڏ جي زبان سنڌي آھي
سنڌي منھنجي قومي زبان آھي
جنھن ڏينھن منھنجي زبان
مادري ٻولي ڳالھائڻ
کان انڪاري ٿئي يا لنوائي
سمجهجو
منھنجي اندر جو ماڻھو
مري چڪو آھي
آئون بس ھڪ مٽيءَ
جو بوتو آھيان.

مون کان ھڙئي سڄڻ، ڀلي سنسار ڌار ڪر،

مون کان ھڙئي سڄڻ، ڀلي سنسار ڌار ڪر،
نہ منھنجي پر وجود مان تون پيار ڌار ڪر.

ھيءُ پوءِ حساب رکبو، ٿئي ڪھڙو ٿو پڙ ڳرو،
انڪار ڌار ڪر تون، اقرار ڌار ڪر.

توکي ٻڌائينديس پرين ساري سفر ڪٿا،
پھرين چڀيا پٻن جي سي خار ڌار ڪر.

جهريل سطح تي روح جي سڀ سچ ٿئي لکيل،
سمجهڻ لئہ پھرين روح مان اچ ڏار ڌار ڪر.

ڀل ڪئي وڇوڙي وڍ ڏئي ساجن ھليو ئي وڃ،
پر چئو نہ منھنجي پاڻ مان تون سار ڌار ڪر.

آئون ڀي ھلي وڃان ڪٿي ڪنھن پر سڪون لئہ،
ڳنڍ نينھن جي تون ڪر ڍلي سڀ ڄار ڌار ڪر.

مرڪب وجود منھنجي ۾ تون ڀي جڙيل پرين،
ٻانھون نہ ڪڍ ڳچيءَ مان ھي نہ ھار ڌار ڪر.

ھاڻي سڄڻ ھن نينھن جو اظھار ڪر چٽو،
ابھام سارا ۽ سڀئي اسرار ڌار ڪر.

زندگيءَ جو گيت ڳايان، مان بہ آھيان،

زندگيءَ جو گيت ڳايان، مان بہ آھيان،
ھر ڇني زنجير لاھيان، مان بہ آھيان

رد سڀ رسمون سڀئي قانون ڪارا،
ڇو جبين پنھنجي جهڪايان، مان بہ آھيان.

عشق ۾ جي جوڳ ورتو جوءِ ۾ تو،
مان بہ پئي پريتم پڇايان، مان بہ آھيان.

منصفي ۽ آجپو آزادگي بس،
خواب جي تعبير چاھيان، مان بہ آھيان.

روح جون ھي ڪائناتون ڪو تہ سمجهي،
درد جي ڄڻ دانھن آھيان، مان بہ آھيان.

پئي وڙھان رستن تي گهر ايوان آڏو،
نيٺ ڪنھن ڪنھن کي ٻڌايان، مان بہ آھيان.

چپ چوريان، ھانءُ اوريان، ڳجهہ کوليان،
جو بہ سوچيان، سو ٻڌايان، مان بہ آھيان.

سمنڊ جيان سنسار جي ڇاتيءَ مٿان اڄ،
ڇو نہ پنھنجي ناوَ لاھيان، مان بہ آھيان.

پئي رڙيو ڪوڪيو زمانن کان وٺي آ،
ديد آليءَ ساڻ دانھيان، مان بہ آھيان.

ھوءَ جلي بي پناھہ ڇا تہ ڪندي!

ھوءَ جلي بي پناھہ ڇا تہ ڪندي!
ھيءَ ننڌڻڪي نگاھہ ڇا تہ ڪندي!

نيٺ محبت مٽيءَ مان آ ڳوھيل،
ڪندي ور ور پئي چاھہ ڇا تہ ڪندي!

ھيئن جي پھرا ڌريندي ساھن تي،
ھوءَ لڪائيندي ساھہ ڇا تہ ڪندي!

جنھن ۾ شعلو جلي بغاوت جو،
وقت توسان سا ٺاھہ ڇا تہ ڪندي!

ٻڌين فطرت کي پيو وجهي واڍيون،
جو ڪري، سڀ گناهہ، ڇا تہ ڪندي.

ھوءَ سراپا ڪڙيل رواجن ۾،
ڪا تہ ڇڏجوس واھہ ڇا تہ ڪندي.

جي لڳي اک تہ خواب ٿو جاڳي.

جي لڳي اک تہ خواب ٿو جاڳي.
خيال جو ماھتاب ٿو جاڳي.

ھي جھان جنھن گهڙيءَ سمھي ٿو پوي،
شوق جاڳي، شباب ٿو جاڳي.

ڪيڏا محبوبيت ٿي منڊ وجهي،
ڄڻ سراپا عذاب ٿو جاڳي.

سوال بي چين ڪيڏو ڀٽڪي پيو،
ڇو نہ تنھنجو جواب ٿو جاڳي.

ڇھان محسوس ڪا لمس نہ ٿئي،
ڀانئيان سارو سراب ٿو جاڳي.

ھيءُ ڀي آزار جو پرين جنھن پل،
پيار پلٽي حجاب ٿو جاڳي.

ٿورڙي رھنڊ تي جهري ٿو پوي،

ٿورڙي رھنڊ تي جهري ٿو پوي،
ڀروسو جي ٽٽي ڀُري ٿو پوي.

ھونءَ تہ پرجوش ڪيڏو ڏسجي پيو،
چانئٺ ٽپندي ئي ڇو ٺري ٿو پوي.

بعد ۾ ڪيترو ٿو لوڙائي،
خيال جي ٿورو ڀي کري ٿو پوي.

ٿئي اگر کن لئہ نازبرداري،
ھيج تي من وري ھري ٿو پوي.

جو بہ ڦاٿو انگن جي حرصن ۾،
تنھن ۾ پو ماڻھپو مري ٿو پوي.

جنھن جو وھنوار سارو محبت آ،
سوين گهاٽن ۾ ڀي تري ٿو پوي.

ڀرم ويساھہ ڇرڪن ٿا

ڀرم ويساھہ ڇرڪن ٿا

آ ھرڪا رت ماتم جي
رداليون روڳ ھر پاسي
دلين ۾ سوڳ ھر پاسي
ھلي ھر خاص پھري ۾
۽ گهايل عام رستن تي
مِٽيو ھر نام رستن تي
لھو ڄڻ ھارجي پيو آ
ڏسئون پيا جام رستن تي
اٿي پئي لاڙ مان رڙ ڪا
ڪچو ڪاڇو پيا سڏڪن
ڪراچيءَ ڪيس آ جاري
ڏسئون ھر وک تي ماري
لڳي ھن ديس جا سارا
محافظ ڄڻ مري ويا ھن
خلق تي خوف آ طاري
اتر ۾ نينگريون ڪسجن
وڃن پيا ڪانڌ ڪيرايا
دٻيل ھر دانھن ۾ دک آ
ھر تِڙڪي ڇانوَ ۾ دک آ
ھتي ھر ديس واسيءَ جو
لڳي ڄڻ ھانوَ ۾ دک آ
چتائي جي ڏسئون سڀ جي
اکين ۾ درد ڇُلندو آ
لڳي ڄڻ سمنڊ ڇُلندو آ
ھتي جون مسجدون، مندر
عبادتگاھ ڇرڪن ٿا
اسان جي ديس ۾ ھاڻي
ڀرم ويساھ ڇرڪن ٿا
اٿي ھر روح مان رڙ آ
محبت چاھ ڇرڪن ٿا
اسان جي ديس جي در تي
جو پھريدار بيھاريل
انھيءَ جي ھٿ ۾ ھٿيار
اسان ڏي ئي آ ڇو تاڻيل
وري ڪو ديس ديوانو
لڳي ايئن ٿو تہ گهائيندو
وري ڇاتيءَ تي ھو پنھنجي
نئون تمغو سجائيندو
ھتي ھن ديس ۾ ھاڻي
جو گوليءَ گهاوَ کان بچندو
وري ڪنھن موڙ تان مڙندي
آ ڪيڏو ڇرڪجي ويندو
وري ڪنھن ڪفر جي فتويٰ
سندءِ پيرا کنيا ھوندا
سندءِ معصوم من ۾ خوف جا
خيما ھنيا ھوندا
وري ڪاري ڪڪر اڀ ۾
وڏي گجگوڙ ڪئي ھوندي
۽ ڪنھن ڪافر چئي ڪنھن کي
سڌي گولي ھنئي ھوندي
ھتي ھر ڪوڪ ملزم آ
جبر تي ٽوڪ ملزم آ
۽ آڏو ڏاڍ جي ايندڙ
رنڊڪ ۽ روڪ ملزم آ
فلسفو شاھ عنايت جو
ھا ٻڌجان جهوڪ، ملزم آ
مگر تاريخ شاھد آ
سدا مند ماتمي ڪاٿي
نہ رھڻي آ نہ ئي رھندي
اوس ڪو واءُ ھا ورندو
ھي سارا گوندرن گهايا.
وري ھڪ جاءِ گڏ ٿيندا،
زخم ٻيھر وري ڀربا،
رقم تاريخ نئين ٿيندي،
ھي سارا گوندرن گهايا،
وري ھڪ جاءِ گڏ ٿيندا.
وري ھڪ جاءِ گڏ ٿيندا.

ڪيڏيون تنھائي،

ڪيڏيون تنھائي،
مون سان ڳالھيون ٿي ڪري!

دل ھيءَ ڌڙڪي ٿي ڪٿي،
ھيءَ تہ لڳي جائي.
مون سان ڳالھيون ٿي ڪري!

اندر آ اوري ڇڏيو،
سِٽ سِٽ سرھائي.
مون سان ڳالھيون ٿي ڪري!

ڪئي آڇي ٿي ڇانورا،
نيڻن نھٺائي.
مون سان ڳالھيون ٿي ڪري!

اکر اکر ڏئي حوصلو،
منھنجي ھيءَ وائي.
مون سان ڳالھيون ٿي ڪري!

نيڻن ۾ اڄ اوچتو،
ڪا سار تري آئي.
مون سان ڳالھيون ٿي ڪري!

ڀورا تنھنجي ڀونءِ تي،

ڀورا تنھنجي ڀونءِ تي،
توسان ھيءُ انياءُ.
سنڌ سڄي سڏڪي پئي.

ڌرتيءَ دانھيو درد مان،
اُڀ جو ڦاٽو ھانءُ.
سنڌ سڄي سڏڪي پئي.

ڪھڙو دين الله جو،
ڏسِ تون مون کي آءُ.
سنڌ سڄي سڏڪي پئي.

ماڻھو ٿيو بي آبرو،
انسانيت کي گهاءُ.
سنڌ سڄي سڏڪي پئي.

ماڻھو مذھب کان مٿي،
ڌرتي سڀ جي ماءُ.
سنڌ سڄي سڏڪي پئي.

ھو تہ اسان مان ئي ھيو،
کڻ تون ڌار ھي ٿانءُ.
سنڌ سڄي سڏڪي پئي.

(ڀوري ڀيل جي لاش جي بيحرمتيءَ تي لکيل)

سُر سوين، ڪئي راڳڻيون، منھنجي اندر ۾.

سُر سوين، ڪئي راڳڻيون، منھنجي اندر ۾.
ڪئي ڪھاڻيون، اڻ سُڻيون، منھنجي اندر ۾.

خواھشن تي ڪو بہ جوڀن ڪونہ آيو،
پن پيلي جيان ڇَڻيون، منھنجي اندر ۾.

خوف اڻ ڄاتو، ڪوئي مون ۾ رھي ٿو،
ڪنھن بڻايون ڇانوڻيون منھنجي اندر ۾.

جيتري پرواز ٿي اوچي گهران مان،
اوتريون ئي ڏانوڻيون منھنجي اندر ۾.

پيا مرن جذبا ڪئي بي موت مون ۾،
ڪئي رداليون ۽ رڙيون منھنجي اندر ۾.

تشنگيءَ جو ھر ڪو گذري گس مون مان،
۽ مندون سڀ بي وُڙيون منھنجي اندر ۾.

ڪير جاچي مون ۾ پيو ھر ماجرا کي،
ڪنھن جون آخر ماڻڪيون منھنجي اندر ۾.

ساڻ منھنجي آگمن ۾ ڪو تہ ھوندو،
منتظر ڪئي سانوڻيون منھنجي اندر ۾.

يادگيرين جيترا پاسا مٽيا ھا.

يادگيرين جيترا پاسا مٽيا ھا.
مون رليءَ تي ايترا پاسا مٽيا ھا.

“پيار توسان ٿو ڪريان” ھئي ڳالھہ ٿوري،
ڳالھہ جا تو ڪيترا پاسا مٽيا ھا.

عشق جي اسرار ۾ ساڳيون ڳنڍيون ھون،
سوچ جا مون سئو دفعا پاسا مٽيا ھا.

چين آخر سانوريءَ کي ڪونہ آيو،
رات کان ھن ڪيترا پاسا مٽيا ھا.

ٿيو نہ آخر تائين اطمينان ھن کي،
پئي ڪويءَ اظھار جا پاسا مٽيا ھا.

پئي پڙھيو، پرجهيو ۽جاچيو مون سندءِ کي،
زندگيءَ پئي جابجا پاسا مٽيا ھا.

سھڻو ڏٺو جو سانڍي سپنو رکي ڇڏيو.

سھڻو ڏٺو جو سانڍي سپنو رکي ڇڏيو.
ھر سونھن سان سلھاڙيل لمحو رکي ڇڏيو.

ھو ساري شاعري تہ ويو سمجهي، مگر ڪٿي،
سمجهيو جو مون انھيءَ ۾ ھو سڏڪو رکي ڇڏيو.

مون کي تہ ويڙھ وڙھڻي حياتيءَ سان ھئي ڊگهي،
مون دور ھرڪو پاڻ کان الڪو رکي ڇڏيو.

ھن روح کي ڇھڻ جي ڪا ڪوشش ئي ڪانہ ڪئي،
مون روح وارو جنھن سان ھو رشتو رکي ڇڏيو.

ڪھڙي خبر ابھام ھُن، ڪھڙو منجهس ڏٺو،
مون پيار پنھنجي کي تہ ھو پڌرو رکي ڇڏيو.

ھِت خيانتن جا روپ ڀي ڪيڏا عجيب ھئا،
منھنجو مٽائي درد، ھُن پنھنجو رکي ڇڏيو

سار ڪا اوچتي اچي ٿي وڃي.

سار ڪا اوچتي اچي ٿي وڃي.
ذھن جو در ٽپي اچي ٿي وڃي.

ھو جو وارن ۾ آڱريون ڦيري،
ننڊ ڪيڏي مٺي اچي ٿي وڃي.

تو سوا پل پرين نہ ٿو گذري،
ڳالھہ ان ۾ سڄي اچي ٿي وڃي.

درد ھيريو آ پاڻ تي ايڏو،
ننڊ ٿورو لڇي اچي ٿي وڃي.

دل کي زنجير ڪنھن وڌي آھي،
ڪنھن نہ ڪنھن تي چري اچي ٿي وڃي.

ھو جو چئي “جان” ٿو سڏي مون کي،
مون ۾ ڄڻ زندگي اچي ٿي وڃي.

“پريت” ڪيڏو نہ ھُن کي چاھي پئي،
موڪلائي وري اچي ٿي وڃي.

آئون خواب ڏسنديس

آئون خواب ڏسنديس

آئون خواب ڏسنديس
خواب جي آئون ڏسندي آھيان
ڪڏھن ننڊ ۾ تہ
ڪڏھن سجاڳ نيڻن سان
خواب جي مون کي ڏاڍا
مھانگا تہ پوندا آھن
پر اھي ئي خواب مون کي
احساس ڏياريندا آھن
منھنجي ھئڻ جو
حقيقتن ھميشہ منھنجي
نفي ڪئي آ
خواب مون کي آگهي
ڏيندا آھن
۽ خوابن ۾ ئي
منھنجي شعور جا دريچا
کُلي پوندا آھن
منھنجي سماج ۾
عورت خواب ناھي ڏسندي
کين خواب ڏسڻ جي
اجازت نہ آھي
ھتي ھر خواب جي
قيمت ادا ڪرڻي پوندي آ
گهوڙن جي پيرن ھيٺان
چيڀاٽجي مرڻ کان وٺي
ڪارو ڪاريءَ جي ڀيانڪ
موت مرڻ تائين
مون ھر خواب جي قيمت
ادا ڪئي آھي
پر خواب ڏسڻ ناھن ڇڏيا
حقيقت جي دنيا ۾ آئون مشين جيان
ڪم ڪندي آھيان
منھنجي اندر جو سمورو
ڪرب، ڪروڌ ۽ احتجاج
مخفي توانائيءَ مان حرڪي قوت
۾ تبديل ٿيندا رھن ٿا
۽ آئون ڪم ڪندي رھندي آھيان
ھي سلسلو صدين کان جاري آھي
گهر ھلن پيا، نظام ھلي پيو
پر آئون رڪجي وئي آھيان
ڪٿي بہ ناھيان پھتي
منھنجو ڪم اھو آھي جنھن کي
جديد دنيا جي مارڪسي فلسفي
جي باني ڪارل مارڪس به
اھم ڪونہ سمجهيو
ان بہ منھنجي ڪم کي ڪم واري
وصف ۾ ڪونہ رکيو
ڇو تہ منھنجي ڪم جي نتيجي ۾
ڪو بہ اھڙو وکر نہ ٿو ٺھي
جيڪو ڪاروبار جي عالمي منڊيءَ
۾ کپي سگهي
آئون خوابن ۾ ساھ کڻندي آھيان
خوابن ۾ جيئندي آھيان
۽ اڳتي وڌندي آھيان
خواب منھنجي ڪل ملڪيت آھن
پنھنجي حقن لاءِ جدوجھد ڪرڻ
مون خوابن کان سکيو آھي
حقيقتن ھميشہ منھنجي چپن تي
چُپ جي مھر لڳائي آھي
مان پنھنجي وجود جي بقا جي
جنگ وڙھڻ جا
خواب ڏسندي آھيان
منھنجا سڀ خواب باغي آھن
ھر خواب جي قيمت ڄاڻان ٿي
پوءِ بہ
آئون خواب ڏسنديس!
آئون خواب ڏسنديس!

چڙھي جوڀن شباب ڀوڳيندي.

چڙھي جوڀن شباب ڀوڳيندي.
سور، صدما، عذاب ڀوڳيندي.

ڇوڪري ٿي پئي اُٻھري آ،
خود نتيجا خراب ڀوڳيندي.

ھر دلي آرزو لڪائيندي،
نينھن تي ڏئي نقاب ڀوڳيندي.

رات چنڊ سان ٻَکي جو سپنن ۾،
صبح ھيءَ ڀي حساب ڀوڳيندي.

نيڻ آلا، طويل تنھائي،
ڪيترو اضطراب ڀوڳيندي.

پيار جو پل وڃائي شرميلي،
ھاڻ پئي سڀ حجاب ڀوڳيندي.

مون ۾ تون بہ دفن آھين

مون ۾ تون بہ دفن آھين

منھنجي من اندر ۾ ھڪ
وشال قبرستان آھي
جنھن ۾ ھر لمحي
ھر ڏينھن
يا وري ڪڏھن ڪڏھن
ڪجهہ نہ ڪجهہ دفن ٿيندو رھي ٿو
مون ۾ اھي سڀ مدي خارج
ريتون ۽ روايتون
دفن آھن جن کي مون
پاڻ ٽوڙي پاڻ ۾
دفن ڪري ڇڏيوآھي
ڪيترائي لفظ انيڪ سببن ڪري
نہ ڳالھائجي سگهيا
۽ ايئن المياتي موت جو شڪار ٿي
مون ۾ مري ويا آھن
ڪيترائي سچ منھنجي مجبورين
۽ مصلحتن ماري
مون ۾ دفن ڪري ڇڏيا آھن
۽ ڪيترين مصلحتن اڏول بيٺل
سچ آڏو نامراديءَ سبب
آتم ھتيا ڪري ڇڏي آھي
جن جون قبرون مون ۾
موجود آھن
ٽٽل خوابن ۽ اڻپورين خواھشن
جي قبرن تي ھاڻ ناھيان سوچيندي
ھڪ ٿڪل لڙڪ پنھنجون ذميواريون
احتجاج حوالي ڪيون ۽
ھميشہ لئہ مون ۾ دفن ٿي ويو
جنھن ڏينھن مون ۾ ويڙھ
جو جنم ٿيو
ان ڏينھن منھنجي اندر
مايوسيءَ جي تازي قبر
جو بہ اضافو ٿيو ھو
مون ۾ تون بہ دفن آھين
جنھن ڏينھن تو منھنجي اعتبار
کي ضربيو ان ڏينھن
تنھنجو بہ مرتيو ٿي ويو
۽ مون آتم ھتيا ڪرڻ
بدران توکي پنھنجو پاڻ ۾
دفن ڪري ڇڏيو
وقت کان اڳ
درگور ڪانہ ٿينديس
ٽٽڻ کان بچڻ لئہ
وجود جي ويڙھ وڙھندي رھي آھيان
حوصلن جا ھٿ لھو لھو آھن
۽ من اندر جي قبرستان ۾
قبرون ۽ ڪَتبا روز روز
وڌندا پيا وڃن.

حد دخليون آزاد/نظم

ھر گليءَ ۾ بلڊوزر ھلندي
ڏسي، سوچيم!
دل جي دنيا جون
حد دخليون ھٽائڻ لاءِ
ڪھڙي اعليٰ عدالت
جي فيصلي جو
انتظار ڪرڻو پوندو.

بروڪن بانڊس

سگريٽ جي خاڪ ٿي ويل
ڦُلي کي
ڪيرائڻ لاءِ بہ
آڱرين کي ھلڪي
جنبش ڏيڻي پوندي آھي
پر ڪيترين ئي رفاقتن دوستين
ويندي محبتن جا ڀرم تہ
ھلڪي واءَ جي تبديليءَ سان
ٽٽيو ٿا پون
طلسماتي ڳانڍاپن کان
حقيقتن جا رنج اڪيلايون ۽
وڇوڙا ڀانيان ٿي تہ بھتر آھن.

ھُن کي چاھڻ کان پوءِ

ھن کي چاھڻ کان پوءِ
ھُن کان ڪنھن ٻئي مرد
جي نالي واري نڪاح نامي
تي صحيح ورتي وئي
ھوءَ سھاڳ رات کان ئي
پنھنجي سڀني خوابن خواھشن
چاھتن، احساسن ۽
جذبن کي اندر ۾ دفن
ڪري ٻانھيءَ سان ٻکجي وئي
وقت جو وھڪرو ماٺو ڪونہ رھيو
ھوءَ زال بہ ٿي وئي ۽ ماءُ بہ...
گهر بہ ھلندو رھيو
زمان ۽ مڪان جي ھر
لقاءَ کان بي خبر
ھوءَ ٻانھيءَ سان ٻکيل رھي
ھن سان ڇا ڇا ٿيو......
کيس ڪو پتو نہ پيو......
ھن کي چاھڻ کان پوءِ
ھن جيءَ جليءَ
ڪڏھن بہ ڪنھن
غير مرد کي اک کڻي نہ ڏٺو
مڙس سميت..!!

ريسڪيو

آئون پنھنجي اندر جي خالي پڻي
۾ ڪِري پئي آھيان
اچ ! منھنجي ان خالي پڻي ۾
ايتريون محبتون اوت
جو آئون پنھنجي وجود جي
ٻيھر سطح ماڻي سگهان
مھربان!
ڪڏھن ڪڏھن اھڙا
سانحا ٿي ويندا آھن
جن کي فقط محبتون ئي
سنڀالي سگهنديون آھن
ٻيو ڪوبہ ريسڪيو
ناھي سجهندو........

انڪار جو سفر آ.

انڪار جو سفر آ.
مھڪار جو سفر آ.

قومن جي رھبري آ،
ڪردار جو سفر آ.

ھو دار پيو ٿو ڏسجي،
انڪار جو سفر آ.

جيون سمورو ڀانئيان،
ڪو سار جو سفر آ،

نہ سوچ، لوچ، اُلڪو،
ھي ٻار جو سفر آ.

سنسار پيو ڦلھوري،
فنڪار جو سفر آ.

سنگسار ٿيندي ويندي،
جو نار جو سفر آ.

وار ايڏا ھو اوچتا نہ ڪري،

وار ايڏا ھو اوچتا نہ ڪري،
خواب منھنجا ڳڀا ڳڀا نہ ڪري.

حد جو تغير مزاج ۾ آھي،
مون کي ڪو دائمي دعا نہ ڪري.

چاندنين ۾ مان محوِ رقص ھجان،
ڪيئن ڪو تجويز ڪا سزا نہ ڪري!

رھڻ محبت جي ڏئي ھو محور ۾،
مورڳو محور مٽي جدا نہ ڪري.

منھنجو جياپو انھن آ نيڻن ۾،
نيڻ مون لئہ سي اوپرا نہ ڪري.

ھو ڇڏي پيو ۽ مان ڳنڍيان، ايڏا،
ڊگها پرکڻ جا سلسلا نہ ڪري.

جهليئين آڱر تہ ساڻ ساڻ رھي،
مون کي پوئتي ڌڪي دغا نہ ڪري.

جڏھن کان ساڻ ڪو رشتو حَسين ڪونہ رھيو.

جڏھن کان ساڻ ڪو رشتو حَسين ڪونہ رھيو.
ڀروسو ڀور ٿيو ڪوئي يقين ڪونہ رھيو.

گهڙيون سڀ اوپريون ھون پَل اُٻاڻڪا سڀ ھا،
لمحو ڪو تو پڄاڻان، دلنشين ڪونہ رھيو.

ھليو ويو ھو ڀي ۽ مان ڀي ھلي ويس ڪاڏي،
وقت ڀي ويو ھليو سو بھترين ڪونہ رھيو.

پيار وارا ڪُٺا ھڪٻئي پٺيان جو راھن ۾،
ڏوھ ڇا پيار جھڙو ڪو سنگين ڪونہ رھيو؟

وقت تبديل ٿيو وابستگيون بہ اڻلڀ ٿيون،
خواب ڀي ڪوئي اکين ۾ رنگين ڪونہ رھيو.

مندون سڀ بي وڙيون آنَدن ڀريون وڇوڙن جون،
چوڏسا ۾ ڪوئي منظر رنگين ڪونہ رھيو!

ھا ھتي ڪئي ڪمال ٿيا ھوندا.

ھا ھتي ڪئي ڪمال ٿيا ھوندا.
ڪي عروج ۽ زوال ٿيا ھوندا.

خيال ھڪڙو ڪو تنھنجو ايندي ئي،
منتشر ڪيئي خيال ٿيا ھوندا.

توکان منھنجو پڇي پئي دنيا،
مون کان ڀي سئو سوال ٿيا ھوندا.

ھجر جي ھڪ گهڙي ورھين وانگي،
۽ صدين جھڙا سال ٿيا ھوندا.

ھکڙو بکيو مري ويو ھوندو،
تَنھنجا ڪنھن کي ملال ٿيا ھوندا؟

دليون مرجهائجي ويون ھونديون،
قربتن جا جي ڪال ٿيا ھوندا.

ھلڪو ڪرڻ لئہ ھانوَ کي حلقا بہ کوڙ ھئا.

ھلڪو ڪرڻ لئہ ھانوَ کي حلقا بہ کوڙ ھئا.
پختو جهليو قلم ھيو جذبا بہ کوڙ ھئا.

ڏئي لت ماڻھپي تي پئي ماڻھو لنگهي ويو،
پئي ٿيون عبادتون ۽ سجدا بہ کوڙ ھئا.

لڙڪن جي جاءِ رت ھو، فاقن ۾ پيٽ ھئا،
شيھو رجيو پئي سوچ ۾ نعرا بہ کوڙ ھئا.

ھو سور جو سفر ھتي صدما بہ کوڙ ھئا،
پر پريت پيار جا ھتي پاڇا بہ کوڙ ھئا.

ٿئي ڏيل ڏاريو ڏينھن ۽ راتين ۾ روڄ ھو،
جي ڀونءِ سان ٿيندا رھيا ھاڃا بہ کوڙ ھئا.

جِت پاڻ کي وڪڻڻ لئہ پئي ھوڪا گهڻن ڏنا،
اُت جان ڏئي سرھا ٿيا جوڌا بہ کوڙ ھئا.

ڪنھن وقت کا پنھنجون بہ عجب ڪيفيتون ھيون،
اميدون بہ ھون ھزار ۽ اُلڪا بہ کوڙ ھئا.

ڪو ڏسي انتظار نيڻن ۾.

ڪو ڏسي انتظار نيڻن ۾.
ساڻ اُلڪا ھزار نيڻن ۾.

ڏس چتائي، ڪئي آ اوسيئڙي،
ماڻڪي ڏار ڏار نيڻن ۾.

ھي ٿئي تاريخ درد جي، اکڙيون،
جانچ منھنجي ڄمار نيڻن ۾.

ڪونہ سيراب خواب ھڪڙو ڀي،
اُڃ جا آبشار نيڻن ۾.

ھر حَسين عڪس آ اچي ڦاٿو،
ڪو رکي ويو آ ڄار نيڻن ۾.

ڪوئي سنگهرام سوچ ۾ ڏسجي،
ڪاٿي سپرين قرار نيڻن ۾.

ھَٿَ

ھَٿَ

ھٿ تنھنجا
ھٿ منھنجا
ھٿ ھي انسانيت جا
پنھنجي پنھنجي ڪرت ۾
آھن رڌل ھي
پيٽ جو دوزخ ڀرين ٿا
اُڃ کي سيراب ڪن ٿا
ھٿ ھي تعمير ڪن ٿا
درسگاھون، گهر سمورا
اسپتالون، روڊ، آفيسون
پلون ۽ اُڀ سان
ڳالھيون ڪندڙ گهڻ ماڙ جايون
ڪورٽون سڀ جيل، ٿاڻا
۽ اھي ايوان اعليٰ
ڪئي دفعا زخمي ٿين ٿا
گهائجن ٿا
۽ ڪڏھن ھو ڪنھن
وڏي اوچي عمارت
تان ڪِري ڄڻ زندگيءَ
تان ھٿ ئي ڌوئي وڃن ٿا
ڪي وري ٻيھر رفو ٿي
سامھان بيٺل ڏسون ٿا
ڪرت ساڳيءَ ۾ رڌل ھي
ھٿ ساڳيا
ھا اھو مزدور ساڳيو
درد ساڳيا
ظلم استحصال ساڳيو
لڱ ساڙيندڙ لُڪن ۾
ڌرتتيءَ ۾
ھٿ لوڙيندو رھي ٿو
پر پيٽ خالي ئي رھي ٿو
ھڪ گرھ مانيءَ لئہ ڄڻ ھن
ھٿ جي ساري حياتي خاڪ ٿئي ٿي
پورھيتن جا ھٿ دنيا جي
منڊل کي ڪيئن ٿا آخر ھلائين
ڪنھن اھو سوچيو بہ آھي
ھٿ جي عظمت سڃاڻڻ
کان ھميشہ منڪري واري وئي آ
استحصالي قوتن ڪيئن گهرج آھر
ھٿ کي آ ڪم آندو
ھٿ سان آرائشي زيبائشي
عياشين جا ڪيترا سامان جوڙي
ماڻھو طبقن ۾ ورھائي
ھٿ کي اڇلي ڇڏيو آ
ھٿ پنھنجي حق لئہ جو ڀي اُٿيو
ڪچليو ويو آ
ھٿ کي نيچو رکيوآ
محنتن سان جا ٺھي ھر شئي
منڊيءَ اندر کپي ٿي
اڻ ميو سرمايو ايئن ٺھندو وڃي ٿو
انسانيت جي وچ ۾ قائم
توازن سارو ئي ڊھندو وڃي ٿو
آڱرين تي ڳڻڻ جيڏو انگ گڏجي
حق تي ھلندڙ ھجومن تي
ڪري ٿو حڪمراني
ھٿ نيچو پر جڏھن اوچو کڄي ٿو
حق جو کھنڀو علم تنھن ۾ ھجي ٿو
تاريخون ورجائجن ٿيون
ڪيترائي ھٿ نيچا
ھمنوائيءَ ۾ اُٿن ٿا
ڪوڪ ۽ رڙ جا نوان صفحا
ڪئي اٿلائجن ٿا
موڙ ڪئي تاريخ کي ملندا وڃن ٿا.
ھٿ نيچا ھي جڏھن اوچو اٿن ٿا.
موڙ ڪئي تاريخ کي ملندا وڃن ٿا.

ڇا انسانيت مري وئي آ

ھر گس تي لال لھو ڦھليو
ماڻھن پئي ماڻھن کي گهليو
ڪو فائر ساڻ ڪِريو ھوڏانھن
ڪنھن گوليءَ گهاءُ وڌو ھيڏانھن
سک سان گڏ سانت مري وئي آ.
ھر دل جا شانت مري وئي آ.

ھر ڪوئي پڇي ھر ڪنھن کان ٿو
ڇا انسانيت مري وئي آ.
آ ديس سندو قانون ڪٿي
يا خود رياست مري وئي آ.
ھر داد دلاسو دوکو آ
سچ ڪوڙ ڪيو سمجهوتو آ
ڏک سچ پچ ھي بہ انوکو آ
ڪو آس سندو نہ جهروڪو آ
حق سچ جي بات مري وئي آ
يا مورڳو ڏات مري وئي آ

ھر ڪوئي پڇي ھرڪنھن کان
ڇا انسانيت مري وئي آ.
آ ديس سندو قانون ڪٿي،
يا خود رياست مري وئي آ.
ھت امن جا گيت مئا آھن
ڪنھن ڪنھن جا ميت مئا آھن
ڪو لڙڪ اگهي پيو ڳالھہ ڪري
ھو ڪنھن ڪنھن ريت مئا آھن
اکڙين ۾ تات مري وئي آ
ٿي آس جي مات مري وئي آ

ھر ڪوئي پڇي ھر ڪنھن کان ٿو
ڇا انسانيت مري وئي آ،
آ ديس سندو قانون ڪٿي،
يا خود رياست مري وئي آ.

بدلا ھي پلاند ڀلا ڪيسين؟
ڪرندا ھي ڪانڌ ڀلا ڪيسين؟
ھو ماءُ پيءُ جهور پڇن سڀ کان،
ھيءَ خوني راند ڀلا ڪيسين؟
ھيءَ اوندھ آھ ڊگهي ٿي پئي.
ڄڻ ڪِٿ پرڀات مري وئي آ.

ھر ڪوئي پڇي ھر ڪنھن کان ٿو
ڇا انسانيت مري وئي آ.
آ ديس سندو قانون ڪٿي،
يا خود رياست مري وئي آ.

(ٻارھين جون جي فسادن تي لکيل)

دل ڇيد ڇيد ڏسندين، دامن ۾ چاڪ ڏسندين.

دل ڇيد ڇيد ڏسندين، دامن ۾ چاڪ ڏسندين.
پوءِ ڀي کليل تون دل جا، آجيان لئہ تاڪ ڏسندين.

جي روح جي نظر سان تون آر پار ڏسندين،
چُپ ۾ ڇپيل ڪئي ٽانڊا ٽھڪن ۾ ٽاڪ ڏسندين.

خوابن جي موسمن ۾ ھيءُ جيءُ جهُري رھيو آ،
ماتم سوين ھا من ۾، اکڙين ۾ ماڪ ڏسندين.

دل جون ڳليون وٺي تون، دل جي نگر ھليو آ،
طلسم نہ ڪو، نہ ئي ڪا، مومل جي ڪاڪ ڏسندين.

دردن جي ھن دنيا ۾، سڀني جو حال ھڪڙو،
ٽڙڪيل اندر جو شيشو، جهريل ھا ٿاڪ ڏسندين.

ڳاڙھو لھو مليل ٿئي، مٽيءَ جي ساري من ۾،
زخمي پٻن ڪيا ٿئي، رستا ھي پاڪ ڏسندين.

پيار خوشبو وفا تلاشي پئي.

پيار خوشبو وفا تلاشي پئي.
ڏڍ ڪي آسرا تلاشي پئي.

پنھنجا تاريخ ۾ ڏسي پيرا،
پنھنجي ھيءَ ارتقا تلاشي پئي.

رات ڪاري ڊگهي وڃي ٿيندي،
سوجهري لئہ ڏيئا تلاشي پئي.

ڳولي ھمدرد پنھنجي ڀر ۾ پئي،
۽ ڪوئي ھمنوا تلاشي پئي.

ھوءَ بہ ھڪ دل رکي ٿي سيني ۾،
ھوءَ بہ ھڪ ھمنوا تلاشي پئي.

ويڙھ وڙھندي وجود پنھنجي جي،
ساھ لئہ ڪجهہ ھوا تلاشي پئي.

ڏاڍو اوکو نجات جو رستو،
سگهہ ڪئي حوصلا تلاشي پئي.

ھوءَ سراپا سرير مان نڪري،
عشق جي انتھا تلاشي پئي.

ھي ھميشہ قرار رھندا ڇا؟

ھي ھميشہ قرار رھندا ڇا؟
اوج ڪي برقرار رھندا ڇا؟

اچ سڀئي پيار جون ڳنڍيون کوليون،
ويندا گذري بھار رھندا ڇا؟

اڄ جي محبوب ماڻھو ڀر ۾ ھِن
ساڻ ساري ڄمار رھندا ڇا؟

عاشقيءَ جي ھنڌن سمورن تي،
ڏيل ھيئن ڏار ڏار رھندا ڇا؟

ڇو نہ ٿي ويجهڙا وھي ماڻيون،
ھي سدا ڪارا وار رھندا ڇا؟

کڻ پرين پل لئہ ناز برداريون،
عمر ساري ھي آر رھندا ڇا؟

ھر دفعي نينھن نگر جي راھن تي،
ھيئن ئي گهائيندا خار رھندا ڇا؟

اڄ جي ڏسجن پيا ھم رڪاب سڀئي،
سي سدا شھسوار رھندا ڇا؟

ڄڻ کٿوريءَ جان خيال پئي ڊوڙيا.

ڄڻ کٿوريءَ جان خيال پئي ڊوڙيا.
موٽ لئہ ڪئي سوال پئي ڊوڙيا.

ڪيئن پئي گذري حيات، جاچ بنا،
ڏينھن مھينا ۽ سال پئي ڊوڙيا.

ڪٽيو ماضي سڄو ھو ھڻ وٺ ۾،
اڄ بہ ساڳيا ھا حال پئي ڊوڙيا.

منھنجي جاکوڙ نئين تعمير ٿئي،
ديس ۾ پر زوال پئي ڊوڙيا.

ڪو نہ ماڳن جا ھئا اھڃاڻ چِٽا،
پوءِ بہ ڪيڏا ڪمال! پئي ڊوڙيا.

ڪوئي پھلوءَ ۾ هو نہ ھٿ ھٿ ۾،
ائن اڪيلا جمال پئي ڊوڙيا.

ھر نڙيءَ ۾ ھئي رڙ ۽ ڳل ڳوڙھا،
اڻ ٻڌا ھي ملال پئي ڊوڙيا.

رات آ سامان سھيڙيو.

رات آ سامان سھيڙيو.
پرھ ڏس پئي ٿي سنڀرجي.
ھاڻ تون مون کي وڃڻ ڏي.

پيار وارن تي سدائين،
ڏيھہ ٿو ڏاڍو ڏمرجي.
ھاڻ تون مون کي وڃڻ ڏي.

ڀئو لڳي ڏاڍو پرين ٿو،
پير ٿو جاٿي بہ ڌرجي.
ھاڻ تون مون کي وڃڻ ڏي.

پيار جي جيڏي بہ ورکا،
روح پر ڪاٿي ٿو ڀرجي.
ھاڻ تون مون کي وڃڻ ڏي.

نينھن ڀي ڄڻ آ کٿوري،
چوڏسائن ۾ ڦھلجي.
ھاڻ تون مون کي وڃڻ ڏي.

پايلون لاٿيوسين پوءِ ڀي،
ڳالھہ ٿي ھر جاءِ ٻڌجي.
ھاڻ تون مون کي وڃڻ ڏي.

منھنجا سڏ ازل کان ٻڌندي،

منھنجا سڏ ازل کان ٻڌندي،
ھن جو ڪنڌ ورايو.
منھنجو پنڌ سجايو.

منھنجي ڳل تان لڙڪ اگهڻ لئہ،
ھن جو ھٿ وڌايو.
منھنجو پنڌ سجايو.

ھڪڙو خواب ڏٺم ھو ملندو،
تعبيرن ۾ آيو.
منھنجو پنڌ سجايو.

تنھنجو ڏس پڇڻ تي مون کي،
ولھہ ۾ واٽ ٻڌايو.
منھنجو پنڌ سجايو.

جهاڳيو کوڙ ڏسڻ ۾ ھن جو،
پاڇولو ڀي آيو.
منھنجو پنڌ سجايو.

جيون ڇو جاڙ گذريو.

جيون ڇو جاڙ گذريو.
خالي اکيون پُڇن ٿيون.

گهايئين سڄي حياتي،
پوءِ ڀي ڇو ڪونہ وسريو.
خالي اکيون پُڇن ٿيون.

ڇو دل لڳين تي آخر،
سورج ئي ڪونہ اُڀريو.
خالي اکيون پُڇن ٿيون.

ڪنھن کي نہ پيو پتو ڪو،
ڪيئن پيار ۾ ڪو پڄريو.
خالي اکيون پڇن ٿيون.

ڇو سڪ جو سلو ڪو،
ٿورو ڀي ڪونہ اسريو.
خالي اکيون پڇن ٿيون.

ڪيئن پئي ڀڳو ڀريو ڪو،
ٿي ذرا ذرا وکريو.
خالي اکيون پڇن ٿيون.

جيءُ آ ساڳيو جهريو پيو.

جيءُ آ ساڳيو جهريو پيو.
زندگيءَ ۾ ڇا مليو آ.

روپ ۽ ٻھروپ وچ ۾،
ماڻھپو ڪيڏو ڀليو آ.
زندگيءَ ۾ ڇا مليو آ.

ڇا بچي، ھن سوچ ويٺي،
ذھن کي ايڏو ڇلھيو آ.
زندگيءَ ۾ ڇا مليو آ.

ھيءَ حياتي پوئتي ۽،
پئي اجل ڦولھيو ڦلھيو آ.
زندگيءَ ۾ ڇا مليو آ.

ھر خوشيءَ ڪکين ۾ خنجر،
واءُ ويرن جو گهليو آ.
زندگيءَ ۾ ڇا مليو آ.

سچ ٿي ڪنڊائتو ويو،
ڪوڙ جو ھوڪو ھليو آ.
زندگيءَ ۾ ڇا مليو آ.

قرب جو آڇيو ڪتابن،
سور مون سارو سليو آ.
زندگيءَ ۾ ڇا مليو آ.

نيٺ سکي سوڀاري ٿيندي

سوچيندي تہ سگهاري ٿيندي.
نيٺ سکي سوڀاري ٿيندي.
محنت ڪش ھارياڻي عورت
پورھيت گهرڌياڻي عورت
ڪيسن جي دنيا ۾ جهاڳي
دانھيندڙ ويڳاڻي عورت
ويڙھ جبر سان جاري ٿيندي
نيٺ سکي سوڀاري ٿيندي.
جانڊھ ۾ ھيءَ ڪيسين ڳھندي
پڙھي لکي ڀي ڪيسين وڙھندي
آخر ڏينھن اھو ڀي ايندو
ھن جي خودمختياري ٿيندي
نيٺ سکي سوڀاري ٿيندي.
سورج وانگي اڀري ايندي
چانڊوڪين ۾ نکري ايندي
اڀ ۾ ڪاري بادل وانگي
ڏاڍ انياءَ تي ڏمري ايندي
ڪيسين ڪُسبي، ڪاري ٿيندي
نيٺ سکي سوڀاري ٿيندي.
حق ۽ سچ سھاري آئي
ڄاڻ جون ڏياٽيون ٻاري آئي
ھيڻائپ جا ھڏ ڀڃي ھوءَ
رڪ جي ھاٺي ڌاري آئي
ڪيسين گهايل ناري ٿيندي
نيٺ سکي سوڀاري ٿيندي.
اڇلي آئي الڪا سارا
ساڍيئين من ۾ سپنا سارا
ڳَٽ ڳچيءَ مان لاھي اڇليئين
ڳاتئين ٻيھر نغما سارا
جندو ٻاگهل پاري ٿيندي
نيٺ سکي سوڀاري ٿيندي.

اچو اي سرتيون ۽ ساٿياڻيون

اچو اي سرتيون ۽ ساٿياڻيون.
پنھنجي لئہ نئون جھان جوڙيون.

شھر اسان جا شھر ڪٿي ھي،
واھڻ وستيون ڪاٿي پنھنجون،
ڌرتيءَ تي ڀي پير نہ پختا،
اُڀ ڀي پنھنجو ڪونہ ٿو ڏسجي،
گڏجي پئو سڀ عورت راڻيون.

اچو اي سرتيون ۽ ساٿياڻيون!
پنھنجي لئہ نئون جھان جوڙيون.

ھو جي محبت جا انڪاري،
ڪوٺن ھن کي ڪاري ڪاري،
ڄڀون پٽي اڇلايون تن جون،
ڀل تہ پيا سڏجون تڪراري،
سڀئي پئون گڏجي سک ماڻيون.

اچو اي سرتيون ۽ ساٿياڻيون!
پنھنجي لئہ نئون جھان جوڙيون.

ھٿ ھٿ ۾ جي پنھنجو ڏيندئو
گهڻي ڊگهي زنجير ٿي ويندي
پر جي ٿورو دور ٿي بيھندئو
سرتيون ڏاڍي دير ٿي ويندي
پڙھيل ھنرمند ۽ ھارياڻيون.

اچو اي سرتيون ۽ ساٿياڻيون!
پنھنجي لئہ نئون جھان جوڙيون.

جسمن سان گڏ روح بہ آھي
سونھن تہ آ پر سوچ بہ آھي
من ۾ موھ رڳو ڪونھي ڪو
دل ۾ ھڪڙي دانھن بہ آھي
ھي سڀ ڏي پيغام اماڻيون.

اچو اي سرتيون ۽ ساٿياڻيون!
پنھنجي لئہ نئون جھان جوڙيون.

ڪيڏي اداس وياڪل، ھيءَ زندگي ڏٺي سين.

ڪيڏي اداس وياڪل، ھيءَ زندگي ڏٺي سين.
خالي اکيون ڏٺيون سين، ڪا دل ڀڳي ڏٺي سين.

ڪھڙو ھي گهاءُ گھرو، اندر رسي رھيو ھو،
مستيءَ جي موسمن ۾ سنجيدگي ڏٺي سين.

ٿي زندگيءَ جي ظاھر ھر ڪا ادا اسان تي،
دل تان لھي ڏٺوسين پوءِ دل لڳي ڏٺي سين.

جيڪا سگهي نہ ڪڏھن اظھارجي چپن سان،
سا روح جي رڳن ۾ چاھت وڃي ڏٺي سين.

ڪي خواھشن جا ماتم ڳوڙھي نظر ڏٺا پئي،
ڪا باھ من بدن ۾ ڪيئن پئي ٻري ڏٺي سين.

ھو اُڃ وارو عرصو تڙپي اسان گذاريو،
ڪئي بار بادلن جي بيواجبي ڏٺي سين.

ڪا ڪشمڪش اکين مان ميڙي ننڊون کڻي وئي،
اکين ۾ رات گذري، پرڀات ٿي ڏٺي سين.

ڪنھن ڀي تہ ڪيفيت ۾ آيو قرار ڪونھي،
ٿي پر سڪون ڏٺوسين آواراگي ڏٺي سين.

ڪو چاھي ان ڪارڻ آھيان.

ڪو چاھي ان ڪارڻ آھيان.
مان جا پريم پُڄارڻ آھيان.

ھڪ ڀي ڪونہ ٻڌي ٿي منھنجي،
دل پنھنجيءَ تي دانھڻ آھيان.

ڪونہ وڏو منصب آ منھنجو،
ٻوليءَ جي مان ٻانھڻ آھيان.

محبت جي ڦولن کي سانڍيان،
چاھ چمن جي مالھڻ آھيان.

ماڻھوءَ ۾ ڀڳوان ڏسان ٿي،
سنڌ وطن جي سانئڻ آھيان.

ڪونہ آ تنھا ڇڏيندي يادگيري.

ڪونہ آ تنھا ڇڏيندي يادگيري.
تون نہ ھوندين ساڻ ھوندي يادگيري.

جي وڇوڙي واءَ ۾ ٿيندين پري تون،
او پرين توسان ڳنڍيندي يادگيري.

بي قرارين جي رتن ۾ آءٌ ڀانئيان،
ڪا کڻي آٿت آ ايندي يادگيري.

پوھ ۾ پاسا مٽيندي ساڻ ھوندي،
سانوڻين ۾ ساٿ ڏيندي يادگيري.

پير، گهائڻ لاءِ وڌائيندو جڏھن ڀي،
درد کي پاڻھي جهليندي يادگيري.

مان حياتيءَ پنڌ ۾ ڪاٿي ڪريس جي،
مون کي ڀاڪر ۾ ڀريندي يادگيري.

روز پيڙائون اچي ڊاھن اندر ۾،
روز ٻيھر آ ڳنڍيندي يادگيري.

وري گوندرن سان گڏي پئي حياتي.

وري گوندرن سان گڏي پئي حياتي.
ڪري پنھنجو ٻيھر ڇڏي پئي حياتي.

وڃون بڻبا ويران رڻ جيان اسان پيا،
لڳي ٿو اسان مان لڏي پئي حياتي.

اسان کيس ڀاڪر ڀرڻ لئہ وڌون پيا،
الائي ڇو اسان کي ٿڏي پئي حياتي.

ھڻي ڪائي پاتال ۾ ڄن ڇڙيون پئي،
۽ آڪاش ڏانھن ڪا اڏي پئي حياتي.

اٿن پيا ٿا اوٿر وڏا حالتن جا.
وڃي نيٺ ڪرندي، لڏي پئي حياتي.

وٺي درد ساگر جي صورت اندر ۾،
لڳي ٿو تہ خود ۾ ٻڏي پئي حياتي.

ھليا ٿا وڃئون جي ڇڏي کيس خود ئي،
وري پاڻ ڏانھن ڇو سڏي پئي حياتي.

رڳو پيار پل لئہ مليو زندگيءَ ۾،
انھيءَ پيار پل تي پڏي پئي حياتي.

ذھن ھي بي قرار مجرم آ.

ذھن ھي بي قرار مجرم آ.
تنھن ۾ سوچن جو ڄار مجرم آ.

مون کي ماري ويو ڪو ٻيو ڪونھي،
منھنجو پنھنجو ئي پيار مجرم آ.

ان کٿوريءَ بہ آ برباد ڪيو،
اھو مينديءَ جو ڏار مجرم آ.

عڪس ھڪڙو اکيون کڻي ويو آ،
جنھن ڪيو ھيءُ شڪار مجرم آ.

ھر بغاوت جو ٻج ٿئي مون ۾،
منھنجو ھي وار وار مجرم آ.

ھٿ وڌائي گلاب ڏي، گهايس،
کھنڀي گل پويان خار مجرم آ.

ھڪ ڇڏيو ڇاڻي ٻئي جلايو آ،
خزان قاتل، بھار مجرم آ.

چوڪيدار

چوڪيدار

حيات، ديو قامت ديوارن
پويان گهاريندي
لڇندي پڄرندي ۽
ھھڙو ناحق سھندي
نرجي بڻجي ويل
مضطرب ۽ منجهيل
ناريءَ
زندگيءَ جي چوواٽي تي....
نيٺ خود کان ئي
سوال پڇي ورتو....
“ھو منھنجو
دوست آ
ھمسفر آ
جيون ساٿي آ
يا پاڻ جھڙي ئي آدم زاد کان
منھنجي حفاظت ڪندڙ
منھنجي جنسي عضون جو
چوڪيدار” ؟؟؟

شھوت

شھوت

وڏي ڇا ٿي!
ڄڻ تہ اگهاڙي ٿي پئي
چوڏسائن کان
تاڪو نظرون
لٽا تہ ڇا
چم مان بہ پار ٿيڻ لڳس
وجود کي ڍڪڻ لئہ
پوتي ڇڪي ڇڪي
ساڻي ٿي پئي
پر پوِ بہ
ڪا نہ ڪا ٻوٽي
ڪٿان نہ ڪٿان
ظاھر ٿيڻ لڳس
سھميل وجود
نيٺ ڀڙڪو کاڌو
۽ شروع ٿي ويوھڪ سنگهرام
سماج سورھن آنا سندن پاسي ھو
۽ ھن سان گڏ ھو
صرف پنھنجو پاڻ
ويڙھ ۾ سوڀ تڏھن ماڻيائين
جڏھن پوتي کي اڇلي
ڦٽو ڪيائين ۽
ويڙھيائين وجود کي حوصلي
جي چادر
حوصلي جي چادر ڇا پاتئين
تاڪو نظرن جي شھوت
اينئن وڃي ترو ورتو
جينئن ٿڌ ۾ ٿرماميٽر جو
پارو
ھيٺ ڪري پوندو آ.

ڊريسنگ ٽيبل

ڊريسنگ ٽيبل

جڏھن کان ملٽينيشنل
ڪمپنين جي ڪاروباري
اصليت منھنجي سوچ تي
ظاھر ٿيڻ لڳي ھئي
تڏھن کان
منھنجي ڊريسنگ ٽيبل
خالي ۽
شيشي سامھون منھنجي
چھري جو ٺھندڙ
عڪس صاف ۽
چٽو ٿي رھيو ھو
جڏھن ڌوڪن جي
دنيا مان نڪتي ھئس
تڏھن پاڻ کي
ڏاڍو خوبصورت
ڀانئيو ھئم

آئون اڌ نہ، سڄي آھيان

آئون اڌ نہ، سڄي آھيان

ھڪ ڏينھن آئون
پنھنجي
سرت، سوچ
جسم، جان، پيرن جي پنڌ
۽ روح جي ھر
رڳ کي گهائي
توکي ثابت ڪري ڏيکارينديس
تہ
مان اڌ نہ پر
سڄي آھيان ....!!!

جڏھن تون نظم ٿي بڻجين

جڏھن تون نظم ٿي بڻجين

جڏھن تون نظم ٿي بڻجين
ڇو نڪري روح پنھنجي مان
رڳو تون جسم ٿي بڻجين
ھنن جا خيال ڇو سارا
رھن طواف تنھنجي ۾
ھو غافل بيخبر سارا
اندر جي ڪائناتن کان
اگهاڙپ تنھنجي جي چورائي
سنھي تشبيھہ جي چادر ۾
ويڙھي ٿا رکن سامھون
بکيون نظرون سندن ترڪڻ
لڳن ٿيون جسم تنھنجي تي
خيالن ئي خيالن ۾
وڃن ٿا کيڏندا انگن سان تنھنجي
۽ اندر تنھنجي جي جون
ساريون ڪائناتون ٿي وڃن ٿيون
ڄڻ دفن اونھي قبر ۾
من اندر تنھنجي جا ماتم
سڀ رداليون اڻ ڇھيون
رھجي وڃن ٿيون
ڪيتريون تخليق اندر
بي حسيون رھجي وڃن ٿيون
درد تنھنجي کي بڻائي گس
تنھنجي ويجهڙو ٿيندا وڃن ٿا
ڇيد چوليءَ کي ڪندي
مرضيءَ سندن تي آ ڇڏيل
خيالن ئي خيالن ۾
بدن جي بيھڪن کي
جينئن چاھن پيا لتاڙن
حرمتن جا ڪوٽ ڪيرائي سمورا
شھوتي ڇھائن سان ساري
جسم کي گهائي وڃن ھو
فن جي اعلاپڻي جي خول ۾
وھشت سندو ھو ناچ نچندي
روح ئي روڙي وڃن
مرضي سندن تي آ ڇڏيل
۽ وري ان درد واري واٽ
ساڳيءَ تان ھليا واپس وڃن ھو
نظم بڻجين ٿي جڏھن
ڇو سوچ جا اختيار سارا ئي
وڃن کسجي ٿا توکان
بت ئي بس بت ٿي بڻجين وڃين تون
خيال ڪنھن مڪروھ سان ڏنگجي
وڃين تون
نظم ٿي بڻجين وڃين تون

بس جيءَ ۾ ڏيو جايون.

بس جيءَ ۾ ڏيو جايون.
ٻيو ڪجهہ بہ نہ ٿا چاھيون

ڪو پل ۾ پرچائي،
جي درد منجهان داھيون.
ٻيو ڪجهہ بہ نہ ٿا چاھيون

اي عشق تو ڇڏ ھاڻي،
ھي ايڏيون ارڏايون.
ٻيو ڪجهہ بہ نہ ٿا چاھيون

ڪي لڙڪ بہ گڏ لاڙيون،
ڪي گيت بہ گڏ ڳايون.
ٻيو ڪجهہ بہ نہ ٿا چاھيون

ھڪٻئي کي پيا چاھيون،
ھڪٻئي کي پيا ڀانئيون.
ٻيو ڪجهہ بہ نہ ٿا چاھيون

بس ھيءَ اجازت ڏيو،
پيا تنھنجا چورايون.
ٻيو ڪجهہ بہ نہ ٿا چاھيون

ڏسندي ئي پرچائي وٺندا،

ڏسندي ئي پرچائي وٺندا،
ٿيو جي ڳل آلو.
مون کي سڀ سڃاڻن ٿا.

در جا تاڪ ڇڏيا ھن کولي،
ڇا لئہ ڏيان تالو.
مون کي سڀ سڃاڻن ٿا.

ڪين مڃيندئي چئو مون ھٿ ۾
بڙڇي ۽ ڀالو.
مون کي سڀ سڃاڻن ٿا.

مرھم ساڻ پڄي پوندا ھت،
پير پسي ڇالو.
مون کي سڀ سڃاڻن ٿا.

جيون ۾ ھڪ وار سھي پر،
ڪينئن کڻجي پيالو.
مون کي سڀ سڃاڻن ٿا.

ڀل ڪيڏا الزام ڏئي ڇڏ،
پريت منھنجو نالو.
مون کي سڀ سڃاڻن ٿا.

ٽھڪ ڏيڻ ڏيو ٿورڙا.

ٽھڪ ڏيڻ ڏيو ٿورڙا.
چپ چپ اينئن رھندي.
پوڙھا ٿي نہ وڃون.

واٽ وصل جي آ ڊگهي،
پئج سفر سجهندي.
پوڙھا ٿي نہ وڃون.

پيار ڇھون تنھن کان اڳي،
سوچيان ٿي ڊڄندي.
پوڙھا ٿي نہ وڃون.

ڪا تہ خوشي ھيڏي اچي،
لڙڪن کي اگهندي.
پوڙھا ٿي نہ وڃون.

اچ تہ وڌون سڀ پيار ڏي،
ھڪٻئي ڏي ڏسندي.
پوڙھا ٿي نہ وڃون.

پئه ساڀيان ٿي او پرين!
سپنن ۾ ملندي.
پوڙھا ٿي نہ وڃون.

ڪونہ گڏياسين او پرين!

ڪونہ گڏياسين او پرين!
جلندي جوڀن جو.
رنگ اڏامي ويو.

سج جو پاتي جهاتڙي،
جهرمر تارن جو.
رنگ اڏامي ويو.

وقت ڌارائن ۾ وھي،
قول قرارن جو.
رنگ اڏامي ويو.

نينھن نظر جي ڇاٽ پئي،
سياھ نقابن جو.
رنگ اڏامي ويو.

نظر لڳي ڪنھنجي وئي،
سمنڊ ڪنارن جو.
رنگ اڏامي ويو.

پريت پتو ئي ڪونہ پيو،
ڪينئن ڪٿ وارن جو.
رنگ اڏامي ويو.

ھوءَ جا رنگ جي گورڙي.

ھوءَ جا رنگ جي گورڙي.
مک تنھنجي جي تي تر.
ڪيڏو ٺھندو آ.

پرين ڌري جي پير ٿو،
تنھن ويلي آڳر.
ڪيڏو ٺھندو آ.

گجرن ڀاڪر ۾ اچي،
چوٽيءَ ھڪ ھڪ ور.
ڪيڏو ٺھندو آ.

وائکا نيڻ مٿان وري،
سرمو منجه ڇپر.
ڪيڏو ٺھندو آ.

گيت اگرڇڏجي لکي،
پوءِ ڪورو ڪاڳر.
ڪيڏو ٺھندو آ.

قلم جهليندي آ جڏھن،
شاعر جي آڱر.
ڪيڏو ٺھندو آ.

ھن جو نانءُ لکي ڪري،
ڏيان جو زير زبر.
ڪيڏو ٺھندو آ.

سڀئي اقرار سمجهوتا.

سڀئي اقرار سمجهوتا.
سڀئي انڪار سمجهوتا.

ڦٽيل پٻ، زندگيءَ گس تي،
گهڻئي ھا خار، سمجهوتا.

وڃن ٿا ڦاسجي جيون،
ھي ڪھڙا ڄار سمجهوتا.

ڀرم ڪاٿي ڀڄي پئي جي،
سمورا پيار سمجهوتا.

سڦل ھئي زندگي سامھون،
پٺيان ھا يار سمجهوتا.

پتو ڪجهہ ھيءُ اٿئي،ڪيڏا،
ڪري پئي نار سمجهوتا.

حياتي جهاڳڻي آھي،
مٿان ھي ڌار سمجهوتا.

ڪڏھن ھينءَ ڀي تہ ٿئي ڪاٿي،
مڃن ھي ھار سمجهوتا.

ٽنگيل ھرڪو ئي آ جن تي،
اٿئي سي دار سمجهوتا.

سور صدما عذاب ئي ھوندا.

سور صدما عذاب ئي ھوندا.
عشق گليون عذاب ئي ھوندا.

سارا ھوندا گناھہ مون پاسي،
تو ڪيا سڀ ثواب ئي ھوندا.

پيو پڇين منھنجي تون اثاثن جو،
خيال سوچون ڪي خواب ئي ھوندا.

جي وجهن پيار تي نظر ميري،
سي تہ ماڻھو خراب ئي ھوندا.

پيار ۾ منھنجو شرط ڪو ڪونھي،
۽ اوھان وٽ حساب ئي ھوندا.

مان تہ پڇينديس سوال سڀ سادا،
تنھنجا ابتا جواب ئي ھوندا.

دلين جون منن جون ڳنڍيون کولجن.

دلين جون منن جون ڳنڍيون کولجن.
پرين تعلقن جون ڳنڍيون کولجن.

سراپا وصل کي پرين ماڻجي،
سموريون انگن جون ڳنڍيون کولجن.

اندر جي ٿيون اونھين حدن ۾ لھن،
اگر جي اکين جون ڳنڍيون کولجن.

لھي تشنگي ھيءَ صدين جي پرين،
اڃايل چپن جون ڳنڍيون کولجن.

سڀئي من جون تارون وڃن ڇيڙجي،
سڄڻ تن سرن جون ڳنڍيون کولجن.

ڇھائن سان ھڪٻئي کي ڇرجي ائين،
حجابي ڳلن جون ڳنڍيون کولجن.

گونج منھنجي گهٽيو زبان رکبي.

گونج منھنجي گهٽيو زبان رکبي.
ڀل تہ گردن ڪپيو زبان رکبي.

ڪونہ گوشه نشيني ڪجهہ ڏيندي،
ملي سڀني چيو زبان رکبي.

ڪونہ ھٿ مان قلم ڍلو ٿيندو،
وجهو سنگهرون ڪڙيو زبان رکبي.

لڙڪ اکڙين جا ڄڻ تہ ٽانڊا ٿيا،
ساڻ رت ڀي رڙيو زبان رکبي.

مون اڏيو مورچو آ سوچن جو،
سو بہ ناھي جهريو زبان رکبي.

منھنجو ھي آخري بيان آھي،
مون کي ماري ڇڏيو زبان رکبي.

سکي سار ڪھڙي ڦٽي وئي ھلي.

سکي سار ڪھڙي ڦٽي وئي ھلي.
سوين درد دل ۾ ڇٽي وئي ھلي.

پرين ڏس ڪا توکي بہ پئي ڪل اھا،
ڪئي ارمان ڳھلي گهٽي وئي ھلي.

وڌڻ ڪين اڳتي حجابن ڏنس،
پلاندن کي پنھنجي وٽي وئي ھلي.

اجهو ھوءَ تہ سامھون ڏٺم عاشقي،
گهڙيءَ ۾ ڪو جيون جهٽي وئي ھلي.

نہ سورج ئي اڀريو نہ پريتم پسيئين،
ائين سڀ اميدون لٽي وئي ھلي.

مليا جي جي بہ جيون جا پل پريت کي،
نڀاھي قلم سان، ڪٽي وئي ھلي.

درياھ جي دانھن

درياھ جي دانھن

ميارون ڀل ڏيو مونکي
۽ ڏيو الزام ڀل سارا
رلايا روح مون ڪيئي
جي آھن دربدر سارا
جوانيون پيريون ننڍپڻ
وڌايو درد مون تن جو
مگر منھنجي بہ دانھن کي
اي ڌرتيءَ واسيو ٻڌجو
ٽٽل آھيان، ڊٺل ڪيڏو
وڏو آ حادثو ٻڌجو
مان درياھ شاھ ھان بيشڪ
مگر مان بي زبان آھيان
جسم ۽ روح سان منھنجي
جبر جنھن جنھن ڪيو آھي
وڏو آ سو قصو ٻڌجو
مان وسري ڇو ويس سڀ کان
تہ درياھ شاھ مان آھيان
مان فظرت جي حقيقت ھان
مان ھن ڌرتيءَ جي دولت ھان
مگر ڪجهھ ڏينھن سوڪھڙي
ڪيون چڙھايون جو مون تي
منھنجي فطرت ڀلائي وئي
مون کي مورڳو وساريو ويو
اڃا ويتر رنجايو ويو
ھو ھئا جي لوڀ لالچ ۾
ويا ڪوري پاسريون منھنجون
جسم منھنجي جي سڀ مٽي
کڻي ويا منھنجا رکوالا
ھئا رکوالا جي منھنجا
ھنئيا تن کاٽ مون ۾ ئي
ڪمائي ڪيتري مايا
اھا ڀي ٿورڙي ڳڻجو
۽ ھو جاگيرون رکندڙ جي
آ، جن جي پالنا ڪئي مون
مگر تن موٽ ۾ منھنجي
اڏيون ھن پيٽ م ڪيٽيون ....
اڙي او سنڌ جا واسيو
ان ايڏي درد جو ڪاٿو
اوھان ڀي ڪجهہ لڳايو آ
آھيان جو مان جنم جيئرو
ھي منھنجي پيٽ تي قبضو
وليون وڻ ھڏ رڳون منھنجون
ھنن ڪوري ڪپيون آھن
پٺيان رھجي ويس جو مان
ڊٺل زخميل ٽٽل وکريل
روئي دل تي پيو آھيان
مان ڏوھي ڪنھنجو ڀي ناھيان
سگهيس روڪي نہ لڙڪن کي
ھي پاڻي لڙڪ ھا منھنجا
آ ٿيو مون سان وڏو ڌوڪو
اھو تاريخ ۾ پڙھجو
ڏکايو مون نہ آ ڪنھن کي
مان ڏوھي ڪنھنجو ڀي ناھيان

( 2010 جي مھا ٻوڏ تي لکيل نظم )

اگهاڙپ جو سچ

اگهاڙپ جو سچ

ھو جيڪي اگهاڙپ تي لکندا
رھن ٿا
کين اھو تہ ٻڌايو
بيشڪ تہ اگهاڙپ جي سچ
کان سواءِ ٻيو
ڪو وڏو سچ آھي ئي ڪونه
اگهاڙيون پٺيون
اگهاڙا پيٽ
اگهاڙيون اکيون
اگهاڙيون زبانون
اگهاڙا جسم
اگهاڙا انگ
اگهاڙا پير
ھڪ وڏو جھان آھي ٽنگيل
اگهاڙپ جي ٽياس تي
ھا کين اھو بہ ٻڌايو تہ
اگهاڙپ جي تضادن تي لکڻ
لاءِ ذھن جا پردا سوچ جا دريچا
۽ شعور جون ڳڙکيون کولبيون
آھن
شلوارن جا اڳٺ نہ ...........!!!!!

پروٽيڪٽر

پروٽيڪٽر

پڇيائين
اوھان لاءِ ڪھڙو تحفو
آڻجي .....
جواب ڏنم ” ھڪ مضبوط پروٽيڪٽر
وٺي اچجو“
چيائين ” موبائيل سيٽ جو نالو
۽ نمبر موڪلي ڏيو“
چيم ” موبائيل سيٽ تہ
پھرين کان ئي ھڪ سٺي
پروٽيڪٽر ۾ محفوظ آھي
مون کي پاڻ محفوظ ڪرڻو
آھي ھنڌان ھنڌان ٽٽي
رھي آھيان.......
جواب ۾ ھڪ ڊگهي خاموشي.........

Rip

Rip
موت جي ھانءُ
ڏاريندڙ ڏک کي
خبر ۾ بدلائڻ بدران
گهري ڳيت ڏئي اندر
۾ لاھي ڇڏيو اٿم
رپ جھڙا جهجهي تعداد
۾ ٻڌجندڙ جملا ھاڻي
سڪون بخشڻ بدران
ان ريسٽ ڪرڻ لڳا آھن
ھاڻي آٿتن جا ننڍڙا گرھ
آڇي رئندڙن جي ھانو
جهل ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندي آھيان
پھاڙ جيڏي جيون کي ڪٽيندي
ھمت جي پاتل پھراڻ ۾
لڙڪن کي جذب ڪرڻ جي
بيشمار طاقت آھي
سورن جي ڪيل ڇيدن
کي حوصلي جي نئين چتي
ھڻڻ جيترو سيبو سکي
ورتو اٿم
حوصلن جو پھراڻ جيڪو
ٽاڪا ٽاڪا پيو ڏسجي
ٻڌ ! اھا منھنجي دردن
جي شماريات اٿئي .........

انڌيون اکيون

انڌيون اکيون

ھڪ پاسي جسٽس از بلائينڊ
جھڙي جملي کي
ساراھيندڙ ....
الائي تہ ڇو
ٻئي پاسي
سماج ۾ موجود
سموري ھير ڦير ۽
ڏڦيڙ کي ڏسندڙ
اکيون بہ انڌيون
ڏسڻ چاھيندا آھن .....

ڪورونا خوف جي سمفني

ڇڙيو آ سور جو سرگم
سڄو سنسار سڏڪي پيو
درد ديدن کي ڌنڌلايو
ھوا ۾ سمفنيون ڪھڙيون
سوچ ادراڪ الجهي پيو
سرن مان خوف پيو سڻجي
وجهن پيا وڍ ڪي اونھا
ھنئين ۾ اوچتا الڪا
اميدن جا ڏيا لرزن
ستا ڄڻ سونھن جا سپنا
اکين ۾ ڇرڪ پيا جاڳن
ڪي ڳيتل لڙڪ پيا جاڳن
اڪيلائي ڪا پنھنجي منھن
عدم جو گيت ڳائي پئي
لڳي ساري سرشٽي ھيءَ
پٺيري موٽ کائي پئي
اجل سان منھن مقابل ڄڻ
سموري ڪائنات آھي
ڏينھن راتين ڏي ڄڻ مائل
سرس ڪجهہ سياھہ رات آھي
شھر آشوب لکجن پيا
ڀنل ڪي روپ لکجن پيا
ڀٽائيءَ ڀونءِ پئي سڏڪي
روئن موزارٽ جا سر پيا
دکي ڪيڏو آ لوٿرڪنگ
سندم ڄڻ روح پيو تڙپي
رباعي خيام جي سڏڪي
وبا جا وير ھي ڪھڙا
ڀلا ڪوئي تہ سمجهائي
وبا جا ناديدا گهرڙا
رھيا ڪنھن ٻيءَ پئي جيوت ۾
انھن کي راھ انساني
ٻڌايو ڪنھن آ ڏيکاري
بڇي ھن ساري عالم کي
موت جي ڪنھن آ بيماري
سو انسانيت جو ويري آ
پڇاڻو ا رھيل تنھن ڏي
ڇـڄي جيئن ساھ جي تند پئي
ٻڙيءَ ۾ ماڻھو پيو مٽجي
ھجڻ ۽ نہ ھجڻ وچ ۾
لمحن جي وارتا آھي
دکي ڏيھن ۾ ڏانئڻ جي
ڪائي سوچيل رٿا آھي
ٻڙيءَ جي ھن سڦلتا کي
ڪو عرصو جاوداني آ
مسيحائي جا لاڳيتي
اجل سان ويڙھ ۾ آھي
سا ٿيندي نيٺ سوڀاري
مماتيءَ رقص روڪيندي
ڇڄي ھي موت جا گهنگهرو
پري سڀ وکرجي ويندا
مسيحا سوڀ ماڻيندو
موت خود ۾ مري ويندو
مماتي مات کائيندي.
مماتي مات کائيندي.

ڪنڊولينس ٽيگ

ڪنڊولينس ٽيگ
موت جو ڏک
پنھنجن ويجهن مان
ڪنھن کي بہ ملي...
پھاڙ جيڏي
درد کي گهري ڳيت
ڏئي ھانو ۾ اندر ڪرڻ
۾ عزيزن دوستن ۽ پيارن
جي مدد ڪبي آھي
درد ونڊبو آھي پر ...
درد جي تشھير
ناھي ڪبي
مھربانو !
تعزيتون ٽيگ ناھن ڪبيون
اوھان جون محروميون
پنھنجي جاءِ تي ....
پر درد جي تشھير ٿئي
تہ درد تماشو بڻجي ويندو آھي.

ھرڪو ڌوڪي جو ڄار ٽٽڻو آ.

ھرڪو ڌوڪي جو ڄار ٽٽڻو آ.
ھاڻي ھر ڪو حصار ٽٽڻو آ.

ڏاڍي اونھي ھيءَ کوجنا ويندي،
نيٺ ھرڪو مدار ٽٽڻو آ.

ڪونہ جذبو وري ڳنڍي سگهبو،
جنھن ۾ پئجي ويو ڏار ٽٽڻو آ.

سچ جيون جو تلخ آ ڏاڍو،
ھوش رھڻو، خمار ٽٽڻو آ.

ڪنھن تصور ۾ جو اچي پاتو،
اھو ٻانھن جو ھار ٽٽڻو آ.

ڇو ڀلا اينئن لڳي پيو، ڪاٿي،
پريت پنھنجو ھي پيار ٽٽڻو آ.

درن ديوارن گهرن مان نڪتاسين.

درن ديوارن گهرن مان نڪتاسين.
حوصلن سان دائرن مان نڪتاسين.

پيار پاڇولن جي ڇانورن خاطر،
پير گهاياسين گهرن مان نڪتاسين.

خيال تنھنجي ڪئي سڄڻ مسيحائي،
اڻ ڳڻين گوندر، غمن مان نڪتاسين.

خود فريبيون رد خوشفھميون ڇڏي،
خود پليوسين آسرن مان نڪتاسين.

ڀور ٿيا سارا ڀرم ڪچي ڀتر جان،
پوءِ صنم تنھنجي چمن مان نڪتاسين.

اڄ پڙھيم “ماڻھو”، مجسم درد ڀانئيو،
ڊائرين ۽ ڪاغذن مان نڪتاسين.

پريت ھئي ۽ عاشقين جا پنڌ سامھون،
ضبط ٽوڙيا قاعدن مان نڪتاسين.

زندگانيءَ جي ڪھاڻي ڇو پڇيئي.

زندگانيءَ جي ڪھاڻي ڇو پڇيئي.
دل ڏکاري نيڻ پاڻي ڇو پڇيئي.

ٿاڪ ٿر جا رڃ رستا ريت سامھون،
اڃ منھنجي ڪينئن اجهاڻي ڇو پڇيئي.

ھٿ ھٿ ۾ مند مھڪيل مست دل تنھن،
پنڌ جي ٿي ڪينئن پڄاڻي ڇو پڇيئي.

ھو سڄو ماحول خوشبو، نيڻ آلا،
ڇا چئي پئي رات راڻي ڇو پڇيئي.

سار ڪائي اڻ چٽي ڪو عڪس ڌنڌلو،
ڳالھہ ٿي وئي ھئي پراڻي ڇو پڇيئي.

لڇندي لڇندي ڌوڪا کائيندي پڄرندي،
ھئي حياتي ڪينئن وھاڻي ڇو پڇيئي.

ڳالھہ جيءَ کي جهوري وئي وڍيو اندر ھو،
مھربان سا ڄاڻي واڻي ڇو پڇيئي.

ڪا زمان سان ڪائي مڪان سان ڪجي.

ڪا زمان سان ڪائي مڪان سان ڪجي.
ڳالھہ دل جي ڪا آسمان سان ڪجي.

چنڊ تارا ھلي کڻي اچجن،
ھن جو آڌر پو ڪھڪشان سان ڪجي.

جينئن زمانو ڪري اسان سان پيو،
ڇا ائين موٽ ۾ جھان سان ڪجي.

رھي ھو مون ۾، مون سان پيو الجهي،
ڪجهہ ٻڌايو ڇا مھربان سان ڪجي.

پاڻ کي ڀلجي پيا ڪيئون سڀ ڪم،
چئو اڃا ڇا ڀلا ڌيان سان ڪجي.

گهار ڪي پل تون مون سان.دل چاھي،
شاعري وصل جي بيان سان ڪجي.

ڪونہ ملندين تہ مان ھلي وينديس.

ڪونہ ملندين تہ مان ھلي وينديس.
جي نہ گهرندين تہ مان ھلي وينديس.

اچ اجهو ڏيانءِ مان پنھنجي نيڻن ۾،
پوءِ بہ رلندين تہ مان ھلي وينديس.

ھا، لنگهي درد جي اتھاسن مان،
تون نہ پڙھندين تہ مان ھلي وينديس.

توکي ڀاڪر ڀري سھيڙينديس،
پوءِ بہ ڀرندين تہ مان ھلي وينديس.

ڪنھن بہ ڪنھن سان نہ ھت سچي ڪئي آ،
تون بہ الندي تہ مان ھلي وينديس.

جوڙ ونڊ ضرب ۽ بچيل پاڇيون،
مون کان پڇندين تہ مان ھلي وينديس.

پنھنجو ھٿ منھنجي ھن ٿڌي ھٿ تي،
جي نہ رکندي تہ مان ھلي وينديس.

ڪو ڪو اھو ٿو ڄاڻي.

ڪو ڪو اھو ٿو ڄاڻي.
ڪنھنجا ڪٽيل ڪشالا.
ھرڪو نہ ٿو سڃاڻي.

جيون تہ گهارجي ويو،
پيا جي پٻن ۾ ڇالا.
ھرڪو نہ ٿو سڃاڻي.

اڌمن جا مڻ اندر ۾،
ڄر جيان پٻن تي تالا.
ھرڪو نہ ٿو سڃاڻي.

جهاڳي پڳا پرينءَ کي،
نرجا ۽ ھيءُ نرالا.
ھرڪو نہ ٿو سڃاڻي.

وڙھندي مئا ويا ٿي،
تاريخ جا حوالا.
ھرڪو نہ ٿو سڃاڻي.

سنڌو، ومي عطيہ پريت،
سنڌي ڪلا ۾ نالا.
ھرڪو نہ ٿو سڃاڻي.

ڇا مان اينئن سمجهان.

ڇا مان اينئن سمجهان.
منھنجو خون لڙھي ويو.

ساکي ٿيءُ سنڌو ندي،
سڀني کي چئجان.
منھنجو خون لڙھي ويو.

او سرتي! تاريخ کي،
منھنجي دانھن ڏجان.
منھنجو خون لڙھي ويو.

ڪنھن ٻيءَ ڀيڻ مٿان کڄي،
ھٿ اھو ڀڃجان.
منھنجو خون لڙھي ويو.

منصف مايا تي ڀليئين،
عمريون ھٿ ھڻجان.
منھنجو خون لڙھي ويو.

ديس ڌياڻي سنڌ جي،
مون لئہ تون وڙھجان.
منھنجو خون لڙھي ويو.

ڪين وطن جي سورمي،
مات مري مڃجان.
منھنجو خون لڙھي ويو.

پڙھندي پڙھندي اوچتو.

پڙھندي پڙھندي اوچتو.
ھي ڇو شعرن مان.
رت وھي آيو.

لڇندي اڄ اتھاس کي،
پوين پھرن مان.
رت وھي آيو.

پنڌ کٽي ئي ڪونہ ٿو،
ھي ڏس پيرن مان.
رت وھي آيو.

ھڪ ھڪ کولي جو ڏٺم،
سڀني ٽھڪن مان.
رت وھي آيو.

سرخي سيري جو ڏٺو،
سڪل چپڙن مان.
رت وھي آيو.

لڱن مان ليئڙا،

لڱن مان ليئڙا،
جوڀن ٿو پائي.

سانوڻ سان گڏ ساجن ايندو،
جرڪي پئه جيئڙا،
لڱن مان ليئڙا،
جوڀن ٿو پائي.

اوسيئڙي کان اڳ اجهامي،
ڏنڀ نہ ڏي ڏيئڙا،
لڱن مان ليئڙا.
جوڀن ٿو پائي.

سونھن اٿئي سورن جو ساگر،
ھرک نہ ايئن ھينئڙا،
لڱن مان ليئڙا.
جوڀن ٿو پائي.

جيسين ساھہ سڳو سرڪي ٿو
رھندا اوسيئڙا
لڱن مان ليئڙا

ڪونہ مڃيسين مات.

ڪونہ مڃيسين مات.
اسان اڃان ڀي پنڌ ۾.

نيٺ نراس جي ڪوھيڙي مان،
جوءِ پائيندي جهات.
اسان اڃان ڀي پنڌ ۾.

ڀل تہ قلم ڪو ڪنڌ ڪپي يا،
ڏڏري پنھنجي ڏات.
اسان اڃان ڀي پنڌ ۾.

گهگه جا گهيرا ٽٽندا،
ايندي پايل سان پرڀات.
اسان اڃان ڀي پنڌ ۾.

ڪڏھن پرھہ واٽن تي گڏجي،
ڪڏھن اماسي رات.
اسان اڃان ڀي پنڌ ۾.

ڪڏھن نچن سوريءَ تي سسيون،
ڪڏھن اڏيءَ تي ڪات.
اسان اڃان ڀي پنڌ ۾.

خودمختيار عورت مڪالمو

خودمختيار عورت مڪالمو
ڪچھري ڪندي ڪندي
اوچتو ٽھڪ ڏئي چيائين
“سرتي ھن صورتحال ۾
مان پاڻ لاءِ
چئي سگهان ٿي تہ آئون
ھن دور جي خودمختيار
عورت آھيان”
ٿورو ترسي منھن ۾ چتائيندي
پڇيومانس
“ايڏي وڏي آفيسر آھين
ڇا پنھنجي پگهار جو چيڪ
بينڪ وڃي خود ڪيش
ڪرائيندي آھين”
ڪجهہ پل خاموش رھندي وراڻيائين
“نہ نہ ڪڏھن بہ نہ مون کي تہ
خبر ڀي ناھي تہ منھنجي
پگهار ڪيتري آھي”
گهڙي ترسي ٻيو سوال ڪيومانس
“ڇا ڪنھن بہ الف بي تي کي
ٻڌائڻ يا اجازت وٺڻ
کان سواءِ ڪڏھن گهر جي
چائنٺ ٽپي اٿئي
ڪجهہ وقفو ڏئي وراڻيائين
“نہ ڪڏھن بہ نہ
ڪنھن نہ ڪنھن کان ته
پڇڻو يا ٻڌائڻو پوندو آ”
ڀلا اھو تہ ٻڌاءِ ھنن ٻچڙن جي
پالنا دوران راتين جي
اوجاڳن ۾ ڪنھنجي
ڀاڱي ڀائيواري ٿي ؟
اکيون ڀرجي آيس
نہ نہ ڪنھن جي بہ نہ اڪيلي
جاڳي آھيان
صدين جا اوجاڳا اڪيلي سر
سٺا اٿم ڪڏھن ڪڏھن
تہ اکيون ئي پٿرائجي ويل
ڀائيندي ھئم
کن رکي وري پڇيومانس
“سرتي اگر تنھنجي بورچيخاني
جي تاريخ لکجي تہ توسان
گڏ ٻيو ڪنھنجو نالو ايندو ”
جذباتي ٿيندي چيائين
“ڪنھنجو بہ نہ ڪنھنجو بہ نه”
صرف آئون ان آويءَ ۾ اڪيلي
جلي آھيان مون سان گڏ
ٻيو ڪنھنجو بہ نالو ناھي
“ڀلا ازدواجي تعلق نڀائڻ ۾
تنھنجي ڪا مرضي”
“ڪا بہ نہ
ان تعلق ۾ عورتن جي بہ ڪو
مرضي پڇندو آھي ڇا!”
“ڀلا ھيستائين گهر ۽ ٻين
اثاثن مان تنھنجي نالي تي
گهڻا آھن”
پريشان ٿيندي وراڻيائين
“في الحال تہ منھنجي نالي
ڪجهہ بہ ڪونھي اڳتي ڏسجي”
ڏٺم تہ منھن لھي ويو ھئس
اکيون خالي خالي ٿي لڳس
پڇيومانس ھاڻي
ڇا ٿي چوين
مضطرب ٿيندي جواب ڏنائين
“سرتي سچ ٿي چوين اڃان
ڪجهہ بہ ناھي بدليو
اڄ بہ عورت ساڳي غلام آھي
آزاد ۽ خودمختيار حياتي گهارڻ
لاءِ اڃان وڏو پنڌ اسان
سڀني کي گڏجي طئي
ڪرڻو آھي.”

Question to Justice

Question to Justice

او منصف!

او منصف!
ڪورٽ جي ڪٽھڙي ۾
ايمانداري ۽ منصفيءَ جو
پلڙو ھميشہ ڳرو ھجڻ
۽ “انصاف انڌو ھوندو آھي”
جھڙا بيان پنھنجي جاءِ تي.....
پر مون کي صرف اھو
ڏسيو تہ ...
دارلامان ۾ پناھ ورتل
لاچار ۽ بيوس ڳوٺاڻي
نينگريءَ جي، ھنڌان ھنڌان
ڳنڍيل چمپل پاتل پوڙھي
ماءُ کان
ڪورٽ وارا ھر ملاقات
جي ليٽر لاءِ
پنج سئو رپيا ڇا جا
وٺندا آھن.

اڇا جزا

اڇا جزا

منھنجي رت ۾ موجود
اڇا جزا الائي تہ ڇو
منھنجي ئي وجود
جا دشمن بڻجي پيا آھن
منھنجي جسم جا ڪئي
گهرڙا يا تہ ماري ڇڏيا آھن
يا گهايل ڪري وڌا اٿن
منھنجي جسم جا ڪئي
گهرڙا گم پڻ آھن
منھنجي وجود جا محافظ
ڪيڏي نہ چالاڪيءَ سان
دڙڪي دھمان ۽ ڌمڪين
سان حملو ڪندڙ جراثيمن
تي رعب وجهندا رھن ٿا
پر کين سان وڙھڻ بدران
منھنجو ماس پٽي رھيا آھن
منھنجو ڏيل وڃي پيو
ڏرندو ۽ ھي مچي مواڙ
ٿيندا پيا وڃن
منھنجي جسم جو مدافعتي
نظام پنھنجي ئي گوشت
تي پيو پلجي
آئون ٻوٽي ٻوٽي ٿي
کاڄي رھي آھيان
مان اگر پنھنجي سفر ۾
وقت کان اڳ مري وڃان
تہ منھنجي قتل جي
ايف آءِ آر منھنجي ئي
مدافعتي نظام جي اڇن جزن
خلاف لکرائي وڃي ..!!

جنونيت

جنونيت

اي منھنجا ديس واسيو
منھنجي ھن ڌرتيءَ جي
ڪجهہ ماڻھن کي جنونيت
جي وبائي بيماري
ٿي پئي اھي
ھو ڪوڙين فتوائن
۽ ٻڌ سڌ پٺيان پاڳل بڻجي
وطن جي وارثن جو
سر کڻڻ پويان آھن
اي منھنجا ديس واسيو!
هن وطن جا رهواسيو
پنھنجو خيال رکجو
جيستائين ان موضي مرض
کي روڪڻ لاءِ
ھيءَ وائڙي بڻيل رياست
ڪو ٽڪو ويڪسين جهجهي
مقدار ۾ مھيا ڪري ڏئي
تيستائين مون سميت
روشن خياليءَ جون سڀئي
ٻانھون اوھان جي تحفظ
لاءَ ضرور وڌنديون ...!!

Death with beating heart

Death with beating heart

موبائيل جي گهنٽي وڄڻ تي...

موبائيل جي گهنٽي وڄڻ تي...
ھيلو ڪيم
ھڪ شناسا آواز ....
“ڇوري ايترن مھين کان
ڪٿي گم آھين
ڪا خبر چار ئي ڪانھي
ڪڏھن ڪڏھن تہ سارجي
جاني”
“بس يار گوشه نشينيءَ
جي ديوار کڙي ڪري
موت جي مشق پئي ڪيم ”
“ھا تہ پوءِ ڪھڙو نتيجو اخذ ڪيئي ؟”
نتيجا وري ڪھڙا ڪڍڻا پياري !
بس اھو ڄاتم تہ.....
ساھ جي تند ٽٽي پوڻ ..
اکين جي ماڻڪين جي
پتلين جو ھميشہ لاءِ ڦنڊجي
روشنيءَ جو ردعمل نہ ڏيڻ ..
۽ دل جي بيھجي وڃڻ کان
سواءِ بہ .....
مري وڃبو آھي !!
فون جي ٻئي پاسي
ھڪ ڊگهي خاموشي ...

دانھن ڌرتيءَ جي مان ورنائڻ ڇڏي ڏيان.

دانھن ڌرتيءَ جي مان ورنائڻ ڇڏي ڏيان.
ڇا وطن جا گيت مان ڳائڻ ڇڏي ڏيان.

موھن جو اتھاس، مان ئي سنبارا،
تون چوين ٿو ڀونءِ کي ڀانئڻ ڇڏي ڏيان.

وار وحدت تي وطن جي ھينئن ڏسندي،
تخليقن ۾ قوم جاڳائڻ ڇڏي ڏيان.

مان دراوڙ ڌيءُ، ڌرتيءَ جي جبر سان،
ڪيئن مھاڏو نيٺ اٽڪائڻ ڇڏي ڏيان.

قلم ڌياڻي پاسبانن ۾ ٿي ڳڻجان،
ھيڏانھن جو گهُوري غلط، گهائڻ ڇڏي ڏيان!

ٻانھن جي ٻيڪڙ مان نڪتيس.

ٻانھن جي ٻيڪڙ مان نڪتيس.
ايئن لڳو ڄڻ جڙ مان نڪتيس.

ھن جي ڇا پھلوءَ مان نڪتيس ،
ڄڻ ڪنھن باھ ڀڀڙ مان نڪتيس.

وڙھندي ويڙھ وڏي رسمن سان،
جڳ جي جهل جڪڙ مان نڪتيس.

ڳوليئي کل خوشي خوشبوءَ ۾،
دردن جي مان ھڙ مان نڪتيس.

سُر جو روپ وٺي او سانول،
تنبوري ڪنھن نڙ مان نڪتيس.

نينھن نديءَ جا ڳجهہ سڃاتم،
منڍ گهڙيس پوڇڙ مان نڪتيس.

ڪجهہ لکيم ۽ ڪجهہ ڳالھايم،
چپ جي اينئن چاپڙ مان نڪتيس!

ناتا ڇنندين تنھا ٿيندين.

ناتا ڇنندين تنھا ٿيندين.
منھن موڙيندين تنھا ٿيندين.

خوابن جي ميلن ۾ آھين،
جاڳي پوندين تنھا ٿيندين.

ويھہ گهڙي پل ڀر ۾ منھنجي،
دل ٽوڙيندين تنھا ٿيندين.

ھيءُ ايلاز ۽ ايڏيون وينتيون،
ڪونہ مڃيندين تنھا ٿيندين.

ڪوڙ، ٺڳيءَ، مصلحت جي موسم،
سچ آڇيندي تنھا ٿيندين.

ھر مھڻو ھر ڪائي ملامت،
دل تي کڻندي تنھا ٿيندي.

ھيڏي پيار کي پٺ ڏئي تون،
ٻئي ڏانھن ڏسندين تنھا ٿيندين.

خواب وسري وڃن ٿا بھتر آ.

خواب وسري وڃن ٿا بھتر آ.
ڏينھن گذري وڃن ٿا بھتر آ.

آئون مصلحت ۾ ڪجهہ لڪايان ٿي،
ھو ڀي سمجهي وڃن ٿا بھتر آ.

گهاو وک وک تي ڪئي نوان لڳندا،
گهاو ڀرجي وڃن ٿا بھتر آ.

روح روڙي تہ ٿا وڃن پوءِ ڀي،
پيار پلجي وڃن ٿا بھتر آ.

خيال تنھنجي ئي هن حراست ۾،
خيال مٽجي وڃن ٿا بھتر آ.

منھنجي دل جي ديار مان اڪثر،
ھو بہ گذري وڃن ٿا بھتر آ.

آھي ڪوشش ڀرم رھي دل جو،
نيڻ ڀرجي وڃن ٿا بھتر آ.

کائي وک وک تي ڪو فريب نئون،
پريت، تنھن جو پڇن ٿا بھتر آ.

سج جو تاءُ ٿي، نہ پارو ٿي.

سج جو تاءُ ٿي، نہ پارو ٿي.
وقت سان ساڻ ھل سگهارو ٿي.

آئينو سونھن سان ٻکيو آھي،
ھي بہ مرندو سڀاڻي ڪارو ٿي.

سمنڊ جو اڄ ڪروڌ ٿئي مون ۾،
اچ! سڄڻ منھنجو اڄ ڪنارو ٿي.

روز دھمان دل لڳيءَ ٿئي سٺا،
نينھن جو آءُ، اڄ تہ نعرو ٿي.

خود ۾ ڪيڏا عميق لاھيندي،
ڪنھن چيئي ايترو اڃارو ٿي.

ڇو پيو ڀاڱن ۾ پاڻ کي ورڇين،
ٿئين جي ڪنھن جو، سراپا سارو ٿي.

عمر اوڌر اھا مان لاھينديس،
منھنجو ڪو خواب تون اڌارو ٿي.

طئي ڪري تو کي پاڻ کي لھنديس،
خود وڇائي تون منھنجو چارو ٿي!

ترائيل

سرتي سرجڻھار ھيءَ عطيہ دائود
ڌرتيءَ ڌيئرن تي ڏمر ايڏو ڏسي
ڪيترو سڙندو سندم آھي وجود
سرتي سرجڻھار ھيءَ عطيہ دائود.

ڪوتائن ۾ ھن ڇڏيو ٽوڙي جمود
قھر ھر پاسي جبر ايڏو پسي
سرتي سرجڻھار ھيءَ عطيہ دائود
ڌرتيءَ ڌيئرن تي ڏمر ايڏو ڏسي.


(سنڌ جي ناليواري عورتازاد تخليقڪار عطيہ دائود کي ڀيٽا )

ترائيل

ايئن ڪشادو ٿو دل ديار رکين
ٿڪل رولاڪ جينئن پڄئون ٿا پيا
اڻميو ڄڻ اکين ۾ پيار رکين
اينئن ڪشادو ٿو دل ديار رکين.

نينھن واريءَ نديءَ کي تار رکين
وڙھن ويرون ترئون ٻڏئون ٿا پيا
اينئن ڪشادو ٿو دل ديار رکين
ٿڪل رولاڪ جينئن پڄئون ٿا پيا.

ڪونہ خيالي خمار ۾ آھيان.

ڪونہ خيالي خمار ۾ آھيان.
نينھن واري نھار ۾ آھيان.

تنھنجي اکڙين ۾ ھان ٻڏي وئي يا،
ٻڏل ڪنھن آبشار ۾ آھيان.

حفظ ھر انگ ڪري ڇڏيم تنھنجو،
حافظن جي قطار ۾ آھيان.

ڪونہ دوريءَ سان مان ڊھي سگهنديس،
بيٺي پختي مان پيار ۾ آھيان.

ڪيڏو ڏسجين پيو بيقرار پرين،
مان بہ ڪاٿي قرار ۾ آھيان.

جينئن ئي نڪتيس مدار تنھنجي مان،
ھڙني پاسي کان وار ۾ آھيان.

تو ڇڏايو جو ھٿ انھيءَ پل کان،
مان سڄڻ تنھنجي سار ۾ آھيان.

چوسٽا

چوسٽا

حسين خواب ڪيئي اکين ۾ مئا ھن.

حسين خواب ڪيئي اکين ۾ مئا ھن.
جيئڻ جا جتن بيوسين ۾ مئا ھن.
آ الزام توتي ھي ڌرتيءَ جا حاڪم،
ھي جيڪي بہ ابھم ھنجن ۾ مئا ھن.
*
سسئي حور ڪبري سياڻين جو لاشا.
رڙيو روح ڏسندي ھي راڻين جا لاشا.
پڪو پھہ ٿا گڏجي ڪيئون اڄ، نہ ڪرندا،
ڪٿي ھاڻي ڌرتيءَ ڌياڻين جا لاشا.
*
ذھن منھنجي ۾ خواب ڳاڙھو ھو.
گسن جو انتخاب ڳاڙھو ھو.
ھن جي سوالن جا رنگ ھئا ڪيئي،
منھنجو ھر ڪو جواب ڳاڙھو ھو.
* 
منھنجون تاريخ ۾ اڏارون ھن.
منھنجو ڀڙڪو ھي باز وارو آ.
آئون مظلوم جي زبان آھيان،
منھنجو لھجو اياز وارو آ.
*
چپ بہ چپ چوريندي آھي.
ھرڪو ڪونہ سڻي سگهندو آ.
خاموشي ڳالھائيندي آ،
ڪو ڪو سا بہ سڻي سگهندو آ.
*
ھانءُ گهٻرائجي تہ ڪينئن ڪجي.
روح جي گهائجي تہ ڪينئن ڪجي.
ڪل منھنجي جي ڪائناتن ۾،
درد ئي ڇانئجي تہ ڪينئن ڪجي.
*
صنف نازڪ چوين پيو ھن کي.
پاڻ کان وڌ ٿي بار ڍوئي پئي.
موت جي منھن ۾ جي رھي آھي،
مڻيا جيون ۾ پوءِ بہ پوئي پئي.
*
اداس اک جو احساس ڀي ڪندو ھلجي.
۽ ھر ڪنھن درد جو اڀياس ڀي ڪندو ھلجي.
اگر جيون کي ھتي جاندار جيئڻو آ،
تہ ڪنھن سان قرب ڪنھن تي قياس ڀي ڪندو ھلجي.

مايا جو ڇڏ موھہ تون.

مايا جو ڇڏ موھہ تون.
ڇالئہ ھيءَ فقرات.
ڌرتيءَ جو دک ڄاڻ تون.

گيت سمورا مون ڏنا،
مٽيءَ کي سوغات.
ڌرتيءَ جو دک ڄاڻ تون.

ڇاتي کھنڀي ٿي سندءِ،
ماڻھن رت سان رات.
ڌرتيءَ جو دک ڄاڻ تون.

پنھنجي غم ۾ پيو جلين،
شام صبح پرڀات.
ڌرتيءَ جو دک ڄاڻ تون.

پاڻ مٿاھون ٿو رکين،
ڦاٿو آن منجهہ ذات.
ڌرتيءَ جو دک ڄاڻ تون.

ڌرتيءَ جون سڀ دولتون،
ڄڻ واڳونءَ جي وات.
ڌرتيءَ جو دک ڄاڻ تون.

ڀانءِ ڀلي ڪنھن کي بہ پيو،
ڀانئڻ ڀونءِ ٻي بات.
ڌرتيءَ جو دک ڄاڻ تون.

پل پل پرينءَ لئہ آتيون.

پل پل پرينءَ لئہ آتيون.
مون سي اکيون سڃاتيون.

جن کان وئي ننڊ وسري،
جاڳيون جي راتيون راتيون.
مون سي اکيون سڃاتيون.

ھو ڀي تہ اھڙيون ھي ھون،
جھڙيون ھي مون ھون تاتيون.
مون سي اکيون سڃاتيون.

جن اڃ سان اڻيل ھون،
پوتيون لڱن تي پاتيون.
مون سي اکيون سڃاتيون.

ھو سي ھون جي نہ آھن،
بنھہ مڃينديون ماتيون.
مون سي اکيون سڃاتيون.

جيون جهريل جيئي پيا،
جنھن پل وڌائين جهاتيون.
مون سي اکيون سڃاتيون.

جاڳي پئو سنڌ واسيو!

جاڳي پئو سنڌ واسيو!
سنڌوءَ ڌرتيءَ ڏانھن.

ميريون نظرون ٿيون کڄن.
جهير وجهڻ لئہ جوءِ تي،
پنھنجي بستيءَ ڏانھن.

ميريون نظرون ٿيون کڄن.
اناالحق چئي جو اٿيو،
تنھن سرمستيءَ ڏانھن،

ميريون نظرون ٿيون کڄن.
سر گهوري جو سچ تي،
تنھن ئي ھستيءَ ڏانھن.

ميريون نظرون ٿيون کڄن.
دل جي دڳ تي جا ھلي،
انھيءَ سرتيءَ ڏانھن.

ميريون نظرون ٿيون کڄن.
چوڏس ڪاريون ڪلفتون،
پيار پرستيءَ ڏانھن.
ميريون نظرون ٿيون کڄن.

ترائيل

ترائيل

چانڊاڻ آ مٿي ڪر چھرو ڏسڻ تہ ڏي
ھيءَ چنڊ رات ٻيھر ڪھڙو پتو اچي
چپ چار ٿورڙا سي ويجهو اچڻ تہ ڏي
چانڊاڻ آ مٿي ڪر چھرو ڌسڻ تہ ڌي

ڪجهہ چاش چاھتن جي تنھن ۾ رلڻ تہ ڏي
جيون ڪسارو ڪونہ ٿو سچ پچ مزو اچي
چانڊاڻ آ مٿي ڪر چھرو ڏسڻ تہ ڏي
ھيءَ چنڊ رات ٻيھر ڪھڙو پتو اچي.
*
سدائين ڇرڪندي جيون گذارجي ڇالئہ
ڪڏھن تہ پيار جي ٻانھن ۾ ڀي وڃي ڏسجي
چتا تي حسرتن کي پنھنجي چاڙھجي ڇالئہ
سدائين ڇرڪندي جيون گذارجي ڇالئہ

پنڌ آ پريت ڏي پٺتي نھارجي ڇالئہ
ھاڻي رسمن ۽ رواجن کي ڀي ڀڃي ڏسجي
سدائين ڇرڪندي جيون گذارجي ڇالئہ
ڪڏھن تہ پيار جي ٻانھن ۾ ڀي وڃي ڏسجي.
* 

ترائيل

ترائيل

خواب نيڻن ۾ سمورا رلي ويا آھن
مرڪ آئي جا چپن تي ڦڪي ڦڪي آئي
راز پنھنجا ايئن خود کان کلي ويا آھن
خواب نيڻن ۾ سمورا رلي ويا آھن.

پاڻ پيارا تہ اسان کي ڀلي ويا آھن
سار پر تن جي اسان ڏي لڪي لڪي آئي
خواب نيڻن ۾ سمورا رلي ويا آھن
مرڪ آئي جا چپن تي ڦڪي ڦڪي آئي.
*
ڏسندين مير نہ ڪا جيون ۾
پيار ۾ تون ڇاڇول تہ مٺڙا
ساڀيان ڪر جيڪو سپنن ۾
ڏسندين مير نہ ڪا جيون ۾.

پريت ملي ويندئي راھن ۾
اٿ تنھن کي تون ڳول تہ مٺڙا
ڏسندين مير نہ ڪا جيون ۾
پيار ۾ تون ڇاڇول تہ مٺڙا.

ڪو بہ دوکو سراب ڪونہ کپي.

ڪو بہ دوکو سراب ڪونہ کپي.
ھاڻ پويون حساب ڪونہ کپي.

جو بہ منھنجو نہ ھم خيال ھتي،
مون کي سو ھم رڪاب ڪونہ کپي.

ساڻ سنگهرون گلاب گڏ آندئين،
ھينءَ ٺڳيءَ ۾ گلاب ڪونہ کپي.

ڀونءِ ڀاڪر ۾ پئي سڪون ڀانئيان،
سچ تہ ڪو ماھتاب ڪو نہ کپي.

سڄو ادراڪ ٿيون اکيون چاھن،
ڪوئي پردو نقاب ڪونہ کپي.

وقت آ، ھا ۾ ھا ملائڻ جو،
ڪو دليلي جواب ڪونہ کپي.

لڇي لھسي حيات پيو گهاري،
پر نہ ٿو چئي شباب ڪونہ کپي.

ٿيو آ ماڻھو ھو نئين زماني جو،
ھاڻ ھن کي ڪتاب ڪونہ کپي.

تون نہ سمجهي سگهئين قصو ٻيو ھو.

تون نہ سمجهي سگهئين قصو ٻيو ھو.
بس ڇڏي ڏينس! معاملو ٻيو ھو.

ھو رھي ڀر ۾،ڪو نہ ٿيو پنھنجو،
ھيءُ سزائن جو سلسلو ٻيو ھو.

ڪينئن حصارن کي ٽوڙجي آخر،
دائرن پويان دائرو ٻيو ھو.

ڇا تہ گهاون ۾ ڀي تسلسل ھو،
ھڪ سٺو ھو ئي مس لڳو ٻيو ھو.

ٺھيو ماحول شاعراڻو ھو،
انھيءَ ماحول جو مزو ٻيو ھو.

ھڪ اھو فيصلو جو راڄ ڪيو،
دل ڪيو ھو سو فيصلو ٻيو ھو.

ڪينئن سوچيئي تہ آ بدلجي وئي،
پريت ساڳي مگر پتو ٻيو ھو.

ھاڻ ڪي دليون دکايون ڪونہ ٿينديون.

ھاڻ ڪي دليون دکايون ڪونہ ٿينديون.
ساڻ ڪنھن سان بي وفايون ڪونہ ٿينديون.

ڪونہ ٿي ھڪٻئي جو سگهبو طئي ويو ٿي،
ڪوششون ھاڻي اجايون ڪونہ ٿينديون.

گهاو ھاڻي دل تي پيا سڀئي سھبا،
انتقامي ڪاروايون ڪونہ ٿينديون.

درد جي اظھار جو نئون روپ ڳوليون،
روز ھي اکڙيون ڀڄايون ڪونہ ٿينديون.

ڀوڳ جيون سان سڀئي ويساھ گهاتيون،
ھي سڀئي ڳالھيون ٻڌايون ڪونہ ٿينديون.

جا بہ ھئي موڙي محبت جي حوالي،
پاڻ کان پاڇيون بچايون ڪونہ ٿينديون.

سوچ جون ئي سرزمينون ڌار نڪتيون،
ھا! چيو ھوسين جدايون ڪونہ ٿينديون.

پاڻ کي ڏوھي مڃي ڇڏ،ڇو تہ ثابت،
پريت توکان پارسايون ڪونہ ٿينديون.

اڄ ڇا تہ خوبصورت محفل آ ھن سجائي.

اڄ ڇا تہ خوبصورت محفل آ ھن سجائي.
ڄڻ ڪنھن سٺي ڪتاب جي تقريب رونمائي.

منھنجي بہ شاعريءَ جا تون ڪيئي ڪتاب پڙھندي،
سا ڳالھہ پڙھندي ڪيئن جا آ ڪوتا کان مون لڪائي.

ھن پنھنجي منھن سان مون کي محبوبہ مڃي ورتو،
تھمت اجائي مون تي آ بي وفا جي آئي.

منھنجي حيات ۾ ڪئي ڏوھن جا سلسلا ٿئي،
ثابت ڪئي آ ڪاٿي مون پنھنجي پارسائي.

ھي ڪھڙا ڪھڙا نسخا ھر روز آندئي مون لئہ،
مون کي پيارا گهرجي محبت جي مسيحائي.

ڪوتائون ساريون منھنجون اعلان عاشقي ٿئي،
سھندس سڀئي سزائون سنڌ ديس جي ھان ڄائي.

ماري الڪو ھوريان ھوريان.

ماري الڪو ھوريان ھوريان.
جياري جذبو ھوريان ھوريان.

ڪينئن اندر کي آ چيريندو،
ھڪڙو چرچو ھوريان ھوريان.

ڄاڻڻ ھاڻ لڳي آھيان مان،
ٿئي پيو منھنجو ھوريان ھوريان.

پاڻ پرينءَ ھي گهاءُ ڏنو ھو،
گهاءُ ھي ڀربو ھوريان ھوريان.

اوريندي ڪوتا ۾ ڀانئيان،
ھانءُ ھي ھلڪو ھوريان ھوريان.

چوندو ڪجهہ نہ وڃي منھنجو پر،
سڀ ڪجهہ پڇندو ھوريان ھوريان.

پيار ۾ ڪجهہ تہ وٿي ڀي رکجي،
ھن کي چئبو ھوريان ھوريان.

ڌيري ڌيري گهٽجي دوري،
سرڪيو پردو ھوريان ھوريان.

جيئن جدائي مزيد ٿي وئي آ.

جيئن جدائي مزيد ٿي وئي آ.
تانگهہ من ۾ شديد ٿي وئي آ.

ڪين محبت جي ڳالھہ ڇيڙيو سا،
ڳالھہ ماضي بعيد ٿي وئي آ.

سوچ سڀ جي قديم آ ساڳي،
ڪير ٿو چئي جديد ٿي وئي آ.

ھاڻ ڪر طئي، الڳ آھن رستا،
ڪافي گفت وشنيد ٿي وئي آ.

ڪينئن ڪندي ڳالھہ ھوءَ ڀلا حق جي،
ھوءَ جا خود زرخريد ٿي وئي آ.

پنھنجي ھلنديس مان من تي،پيا سوچيو،
پريت من جي مريد ٿي وئي آ.

ستم تون ايترا نہ جانان ڪر.

ستم تون ايترا نہ جانان ڪر.
زندگي ٿورڙي تہ آسان ڪر.

منھنجي سپنن جو تون حصو ٿي پئہ،
خواب ئي منھنجا ڪجهہ سھانا ڪر.

ملي بہ سگهبو آ ڪڏھن جانان،
بي تڪا تون نہ اينئن بھانا ڪر.

تو کي ھي ڏس ڏنو آ ڪنھن آخر،
مون تي ئي سڀ پڪا نشانا ڪر.

تنھنجون ڳالھيون بہ ڪجهہ مڃي وٺندو،
تون گذارش تہ موءَدبانہ ڪر.

پريت آخر ڇو ايئن چئي ويو ھو،
سوچ! پاڳل نہ اينئن زمانا ڪر.

ھرڪو لھرن سان لڙي.

ھرڪو لھرن سان لڙي.
پار پيو پڄندو.
سو ڏينھن ڪڏھن ايندو.
ھڪڙي ٿفڪي پيار جي،
دل جو در کلندو.
سو ڏينھن ڪڏھن ايندو.
قرب ڪرڻ جي ڏوھہ ۾،
ڪنڌ نہ ڪو ڪرندو.
سو ڏينھن ڪڏھن ايندو.
ھر آڳنڌ تي آس جو،
چنڊ پيو چڙھندو.
سو ڏينھن ڪڏھن ايندو.
سڀ لئہ سپنا سونھن جا،
جيءُ نہ ڪو جلندو.
سو ڏينھن ڪڏھن ايندو.
جئاني جوڀن سان ڪڏھن،
وقت نہ ھي وڙھندو.
سو ڏينھن ڪڏھن ايندو.
ھر ڪوئي ڏس پيار جو،
پريت پيو پڇندو.
سو ڏينھن ڪڏھن ايندو.

ڏينھن تتي جو ڏسندي ڏسندي.

ڏينھن تتي جو ڏسندي ڏسندي.
ٿي ويا مينگهہ ملھار.
تنھنجي نيڻ نھار سان.

جيون گهارڻ لاءِ ڪافي آ،
مليم جو بہ قرار.
تنھنجي نيڻ نھار سان.

چوڻ ڇا چاھيم چئي ويس ڇا،
اٽڪيا سڀ اچار.
تنھنجي نيڻ نھار سان.

مون تہ نہ چاھيو پاڻ جڙي ويو،
سپنن جو سنسار.
تنھنجي نيڻ نھار سان.

پيار کي پاپ چوڻ وارا ڀي،
ڇرڪيا بي اختيار.
تنھنجي نيڻ نھار سان.

موت اسان ڏي آيو ڀي جي،
جي پونداسين يار.
تنھنجي نيڻ نھار سان.

جي خوشبو کھنڀي رنگ جي ڪا.

جي خوشبو کھنڀي رنگ جي ڪا.
منجهہ ماحول ملي.
تون مون سان گڏ ھججان.

سانوڻ جي وسڪار سندي جا،
پھرين بوند ڪري.
تون مون سان گڏ ھججان.

سگهون نہ پاڻ پلي اھڙو ڪو،
دل جي آر ڪري.
تون مون سان گڏ ھججان.

ڪير اچي اگهندو سانول جي،
ڳل تي لڙڪ ڪري.
تون مون سان گڏ ھججان.

پرھ بھاري من آڳنڌ تي،
ھا! جينئن پير ڌري.
تون مون سان گڏ ھججان.

ڪينئن سرندي،سياري رت جي ٿي،
ڏاڍي رات ٺري.
تون مون سان گڏ ھججان.

دنيا جي پرواھ ئي ناھي،
ڀل ڪنھن سان بہ ھجي.
تون مون سان گڏ ھججان.

تن ۾ تونس اکڙيون آتيون.

تن ۾ تونس اکڙيون آتيون.
پڇي پرينءَ جا پار.
جوڀن ناھي ميار.

آئيني آڏو بيٺي آھي،
ڪري ھار سينگار.
جوڀن ناھي ميار.

چوڏھينءءَ چنڊ جان جاڳائي ٿي،
پريتم تنھنجي سار.
جوڀن ناھي ميار.

اکڙيون چائنٺ چتائن ويٺيون،
اوسيئڙي ۾ يار.
جوڀن ناھي ميار.

جڏھن بہ واءُ گهلي ٿو جاني،
کليو پون ٿا وار.
جوڀن ناھي ميار.

جيون ۾ ڪجهہ ڪو نہ آ.

جيون ۾ ڪجهہ ڪو نہ آ.
درد ئي جوڙيو آ.
ڪيڏو لوڙيو آ.

منزل ڏسجي ئي نہ ٿي،
واٽ وڪوڙيو آ.
ڪيڏو لوڙيو آ.

جيون ڇا ڪٿجي ڀلا،
پاڻيءَ بوڙيو آ.
ڪيڏو لوڙيو آ.

سمنڊ سرابن ۾ پسي،
پاڳل ڊوڙيو آ.
ڪيڏو لوڙيو آ.

رات نچي ڪنھن نرتڪيءَ،
گهنگهرو ٽوڙيو آ.
ڪيڏو لوڙيو آ.

واڳ وقت جيءَ کي اڃا،
ڪنھن بہ نہ موڙيو آ.
ڪيڏو لوڙيو آ.

دور سيري حجاب رکندس مان.

دور سيري حجاب رکندس مان.
ھر ستم جو حساب رکندس مان.

ڏيندس ھٿ ۾ مان ھٿ گڏي ھلندس،
پير ڀي ھم رڪاب رکنديس مان.

دور هن نئين ۾ ڪيئن ڀلا سوچئي،
خار رکندي گلاب رکنديس مان.

ريل پٽڙين جيان توسان گڏ آھيان،
سڀ سفر جو حساب رکنديس مان.

ھيءَ جهالت ڳھي وڃي، اڳ ۾،
پاڻ سان ھڪ ڪتاب رکنديس مان.

ھيءَ حقيقت سموري جهاڳيندس،
ڪونہ خيالي سراب رکنديس مان.

خواب ماڻين ٿا ساڀيان تن ۾،
ھاڻ پنھنجا بہ خواب رکنديس مان.

ڪونہ ڪنھن سوال تي منجهي پوندس،
جهيڙي جهاڳي جواب رکنديس مان.

ڏڍ ھو ڪو، نہ ڪو دلاسو ھو.

ڏڍ ھو ڪو، نہ ڪو دلاسو ھو.
درد بڻجي ويو تماشو ھو.

رُت نئين رنگ ڪئي نوان آندا،
رنگ ھڪ سور جو ئي ساڳيو ھو.

نيٺ ڪاٿي حيات پھچايو،
سور ھو سڃ ھئي سناٽو ھو.

ننڊ منھنجيءَ ۾ جاڳ جا سپنا،
جاڳ جو پنڌ ڀي اڙانگهو ھو.

ھانءُ اڊڙيو پيو آ عمرين کان،
تُن سيبو نہ ڪو ئي ٽاڪو ھو.

زندگي ڄڻ تہ بد دعا ٿي لڳي،
جيءُ گهاون کان ڪو، نہ آجو ھو.

سار لکي ھر سور لکيوسين.

سار لکي ھر سور لکيوسين.
ھر پيڙا ھر پور لکيوسين.

ھر ڀيري ماڻھن جي پاسي،
ٻيءَ ڌر کان ٿي دور لکيوسين.

اونداھين کي مات ڏيڻ لاءِ،
نيڻن جو ڏئي نور لکيوسين.

ڏاڍ ڏمر انڌير ھي ظلمت،
ناھي سڀ منظور لکيوسين.

اڀ جي ھن پاسي ڀي جاچيو،
ڀونءِ تي ڀي ڀرپور لکيوسين.

رڙندي مرندي پر داھيندي،
گذريو ٿئي جينئن دور لکيوسين.

ھر حياتيءَ جي سفر ۾ گهائجان پئي.

ھر حياتيءَ جي سفر ۾ گهائجان پئي.
اينئن لڳي پيو ھاڻ مان پٿرائجان پئي.

ھر پٿر جو رخ منھنجي روح ڏي آ،
وار ھر پاسي کان مون تي مارجان پئي.

پيار جو پيمانو ڪر ٿورو ڪشادو،
تنھنجي پيماني منجهان مان ھارجان پئي.

ديس پنھنجو ئي لڳي ڇو اوپرو پيو،
بيگاني بستيءَ جيان گهٻرائجان پئي.

رڃ ۾ يا رڻ پٽن ۾ ھان ٽڙي پئي،
جاڙ وئي ساري سڳنڌ مرجهائجان پئي.

ڏات آهي عاشقي ور ور وڍي پئي،
پيا چون ماحول تي مان ڇانئجان پئي.

پورو يا ڪي اڌورو ڪينئن جيئجي.

پورو يا ڪي اڌورو ڪينئن جيئجي.
ڪوئي سمجهائي ٿورو ڪينئن جيئجي.

بک جا ڀرم ڪيترا رکجن،
ڀلي مانيءَ جو ڀورو ڪينئن جيئجي.

چنڊ ڀي ڪيستائين بهلائي،
ٻري آنڊن ۾ کورو ڪينئن جيئجي.

ھڪ زماني جو درد آ دل ۾،
سو سمورو لڪائي ڪينئن جيئجي.

خاھشون ڀي سموريون اڻپوريون،
ناھي من ڀي صدورو ڪينئن جيئجي.

وئي حياتي کپي آ محنت ۾،
ھيءُ مليو آ اجورو ڪينئن جيئجي!

آھيان جلندي اجهامي ويندي ھان.

آھيان جلندي اجهامي ويندي ھان.
اينئن ئي پڄري ۽ کامي ويندي ھان.

ڪو، نہ آھي جي ھم زبان ملندو،
مان ڪري خود ڪلامي ويندي ھان.

ڪنھن بہ گهر ۾ نہ ٿيندو سواگت آ،
پوءِ بہ ھر گهر ۾ ڄمي ويندي ھان.

شئي خريدوفروخت جي آھيان،
سو خريدي وڪامي ويندي ھان.

وصل جي وقت ۾ الائجي ڇو،
ٿي گهڙي اختتامي ويندي ھان.

ميڙي تحفا آ ھو کڻي ويندو،
مان کڻي اک ۾ نمي ويندي ھان.

وبا جي دور ۾ سرجيل شاعري

وائرس جون ھي ويرانيون
سائنس کي وڏا چيلينج
ڀو ھول پريشانيون.

ھر لاٽ اجهامي ٿي
جيون ڀر جهاڳيندي
ڪيئن عمر وھامي ٿي.

ٻيا سو پيا ظاھر ٿين
ٿي ڪيس ھزارين ويا
ڪئي ماڻھو روز مرن.

آ خلق سڄي حيران
سڀ ماڻھو چائنٺ اندر
ٿيا چونڪ گليون ويران.

ڪنھن سان نہ ملي سگهجي
تنھائي پئي کائي
پل ڀي نہ جيئي سگهجي.

ڪووڊ جا عذاب آھن
ھيءُ سونھن سندا سارا
ڄڻ خواب سراب آھن.

ھن بائلاجيءُ ڪُن ۾
کڏ ٻئي لاءِ کنئي ھوندن
سڀ لوڪ ڪريو ان ۾.

ڪوئي نہ جواب آھي
ماڻھوءَ کان ڊڄي ماڻھو
ھيءُ ڪھڙو عذاب آھي.

اينئن انسانيت لڇندي
دل روئي، ھي ڪووڊ جا
نت قھر نوان ڏسندي.

منجهہ آمريڪا ھڪ لک
دنيا ۾ ٿيو پورو
انگ موت جو اڄ ٽيون لک.

کنگهہ تپ ۽ ساھہ منجهي
ڪورونا نشانين کي
ھر ڪوئي چٽو سمجهي.

ڪيرالا مثالن ۾
اڳواٽ تياري ڪئي
انگ چار آ موتن ۾.

ڪورونا ڪڏھن ويندو
ھي سوال پڇي ھرڪو
ھا نيٺ جواب ايندو.

منڌيئڙو سياحت تي
پرواز نہ ڪا ڏسجي
ٿيو بار طبيعت تي.

ڪورونا مٿان ڪاھون
اڻ پوري حفاظت آ
ڪن ڊاڪٽر پيا دانھون.

ڊاڪٽر بہ ڊڄن ٿا پيا
ھو ڊيوٽيءَ کان پوءِ ڀي
گهر ڪونہ وڃن ٿا پيا.

ھڪ، ڪيس وبا جا ھن
ھيءَ بندش لاڪ ڊائون
ٻيو پورھيت بک مرن.

ھڪ پاسي مرن ماڻھو
دنيا جا ڪروڙين ٻيا
تِن لاءِ جهرن ماڻھو.

اڄ چنڊ چڙھيو آھي
سڀ لوڪ اداس آھي
من ۾ پئي جهريو آھي.

ھي دور وبائي آ
آبھتر دور رھون
ان ۾ ئي ڀلائي آ.

دولاب

دولاب

ھو ....
جيڪو عشق ۽ آدرشن
ڪارڻ آخري پساھن تائين
وڙھڻ لاءِ تيار ھو ....
مطالعي جي وسعت سبب
سندس سياسي تجزيا
ڪجهہ دليلن سان ئي
ڪارڪنن کي مطئمن
ڪري وجهندا ھئا
ھو جيڪو انسانيت دوست
۽ وطن دوست طور
سٺي ساک رکندڙ ھو
۽ پوءِ جڏھن ...
سمي جي گردشن دوران
ڪنھن قومي ڪمن واري
ڪاميٽيءَ ۾
گڏ ويھڻ جو موقعو مليو..
جڏھن ساڳي ٽيبل تي ويھي
ڪجهہ قومي اثاثن جا
گڏيل فيصلا ڪرڻا پيا....
تڏھن ...
ھڪ ھلڪو ڇرڪ نڪري ويو ھئم
۽ حيرتن جا ڄڻ تہ
تاڪيا کلي پيا ھئا
اندر ڄڻ تہ روح تائين رھنڊيل
ڀانئيو ھئم
قومي امانتن جي ونڊ ورڇ ڪندي
اکيون ڳجهہ وانگر چمڪڻ
لڳيون ھئس...
۽ وات جو لعاب پنھنجون
سرحدون لتاڙي ڄڻ تہ واڇن تائين
ڦھلجي چڪو ھئس
حصو پتي ڳڙڪائڻ لاءِ
اينئن ٿي لوھون ڏنائين
ڄڻ ڪو واسينگ کير وٽيءَ
تي چوڌاري وٽبو سٽبو آ ....
قومي امانتن جي ڪوڏي
بہ نہ ڦٻجڻ تي ....
محروم خواھشون ڄڻ تہ
دوڏا پٽي واجهائڻ لڳيون ھيون....
۽ تاريخ پنھنجي روان سفر ۾
ڄڻ تہ ڌڪجي زخمي
ٿي پئي ھئي.

تنھنجي دنيا سراب جھڙي آ.

تنھنجي دنيا سراب جھڙي آ.
دل اسان جي گلاب جھڙي آ.

ھو سڄڻ سامھون نيڻ نيڻن ۾،
ھيءَ گهڙي ڀي تہ خواب جھڙي آ.

مان پڙھان ورق ورق پئي ھن جو،
سندءِ صورت ڪتاب جھڙي آ.

مون کان سو حل ئي ٿي سگهيو ناھي،
ھن جي محبت حساب جھڙي آ.

اڃ منھنجيءَ کي تانگهہ سمنڊن جي،
سرڪ تنھنجي حباب جھڙي آ.

ڪا ڪا نينھن نظر ھوندي آ.

ڪا ڪا نينھن نظر ھوندي آ.
ڪا ڪا چوٽ سڄر ھوندي آ.

ڪنھن لئہ ھيءَ چانڊوڪي چاھت،
ڪنھنجي لاءِ چٿر ھوندي آ.

ڪا دل پيار سڃاڻي ٿي ڪا،
دل ڌرتي پٿر ھوندي آ.

ڀانئڻ جو بہ ڀرم رکبو آ،
توڙي سڀ خبر ھوندي آ.

منھنجي ڳالھہ نہ ڇو سمجهي تو،
جنھن ۾ زير زبر ھوندي آ.

ڪاريءَ جي ھڪڙي ڪالم جي،
ننڍڙي ڪونہ خبر ھوندي آ.

تن ۾ آئون شمار ڇڏي جن،
سورن ڪانہ پچر ھوندي آ.

سو وقت بہ ڪيڏو پيارو ھو.

سو وقت بہ ڪيڏو پيارو ھو.
جو گڏجي تو سان گهاريو ھو.

گڏ موسيقيءَ مڌرتا ھئي،
ھي ڪاٿان تند تنواريو ھو.

تون دور ھليو وئين جينئن مون کان،
رڻ يادن مون لئہ ٻاريو ھو.

اينئن رات ھئي گذري ڪاٿي،
مون ميڻ جيان خود ڳاريو ھو.

تو پيار جو ھڪڙو پل آڇيو،
مون جيون تنھن تان واريو ھو.

جا رات وڇوڙي جي،تنھن کي،
ھن پوھ بہ دل تي ٺاريو ھو.

ھي جوڀن تو بن جاڙ پرين،
مون ڳچ اھو ويچاريو ھو.

ھر سر ۾ درد زمانن جو،
تن “پريت” سرن آزاريو ھو.

جهڪائي ڪنڌ نوڪري ٿا ڪيون.

جهڪائي ڪنڌ نوڪري ٿا ڪيون.
تو لئہ ڇا ڇا نہ زندگي ٿا ڪيون.

سچ جي ٿورڙو ٿي ڳالھائي،
پاڻ کان پرتي آرسي ٿا ڪيون.

ذھن،دل جي کي شل شعور اچي،
چڪ ساڳي وري وري ٿا ڪيون.

نينھن جو نانءُ ڏئي قفس آندئين،
ٽئين دنيا ۾ دل لڳي ٿا ڪيون!

کوٽ نيت ۾ جا بجا ڏسجي،
روز تبديل ساھمي ٿا ڪيون.

روز مصلحت جون ڏانوڻيون ويڙھن،
روز ڪئي ڀيرا خودڪشي ٿا ڪيون.

ھر حسين لمحي کي ڇڏن سانڍي،
اڄ نيڻن لئہ لازمي ٿا ڪيون.

ڪنھن کي گهائي ڇڏيو ڪنھن کي ڊاھي ڇڏيو.

ڪنھن کي گهائي ڇڏيو ڪنھن کي ڊاھي ڇڏيو.
حال ڪھڙا پڇين درد ڇاھي ڇڏيو.

يادگيريون ڪٿي ٿيون ٿين ويسريون،
مون کي گهائڻ کان ڪنھن سار ناھي ڇڏيو.

دل اوھان جيءَ مان اڳ ئي کنئيو سين اجهو،
ان کان اڳ جو اوھان دل تان لاھي ڏيو.

جيءُ جهڄندو رھيو روح روڻيون پيون،
نينھن بھرحال تو سان نڀاھي ڇڏيو.

ھو تصور جو طلسم اڏي، اينئن ڪيو،
مک اوھان جو رکي چنڊ چاھي ڇڏيو.

عاشقيءَ جا پتا پار ڄاتا جڏھن،
ساھ سانگو تڏھن کان ئي لاھي ڇڏيو.

روح ڪوتا نگر ۾ جو ٿيو پرسڪون،
پنھنجو مسڪن اتي ئي بڻائي ڇڏيو.

ڪھڙا تنھنجا پيار

ڪھڙا تنھنجا پيار
ڌرتتيءَ ۾ ڌار ٿي وئين

چاھيوسين ماڻينداسين گڏ
سانوڻ ميگهہ ملھار
ڌرتتيءَ ۾ ڌار ٿي وئين

دل سان ٿي دوکو ويو آھي
ھينئڙي ۾ سئو ڏار
ڌرتتيءَ ۾ ڌار ٿي وئين

رھندا ياد حياتي تنھنجا
ويرين جھڙا وار
ڌرتتيءَ ۾ ڌار ٿي وئين

ور ور ھلندي واٽون پڇنديون
پريتم تنھنجا پار
ڌرتتيءَ ۾ ڌار ٿي وئين

شال پڄائي مون ماڳن تي
سڄڻن جي ڪا سار
ڌر تتيءَ ۾ ڌار ٿي وئين.

ڏيڍ سٽا

ڏيڍ سٽا

ھا رات تہ گذري وئي،
بس پياس پسي ڪانھي، ھر چيز پسي وئي آ.

مانڌاڻ چڱي ڪانھي،
اڳ۾ ئي جهريل تو لاءِ، چانڊاڻ چڱي ڪانھي.

ھا پير تہ گهائن ٿا،
سي ئي تہ وري رستا، ماڳن تي پڄائن ٿا.

سنگيت نہ ٿو سمجهين،
ماڻھو تہ سڏائين ٿو، پر گيت نہ ٿو سمجهين.

ھي پيار کٿوري آ،
جنھن کي بہ ڇڏي واسي، اظھار ضروري آ.

ڏيڍ سٽا

ڏيڍ سٽا

جينئن شام لڙي ٿي پئي،
ڄڻ ياد جي ذھن مٿان، ڪا لام لڙي ٿي پئي.

سنگسار پٿر ڪن ٿا،
تن کان بہ تہ گهاو وڏا، اولا ڪي اکر ڪن ٿا.

آواز کڻي اچجان،
مان گيت پئي لکنديس، تون ساز کڻي اچجان.

ھا پياس وڏي آھي،
پر نيٺ لھي ويندي، جو آس وڏي آھي.

ھي لڙڪ نہ پاڻي آ،
ويجهو جي اچي پسندين، ھر قطرو ڪھاڻي آ.

بيت

بيت

پٽ نہ رڱبو رت سان نہ ڇلندو ڪوئي نيڻ،
ڪا بہ ڪھاڙيءَ وار سان نہ ڪسبي منھنجي ڀيڻ،
ھاڻ نہ ڪوئي ويڻ رسندو جيڏين جيءَ کي.

تنھنجي منھنجي ساھہ کي ڳنڍ ڏني جا ڏک،
پيارا سارا سک مٽ نہ تنھن ميلاپ جي.

نہ ڪنھن وٽ دارون درد جونہ ڪنھن کي ڪجهہ ڀاسي،
پرينءَ جي پاسي سارا ڦٽ ڇٽي ويا.

رڪ جيان ڏاڍو عزم اوھان جو ڇوڪريون،
سسئي سورٺ ۽ ٽيون عشق اٿو آڏو،
ڪيڏو مھاڏو اٽڪايو ٿو ڏاڍ سان.

ڏات مون ڏي پاڻ ٻاري ٿي اچي.

ڏات مون ڏي پاڻ ٻاري ٿي اچي.
روشنيءَ جو روپ ڌاري ٿي اچي.

گيت ڪنھن ۾ دنيا ئي نئين پسجي،
سٽ ڪا سورج اڀاري ٿي اچي.

بس رڳو ھٿيار ماري ٿو ڪٿي،
مند ڀي من کوڙ ماري ٿي اچي.

سمنڊ جيان ڀانئيان سموري ڏات ٿي،
سپ ڪا مون لئہ ڪناري ٿي اچي.

چنڊ جي دل جي وڌي رفتار آ،
وار جي وينگس سنواري ٿي اچي.

ڪا گهڙي بڻجي وڃي ٿي خوش خبري،
ڪا گهڙي ڪو ڏيل ڏاري ٿي اچي.

زندگيءَ لئہ اھم آھيون ايترا،
ھر دفعي ڪاٿي وساري ٿي اچي.

محبتون جي موٽ کائن پاڻ ڏانھن،
پريت ڀي ھر غم وساري ٿي اچي.

ڏس خوشين جي خول ۾ ڪيئن ٿا جيئون پيا.

ڏس خوشين جي خول ۾ ڪيئن ٿا جيئون پيا.
موت جي ماحول ۾ ڪيئن ٿا جيئون پيا.

سج اڀري سور ڏئي دل شام ٽوڙي،
اھڙي ھن معمول ۾ ڪيئن ٿا جيئون پيا.

ڄڻ تہ ڪنھن خيرات جيان اڇليا ويا ھون،
ڪنھن سڪي جان جهول ۾ ڪينئن ٿا جيئون پيا.

جيءُ جهوريو فعل، قول اڻ پاڙيا،
اھڙي فعل و قول ۾ ڪيئن ٿا جيئون پيا.

خوف جي پاتال ۾ ڪنبندي ڏسي ڪو،
دنيا ھن جيءَ گول ۾ ڪيئن ٿا رھون پيا.

ھر گهڙي الزام ٿي نوان آڻي،
تهمتن چوٻول ۾ ڪيئن ٿا جيئون پيا.

اڃ پاتل اکيون.

اڃ پاتل اکيون.
ڪي اڄاتل اکيون.

ڪونہ وسري سگهيون،
تنھنجون سانول اکيون.

ڪنھن اجاڙي ڇڏيون،
ھي جي گهائل اکيون.

منظرن ۾ منجهيل،
۽ ورھايل اکيون.

ٿي پون اوپريون،
ڪي سڃاتل اکيون.

جي وسيون ڇا ڪنديون،
سياھ بادل اکيون.

سمنڊ بيٺيون جهلي،
ڄڻ تہ ساحل اکيون.

جيءُ ئي جهوري ويون،
ڪي اجهاڻل اکيون.

تٽل ڪو خواب لکيوسين ڪوئي سراب لکيو.

تٽل ڪو خواب لکيوسين ڪوئي سراب لکيو.
عشق جي حاصلات کي اسان عذاب لکيو.

اسان ڪنھن ڏيل ڏارڻ کي چئي گناھ ڇڏيو،
بي انت سور سھڻ کي اسان ثواب لکيو.

ڇھيو شباب ھو سارو شراب کي سمجهيو،
سموري سچ تان لاھي سڄو نقاب لکيو.

جڏھن وجدان ۾ دنيا سڄي ھئي مي رقصم،
ھوش ۾ پرڀرو پنھنجو ويھي ڪتاب لکيو.

ڪيا جي رڃ ھا راڱا نہ سي بہ وسريا ھا،
اٺي کان پوءِ جو ڀي سڀ اسان عذاب لکيو.

ھر ذري ڪائنات جي نئون سوال ڪيو،
اسان ڀي آگهيءَ آھر پئي جواب لکيو.

جڏھن ڪتاب ۾ سھيڙيو اسان زماني کي،
وڏو سڀني کان اسان بک جو ھو باب لکيو.

ھو حرمتن ۾ ھر انسان برابر ڄاتو،
نہ ڪو فقير،نہ ڪنھن کي اسان نواب لکيو.

پاڻ گهائيندا، پيار مان گذرون.

پاڻ گهائيندا، پيار مان گذرون.
درد جي ھن ديار مان گذرون.

دل تي رکنداسين چپ چپن تي پو،
ترس ويرين جي وار مان گذرون.

کيپ ھن نينھن جا چڙھيا جاني،
اچ تہ گڏجي خمار مان گذرون.

سج لھندڙ،ڪا شام وڻ ھيٺان،
ويھي گڏ پل، قرار مان گذرون.

اڄ سچي ڪر، ۽ ڏس گهڻا ڀيرا،
پرين تنھنجي ٿا سار مان گذرون.

ڪا پرين تو کي ڪَل! بنا تنھنجي،
ڪينئن ٿا ڏوريون، ڏڪار مان گذرون.

ھيءَ جا تنھائي مون سان گڏ آھي.

ھيءَ جا تنھائي مون سان گڏ آھي.
ڪا شناسائي مون سان گڏ آھي.

وقت نا مھربان ھميشہ آ،
حوصلو ڪا سچائي گڏ آھي.

ڏوھ ٿئي، ھمسفر متان سمجهين،
مون سان ڪا پارسائي گڏ آھي.

ڪونہ بڻجي سگهي دلاسو آ،
ھيءَ جا شھرت اجائي گڏ آھي.

اڄ وري زندگيءَ تي سوچيوسين.

اڄ وري زندگيءَ تي سوچيوسين.
دل لڳي دلبريءَ تي سوچيوسين.

اڃ درياھ ۾ جا، جاچيسين،
رت واريءَ نديءَ تي سوچيوسين.

جهول ڪشڪول ھٿ تريون خالي،
پئي خدا ۽ خوديءَ تي سوچيوسين.

ڏاڍين سھڻين عمارتن مان لنگهي،
ھڪڙي ننڍڙيءَ جهڳيءَ تي سوچيوسين.

پڙ ھميشہ مٿي ڇو ھيڻن جو،
عدل جي ساھميءَ تي سوچيوسين.

سارا اسرار اڀ جا وسري ويا،
جڏھن ڌرتيءَ سڄيءَ تي سوچيوسين.

مھڪيا آھن رنگ مٽيءَ جا.

مھڪيا آھن رنگ مٽيءَ جا.
آءُ تہ سمجهون ڍنگ مٽيءَ جا.

ڌرتيءَ کان ڪينئن ڌار ڪندين مون،
مون سان ٿئي ڪئي سنگ مٽيءَ جا.

ھيءٌ ھيڏيون رولاڪيون تن جا،
شاھد ٿيندا انگ مٽيءَ جا.

مان جي پاڻ ڇڏڻ ڀي چاھيان،
ڪونہ ڇڏيندا ونگ مٽيءَ جا.

روحن کان روحن تي ڦھليل،
تون ڇا سمجهين ونگ مٽيءَ جا.

منھنجو ھانءُ جهري ٿو جنھن پل،
جهرندا آھن جهنگ مٽيءَ جا.

مٽيءَ قرض چڪائيندا سڀ،
جوڌيون ۽ اڙٻنگ مٽيءَ جا!

ڪونہ ڏئي ٿي پل ڀي ساھي حياتي.

ڪونہ ڏئي ٿي پل ڀي ساھي حياتي.
ايئن ڪاٿي ھئي اسان چاھي حياتي.

جيئن چاھيون ٿا اينئن گذري وڃي ھيءَ،
ايتري ڀي ڪو نہ آ ڏاھي حياتي.

ڪاٿي ڪو ٽٽندو ڀرم ڪا اک ڀربي،
ڏئي پئي ھر بار آگاھي حياتي.

ھلندي ھلندي ڄڻ تہ خود ۾ ئي ڪرئون ٿا،
اوچتو بڻجي ٿي پئي کاھي حياتي.

تن کي ڀو تون موت جا ڏيندو رھين ٿو،
ڦندو جن لئہ پيٽ ھو ڦاھي حياتي.

ڪنھن پھاڙي پنڌ جيان آ جهاڳڻي ھيءَ،
سمجهجهان سولي نہ ڪا “لاھي” حياتي.

پريتم تنھنجو پيار.

پريتم تنھنجو پيار.
دور دنيا کان ويو ڪري.

نينھن نچائي نرتڪي،
بدليو سڀ سنسار،
پريتم تنھنجو پيار.
دور دنيا کان ويو ڪري.

ڇلندڙ ساگر عاشقي،
روح ھي ويروتار،
پريتم تنھنجو پيار.
دور دنيا کان ويو ڪري.

سور پڇاڙي سانوري،
ڄڻ تہ نپوڙي نار،
پريتم تنھنجو پيار.
دور دنيا کان ويو ڪري.

سپنا ٿيا سڀ بي چيا،
مون نہ تنين اختيار،
پريتم تنھنجو پيار.
دور دنيا کان ويو ڪري.

سنڌ سنڌ ۾ سڪ اوسکي،
ڄڻ ڏونگر ۾ ڏار،
پريتم تنھنجو پيار.
دور دنيا کان ويو ڪري.

اکڙين پاڇا پريت جا،
من اڪنڍ ۽ آر،
پريتم تنھنجو پيار.
دور دنيا کان ويو ڪري.

وسري ويل عيد جو چنڊ

وسري ويل عيد جو چنڊ

ڪيمپ ۾ ھيٺ ڪري ڪنڌ ويٺل
ڪنھن پل سوچي ڪنھن پل روئي
ھوءَ چوڏھن سالن جي نينگر
ماءُ جي ڀر ۾ سھميل سھميل
ڇا ڇا آھ وڃائي آئي
ھن کي ھاڻي ياد نہ آھي
سنڌوءَ جو پاسو بدليو ھو
سنڌ سڄي پاڻيءَ ھيٺان ھئي
ھن جو سڀ سامان لڙھي ويو
خوشيون سڀئي آرام لڙھي ويو
چوڏس جو پاڻي پاڻي ھو
وھي بہ ڄڻ ھن جي لوڙھي ويو
مک تي ڪئي ڏک جون ريکائون
اندر منجه ڪروڌ سمايل
ڌرتيءَ منجهہ اکيون ھن جون ھن
ست اٺ ٻيا ڀي ڀينر ڀائر
مانيءَ پاڻيءَ لاءِ رئن ٿا
ماءُ ڏسي تن کي روئي ٿي
ھن کان بک اڃ وسري وئي
بک اڃ جي ھوءَ ڳالھہ ڪري ڪينئن
ھوءَ جا ٿوري وڏڙي آھي
ماءُ جي دل ۾ گهاءُ وجهي ڪينئن
ھيٺ ڪري ڪنڌ پٽ تي ويٺي
ڇا ڇا سوچي
ھٿ سان ٿي اُبتا سُبتا
ليڪا پائي
ھن کان سڀ سينگار ويا وسري
لب جي لالي ياد نہ آئي
اک جو آھہ ڪجل ڀلجي وئي
ڪن جي والي ياد نہ آئي
ياد ڪو نئون جوڙو ڪونھي ڪو
وار بہ چيڙھيارا ٿي ويا ھن
اينئن ھوءَ ڪيمپ ۾ ويٺي آھي
لال سڳي ڀي وسري ويئي
ڪيمپ ۾ ھيٺ ڪري ڪنڌ ويٺل
اڀ ڏانھن ھوءَ ڏسي بہ تہ ڇالئہ
پھرين يا چوڏھينءَ جو چنڊ آ
ھن جو ايڏانھن ڌيان ئي ڪونھي
چنڊ تہ ھن کي ياد ئي ڪونھي
عيد جي ڳالھہ تي ٿورو ڇرڪي
ھن کان عيد بہ وسري وئي آ
ھن کي ڪجهہ ڀي ياد نہ آھي
عيد جو چنڊ بہ وسري ويو آ
ھن کان عيد بہ وسري وئي آ


جي مھا ٻوڏ تي لکيل نظم 2010ع

محترم بشير خان قريشيءَ جي شھادت تي لکيل نظم

محترم بشير خان قريشيءَ جي شھادت تي لکيل نظم

شھادت پاند ۾ پائي.
سڀئي ويو خواب جاڳائي.
ڏنڊن ٻيڙين جون جهنڪارون،
ويو نغما نينھن جا، ڳائي،
شھادت پاند ۾ پائي.
سڀئي ويو خواب جاڳائي.
سدا اٽڪيو انڌيرن سان،
شمعون ھر دل ۾ ٻارائي،
شھادت پاند ۾ پائي.
سڀئي ويو خواب جاڳائي.
سمورو لوڪ ھن پويان،
اھو پيو پنڌ پڇرائي،
شھادت پاند ۾ پائي.
سڀئي ويو خواب جاڳائي.
مماتيءَ مات کاڌي آ.
کٽيو ڪنھن، ڪو ويو ھارائي.
شھادت پاند ۾ پائي.
سڀئي ويو خواب جاڳائي.
رکيئين ڄڻ آئيندو اک ۾،
علم ويو اوچو جهولائي،
شھادت پاند ۾ پائي.
سڀئي ويو خواب جاڳائي.
رڳن ۾ وھ وٽيون اوتيئين،
ھو ويو تاريخ دھرائي،
شھادت پاند ۾ پائي.
سڀئي ويو خواب جاڳائي.

ھاڻ رشتن جو ڪجهہ پتو ڪونھي.

ھاڻ رشتن جو ڪجهہ پتو ڪونھي.
ڌار آھيون يا گڏ پتو ڪونھي.

عمر ڀر پئي سڏيو آھي ھن کي،
ھن ٻڌو ڀي ڪو سڏ، پتو ڪونھي.

ھيل ڀي پر جيان ھليا آھيون،
ڪاٿي کٽندو ھي دڳ پتو ڪونھي.

منھنجو لونءَ لونءَ جو ناتو آ توسان،
ساڻ ڪنھن سان آ جڳ پتو ڪونھي.

سچ تہ ناتن ۾ ڀي ملاوت آ،
نينھن ڀي آھي نج، پتو ڪونھي.

آھي سڀ ڪجهہ اڌورو رھجي ويو،
ڪينئن لھي ويو ھي سج پتو ڪونھي.

ڇو نہ پنھنجن ۾ ٿو گڏي مون کي.

ڇو نہ پنھنجن ۾ ٿو گڏي مون کي.
ڇو نہ ٿو پاڻ ڏي سڏي مون کي.

جينئن ئي پرواز لئہ وڌان ٿي مان،
ڪائي سنگهر نئين ڪڙي مون کي.

ھاڻ پاڇن ۾ ڀي سڪون ڪونھي،
رھڻ اينئن ڌرتتيءَ ۾ ڏي مون کي.

تنھنجي نيڻن ۾ ۽ نھارن ۾،
جي ڪوئي ٻيو آ،ڏي ڇڏي مون کي.

ڪونہ آھيان مان ايڏي ڀي ڳھلي،
ھر دفعي ويندي تون ٺڳي مون کي.

ڀيڙ ۾ ڀي ھي من نہ ٿو وندري،
۽ اڪيلائي ڀي ڏنگي مون کي.

چنڊ کوليون آھن ٻئي ٻانھون،
ڪھڪشان ٿي وري سڏي مون کي.

ڪونہ ملندي آ ڪا خوشي سولي.

ڪونہ ملندي آ ڪا خوشي سولي.
ڪونہ ڪٽجي ٿي زندگي سولي.

پاڻ پٿر ڪري گذرڻو آ،
ڪانھي جيون جي ڪا ڳلي سولي.

عڪس بڻجي ويو آ منھنجو ھو،
ھاڻ ڏسبي نہ آرسي سولي.

دور حاضر جي ھيءَ ورھاست آ،
ڪونہ ڪنھن کي ملي پتي سولي.

ڪجهہ حسين لفظ، موھجي پوندي،
ڪانھي ايڏي بہ ڇوڪري سولي.

پاڻھي انصاف سڀ سان ٿي ويندو،
جهل رڳو ھٿ ۾ ساھمي سولي.

زندگي تو بنا ٻسي ٿي لڳي.

زندگي تو بنا ٻسي ٿي لڳي.
ھر خوشي تو بنا ٻسي ٿي لڳي.

ابر رت آ جنون نہ آ ساڳيو،
سانوڻي تو بنا ٻسي ٿي لڳي.

آئينو ڪونہ ٿو وڻي ھاڻي،
آرسي تو بنا ٻسي ٿي لڳي.

چنڊ جوڀن تي اڄ بہ ساڳيو پر،
چاندني تو بنا ٻسي ٿي لڳي.

ڪيڏو اتر لڳو آ ڏس ھر رات،
آ ٺري، تو بنا ٻسي ٿي لڳي.

سوجهرن جي شھر ۾ آهيان، پر،
روشني تو بنا ٻسي ٿي لڳي.

ماڻھوءَ من ۾ جنگ لڳل آ.

ماڻھوءَ من ۾ جنگ لڳل آ.
ھر جيون ۾ جنگ لڳل آ.

چانڊوڪين جو شور وڌي ويو،
ڄڻ جوڀن ۾ جنگ لڳل آ.

سوچن ۾ سنگهرام ھلي پيو،
پيٽ ورن ۾ جنگ لڳل آ.

ڪنھن تہ نتيجي کي آڻيندي،
جا ذھنن ۾ جنگ لڳل آ.

ماريو ويو کنڀيو ڪو گهايو،
ڪا تہ وطن ۾ جنگ لڳل آ.

سھڻا خواب لڏي ويا ڪاڏي،
اڄ سپنن ۾ جنگ لڳل آ.

ھت بہ بيٺل ھتي بہ بيٺا آھيون.

ھت بہ بيٺل ھتي بہ بيٺا آھيون.
ماڻھو آھيون يا تماشا آھيون.

ھڪڙي رونشي جي ڀيڙ جيان آھيون،
اينئن ئي ھشام اجايا آھيون.

ٿورو ويجهو اچي تہ ڌونڌاڙيو،
ڄاڻو زندھ ھون يا لاشا آھيون.

ڏسئون ھڪٻئي ڏي خالي نظرن سان،
شڪ! ڌاريا يا شناسا آھيون.

ڪيڏن حصن ۾ ورھايا وياسين،
ھن لئہ سولا ٿيا نشانا آھيون.

آھيون ڪجهہ ماس جي ممين وانگر،
ڏڍ آھيون نہ دلاسا آھيون.

پڇين تعارف پيو اسان جو تون،
سور ھون سڃ ھون فاقا آھيون.

کوليو اکيون نيڻن جو بس پاڻي نہ ٿي وڃون.

کوليو اکيون نيڻن جو بس پاڻي نہ ٿي وڃون.
ڪنھن دور پراڻي جي ڪھاڻي نہ ٿي وڃون.

ھو پيڙھ اسان جيءَ مان ڪڍن روز پيا پٿر،
آثار، نشاني ڪا پراڻي نہ ٿي وڃون.

او ! وقت جا سڀ نبض شناسو سجاڳ ٿيو،
جلندڙ ڏئي مان لاٽ اجهاڻي نہ ٿي وڃون.

پيا سازشن جا ڄار ھت چوڏس وڇائجن،
ڪو کاڄ،رکندي سوچ اياڻي نہ ٿي وڃون.

حق سچ جي راھن تي سڀ گڏجو رڙھئون اڳيان،
ڪنھن درد جي وائيءَ جي وراڻي نہ ٿي وڃون.

آواز ملايو تہ ڪو آواز اٿاريون،
جي دير ٿي وئي ڪوڪ ڪا ساڻي نہ ٿي وڃون .

او سڄڻ ھن سار کي ڪاٿي پڄئون.

او سڄڻ ھن سار کي ڪاٿي پڄئون.
وقت جي رفتار کي ڪاٿي پڄئون.

ڪي ٻہ ٽي الزام منھن ڀي ڏئي وڃئون،
تھمتن جي ڄار کي ڪاٿي پڄئون.

نفرتن جي آ نڙيءَ تي ننھن ڏنو،
پر پرين ھن پيار کي ڪاٿي پڄئون.

ھانءُ ڀوريءَ جو ڀريل پھرين، مٿان،
چنڊ جي چمڪار کي ڪاٿي پڄئون.

ڪي وڇايل ڪونہ ٿا چاھيون گلاب،
پر ھي وک وک خار کي ڪاٿي پڄئون.

سانوڻيون برسن ڀلي بي حد مگر،
دل جي ھڪ ھڪ آر کي ڪاٿي پڄئون.

اکڙين جون ڪائناتون سمجهي رھيو آ ڪوئي.

اکڙين جون ڪائناتون سمجهي رھيو آ ڪوئي.
اکين ۾ خود وڃائي ڀٽڪي رھيو آ ڪوئي.

ڪنھن راز دل جو سمجهو ڪنھن لئہ سراپا رونشو،
ڪنھن ۾ آ تانگهہ ساڳي مٽجي رھيو آ ڪوئي.

ھا آھي سو ئي جيون،سڏجي اھا حياتي،
ڪو گهاءُ پيو ٿو اٿلي ڀرجي رھيو آ ڪوئي.

دل ڪاٿي ننڌڻڪي آ دل جا ڌڻي بہ آھن،
ڏس دل جي دشمنن سان اٽڪي رھيو آ ڪوئي.

ورھين جا ڪي وڇوڙا پئجي رھيا ھا ڪاٿي،
ڪنھن اھل دل سان ٻيھر جڙجي رھيو آ ڪوئي.

برکائون آيون ڀرجي اتر گهلڻ لڳا ھئا،
اھڙين مندن کي ساري سڏڪي رھيو آ ڪوئي.

اتھاس جون بہ آھن ڪيڏيون ستم ظريفيون،
بي لاڀ ٿي دزن ۾ لٽجي رھيو آ ڪوئي.

ڪيڏا اکڙين جا خواب کائي ويا.

ڪيڏا اکڙين جا خواب کائي ويا.
ھيءُ خوشيون سڀ، سَرابَ کائي ويا.

ھئا ڪشالا ھي ڪيڏا جيون جا،
ساريون، جئانيون شباب کائي ويا.

سادگيءَ سان ڪري ھو ڌوڪا ڪئي،
ساريون رھتون حساب کائي ويا.

پئي سميٽيس مان خود ۾ ڪومايس،
پيار سارا، حجاب کائي ويا.

مون جي ھن کان ڪيا سوال ڪئي،
ڪجهہ مليا ڪجهہ جواب کائي ويا.

دور ڪمپييوٽرن جا آيا جو،
ڌيري ڌيري ڪتاب کائي ويا.

سموري گهاري زندگي ڏسجي.

سموري گهاري زندگي ڏسجي.
درد جي دائرن ۾ جي ڏسجي.

پاڻ کي جاچي ڪجهہ نئون پسجي،
آئيني کي وري وري ڏسجي.

شعلو ڪوئي ھجي بغاوت جو،
انھيءَ شعلي تي پو نچي ڏسجي.

چنڊ کي پل سڏائي پھلوءَ ۾،
سونھن کي ويجهو ٿي ڇھي ڏسجي.

پاڻ کي خود وڃائي خود ۾ پو،
پاڻ کي پاڻ مان لڀي ڏسجي.

وقت کي وقت آ ڪٿي بيھي،
وقت کي ڊوڙي خود پڄي ڏسجي.

سچ کي ڪوڙا پيا ٿا ساراھين،
ڪيستائين منافقي ڏسجي.

رات جو رنگ پائي ھلڻو آ.

رات جو رنگ پائي ھلڻو آ.
خود سراپا جهڪائي ھلڻو آ.

حڪم ھر منڪري ھاڪار ڪري.
ھيءَ جبين ڀي جهڪائي ھلڻو آ.

ڄمائي ڄڀ کي، چپن کي دنگي،
سوچ ساري جلائي ھلڻو آ.

تيز تيرن جون بارشون توڙي،
لال ٿي لڱ گهائي ھلڻو آ.

ھڙئي آئيندي جا اونا اڇلائي،
جينئن چون ھو، ھنڊائي ھلڻو آ.

سچ جو وار وار پيو وگهري،
ڪوڙ کي ڳل لائي ھلڻو آ.

آھي بدليل وطن جي آب ھوا،
پاڻ کي پاڇا پائي ھلڻو آ.

شھر پاڙو گهر مٽائي ٿي ڏسان.

شھر پاڙو گهر مٽائي ٿي ڏسان.
سوچ جو محور مٽائي ٿي ڏسان.

ماڻڪيون مون کان نہ مٽجي ٿيون سگهن،
سوچان نيڻن جر مٽائي ٿي ڏسان.

ڏات جي ديوي رٺي ڇاکئون الئہ،
پين ۽ ڪاڳر مٽائي ٿي ڏسان.

عمر گذري وئي، بنا دستڪ رھيو،
دل چوي ٿي در مٽائي ٿي ڏسان.

ڪنڊ،ڪو پاسو، نہ ماڻھو ڀانءِ پيو،
پاڻ کي يا تر مٽائي ٿي ڏسان.

پرين خيال تنھنجو لڏيندو ڪڏھن.

پرين خيال تنھنجو لڏيندو ڪڏھن.
سڪون منھنجي نيڻن کي ايندو ڪڏھن.

وڇوڙي جو پل پل وڍي پيو اندر،
ھو پھلوءَ ۾ پل ڪو ڪٽيندو ڪڏھن.

سندي پيٽ جي ڪشمڪش ۾ سدا،
ھي انسان ساھي پٽيندو ڪڏھن.

سنڀالي مون ساگر آ سڪ جو رکيو،
سڄڻ قرب منھنجو ڪٿيندو ڪڏھن.

پيا تات ۾ نيڻ پٿرائجن،
ڏسيو من اڱڻ تان مٽيندو ڪڏھن.

سراپا ويس منتشر ٿي، سھيڙي،
ھو ڀاڪر ۾ پنھنجي ڀريندو ڪڏھن.

گيت

گيت

ٽڪرو ٽڪرو ڌار
جوڙيئون ويٺا يار
ٽٽل من جي مورتي

چاھت چڪ آ ٿي وئي
ٿياسين گنھگار
جوڙيئون ويٺا يار
ٽٽل من جي مورتي

عشق وڏو آٿت پرين
ديد اڳيان ڀل دار
جوڙيئون ويٺا يار
ٽٽل من جي مورتي

سي بہ تہ ماڻيا ڪونہ ھئا
ڏينھن چانڊوڪين جا چار
جوڙيئون ويٺا يار
ٽٽل من جي مورتي

ھر منظر ڌنڌلو لڳي
ھر اک لڙڪن لار
جوڙيئون ويٺا يار
ٽٽل من جي مورتي

نينھن جو ٿي پيو ننڌڻڪو
پو ڪرڻا ڪھڙا پيار
جوڙيئون ويٺا يار
ٽٽل من جي مورتي

ڀلجي ڀي نہ پڇائجان
ڪي پريتم جا پار
جوڙيئون ويٺا يار
ٽٽل من جي مورتي

تنھا آھيو درد نگر ۾

تنھا آھيو درد نگر ۾

تنھا آهيو درد نگر ۾
ھاڻي ھليو آ من مندر ۾
تڙپ لڪائي ٽھڪون ٿا پيا
ماڻھن ليکي ٻھڪون ٿا پيا
سھپ رھي ناھي اندر ۾
ھاڻي ھليو آ من مندر ۾
پاڻ تہ ڪيڏو دور رھياسين
سھندا ڪو ناسور رھياسين
پوءِ ڀي ڳالھہ ھُلي وئي تر ۾
ھاڻي ھليو آ من مندر ۾
پکي نہ ڪائي لات لنون ٿا
نہ ڀونئر گلن تي ڀيرا ڏين ٿا
موھ نہ آھي ڪنھن منظر ۾
ھاڻي ھليو آ من مندر ۾
بن ۾ ڀٽڪون ڪيسيتائين
تات ۾ تڙپون ڪيسيتائين
گهڻو رليا آھيون جهنگ جهر ۾
ھاڻي ھليو آ من مندر ۾

سچ تہ خود بي نظير آھي

سچ تہ خود بي نظير آھي

وري ٿي چئي دل ڪو خواب رکجي
قبر تي ھن جي گلاب رکجي
اکين جو سارو ئي آب رکجي.

آئي تہ للڪار بڻجي آئي
پاتئين نہ ڇاتيءَ تي زرھ ڪائي
ھجوم مان ٿي سندءِ جدائي
ماڻھن لاءِ آئي ماڻھن مان ويئي
مگر ڊگهي وئي تاريخ ڏيئي.

ھوا ۾ لڏندڙ ھٿ ڪريا ھا
ڳچيءَ مان قطرا سرخ ڪريا ھا
لکن ڀريا ڇرڪ ڪريا ھا
ھاري ھاري لڙڪ ڪريا ھا.

رڳ رڳ منجهہ لھي پيا ٽانڊا
مانھن چاھيا رت جا راڳا
لڙڪ لڙڪ ۾ لھو ڀريل ھو
سڏڪو سڏڪو سڏ بڻيو ھو.

گولي تہ ھن کي ڪھي ھلي وئي
خود بہ منجهي قاتل پيو ۽ ھوءَ
عشق انتھا ڇھي ھلي وئي.

اکيون بہ بيشڪ ڀريل اسان جون
دليون بہ آھن ٽٽل اسان جون
مگر وچن ھي ورجائڻو آ
پنڌ جو رھجي ويو آ وچ ۾
عوام توکي کٽائڻو آ
سچ چئي ڇا خطا ڪئي ھن
سچ جي قيمت ادا ڪئي ھن
لھوءَ ۾ لڙھندي وفا ڪئي ھن.

اسان اوھان جو وارو آ ھاڻي
اڳيان امتحان سارو آ ھاڻي
راھن تي رت جا ڦڙا ڇٽي وئي
سچ چوڻ آ مگر ڏسي وئي
ڳري آ قيمت گهڻي ڳري آ
مگر اھا ئي تہ دلبري آ
مٽيءَ سان محبت ماڻھن سان محبت
وئي سان بڻجي سندءِ عبادت
ڪري قدر ھن جي ھمتن جو
کڻون قسم ھن جي حوصلن جو
سڪائي ڳوڙھا اکين ۾ سارا
ڪروڌ سارو بڻائي شڪتي
علم عشق جو ڪيو ڪو اوچو
حق جو ھر وات ٻڌجي ھوڪو
ڪنھن ڪنڊ ڪانئر سندو نہ چرچو
تاريخ ثابت ڪري چڪي آ
تاريخ ثابت ڪندي ھيءَ پڪ آ
سچ جو قاتل حقير آھي
سچ تہ خود بي نظير آھي
شھيد ڀي بي نظير آھي
۽ سچ ڀي بي نظير آھي.

محترمہ بينظير ڀٽو جي شھادت تي لکيل نظم

اڄوڪي ڏينھن تي وري آ ڄائي

اڄوڪي ڏينھن تي وري آ ڄائي
جنم وٺي ھوءَ وري آ آئي
اسان ھي سڀ ڪجهہ چيو ڪٿي آ
اسان ھي سڀ ڪجهہ مڃيو ڪٿي آ
چون قبر ۾ لھي وئي آ
مگر ھي آواز چوڏسا ۾
ڄڻ تہ اندر ۾ لھي وئي آ
نينھن نظر ۾ لھي وئي آ
سوچ سفر ۾ لھي وئي آ.
*
قائم روايت شھادتن جي
ڪٿي ضرورت وضاحتن جي
متان او مورک اھو تون سمجهين
شھيد جو رت زيان ٿي ٿي ويندو
جنگ ڇڙي جا جنون جي وئي آ
عشق نئين ۾ عيان ٿي ويندو
متان او مورک اھو تون سمجهين
شھيد جو رت زيان ٿي ويندو
ھوءَ جا عاشق عوام جي ھئي
ڇني الڳ ڪو ڪري تہ ڪينئن ھوءَ
حامي اوچي اڏام جي ھئي
اڄوڪي ڏينھن تي وري آ ڄائي
جنم وٺي ھوءَ وري آ آئي
آھن ھي سوچون مھانگيون پونديون
اڏامون اوچيون مھانگيون پونديون
عوامي سوچون مھانگيون پونديون
مگر ھوءَ عورت ھئي جا ارڏي
مھانگو سودو ڪري ھلي وئي
قوم سموري لڇي ۽ ڦٿڪي
مثال اعلي ڌري ھلي وئي
عورت جو اتساھ ھئي ھوءَ
عورت جو ويساھ ھئي ھوءَ
عورت جي ڄڻ زبان ھئي ھوءَ
عورت جو ڄڻ تہ چاھ ھئي ھوءَ
عورت جو ڄڻ تہ ساھ ھئي ھوءَ
شھيد جو رت ڪريو آجاٿي
سڀن کان سو وسريو آ ڪاٿي
ڇاٽ لھوءَ جي واٽ بڻي آ
ٻاٽ م ڄڻ ڪا لاٽ بڻي آ
نوان نوان حوصلا بہ ملندا
ڪروڙين ٻانھن تي ڀروسو آ
ٻل انھن جو آيو جي سامھون
شھادتن جا سلا بہ ملندا
نوان نوان حوصلا بہ ملندا
نانءُ سندءِ بي نظير آھي
موت بہ ھن بي نظير ماڻيو.

محترمہ بينظير ڀٽو جي شھادت تي لکيل نظم

بائلاجي ۽ آرٽ

بائلاجي ۽ آرٽ

ھو پاڻ کي انقلابي شاعر
سمجهي ٿو
جنسي عضون،خيالن ۽
جنسي ھيجان کي لفظن ۾ لاھي
۽ پوءِ ان کي
مزاحمتي نظمن جو
جو نالو ڏيندو رھي ٿو
ھو نظمن جو ڪلائيميڪس
تہ جنسي مونجهارا ئي
رکڻ چاھي ٿو
پر الائي ڇو پڙھندڙ کي
اينئن ڀاسي ٿو
ڄڻ ھو نظم مان پنھنجي جنسي پورائي
ڪري رھيو ھجي، نظم ۾
مزاحمت کان وڌيڪ لسٽ
محسوس ٿيڻ لڳي ٿي! Lust
شايد جنسي بک ۾ شاعر
کان آرٽ ڇڏائجي ويندو آھي
۽ ھو حياتياتي ۽ جنسي
گهرجن جا تفصيل ڏيندڙ
بائلاجسٽ بڻجي پوندو آھي .......

چاھت ۽ چنڊ

چاھت ۽ چنڊ

اي چنڊ ! چاھہ منجهان
تنھنجي سونھن ۽ سوڀيا
پسڻ لئہ
کليل نيڻن سان گڏ
آزاد ويڻيون ۽ اڻ ڪڙيا
پير گهرجن
پوئين ديوار جي ٻاھر کلندڙ
جهروڪي جي سيخن
مان تہ تون چنڊ نہ پر .......
پونءِ سان ڀريل ڪوئي
زخم ٿو ڀاسين !!!

مرڪ نہ پڌرو ٿين پيو

مرڪ نہ پڌرو ٿين پيو
نيڻ ويئي ٿي تار.
ٿورو برسي پئه.

جاني آ گڏ جوءِ ۾،
او ڙي بادل يار.
ٿورو برسي پئه.

تن من ۾ ڄڻ تاس ڪا،
انگ انگ جو آ آر.
ٿورو برسي پئه.

پائي جهڙ مان جهاتڙيون،
کنوڻين جي کيڪار.
ٿورو برسي پئه.

ڪري قابو تون ڪاوڙيون،
ڏس کائيندي خار.
ٿورو برسي پئه.

پريت ھريل آ پياس تي،
گهٽا پرينءَ جي پار.
ٿورو برسي پئه.

ڪنھن سان سور نہ سل

ڪنھن سان سور نہ سل
گهرو ٿي پئو سمنڊ جيان

لڙڪ متان اک ٽيٽ سان
نيڻئون ڏيئي اڇل
گهرو ٿي پئو سمنڊ جيان

من جي ڪيئي مٿاڇرو
جهرندئي پيو ھر پل
گهرو ٿي پئو سمنڊ جيان

من کوري ڀل کامجي
مرڪي پوءِ ڀي مل
گهرو ٿي پئو سمنڊ جيان

ڇا بہ چوي پنھنجي پر ڪو
ڀلجي ڪو بہ نہ جهل
گهرو ٿي پئو سمنڊ جيان

پريت ڀائين ڄڻ پٽ

پريت ڀائين ڄڻ پٽ
جيڪر ساڻ ھجين

وقت سندي ھن واٽ تي
وھي کائي پئي وٽ
جيڪر ساڻ ھجين

ان کان اڳ جو سانورا
لڱ وجهن منجهہ لٽ
جيڪر ساڻ ھجين

منھنجي ڪوتا جي پرين
ساھ کڻي سٽ سٽ
جيڪر ساڻ ھجين

مرڪي جيون گهارجي
جوڙ ھجي يا ڪٽ
جيڪر ساڻ ھجين

ڪين کڻن ھينئن آڱريون
منجهہ ڳليءَ ڳاھٽ
جيڪر ساڻ ھجين

درد نگر ۾ اينئن لڳي ٿو.

درد نگر ۾ اينئن لڳي ٿو.
جيءُ جلي پوندو.
چنگ چري پوندو.

تون جي ايندين ويرانين ۾،
چنڊ جهلي پوندو.
چنگ چري پوندو.

مٽيءَ کي تون مان ڏئي ڏس،
لال لڀي پوندو.
چنگ چري پوندو.

اونھاين مان آھ جي نڪتي،
گيت جڙي پوندو.
چنگ چري پوندو.

پريت سان ساٿ اگرجي ڏيندين،
ماڳ ملي پوندو.
چنگ چري پوندو.

ڪوٺي قرب ڪريج.

ڪوٺي قرب ڪريج.
جوڀن ٻہ ٽي ڏينھڙا.

ماڻڪ ڀري مٺ ۾،
ڀورا ڪين ڀليج.
جوڀن ٻہ ٽي ڏينھڙا.

مان تڙي ڇڏ من مان،
ڀاڪر ڀونِءِ ڀريج.
جوڀن ٻہ تي ڏينھڙا.

آشائن جي اوٽ ۾،
وندر واٽ وٺيج.
جوڀن ٻہ ٽي ڏينھڙا.

منزل ڏسجي ڏور پئي،
سنجهي پنڌ پئيج.
جوڀن ٻہ ٽي ڏينھڙا.

ھيءَ جا مکڙي موھ جي،
ڇوھئون ڪين ڇنيج.
جوڀن ٻہ ٽي ڏينھڙا.

چين نہ آ اي چنڊ چيو مڃ.

چين نہ آ اي چنڊ چيو مڃ.
چانڊوڪي نہ وساءِ.
گهاو کلي پوندا.

ماضيءَ ۾ ھن درد لٽيا جي،
وقت نہ سي ورجاءِ،
گهاو کلي پوندا.

ڪڏھن تہ ساري ھير وڃي تون،
ساجن کي سمجهاءِ،
گهاو کلي پوندا.

سار آئي سنڀري آ اوٿر،
بادل کي کسڪاءِ،
گهاو کلي پوندا.

مھڪي چين کسيندي ھيل نہ،
بوند مٽي مھڪاءِ،
گهاو کلي پوندا.

آءُ ھلي ٻانھن ٻيڪڙ ۾،
پريت نہ اينئن ترساءِ.
گهاو کلي پوندا.

سيري ڪينئن حجابن پردا

سيري ڪينئن حجابن پردا
پريتم پاڻ پسائي ويو
رات سڄي جاڳائي ويو

من اندر ۾ جهاتي پائي
ساڻ وھيءَ ويڙھائي ويو
رات سڄي جاڳائي ويو

نينھن ناو لھرن ۾ لاھي
ويھي ونجهہ ھلائي ويو
رات سڄي جاڳائي ويو

سپنن ۾ سرٻاٽ ڪري ڪو
ڳجهہ ڪوئي ڳالھائي ويو
رات سڄي جاڳائي ويو

اورانگهي دنيا دردن جي
قرب ڪڙو کڙڪائي ويو
رات سڄي جاڳائي ويو

نيڻن مان ننڊڙي چورائي
سپنن سان کيڏائي ويو
رات سڄي جاڳائي ويو

من جي برپٽ تي او سائين

من جي برپٽ تي او سائين
بادل جيان برسن
سي يادون ڪينئن وسرن

جينئن وسارڻ چاھيان تينئن ٿيون
ھينئڙي منجهہ ھرن
سي يادون ڪينئن وسرن

من آڳر تي ايندي ايندي
ڪين ڪڏھن ڀلجن
سي يادون ڪينئن وسرن

تڙپي آءُ پڪاريان توکي
جهٽ ۾ جيءُ چون
سي يادون ڪينئن وسرن

درد سندي دونھين ڪا بڻجي
دل ۾ روز دکن
سي يادون ڪينئن وسرن

وياڪل ايڏو ڇو پئي گهارين
پريت کان روز پڇن
سي يادون ڪينئن وسرن .

ويندي ويندي واٽ تان

ويندي ويندي واٽ تان
نيٺ ڪٿان مڙندي
ڏاڍو ياد ڪندين

ڇا تہ چريءَ جو چاھ ھو
سوچي تون چوندين
ڏاڍو ياد ڪندين

سرت نہ رھندئي سار ۾
سانجهہ صبح لڇندين
ڏاڍو ياد ڪندين

پاڻ پنڌن تي ھا جڏھن
مون پيرا ڏسندين
ڏاڍو ياد ڪندين

جوڀن گذريئي ڄاڻ، پو
کن کن ٿي ڇڻندين
ڏاڍو ياد ڪندين

قرب ڪھاڻي ڪا جڏھن
تنھا تون پڙھندين
ڏاڍو ياد ڪندين.

پرينءَ سڃاتو ڪينڪي

پرينءَ سڃاتو ڪينڪي
منھنجا ننڍڙا پير
ڪيڏو پنڌ ڪري ويا

اڀ مان بادل ٿي وسيا
نيڻئون نڪري نير
ڪيڏو پنڌ ڪري ويا

ڪونہ گڏيا، سي ھوت کي
ھرکڻ جن جي ھير
ڪيڏو پنڌ ڪري ويا

بند زندانن ۾ سڀئي
ڄاتئه ڪونہ، اسير
ڪيڏو پنڌ ڪري ويا

گيت پنن تي جو ڪريا
ھلندي سانجهہ سوير
ڪيڏو پنڌ ڪري ويا

ڪونہ پتو پئي ٿو سڄو
ڪاٿي ڪينئن ڪينئن ڪير
ڪيڏو پنڌ ڪري ويا

چوڏس ڪاري ٻاٽ

چوڏس ڪاري ٻاٽ
ڪا تہ جلايو لاٽ
يارو سوجهرو ڪيو

پنھنجي ڌرتي پنھنجا پکڙا
پوءِ بہ لڳن ٿا کاٽ
چوڏس ڪاري ٻاٽ
يارو سوجهرو ڪيو

ميري اک سان ھيڏي ڏسندي
ڪو تہ سٽي پيو ساٽ
چوڏس ڪاري ٻاٽ
يارو سوجهرو ڪيو

ٽھڪن بدران گونجن ٿا پيا
ريھون ۽ رانڀاٽ
چوڏس ڪاري ٻاٽ
يارو سوجهرو ڪيو

مقتل وانگي بڻجي ويو آ
ھر گهر ۽ ھر گهاٽ
چوڏس ڪاري ٻاٽ
يارو سوجهرو ڪيو

چوواٽي تي بيٺا آھيون
سجهي نہ ڪائي واٽ
چوڏس ڪاري ٻاٽ
يارو سوجهرو ڪيو

حياتيءَ مان خود کي نہ بيزار ڪر

حياتيءَ مان خود کي نہ بيزار ڪر
اڄ ئي موت کي اينئن نہ کيڪار ڪر
ڪجهہ اڃان پيار ڪر

مڃون ھيءَ حياتي آ وھ جي ڳڙي
آ لونءَ لونءَ اسان جي ھيءَ لھسي سڙي
مگر ڏس اڳيان آس ڀي آ کڙي
اڃان تڙپ پوءِ ماڳ ديدار ڪر
ڪجهہ اڃان پيار ڪر

لڳي پياس وڃجي ڳھي سمنڊ سارو
ڏٺو ٿو ڪو جڳ ۾ اسان جيان اڃارو
چوي دل تہ پئي نينھن نديءَ ۾ ڪو گهارو
ھھڙي مھل ۾ اينئن نہ تون ڌار ڪر
ڪجهہ اڃان پيار ڪر

گهڻو جينئن گهڻو روح ڀرجي نہ ٿو
ڪھڙو پيار ڪلفن ۾ ڪڙجي نہ ٿو
ھاڻي جيءُ جدائيءَ ۾ جهلجي نہ ٿو
اچي ٿورو سڪ ساڻ سھڪار ڪر
ڪجهہ اڃان پيار ڪر

اکين ۾ آ جو عڪس سانڍيل رھيو
انھيءَ ساڻ جيون سلھاڙيل رھيو
حفاظت ۾ ھر جذبو گهايل رھيو
مگر دل اڃان چئي تہ انتظار ڪر
ڪجهہ اڃان پيار ڪر
ڪجهہ اڃان پيار ڪر

منزل نيٺ تہ ماڻينداسين

منزل نيٺ تہ ماڻينداسين
ٿيءُ نہ اينئن دلگير
او ساٿي! ترسي پئو ڪجهہ دير

دل جي ڌڪ ڌڪ بند نہ ٿي آ
سوچ اسان جي تنگ نہ ٿي آ
ٿيندي نيٺ سوير
او ساٿي! ترسي پئو ڪجهہ دير

ڏات ڏيئو اڃان ٽمڪي ٿو
چاھت چنڊ اڃان چمڪي ٿو
ڇا جي ٿي آ اوير
او ساٿي! ترسي پئو ڪجهہ دير

جيسين سنڌوءَ سير سلامت
۽ ساگر تي وير سلامت
ڄاڻ تہ ڇمڪي ڇير
او ساٿي! ترسي پئو ڪجهہ دير

پيار تي پھرا گهٽجي ويندا
گهاو ھي گهرا ڀرجي ويندا
پريت وڌايو پير
او ساٿي! ترسي پئو ڪجهہ دير

ھيجن اينئن ھيراءِ نہ جيڏا!

ھيجن اينئن ھيراءِ نہ جيڏا!
مون من ايڏو گهاءِ نہ جيڏا

نيڻ ننڊن تي ڪونہ مڃيندا
خيال ملڻ لئہ ڏينھن ڳڻيندا
سپني پاڻ پساءِ نہ جيڏا
مون من ايڏو گهاءِ نہ جيڏا

واءُ اچي ٿو ساڻ کٿوري
ڏئي ويندو آ جيءَ کي جهوري
تون بہ تہ ھي سمجهاءِ نہ جيڏا
مون من ايڏو گهاءِ نہ جيڏا

جو تون پائين لڪي لياڪا
من جا ڄڻ ٽٽندا ھن ٽاڪا
اکڙين ۾ اٽڪاءِ نہ جيڏا
مون من ايڏو گهاءِ نہ جيڏا

ڌيري ھي سڀ رک ٿي ويندو
کٽنداسين پوءِ سک ٿي ويندو
جيئري جيءُ جلاءِ نہ جيڏا
مون من ايڏو گهاءِ نہ جيڏا

ھر روز اھي ٽارا

ھر روز اھي ٽارا
تون اينئن تہ نہ ڪر پيارا

ڇت روز چتائيندي
اکڙين کي ريجهائيندي
ڪينئن وقت گذاريون ٿا
ڪنھن کي نہ ٻڌائيندي
ويا ھي بہ ائين سيارا
تون ائين تہ نہ ڪر پيارا

آھي شام کان اوسيئڙو
پيو ساٿ ڏئي ڏيئڙو
متان سمجهين اھو پيارا
جلندو پيو ھڪ ئي جيئڙو
ھر ڪنھن جا ايندا وارا
تون ائين تہ نہ ڪر پيارا

ھڪ درد مٿان گهائي
پاڙئون ٻيو پيو پائي
سڏ سانت وڃن چيري
ڪو ڀي تہ نہ ورنائي
مٿان موت جا لامارا
تون ائين تہ نہ ڪر پيارا

ھڪ چين کسيو ھيرن
من باھہ ڄڀيون ڀڙڪن
سچ پچ تہ چاھي توکي
اھڙا ھون منجهيا جو لڀن
چنڊ ۾ ڀي نہ ٿا چارا
تون ائين تہ نہ ڪر پيارا

ھڪڙيءَ مانيءَ ڪاڻ

ھڪڙيءَ مانيءَ ڪاڻ
روئي ٻار سمھي پيا

خرچي خرچي ٿي ڪين
“ناھي اڄ، سڀاڻ”
روئي ٻار سمھي پيا

گهرجن ڪپڙا عيد تي
پسائي پھراڻ
روئي بار سمھي پيا

ڪي کائي پي پئي کليا
۽ ڪي ڇا جي ڪاڻ
روئي ٻار سمھي پيا

چلھہ ۾ ٿڌ جو ٿاڪ ھو
ماءُ اندر مانڌاڻ
روئي ٻار سمھي پيا

چکندي چکندي تڙپندي
جيون جي کاراڻ
روئي ٻار سمھي پيا

ساٿي سوچيندڙ سڀئي
گڏجو سوچيئون ھاڻ
روئي ٻار سمھي پيا!

ڏيڍ سٽا

ڏيڍ سٽا

بس گهاو نہ ڏي مون کي
تون ڇانو نہ ڏي مون کي ، اتت ۾ پيو جيئبو،

ايڏي نہ بدحالي ٿئي
دل درد کان خالي ٿئي، سوچيندي پيم ڇرڪي،

ھي وقت وڏو ويري
پارائي ڇڏيئين پيري، جوڀن ۽ جوانيءَ جو،

تون ڪين چپن کان پڇ
ڇا ڇا نہ سٺو آھي، چھري جي گهنجن کان پڇ

ھا ڪونہ ڀريل ھوندي
پر سڀ جي حياتيءَ ۾، ڪجهہ سونھن لڪل ھوندي

آ ڪو نہ مليو مون سان
چئو پيار ھتي آھي، پوءِ ڇو نہ مليو مون سان

سڀ درد چکي وٺبا
لڙڪن کي لاڙڻ بدران، ڪجهھ گيت لکي وٺبا

چئو پيار ملي ويندو
ملندو تہ ڪڏھن ملندو، جوڀن تہ ھليو ويندو

پڇتاءُ پچائيندو
ٺرندو نہ سندءِ جيون، جو پيار موٽائيندو

اتھاس جڙي ويو آ
ڏيئي لاٽ مٿان اڏندي، پوپٽ تہ سڙي ويو آ

رکڻو تہ ڀرم آھي
نہ تہ ڪو بہ نہ آ تنھا، ھر ڪنھن جو صنم آھي

ھر رات لڇيا آھيو
ڪجهہ ڪونہ چپن تي آ، ڪوتا ۾ ڪڇيا آھيون

ڪو ڀي تہ نہ ٿو ڄاڻي
ھر ھر جو ڇڄي دل ٿي، ٿو وقت ڇڏي واڻي

جا نينھن نظر آھي
گهٽ ڄاڻ نہ سا تنھن ۾، اڀ جيڏو اثر آھي

ھا ڏات ڏنگيو آھي
تنھن ئي تہ وري سانئڻ، ھر ڪنھن سان ڳنڍيو آھي

جذبات جلائي ٿي
جا روح وڃي رچندي، سا جهات جلائي ٿي

من باھ ٻري آھي
جلندڙ جو چمي ھن کان، چپڙن تي ڪري آھي

ھا ! تون بہ تہ ڄاڻين ٿو
چئي ڪونہ اھو سگهندين، مون کي نہ سڃاڻين ٿو

ڪڪري تہ وسي وئي آ
بس پياس پسي ڪونھي، ھر چيز پسي وئي آ

تون پيڙ پڇين ڇا ٿو
تو پيار ڪيو ناھي، تون درد ڪٿين ڇاٿو

ڏيڍوڻا

ڏيڍوڻا

اڃ ڪا نہ مٽي آھي
ڪنھن ساز اڃان سنڀري، سٽ ڪانہ جهٽي آھي

ھيجن تي ھريل ناھيون
نٽھڻ ۾ عمر گذري، پاڇن تي پليل ناھيون

ڄڻ قياس مري ويو آ
جو پيار ونڊي وڍجي، احساس مري ويو آ

ڪا ڳالھہ ڳجهي ڪانھي
بس جنھن بہ نہ آ جهاڳيو، تنھن کي ئي سجهي ڪانھي

دل ڪھڙي جلي ڪانھي
گڏ عشق ھلي اگني، ٻي ڪا بہ گلي ڪانھي

تند جو ڪو جرم ڪونھي
من ۾ ڪو لڪي گهائي، سازن ۾ صنم ڪونھي

چنڊ رات چتايو آ
مون ڪونہ چيو ڪنھن کي، خود سور سوايو آ

سنسار وڏو آھي
تنھن کان بہ تہ آ لڳندو، ھي پيار وڏو آھي

آ پاڻ پليو پيارا
سک چين کسي وئي آ، مند ڀي تہ جهليو پيارا

ھٿ ڪنھن بہ نہ آئي آ
گڏجو تہ سڀئي ڳوليون، ڪٿ سونھن وڃائي آ

آھ سڄي سنسار ۾ اوندھ ڄڻ اوتيل

آھ سڄي سنسار ۾ اوندھ ڄڻ اوتيل
من ڪري مشعل آءُ تہ جهاڳيون جوءِ لئہ

ڪانھي ڪا ڪنھن ڳٽ کان آجي ڪا بہ ڳچي
پوءِ ڀي ڳالھہ سچي چوندا رھون چوڪ تي

پتنگن جيان پولار ۾ نہ پنھنجو پاڻ پڏاءِ
نوڙي ھيٺ واجهاءِ ڏور جهليئي ڪنھن مٺ م

ڌرتيءَ کان ڪري سگهندين مور نہ مون کي ڌار
اٿئي منجه پاتار پاڙون پنھنجي پريت جون

ڪڙيون ڪوڪاري ٿيون چون ھي نہ اسان جو ھنڌ
ڏکي پيو سنڌ سنڌ بي ڏوھين جي ٻانھن ۾

بيت

بيت

مورک منھنجي ماھہ ۾ وجهي ڇڏيئي جي وڍ
بڻجي پوندا ڏڍ منھنجي پوئين ساٿ لئہ
*
ھي جو مئل ماھہ تي مڙيل کوڙ مکيون
ڳالھين وڍ وجهي ڇڏيا ڪانئر ڪونہ ککيون
ٻوٽي ڪينئن اکيون تنھن تي سمھجي سک سان
*
ٺينڍيون رت وھي پيو ڳاڙھيون سڀ ڳليون
ڏسڪي ڏس ڏھاڳڻيون لاھن نڪ ڦليون
اڃان بہ لڙڪ جهليون او وانجها چوندو ٿو وتين
*
ھي جو اک جي ماڻڪيءَ عڪس چٽيو آھي
تو بہ پسيو اھي ڀل نہ سچي ڪر سانورا
*
ھرڪا دل دل سان پئي ڪنھن دل کي چاھي
وقت جتي چاھي ڪو ڪو ڪنھن سان ٿو ملي.
*
قرب ڪٿڻ لئہ ڇو ڀلا ڪو نہ ملي ماپو
لکندي ڏوراپو قدرت کي اڄ مون ڏنو
*
رکندي پيري تو مٿان پير کنئيو آھي
پو بہ پتو ناھي ڇو نہ گڏئين تون سانورا
*
مان پياسي ٿر جي مٽي تون سانوڻ وسڪار
اڄ برسي پئو يار جوڀن جينئن جرڪي پوي
*
جهرمر جهرمر رات ۾ اٿلي پيا ڄڻ پيار
ھيٺ پرينءَ جا پيار، اڀ ۾ تارن راندڙي
*
جينئن جهٽ تيليءَ جي لڳئي ٻرندا ھن ڪانا
تو ڀر ۾ جانان لونءَ لونءَ اينئن لھسي وڃي
*
مڻيو کڻي من جو ٿيو اکڙين کان اوجهل
پر پويان پل پل تانگهہ ڏئي ويو ڪا تکي
*
پرينءَ پڌر تي ٿي کڙان بڻجي آءُ گلاب
بس ھڪڙو ئي خواب ڊوڙي پيو ساڀيان پٺيان
*
سڀ ڪجهہ اکڙين مان عيان ڳالھہ ڳجهي ڪانھي
جنھن بہ سجهي ڪانھي پالھو ڏسجي پيار کان
*
پھر پوئين ۾ رات جو ڏٺو ھيم جو خواب
ڏاڍو ٿيم حجاب سوچيم جڏ سجاڳ ٿي
*
من پنھنجي ۾ اوچتو ليئڙو جو پاتم
سچ پچ سڃاتم پرين ملي ويو پاڻ ۾
*
اڀ مان جينئن ڪو اوچتو ٽٽندو آ تارو
تينئن ڪوئي پيارو جڙبو آھي جيءَ سان
*
ھرھر منھنجي ھانو ۾ تون ئي آن ھرندو
ڄڻ تہ بٺيءَ ڪنھن باھہ ۾ مون من آ ٻرندو
پر نہ ڪوئي ٻڌندو پير کنئيل ھي پٺ ڏي
*
ڄڻ اڇلائي ماڻڪيون پٿريون ٿئي پويون
پاڻ پريت مان ڪلفتون چئو ڪيسين سويون
ھاڻ وکون ڇوھيون ڪونہ کڄڻ ٿيون قرب ڏي
*
تو در تي او! سانورا دل کي ھيءُ اونو
جوڀن ٿئي جهونو تنھن کان اڳ جي ڪر پڄون
*
گوندر سڀ ڪوري ڪڍيو ڪو نہ وھي ڳوڙھو
ھي درد پتان پوڙھو پريءَ پڄڻ کان اڳ ڪري
*
نينھن اگر ڇاٽون مھڪائن من جي مٽي
جهلجن ڪينئن واٽون تنھن خوشبوءَ جون او پرين
*
اک ڌاري ٿئي ڇو اھا ساگر کان گهري
نرت وجهي قھري مون تہ ڪڍين ٿو مون منجهان
*
اوندھ منجهہ اھاءُ تنھنجي سار سچي پچي
مون تہ اھو ورجاءُ سٽ سٽ ۾ آھي ڪيو
*
تون ڇا سمجهي ٿو سگهين خوابن جون ڳالھيون
اکڙيون تو پالھيون مون کي جذبن کان لڳن
*
چائنٺ چتائن ٿيون پيون اکڙيون ھي ڀوريون
ڪنھن ھي ننڍڙيون ماڻڪيون اوسيئڙي جهوريون
پاڳل ھن ٿوريون سڪ ۾ سمجهن ڪونہ ٿيون
*
موت حياتيءَ درميان وار وٿي آھي
سا بہ رٿي ناھي پيار ڪرڻ لئہ سانورا
*
ڪنھن پاتي ھينئن اوچتو جيون ۾ جهاتي
ڄڻ تہ تکي ڪاتي جوڀن جهير وجهي وئي
*
سڪ ۾ دل ھرڪا ڪري پيار سندا فاقا
وھي ڪري واڪا سڏ سڻجي ئي ڪونہ ٿو.
*
ڇڏ چانڊوڪيءَ چاھتون ھاڻي تون بہ چڪور
تنھنجو نينھن نڪور ھو بہ تہ سمجهي ھوڏانھن
*
جنھن جنھن دل ۾ ٿا رھن دردن جا ديرا
پيار بہ آکيرا تن ۾ ئي ڇو ٿو اڏي
*
آجيان تون ڀل ڪين ڪر کول ڏسڻ لئہ تاڪ
ھيج سندو ھيراڪ مون من کي ناھي ڪيو
*
سڪ سپنا سارون مڙئي ھي جيون جو وٿ
ٻيا ھي خالي ھٿ مون وٽ ڪجهہ ڀي ڪين آ
*
لڪ لنگهي سڀ سانورا سمنڊ بڻيا آھيون
ھاڻ پيا چاھيون تون ساحل تان پسجين پرين
*
ھا اکڙين جي پوئتان آھ وڏو سنسار
جوھ تہ وجهہ ھيڪار پھرين پسندين پاڻ کي
*
پرينءَ پاسي ۾ ڇو ڀلا جهٽ ۾ گذري رات
پل ۾ ٿي پرڀات پياس اڃان ڀي اوتري
*
ايئن لڳي ايندا سڀئي تو در ڏي چارا
رلندي اينئن پيارا ڀٽڪيا آھيون ڀونءِ تي
*
وري سنڀاريم سانورو ھنئياو پيو ڄڻ وڍ
ڏئي ڏيئڙو ويو ڏڍ ست اچي ويو ساھ ۾
*
دل جي ڌڙڪڻ جي اٿئي پنھنجي ئي ٻولي
ڪونہ اھا سولي وانجهن لئہ ڪنھن واٽ تي
*
ھونءَ بہ چتائن ٿا ھڙئي ھي چوڏھينءَ جو چنڊ
پر مون کي ئي منڊ ھر ھر ھي ڇو ٿو ھڻي
*
نٽھڻ اس ۾ پيا ھلون ڪو نہ ڏسون ڇانئون
پرينءَ سنديون ٻانھون مڙئي اسان لئہ ڇانورا
*
جيون جي ھر ڪا پرين اھڙي ٿي پئي رات
ھر ڪائي پرڀات اک کلندي تو کي ڏسان.

روز پيو جڪڙجين ان ڄار جو پتو تہ رک

روز پيو جڪڙجين ان ڄار جو پتو تہ رک
ڪئن ٽُٽين پيو ٿو ڏار ڏار جو پتو تہ رک

ملھہ ڇا منڪريءَ جو تون سمورو ڄاڻين ٿو
ائن سراپا بڻيل انڪار، جو پتو تہ رک

تندون ھن روح جون ڪاٿي ٽٽي بہ پونديون ھن
پڳو آن ڪاٿي پنھنجي پيار جو پتو تہ رک

کڻي سنگهرون، گهڻو ويجهو پڄي ويا آھن
تون آھٽن جو ۽ جهنڪار جو پتو تہ رک

تون چوين ٿو تہ توکي آ سفر وڏو ڪرڻو
تہ پوءِ ھر سنگ جو ھر خار جو پتو تہ رک

ھي مھڪيا ڦٽ ۽ ھر پاسي کٿوري ڦھلي
الڳ ھر ڀيري جي، بھار جو پتو تہ رک

تنھنجي لڙڪن ۾ رنگ ڇو لٿو لھوءَ جو آ
من جي ماتم جو،ھر آزار جو پتو تہ رک!

ڪنھن ھئا ڏٺا پسيل وڻ ھي ڏار سانوئين جا

ڪنھن ھئا ڏٺا پسيل وڻ ھي ڏار سانوئين جا
گُهرجون ڀنل بتن جون ۽ آر سانوڻين جا

مستيون ھي ولولا سڀ موجون ڪٿي ھون ڦاٿيون
جوڀن سڃاتا ڪاٿي ھي ڄار سانوڻين جا

لونءَ لونءَ ۾ لوڇ ڪائي چرٻيليون ھون چپن تي
سچ پچ بنھہ جدا ھئا سنسار سانوڻين جا َ

ڪيڏو جنون، تڙپي لڇنديون خواھشون ھن
ھي اڻ جهليون مندون ۽ آزارسانوڻين جا

فطرت جو اڀ اوتيو ھن اڃ جي بدن تي
برپا ڪروڌ، ھاڃا ٻيا ڌار سانوڻين جا

مند دلفريب، وچ ۾ وِيرين وٿين پئي گهائيو
ڪيڏا وھين تي ڏسجن پيا وار سانوڻين جا

تحليل تنھنجي اک جي پاڻيءَ ۾ ٿي وئي ھان
مند رنگ بدليو، بدليا وھنوار سانوڻين جا

اڌمن جا شور گونجيا، احساس ڌار سڏڪيا
ھيءُ دک ديار ڏسجن آثار سانوڻين جا

اديب ۽ خبر

اديب ۽ خبر

ھا مڃان ٿي تہ تون تمام
وڏو تخليقڪار آھين
مشاھدا ماڻڻ لاءِ تنھنجو ادراڪ
اڀ جا ھڙئي تھہ ۽
ڌرتيءَ جون عميق گهرايون
چيري وڃڻ جي سگهہ رکي ٿو
تون دانش جي ڪجهہ
داڻن جي حصول لاءِ
علم جو سمنڊ جهاڳيو آھي
ڪونھي توتي ڪو شڪ
اھا خاطري ڪر.....
پر تون .......
اڄ جي پروگرام جي
صدارت نہ ٿو ڪري سگهين
جي پڇين ٿو ڇو تہ ٻڌ....!!!
تون ادب جي مارڪيٽ
جو نبض شناس بنھہ ناھين
مارڪيٽ ۾ ڪھڙو وکر پيو
ھلي ان کان تون بلڪل ناآشنا
۽ ڪورو آھين
تنھنجو صدارتي خطاب
سڀاڻي جي اخبار جي
خبر بڻجي نہ سگهندو !!