ڪھاڻيون

مرشد جو نينھن ۽ نياپو

خليل جبران قانون، مذهب ۽ زماني جي غلط ريتن رسمن جي خلاف بغاوت جو آواز بلند ڪيو ۽ هڪ اهڙي معاشري جي قيام جي پُرزور حمايت ڪئي جنهن ۾ امن ۽ آشتيءَ جو راڄ هجي، جيڪو روحاني علوم سان آراستہ هجي، جتي هر طرف دائمي خوشيون ۽ شادمانيون هجن ۽ پڻ هر طرف محبت جي حڪمراني هجي. ھي ناوليٽ پڻ اھڙِي ئي محبت ڀريي پيغام ۽ خوبصورت لکڻين تي مشتمل آھي.

Title Cover of book مرشد جو نينھن ۽ نياپو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران لبنان جي نامياري ليکڪ ۽ دانشور خليل جبران جي ناوليٽ The Voice of Master جو سنڌي ترجمو ”مرشد جو نينھن ۽ نياپو“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار م ن محزون  آهي. 
خليل جبران قانون، مذهب ۽ زماني جي غلط ريتن رسمن جي خلاف بغاوت جو آواز بلند ڪيو ۽ هڪ اهڙي معاشري جي قيام جي پُرزور حمايت ڪئي جنهن ۾ امن ۽ آشتيءَ جو راڄ هجي، جيڪو روحاني علوم سان آراستہ هجي، جتي هر طرف دائمي خوشيون ۽ شادمانيون هجن ۽ پڻ هر طرف محبت جي حڪمراني هجي. ھي ناوليٽ پڻ اھڙِي ئي محبت ڀريي پيغام ۽ خوبصورت لکڻين تي مشتمل آھي.
ھي ڪتاب 1993ع ۾ سنڌي ساھت گهر، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي