ڪھاڻيون

”پيغامبر“ ۽ ”پيغامبر جو باغ“

پيغامبر ۽ پيغامبر جو باغ ناوليٽس هڪ طويل انٽرويو جيان آهن، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مھارت رکندو هجي. هو هر ماڻھوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پھرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. 

Title Cover of book ”پيغامبر“ ۽ ”پيغامبر جو باغ“

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران لبنان جي نامياري ليکڪ ۽ دانشور خليل جبران جي ٻن ناوليٽس  ”پيغامبر“ ۽ پيغامبر جو باغ“ تي مشتمل ڪتاب اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار م ن محزون  آهي. 
پيغامبر ۽ پيغامبر جو باغ ناوليٽس هڪ طويل انٽرويو جيان آهن، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مھارت رکندو هجي. هو هر ماڻھوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پھرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. 
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1991ع  ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2000ع ۾ سنڌي ساھت گهر، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي