شخصيتون ۽ خاڪا

ساز ۽ آواز

سوز ھالائي نہ رڳو سٺو شاعر ۽ نثر نگار آھي پر موسيقيءَ، راڳ ۽ راڳداريءَ جي اصلن ۽ رمزن کان پڻ واقف آھي. ھن ڪتاب ۾ پاڻ ڪيترن ئي لوڪ، ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، صوفي راڳين ۽ ڀڳتن جي زندگيءَ، ڳائڻ جي انداز، گهراڻن، ڳايل سدا حيات گيتن جي حوالي سان معلومات سليقي سان پيش ڪئي آھي.

Title Cover of book ساز ۽ آواز

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثرنگار سوز ھالائيءَ پاران راڳين ۽ سازندن جي تعارف ۽ پروفائيلس تي مشتمل ڪتاب ”ساز ۽ آواز“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
سوز ھالائي نہ رڳو سٺو شاعر ۽ نثر نگار آھي پر موسيقيءَ، راڳ ۽ راڳداريءَ جي اصلن ۽ رمزن کان پڻ واقف آھي. ھن ڪتاب ۾ پاڻ ڪيترن ئي لوڪ، ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، صوفي راڳين ۽ ڀڳتن جي زندگيءَ، ڳائڻ جي انداز، گهراڻن، ڳايل سدا حيات گيتن جي حوالي سان معلومات سليقي سان پيش ڪئي آھي.
ھي ڪتاب 2017ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄامشورو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي