شاعري

من اندر جي موسم

سوز ھالائيءَ جي هن مجموعي ”من اندر جي موسم“ ۾ غزل، گيت، وائي، ڪافي، نظم، آزاد نظم جون صنفون آهن.  سوز پنھنجي شاعريءَ لاءِ چوي ٿو تہ: ”مان پنھنجي شاعريءَ جي اثر هيٺ رهيو آهيان، منھنجي شاعري نہ رڳو مون لاءِ پناه گاه آهي پر ذوق سليم جي تسڪين جو سامان ۽ اظھار جو وسيلو بہ آهي“.

  • 4.5/5.0
  • 37
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book من اندر جي موسم

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثرنگار سوز ھالائيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”من اندر جي موسم“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
سوز ھالائيءَ جي هن مجموعي ”من اندر جي موسم“ ۾ غزل، گيت، وائي، ڪافي، نظم، آزاد نظم جون صنفون آهن.  سوز پنھنجي شاعريءَ لاءِ چوي ٿو تہ: ”مان پنھنجي شاعريءَ جي اثر هيٺ رهيو آهيان، منھنجي شاعري نہ رڳو مون لاءِ پناه گاه آهي پر ذوق سليم جي تسڪين جو سامان ۽ اظھار جو وسيلو بہ آهي“.
ھي ڪتاب 2020ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڇپائيندڙ پاران

شاعري، اُمنگن ۽ احساسن جي عڪاس آهي، جيڪا اندر جي آواز کي لفظن جو روپ ڏئي، سونھن ۽ سرهاڻ جا نت نوان رنگ ظاهر ڪري ٿي. هيءُ شعري مجموعو ”مَنَ اندر جي موسم“ هالا جي ڀلوڙ شاعر سوز هالائيءَ جي خوبصورت شاعراڻي زندگيءَ جو هڪ نئون سنگ ميل آهي، جنھن ۾ سونھن، سوڀيا، سڳنڌ ۽ سرهاڻ جي شاعري موجود آهي.
سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي اهڙن علمي ۽ ادبي شھپارن کي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ شروع کان ڪوشان رهندو پيو اچي. موجودہ وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. سندن علمي ۽ ادبي گهراڻي سان وابستہ هئڻ سبب، بورڊ طرفان اڻڇپيل مسودا اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽي جي ميمبر صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا وياآهن.
سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌي شاعريءَ جا معياري ڪتاب شايع ڪرڻ جي ڏَس ۾ سائين سوز هالائيءَ جو هيءُ مجموعہء ڪلام ”من اندر جي موسم“ بہ اِن سلسلي جي ڪڙي آهي. جنھن جو پھريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي ايامڪاري ۽ رهنمائيءَ ۾ شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.
توقع آهي تہ، هيءَ ڪاوش شاعريءَ سان دلچسپي رکندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.

سيد سڪندر علي شاھہ
سيڪريٽري

18- ربيع الاول 1442ھہ
04- نومبر 2020ع

ارپنا

نرمل نصير مرزا جي نــانءُ
جنھن جي تحريرن ۽ تقريرن ۾
هڪ الڳ رنگ ۽ سڳنڌ آهي.

مھاڳ: غزليات جي زمين ۾ گيتن جو گلستان

دوستي آهي ڪچي ڌاڳي جيان،
شڪر آهي، جو ڇنو مان ناهيان.

رسول حمزہ طوف پنھنجي هڪ شعري مجموعي Selected Poems ۾ ”ٻہ اکر پاڻ بابت“ ۾ لکيو آهي تہ:
”ماڻھن کي پاڻ بابت ۽ پنھنجي دور بابت ٻڌائڻ لاءِ پنھنجي روح جي گھرن احساسن، خيالن ۽ جذبن کي ٻين تائين پھچائڻ لاءِ شاعر ڪتاب لکن ٿا.“ (ص11)
۽ ”سوز“ بہ اهڙي ئي ڪنھن احساس هيٺ هي شعري ڪتاب ”من اندر جي موسم“ اسان کي ڏنو آهي.
رسول حمزہ طوف اهو بہ لکيو آهي تہ ”مون پھرين منھنجو داغستان بابت ڳالھايو آهي، پر هاڻي آئون منھنجو روس، منھنجي جارجيا ۽ منھنجو اپگرھہ بابت ڳالھائيندس“ ۽ هن ڳالھايو بہ. پنھنجي شاعريءَ ۽ پنھنجي نثر ۾. پر هاڻي خود روس، جارجيا ۽ اُپگرھہ جو جيڪو حشر نشر ٿي چڪو آهي، اهو رسول حمزہ طوف نہ ڏٺو! پر اسان واري خطي جو ۽ سنڌ جو جيڪو حشر نشر ٿيو آهي، اهو اسان سڀني ڏٺو.
”سوز“ جي شھر ”هالا پراڻا“ کي جيڪڏهن ماڊل ڪري کڻجي تہ سنڌ جي سمورن شھرن جي تصوير اسان جي آڏو اچي ويندي. سوز ”هالاپراڻا“ جي ماضيءَ ۽ حال تي ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۾ بہ گهڻو ڪجهہ لکيو آهي، پر ”من اندر جي موسم“ ۾ بہ سندس هڪ نظم ”شاه دريا (پورالو دريا)“ سنڌوءَ تي هڪ نوحو تہ آهي ئي، ساڳئي وقت اهو ”حال“ جو بہ نوحو آهي ۽ ان ۾ ”ماضي“ جو حوالو بہ موجود آهي:
جتي ڪالھہ ڪشتين قطارون ڏٺيوسين،
پلن ۽ مڇين جون بزارون ڏٺيوسين،
۽ نورين جون نيڻن نھارون ڏٺيوسين،
ملاحن جون وڏيون ڄمارون ڏٺيوسين،
اتي هاڻ واريءَ جي ورکا ڏسان ٿو،
جلي جيءُ ٿو آءٌ پڄران لڇان ٿو.
اهو درد جيڪو ان نظم جي سِٽن ۾ ڇُلي رهيو آهي، ان درد کي اهي وڌيڪ محسوس ڪري سگهندا جن جا شھر/ڳوٺ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي آهن! منھنجو ڳوٺ ٽکڙ بہ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي. ”سوز“ جي انھيءَ نظم ۾ نہ رڳو ”هالا پراڻا“ ۽ ”ٽکڙ“، پر پوري سنڌ کي اسين ڏسي سگهون ٿا ۽ اسان جو حال بہ نظم جي مٿئين بند جي آخري سٽ وارو ئي هوندو.
جلي جيءُ ٿو آءٌ پڄران لڇان ٿو
اتفاق اهڙو آهي جو ”سوز“ جو ڪتاب ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۽ هن جي شعري مجموعي ”من اندر جي موسم“ جو ڪمپوز ٿيل مواد، هڪ ئي وقت مون کي مليا ۽ مون ٻنھي کي پڙهيو. شاعريءَ تي مارڪنگ بہ ڪيم. ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۾ هن پنھنجي ناني حليمت بابت لکيو آهي جيڪا هڪ سگهڙ خاتون، شاھ لطيف جو رسالو ساڻ رکندڙ ۽ رسالي جي حافظہ هئي ۽ پڻ پنھنجي ماءُ شريفت (شريفہ) جو ذڪر بہ ڪيو آهي جيڪا شاھ جي ڪلام جي زبردست ڄاڻو ۽ حافظہ هئي. ”سوز“ اڃا پيٽ ۾ ئي هو تہ سندس پيءُ گذاري ويو ۽ هو يتيم ٿي ناناڻن ۾ پليو نپنو. ماءُ کان ڪھاڻين/آکاڻين ٻڌڻ جي هير پيس. ڪملا سان ننڍپڻ کان ئي نينھن لڳس. ڳائڻا، وڄتا، لطيف جي ڪلام جا ڄاڻو سندس پنھنجي شھر ۾ موجود هئا. ”هالا پراڻا“ هڪ سکيو ستابو شھر هو. ان جو واتاورڻ، لوڪيشن، ڪلچر، هنر اهي سمورا آڻا ٽاڻا، هڪ شاعر کي جنم نہ ڏين ها تہ پوء حيرت جھڙي ڳالھہ ٿئي ها! ان سان لڳ هالا نوان، قبلہ طالب المولى سائين جي هستي ۽ مشاعرا، راڳ رنگ جون محفلون ۽ انھن سڀني جو الھہ ڏنو جيڪو اڳتي هلي ”سوز“ بڻيو اکين ڏٺو شاهد آهي ۽ هن اهڙو سڄو پوتا ميل ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۾ ڏنو آهي، پر مون کي هن جي شاعريءَ بابت ڳالھائڻو آهي، جنھن لاءِ نصير جي لکت موجب ”سوز هالائي جي آخري خواهش آهي تہ آئون سندس هن مجموعي جو مھاڳ لکان“ هڪ شاعر جي آخري خواهش کي مانُ ڏيڻ تہ مون تي لازم آهي ئي آهي، پر نصير جنھن مخصوص جهيلار سان ان آخري خواهش کي زباني بہ ورجايو تہ پوءِ اهو ڄڻ مون لاءِ ”دو آتشہ“ ٿي ويو!
”من اندر جي موسم“ جي آخري ٻن صفحن تي منھنجي راءِ سان گڏ ”سوز“، رسول بخش پليجي، قاضي حفيظ قريشيءَ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد ابراهيم جويي ۽ تنوير عباسيءَ جا رايا ڏنا آهن، انھي سڀني ”سوز“ جي شاعريءَ جي ساراھہ ئي ڪئي آهي. هڪ شاعر ٻيو مڱي بہ ڇا ٿو؟ هو جويي صاحب جي هڪ خط مان اُتساھہ وٺي ٿو ۽ ”ڪويءَ جي ڪٿا“ سنڌي ادب کي ڏئي ٿو. ”سوز“ ڏاڍي سِڪَ اڪير سان طالب المولى سائين، استاد بخاري، تنوير، عرفان مھديءَ، انور، اياز، سائل، نورجھان، وحيد عليءَ، فيروز، يوسف، جمن، ڍول کي ساريو آهي پنھنجي ڪوتا ۾. سوز کي سندس چواڻي تہ سُر سواد جي ڄاڻ آهي، جيئن هن پنھنجي ڪافين هيٺان راڳ/راڳڻيون ڏنيون آهن، جن تي اهي آڌارڪ آهن يا جيئن هڪ ڳيچ هيٺان لکيل آهي ”دل ايندو لٽڻ اڄ ڍولڻو“ جي طرز تي لکيل. سنڌ ۾ تہ عام ماڻھو بہ ڪنھن لاءِ ”سريلو“ يا ”بي سرو“ جھڙا محاورتي لفظ ڪتب آڻيندو آهي ۽ انھن ٻن لفظن سان ئي ان ماڻھوءَ جي سڄي پرک ٿي ويندي آهي! ۽ ”سوز“ تہ وري بہ شاعر آهي. هن جويي صاحب جي ان ڳالھہ تہ ”سوز جي غزل تي اڪثر گيت جو اثر غالب آهي“ کي پنھنجي حساب سان ڳڻيو آهي تہ ”نہ رڳو منھنجي غزل تي، پر وائي، ڪافي ۽ نظم تي بہ گيت ۽ سنگيت جو اثر نمايان آهي“. جڏهن تہ جويي صاحب واضح طور موضوعاتي تسلسل جي حوالي سان ڳالھہ ڪئي آهي تہ ”غزل ۾ هتان هُتان جي موضوعن بدران ڪنھن هڪ موضوع جو انتخاب ڪيل آهي جيڪو آلاپڻ لاءِ مناسب آهي“. جڏهن تہ غزل ۾ موضوعاتي تضاد کي جويو صاحب هتان هُتان جا موضوع چئي ٿو- هوندو آهي اهو تضاد ئي تہ غزل کي ٻين صنفن کان ڌار ڪري ٿو يا اها بہ غزل جي هڪ مکيہ وصف/ سڃاڻپ آهي.
هڪ ٻيو هالائي شاعر حميد شھيد اهڙي ڪنھن غزل کي غزل مڃڻ لاءِ تيار نہ آهي جنھن ۾ موضوعاتي تسلسل آهي! ۽ سوز جي شاعريءَ جو سندس چوڻ موجب ”وڏو حوالو شايد غزل آهي“.

سڄڻ جي سار ۾ ڪافيون، غزل ۽ گيت ڳاتاسين،
سڃاڻپ ”سوز“ جي ليڪن غزل آهن، غزل آهن.
(شاعر جي پاران)

حميد شھيد تہ مسلسل غزل ۽ تاجل بيوس جي ڪافي نما غزل کي بہ مڃڻ لاءِ تيار نہ آهي. ساڳئي وقت حميد شھيد ”تغزل“ جي شاعريءَ جي هر صنف ۾، موجودگيءَ جي ڳالھہ پڻ ڪري ٿو. ان حوالي سان حميد شھيد يا ٻين دوستن جي شعري مجموعن ۾ ڪافي بحث موجود آهي. شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي ڄاڻ جي بہ اها معنى پٽيءَ ڪينھي تہ شاعر لازمي طور لسانياتي ماهر بہ هجي. بلڪل ان ريت سنگيت يا سُر سواد مان شاعريءَ جي حوالي سان، اها مراد قطعي نہ آهي تہ شاعر ڪو ڳائڻو/گويو هجي! گيت، ڪافي ۽ وائي سريليون (Lyrical) صنفون آهن. سنڌي شاعريءَ جي روايت بہ سريلي شاعري واري ئي آهي. ”سوز“ موسيقي، عشق ۽ الھام جي بہ ڳالھہ ڪري ٿو. هن کي شايد اها بہ خبر هجي تہ اهو سڀ ڪجهہ هن کي پنھنجي شاعريءَ مان ئي ثابت بہ ڪرڻو آهي، جنھن جو واحد وسيلو ٻولي آهي، لفظ آهن ۽ شاعريءَ ۾ نغمگي، ميٺاج، رس چس، رواني- لفظن جي گهڙت ۽ جڙت تي مدار رکي ٿي. ان ڪري هڪ شاعر جي بنيادي ذميواري ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ڦھلاءِ آهي.
ايڪھتر سالن جي ڄمار جو ”سوز“ گهڻو حصو اهڙي ئي رياضت/مشق ۾ صرف ڪيو آهي ۽ آخر ۾ هن جيڪا مکيہ ڳالھہ ڪئي آهي، سا اهائي ڳالھہ آهي تہ:
جھڙو حال حبيبان، تھڙو پيش پريان!
هي جيون، هي زندگي ڏاڍي مختصر آهي ۽ ان ۾ هڪ شاعر جون ذميواريون تمام گهڻيون آهن ۽ اهي هو تڏهن ئي نڀائي سگهي ٿو جڏهن هن جي پھرين ترجيح شاعري هجي ۽ من ۾ سچائي هجي:
سريلو نہ سڏبو ۽ چارڻ نہ چئبو،
سرن ساڻ جنھن جي سچائي نہ آهي.
هڪ شاعر کي جيڪي ڪجهہ ڪرڻو آهي، اهو اڄ ئي، بلڪ هاڻ ئي ڪرڻو آهي!
جو ڪرڻو اٿو ”سوز“ اڄ کان ئي ڪريو،
سڀاڻي جو سورج ڀلا ڪنھن ڏٺو آ.
”سوز“ اڄڪلھہ جنھن دور مان گذري رهيو آهي، ان ۾ شھر جو شور بہ آهي ۽ ڳوٺ ڏانھن موٽڻ جي خواهش بہ ۽ پنھنجي ڳوٺ جو خاص ذڪر هن ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۾ بيان ڪيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ”ياد“ ئي هن لاءِ تازي هوا وانگر آهي!
ياد تازي هوا کڻي آئي،
ڇا تہ خوشبوءِ ڪا کڻي آئي.
سارون ڪنھن وير جان ورن ٿيون ۽ هن کي پاڻ سان لوڙهي ٿيون وڃن.
سار تنھنجي پرين ٿي وري وير جان،
بانسريءَ جي سُرن تي وڄي ”هير“ جان.
ان شعر جي مصرع ثانيءَ ۾ وارث شاھہ جي ”هير“ جو حوالو آهي. ”هير“ هڪ مخصوص سُر ۾ ڳائي وڃي ٿي. جيئن ”ماهيا“،
”سورٺ“، ”راڻو“ مخصوص سُر آهن. ڪو ساز ڇيڙڻ کان سواءِ چپ هوندو آهي، بي جان هوندو آهي، لفظ بہ ايئن آهن.
آڱرين جي ڇھاءُ سان جي ڇڙن،
لفظ ڀي ڄڻ ستار جان آهن.
جويي صاحب غزل جي ”هتان هُتان جي موضوعن“ واري جيڪا ڳالھہ ڪئي آهي، اها غزل جي خامي بہ آهي تہ خوبي بہ ۽ تضادي موضوعاتي غزلن ۾ بہ نغمگي آهي تہ رواني بہ- ۽ اهي ڳائي بہ سگهجن ٿا، ڳايا بہ ويا آهن ۽ ڳائجن پيا. موضوعاتي تسلسل/تضاد جي آڌار تي ڳائي سگهجڻ جي ڏس ۾، ڪڏهن بہ ڪو مسئلو پيدا نہ ٿيو آهي. ۽ ٻي ڳالھہ تہ اسين جڏهن بہ ڪا صنف – غزل، نظم، وائي، ڪافي، نثري شاعري يا آزاد پڙهون ٿا تڏهن ڪنھن ڌن، طرز يا موسيقيءَ جي بندش کان سواءِ پڙهون ٿا، توڙي جو اها کڻي جهونگاري/ڳائي چئي وئي هجي! بلڪ هيئت ۽ Style جي ڪري، ان ۾ پيٽيل سُر ۽ آهنگ کان ئي متاثر ٿيون ٿا. ان سان گڏوگڏ ان ۾ جيڪو Thought آهي، ان کان متاثر ٿيون ٿا، جيڪڏهن ڪوبہ شاعر موسيقيءَ جو شغف/ڄاڻ رکي ٿو تہ اها سون تي سھاڳي وانگر آهي. بنيادي ڳالھہ وري بہ اهائي آهي تہ تخيلقي سطح تي هن ان کي شاعريءَ ۾ ڪيئن ۽ ڪيترو ورتايو آهي! ان ڏس ۾ ڪافي گو شاعرن جو مثال اسان جي آڏو آهي. ان ڪري بہ تہ ”ڪافي“ هڪ اهڙي صنف آهي، جيڪا سُر کان سواءِ معرض وجود ۾ نٿي اچي سگهي! ”سوز“ صاحب جون ڪافيون بہ ”من اندر جي موسم“ ۾ آهن، پر پھرين سندس غزل، جيڪو هن جي چواڻي، هن جي شاعريءَ جو ”وڏو حوالو شايد غزل آهي“.
پيار جو هڪڙو پل ڪافي آ،
سالن ۾ ڇا رکيو آهي.
هڪ شاعر، زندگيءَ جي اهڙن ئي پيار جي پلن کي لفظن جي لڙهيءَ ۾ پوئي، اسان جي آڏو پيش ڪري ٿو. نقادن آڏو اهو سوال سدائين جواب طلب رهيو آهي تہ اهميت تخليق کي آهي يا تخليقڪار کي؟ پر هڪ تخليقڪار جو ڪم ”سپ“ وارو ئي آهي. مينھن جي بوند جهٽي موتي ڪرڻ وارو ڪم. ان جو ملھہ ڪٿڻ جوهريءَ جو ڪم آهي!
سپيءَ جو جسم پيو آهي سمندر جي ڪناري تي،
نمائش لئہ مگر موتي رکيل آهن اڃا تائين.
”سوز“ جي مجموعي ”من اندر جي موسم“ ۾ تجرباتي غزل (ڪونہ ايندو، ڇو نہ ايندو....) بہ آهي، تہ سھرائي غزل (ثاقب ابڙي جو سھرو....) بہ آهي تہ طرحي ۽ في البديھہ طرحي غزل (سوز، انور هالائي ۽ عرفان مھديءَ جي تخليق) بہ آهن. دعا اها ئي آهي تہ ”سوز“ جي گهر تي ”الھام جي بارش“ وسندي رهي ۽ هو ”غزليات“ جي زمين ۾ سنگيت مئہ ”گيتن جو گلستان“ اپائيندو رهي.
منھنجي گهر تي ٿي جڏهن الھام جي بارش وسي،
ٿو ائين محسوس ٿئي ڪو گلستان گيتن جو آ.
”سوز“ جي هن مجموعي ”من اندر جي موسم“ ۾ غزل، گيت، وائي، ڪافي، نظم، آزاد نظم جون صنفون آهن. واين ڪافين ۾ بہ ڪجهہ عروض تي آڌارڪ آهن. گيتن ۾ بہ ڪجهہ عروض تي آهن، ڪي ڪي گيت ردم وارا بہ ملن ٿا. شايد ڌن يا طرز جي آڌار تي ايئن ڪيو ويو هجي! گيتن ۾ وري ٻارن جا، وطن جا، وهانءُ/ثقافتي، هجر وصال جي ذيلي عنوان سان گيت ڏنا ويا آهن.
چانڊوڪيءَ جي وسڪاري ۾، چاندي جھڙا ٿي پونداسين،
آلي ڌرتيءَ جي سيني تي، مينھن وساڙن جان لڳنداسين.
مون بہ چيو هو.
”ڪافي“ هڪ اهڙي، سنڌي شاعريءَ جي صنف آهي، جيڪا سُر جي ڄاڻ کانسواءِ نٿي چئي سگهجي. سنڌي شاعريءَ ۾ ڪافيءَ جو هڪ الڳ ۽ شاندار اتھاس آهي ۽ ڪافي گو شاعرن هڪ الڳ سريلي روايت قائم ڪئي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ”ڪافي/قافي“
جا ٽي ضخيم جلد، ڪافي گو شاعرن جي انھيءَ اتھاسڪ ڪارنامي جو ثبوت آهن. ”سوز“ جون ڪافيون عروض تي بہ آهن:
ڪئين راتيون ڪٽيوسين، ڪئين ڏينھن گذارياسين،
سي سڀ وساري ڇڏيم، تون يار ياد آئين.
اهڙين ڪافين ۾ ”سوز“ عروضي رعايتن کان بہ ڪم ورتو آهي، جھڙوڪ اکر حذف ڪرڻ، جڏهن تہ سنڌي شاعريءَ جي روايت ۾، جيڪا سريلي روايت پڻ آهي، اکر بدران سُر حذف ڪرڻ ٿين ٿا.
جيڪر محب ملن تہ چوانِ، دل جا دفتر کولي کولي،
واري ڪافي شايد ڪريم پليءَ جي هن مشھور ڪافيءَ کان متاثر ٿي چئي وئي آهي:
هيڪر جي گڏجن تہ چوانِ، سور اندر جا ساري ساري.
ڪافيءَ ۾ قافين جو عجيب جنسار هوندو آهي. ”سوز“ جي ڪافين ۾ اندروني قافين جو مانڊاڻ بہ آهي تہ ٻٽا قافيا بہ آهن:
ساڄن اوطاقون ڪري، پئڙا رات رهي،
ڀاڳ ورياسون،
ڪاڄ سرياسون.
(جي) رنگ پريان جي رتيون رتيون،
سي عشق اجاري وتيون وتيون.
”ڪملا جي نانءُ ڪويتائون“ جي عنوان سان ”من اندر جي موسم“ ۾ هڪ الڳ ڀاڱو رکيو ويو آهي. جيڪو ”ٻالاپڻ رو نينھن“ جي حوالي سان آهي. انھن ڪويتائن ۾ وڇوڙي جو درد آهي انھيءَ سانوري الھہ ڏني جو، جيڪو انھيءَ فراق جي الفي پائي شاعر ”سوز“ بڻجي چڪو آهي، جنھن جي سڄي ڄمار هجر جي ڪاري رات ۾ گذري آهي (اهڙي ڳالھہ ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۾ بہ لکي آهي)
هجر جي سا رات ڪيڏي،
ڀونءِ تي ڀاري لڳي.
پرھہ جنھن جي ڪانہ هئي
صبح جنھن جو ڪونہ هو
دردمندن جي ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي ڪانہ ٿي
هجر آ جاري اڃا
سفر آ جاري اڃا
هو تہ رڳو اهو ٿو چاهي تہ هُن جا اهي گيت، جيڪي ڪملا لاءِ رچيا ويا آهن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپجي رهيا آهن، ريڊيو ۽ ٽي-وي تي بہ نشر ٿي رهيا آهن، ڪملا تائين بہ پھچن. ”لاپتہ ماڻھن جو ليک“ بہ اهڙي ئي هڪ درديلي رچنا آهي. جنھن ۾ ”سوز“ سڀني ڌرين-رسالن جي ايڊيٽرن، چئنلن جي مالڪن کي اهائي وينتي ڪئي آهي تہ اها رچنا ڇاپي وڃي، نشر/ٽيليڪاسٽ ڪئي وڃي ۽ هن کي بہ ڪملا جو ڏس پتو ملي:
جي اوهان کي آھ ڪوئي ڏس پتو،
”سوز“ کي ”هالين پراڻين“ موڪليو،
هڪڙي شاعر کان دعا جا گل وٺو!
”سوز“ انھي رچنا ۾ توڙي جو پنھنجي ذاتي دکدائڪ وارتا بيان ڪئي آهي، پر ان جو ڪئنواس ڏاڍو وسيع آهي.
ٻاهر جي موسم-اندر جي موسم! خارجيت-داخليت! سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي تہ ”ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيھر شينھن“ سو نوڪريءَ کان آجائي، اڇا وار، اکين تي عينڪ، ڏٻرو جسم، خالي هٿ کڻي ”سوز“ واپس اتي پھتو آهي، جتان هو هليو هو، پر شاعر جو پنڌ ڪڏهن نٿو کٽي! منھنجي هن ٽيڙو وانگي:
سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ،
ماڳ اچي تہ بہ کٽي نٿو،
پانڌيئڙن جو پنڌ.
ٻاهر جو سفر يا اندر جو سفر - مون کي پتو ناهي تہ ٻنھي مان ڏکيو ڪھڙو آهي؟ موسمون ڪھڙيون سخت آهن؟ داخلي يا خارجي پر لطيف سائينءَ فرمايو آهي ته
کرڪڻا لاهي، سک نہ ستا ڪڏهين!
سو هڪ شاعر لاءِ هن جي شعرن جون سٽون سندس (خالي) هٿن جون ليڪون بڻجي ٿيون وڃن. هن جي ظاهر اکين تي ڀلي کڻي ٿلھن ڪاون واري عينڪ هجي، پر هن جون باطني اکيون سدائين روشن رهنديون آهن. مخدوم نوح رحہ جو هي بيت هانوَ تي هُري آيو اٿم:
اپٽيان تہ انڌيون، پوريون پرين پسن،
آهي اکڙين، عجب پر پسڻ جي!
سو ”نائي نيڻ نھار، تہ تو ۾ ديرو دوست جو!“ ۽ ڪملا جو ڏس پتو بہ اهو ئي آهي. هوءَ تہ ڪيڏانھن وئي ئي ناهي! اتيئي من ۾ رهجي وئي آهي. دلبر جي ديري جو دڳ دل مان ئي نڪري ٿو. اهو آءٌ نہ، لطيف سائين چئي ٿو:
اڃا تون اَواٽ، واٽان پاسي ويسري،
سونھي ٿي سواٽ، تہ منجھان دل دڳ لھين!
پر اهو سڀ تڏهن ئي ٿئي ٿو جڏهن ”آءٌ – تون“ جو فرق ختم ٿي وڃي ٿو!

پھرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هو لھہ،
تھان ڌار نہ سپرين، مند منجهئين پاءِ.
(قاضي قادن)

پر اهڙو مرحلو پنھنجي وقت تي ايندو. سو شايد اڃان نہ آيو آهي يا شايد اچي چڪو آهي.

امداد حسيني
ڄام شورو، سنڌ
11 ڊسمبر 2008

شاعر جي پاران: من اندر جي موسم

(پنجين ورکا)

”من اندر جي موسم“ منھنجو ٽيون شعري مجموعو ۽ مجموعي طور پنجون ڪتاب آهي، جيڪو ”رنگ رتا پيچرا“ ۽ ”درشن ڌارو ڌار“ جو تسلسل آهي. هيءُ مجموعو منھنجن ٻين مجموعن وانگر تاخير جو سبب بڻيو آهي ۽ لڳاتار پندرنھن سال سفر در سفر رهيو آهي. البت ان عرصي دوران ٻہ نثري ڪتاب ”ڪارون وس ڪيام“ ۽ ”ڪويءَ جي ڪٿا“ شايع ٿي سگهيا آهن.
هڪ شعري مجموعي لاءِ ڏهن پندرنھن سالن جو عرصو وڏو عرصو آهي، ان دوران گهڻو ڪجهہ بدلجي ويندو آهي، سو ان عرصي دوران بہ گهڻو ڪجهہ بدلجي ويو آهي. منھنجي سنڌ جون سماجي ۽ سياسي حالتون ڇا بدليون آهن ڄڻ تہ زمانا بدلجي ويا آهن، انھن حالتن سان گڏ منھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ بہ نمايان تبديليون آيون آهن. جواني ديواني جون حدون پيرسنيءَ جي سرحدن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، اکين تي چشمو چڙهيل آهي ۽ وارن تي چاندي لھي آئي آهي، ملازمت کان فراغت ملي آهي ۽ مان خالي هٿ ۽ ڏٻرو جسم کڻي ماڳ تي موٽيو آهيان ۽ ان جاءِ تي آهيان جتان سفر جو آغاز ڪيو هوم. ڄڻ تہ ماضي حال بنجي آيو آهي.
هيءَ شاعري بہ عجيب شيءَ آهي، پرتل سرتل آهي تہ وڏڦڙي مينھن وانگر وسندي آهي ۽ جي رٺل هوندي آهي تہ ڪيتريون ئي موسمون بي ثمر گذري وينديون آهن، چاهي اهي موسمون هجر ۽ وصال جون هجن يا من اندر جون.
مان پنھنجي شاعريءَ جي اثر هيٺ رهيو آهيان، منھنجي شاعري نہ رڳو مون لاءِ پناه گاه آهي پر ذوق سليم جي تسڪين جو سامان ۽ اظھار جو وسيلو بہ آهي.
چئن عام موسمن کانسواءِ ٻيون بہ ڪيتريون ئي موسمون آهن جي شاعر جي من اندر موجود آهن. اهي موسمون جيتوڻيڪ تبديل ٿينديون رهن ٿيون پوءِ بہ پنھنجا اثرات ڇڏي وڃن ٿيون ۽ سدائين شاعر جي ذهن تي حاوي ۽ غالب آهن ۽ بلاشڪ تہ مون پنھنجي شاعريءَ جو مواد اڪثر اهڙين موسمن کان حاصل ڪيو آهي.
هي وقت بہ وڏي وٿ آهي ۽ ڪنھن جي هٿ وس ڪونھي توڙي جو سندس Duration رڳو هڪ لمحو آهي.
جو بہ گذري ويو سو ماضي آ،
هڪڙو لمحو آ حال جي موسم.
زمان حال کي توڙي جو هڪ لمحو ميسر آهي پوءِ بہ ان کي وڏي اهميت حاصل آهي ۽ اهو لمحو ماکيءَ جي لار جيئن ٽيپو ٽيپو ٿي صدين ۽ جڳن تي محيط رهيو آهي. هي ڪلمات لکڻ جي آغاز کان اختتام تائين الاجي تہ ڪيترا لمحا ماضي جي نذر ٿي چڪا آهن ۽ الاجي تہ ڪيترا لمحا صرف ڪري مون پنھنجي شاعريءَ جو آشيانو جوڙيو آهي. من اندر جي موسم جي هن ڪتاب ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کانسواءِ اهڙين موسمن جو بہ تذڪرو موجود آهي، جن کي شعري صورت ڏيئي منظر عام تي آڻڻ ضروري ٿي پيو آهي، سو اهڙو انداز اختيار ڪري پنھنجي من جي شاعر کي راضي ڪيو اٿم.
جنھن ديس ۾ ڪو پيار جو شاعر نہ ٿو رهي،
ان ديس تي امن جو فرشتو نہ ٿو لھي.

ڪجهہ منھنجي شاعريءَ بابت:
منھنجي شاعريءَ جو وڏو حوالو شايد غزل آهي، مون غزل کان ئي START ورتي آهي ۽ غزل مون کي مشھوري بہ ڏني آهي، ان جو اعتراف ڪجهہ اهڙن لفظن ۾ ڪيو اٿم.
سڄڻ جي سار ۾ ڪافيون، غزل ۽ گيت ڳاتاسين،
سڃاڻپ ”سوز“ جي ليڪن غزل آهن غزل آهن.
منھنجي غزل بابت جناب محمد ابراهيم جويو صاحب جن جو خيال آهي تہ ”منھنجي غزل تي اڪثر گيت جو اثر غالب آهي ۽ غزل ۾ هتان هتان جي موضوعن بدران ڪنھن هڪ موضوع جو انتخاب ڪيل آهي جيڪو آلاپڻ لاءِ مناسب آهي“.
جناب جويو صاحب جن جي ان راءِ کي اڳتي وڌائيندي اهو بہ چوڻ وارا چون ٿا تہ نہ رڳو منھنجي غزل تي، پر وائي، ڪافي ۽ نظم تي بہ گيت ۽ سنگيت جو اثر نمايان آهي ۽ گيت منھنجي پسنديدہ صنف سخن ٿيندو پيو وڃي.
منھنجو غزل مسلسل، ڪافي نما آهي يا مرڳو غزل ئي ڪونھي. اهو هڪ الڳ بحث آهي ۽ منھنجي نظر ۾ اهو اڄ جي غزل جو مسئلو ڪونھي. اڄ جي غزل جو مسئلو اهو آهي تہ موجود غزل ڪيترو ديسي، عام فهم ۽ ڪيترو مترنم آهي. پوءِ ان جي شڪل صورت ڪھڙي بہ بيھي ۽ نالو ڪھڙو بہ هجي.
منھنجي هن شعري مجموعي ۾ ڪافيون، ڪافين نما وايون ۽ واين نما ٺمريون بہ آهن، جيڪي راڳن تي آلاپي لکيون ويون آهن. ان کان سواءِ مشاعرن وارا طرحي غزل، مختلف ڪيفيتن وارا گيت ۽ ساروڻيون بہ هن شعري مجموعي ۾ شامل آهن. بھرحال حال حبيبان، پيش پريان آهي.
منھنجو هي شعري مجموعو ورهين جي رياض، محنتن ۽ محبتن جو ثمر آهي، جو ڪڻو ڪڻو ڪري ڪٺو ڪيو اٿم ۽ ڪک ڪک ڪري آشيانو جوڙيو اٿم ۽ جن لاءِ لکيو اٿم، انھن جي سماعتن ۽ بصارتن تائين پھتو تہ منھنجو هي پورهيو سڦلتا ماڻيندو.

ٿورا نہ ٿورا
هن مجموعي جي سڀني مرحلن لاءِ جن بہ پيارن تعاون ڪيو تن سڀني جو ٿورائتو آهيان. مگر محمد سومار وفا ۽ محمد حبيب سنائي جن جو خصوصي طور احسان مند آهيان جن وقت بوقت غير معمولي سھڪار پئي ڪيو آهي ۽ يقيناً سندن تعاون کان سواءِ هي ڪتاب بہ منظر عام تي نہ اچي سگهي ها.
مان جناب امداد حسيني صاحب جو ٿورائتو آهيان، جنھن هن ڪتاب جو مھاڳ لکي منھنجي ديرينہ خواهش کي پورو ڪيو آهي.
آخر ۾ اهائي رسمي گذارش تہ پنھنجو رايو ڏيڻ نہ وساريندا.

سوز هالائي
0308-3908246.

1 سيپٽيمبر 2010
سوز هالائي اسٽريٽ
هالا پراڻا، سنڌ

غزليات

---

اکين ۾ نور جان، سوئي تہ آهي

اکين ۾ نور جان، سوئي تہ آهي،
۽ ويجهو ساھہ کان، سوئي تہ آهي.

رهي هرجاءِ تي موجود حاضر،
زمان زمن و زمان، سوئي تہ آهي.

اهو آواز جو ”ڪن فيڪون“ ٿيو،
حيات جاودان، سوئي تہ آهي.

سڄو جڳ سوجهرو ئي سوجهرو،
سدا سورج سمان، سوئي تہ آهي.

هلائي جو نظام ”هست بودي“
جھان ۽ درجھان، سوئي تہ آهي.

در- پردہ، پس- پردہ اهوئي،
مڪان و لامڪان، سوئي تہ آهي.

مصور شاعر ۽ پُرسوز مغني،
مڙني تي مھربان، سوئي تہ آهي.

هجر آندي وصال، جي موسم،

هجر آندي وصال، جي موسم،
آ عجب هيل سال، جي موسم.

چار سوُ مھڪ آ گلابن جي،
آئي نيڻن نھال، جي موسم.

حسن ڀي پاڻ سان کڻي آيو،
رنگ، خوشبو، جمال، جي موسم.

من اندر جي بہ ڪائي ٿيندي آ،
خوبصورت خيال، جي موسم.

شاخ هڪ جا ٻئي پکي آهن،
ڄڻ ڪمال آ زوال، جي موسم.

شعر جي مند ڪنھن بہ شاعر لئہ،
آھ ساجن سنڀال، جي موسم.

ڇو نہ پنھنجي پرينءَ کي پيش ڪجي،
هي جمال ۽ ڪمال، جي موسم.

شال منھنجي وطن جي هر موسم،
”سوز“ بڻجي مثال، جي موسم.

جو بہ نيڻن ۾ خواب، ٿو چاهي،

جو بہ نيڻن ۾ خواب، ٿو چاهي،
سو نسورو سراب، ٿو چاهي.

چنڊ کي پڻ چڪور ٿو چاهي،
۽ ”هماء“ اضطراب، ٿو چاهي.

بوند ساگر ۾ ٿي سپي طلبي،
مرگهہ صحرا ۾ آب، ٿو چاهي.

زلف جانان جي دام جو پيوند،
عشق آهي عقاب، ٿو چاهي.

لفظ هڪڙو بہ آھ سرمايو،
لفظ کي هر ڪتاب، ٿو چاهي.

تھمتون ڀل هجن، هجن نہ هجن،
محتسب احتساب، ٿو چاهي.

خواهشن جي اکٽ خزاني مان،
هر ڪو پنھنجو حساب، ٿو چاهي.

”سوز“ ڀي ڪو عجيب شاعر آ،
جو گناھہ ۾ ثواب، ٿو چاهي.

صبح کي نرمل نظارن، جي تلاش،

صبح کي نرمل نظارن، جي تلاش،
شام کي آ ماه پارن، جي تلاش.

خواب ”جگنو“ جا ڏسي ڪو ڏينھن رات،
پاڻ کي روشن ستارن، جي تلاش.

آھ سورج کي ڀلا ڪھڙو ضرور،
جو ڪري هو چنڊ تارن، جي تلاش.

اڳ متارن پئي ڪئي ”موکيءَ“ تلاش،
اڄ ڪري موکي متارن، جي تلاش.

لھر ڪنھن ۾ سانت آهي بي حساب،
ٿي ڪري جيڪا ڪنارن، جي تلاش.

مون تہ سنڌوءَ لاءِ گهريو آھ آب،
ڇا لئہ توکي آبپارن، جي تلاش؟

وصل جو تن لئہ تصور آ فضول،
جن نہ ڪئي آ انتظارن، جي تلاش.

هجر فرقت ۾ اکيون ڪن اشڪبار،
”سوز“ کي تن اشڪبارن، جي تلاش.

عشق جو آهنگ، هڪڙو ئي تہ آ،

عشق جو آهنگ، هڪڙو ئي تہ آ،
حسن جو هر رنگ، هڪڙو ئي تہ آ.

روشني رنگن ستن مان ٿي ٺھي،
پر انھيءَ جو رنگ، هڪڙو ئي تہ آ.

آدميءَ احساس ڀل ڪھڙا هجن،
آدميت انگ، هڪڙو ئي تہ آ.

رنگ چھرا، مختلف سوچون مگر،
لالُ لوهُوءَ رنگ، هڪڙو ئي تہ آ.

کوڙ ڌرتيءَ تي حدون ۽ سرحدون،
دوستيءَ جو دنگ، هڪڙو ئي تہ آ.

ٿي ڪڻن وانگر ڪَٺا، وکري ويا،
صحبتن جو سنگ، هڪڙو ئي تہ آ.

جل پياسا روپ جنھن آلاپ جا،
راڳ سو سارنگ، هڪڙوئي تہ آ.

”سوز“ جنھن جي نانوَ جي مالھا جپي،
چاھ جو سو چنگ، هڪڙو ئي تہ آ.

چپن تي ايترا تالا لڳا، ڇو؟

چپن تي ايترا تالا لڳا، ڇو؟
دلين ۾ وسوسا ايڏا پيا، ڇو؟

اهو اسرار ڪو ڏاهو ٻڌائي،
ذهن ساڳيا مگر سوچون جدا، ڇو؟

جڏهن سرمد کي پيارن گل هنيا پئي،
ڀريندي آه! چيائين ايئن ڀلا، ڇو؟

ڪڏهن ان تي بہ سوچيو ڪونہ ويو آ،
گلين ۾ ”قيس“ تي پٿر وٺا، ڇو؟

اسان جنھن شھر کي محبت ڏني ٿي،
اتي نفرت ڀريا نعرا لڳا، ڇو؟

اجهو! ايڪيھين صدي در تاءِِ پھتي،
اسين اوڻيھين صديءَ وارا اڃا ڇو؟

اکين هوندي بہ ڪي نابين آهن،
ڏسن کولي اکيون آخر نہ ٿا، ڇو؟

اُلَن آڳين جيان جيڪي تتل ها،
ويا ٿي ”سوز“ سي پارا ٿڌا ڇو؟

پيارن کان، پڇي ڏسجو،

پيارن کان، پڇي ڏسجو،
۽ يارن کان، پڇي ڏسجو.

نظر جي ڪابہ حد ناهي،
نظارن کان، پڇي ڏسجو.

خزائن ۾ بہ گهاريوسين،
بھارن کان، پڇي ڏسجو.

اسين سنڌوءَ جو سڏ آهيون،
ڪنارن کان، پڇي ڏسجو.

سھارن تي نہ ٿا سرچون،
سھارن کان، پڇي ڏسجو.

اڃا موکي مئي ڪانھي،
متارن کان، پڇي ڏسجو.

اسان جي نينھن جا نعرا،
نقارن کان، پڇي ڏسجو.

صدائون ”سوز“ جون لَکن،
هزارن کان، پڇي ڏسجو.

ايذائن جي اڻ ڄاڻن، کي،

ايذائن جي اڻ ڄاڻن، کي،
آڳ لڳي تن ايوانن، کي.

ويرانن ڏي واٽ وڃي ٿي،
ڪو تہ ٻڌائي، بيگانن کي.

هٿ سمورا زخمي زخمي،
ڪير سجائي گلدانن، کي.

ماڻھو سيئي مھان ٿين ٿا،
روڪن جي ٿا طوفانن کي.

ديس دروهين زندہ رکيو،
زنجيرن ۽ زندانن کي.

روڪي ڪوبہ نہ سگهيو آهي،
جان ڏيڻ کان پروانن کي.

وطن وساري ٿيا اڻاسا،
حيف هجي تن نادانن کي.

”سوز“ سدائين ياد رهن ٿا،
جن بہ وَسايو ويرانن کي.

رات کي ماهتاب، ٿو گهُرجي،

رات کي ماهتاب، ٿو گهُرجي،
ڏينھن کي سجّ تاب، ٿو گهُرجي.

جو ڪڏهن ساڀيان نہ ٿي سگهيو
ڪونہ اهڙو بہ خواب، ٿو گهرجي.

رنگ خوشبو جمال آ جنھن ۾،
باغ کي سو گلاب، ٿو گهُرجي.

سنڌ کي کيت لئہ کپي دريا،
نوجوانن کي ”جاب“، ٿو گهُرجي.

آب زمزم نٿا گهرون مالڪ!
خشڪ سنڌوءَ لئہ آب، ٿو گهُرجي.

ديس جو تذڪرو هجي جنھن ۾،
سو نصابي ڪتاب، ٿو گهُرجي.

ڪنھن هُلائي الاءِ آه ڇڏيو،
شاعرن کي شراب، ٿو گهُرجي.

سنڌ تي ڪرم تنھنجو يا مولا!
”سوز“ گهرجي، اڃا بہ ٿو گهُرجي.

اڳي وانگيان چپ سبيل، ڪونہ هوندا،

اڳي وانگيان چپ سبيل، ڪونہ هوندا،
زبانن تي تالا لڳل، ڪونہ هوندا.

نئون سج اڀريو اجالو ٿيو آ،
انڌيرن جا آرا انگل ڪونہ هوندا.

اهي کيت جن ۾ نوان سنگ نسرن،
بنا لاب جي سي لڻُيل، ڪونہ هوندا.

چنيسر بہ توڙي جو وڌندا وڃن پيا،
مگر تن کان دودا ڊنل ڪونہ هوندا.

ڀلي ”ڦوڳ“ ڪھڙا بہ حربا هلائي،
منھنجا مور مارو مُٺل، ڪونہ هوندا.

ٻڌائي ڇڏيو سرڪش سازشين کي،
سِرَن جا فصل ڪي ڪٽيل، ڪونہ هوندا.

اڃا جاڳ ايندي، سجاڳي بہ ٿيندي،
سدا سنڌ واسي ستل، ڪونہ هوندا.

اجهو ”سوز“ هاڻي تہ کيرون بہ ملنديون،
سنڌوءَ جا ڪنارا سڪل، ڪونہ هوندا.

چمن ۾ خزان کي اچڻ، ڇو ڏجي،

چمن ۾ خزان کي اچڻ، ڇو ڏجي،
گلن ۽ ڦلن کي ڇڄڻ، ڇو ڏجي.

بھارن جي هر پل حفاظت ڪجي،
ڪڏهن ڪوبہ درخت ڪٽڻ، ڇو ڏجي.

متان ڦول ٽڙندي ئي ڪومائجن،
سرءُ جي هوا کي ڇھڻ، ڇو ڏجي.

اگر گل فروشي ڪري ڪوئي مالھي،
تہ گلشن ۾ تنھن کي وڃڻ، ڇو ڏجي.

گلابن تي ڀيرا ڀرن ڀؤنر جيڪر،
تہ مکڙين سان تن کي ملڻ، ڇو ڏجي.

نہ ڪا شمع جلندي نہ ايندا پتنگ،
”شھد مک“ گلن تي ويھڻ، ڇو ڏجي.

سڄو سونھن جو آھہ سنسار هي،
سو رنگن کي بي رنگ ٿيڻ ڇو ڏجي.

سڳنڌ ”سوز“ گل کان جدا ناھہ ٿيندي،
اهو ڀيد ڪنھن سان سَلَڻُ، ڇو ڏجي.

اجالن کي انڌيرو، ڪونہ چئبو،

اجالن کي انڌيرو، ڪونہ چئبو،
اوَيرن کي سويرو، ڪونہ چئبو.

سدائين رات کي آ رات چئبو،
”صبح“ کي شام ويرو، ڪونہ چئبو.

وڏيري کي وڏيرو چئو ڀلي پر،
ننڍيري کي ننڍيرو، ڪونہ چئبو.

وڏي عرصي پڄاڻان ٿا ملو ”ير“،
انھيءَ ڀيري کي ڀيرو، ڪونہ چئبو.

رسڻ پرچڻ وري هر هر رسڻ آ،
اهو نينھن جو نبيرو، ڪونہ چئبو.

رقيبن جي جتي بستي ۽ مستي،
اتي پِريَن جو پيرو، ڪونہ چئبو.

محبت جي پڙهي تسبيح جو ٿو،
اهو ئي من جو ميرو، ڪونہ چئبو.

گداز ۽ ”سوز“ جنھن دل ۾ نہ آھہ،
اهو دلدار ديرو، ڪونہ چئبو.

طرحي غزل

بھارن ۾ پيغام آيو خزان جو،
نئين سال تحفو مُڪو آجيان جو.

نڪي گهاوَ ڀريا، نہ ڪي ويڻ وسريا،
نئون زخم آيو وري مھربان جو.

سڄو مامرو آھ ذاتي انا جو،
نڪو خشڪ سالي نہ آبِ روان جو.

ڀلي رات کي ڏينھن چوندا رهو پر،
اهو ياد رکجو سڀان آ اسان جو.

ڏسو انڌ جو ڌنڌ لاهي اکين تان،
”ويو رنگ مٽجي زمين آسمان جو“.

اوهان خواب آور اکين سان ڏٺو جو،
اهو خواب پورو نہ ٿيندو اوهان جو.

اسان جو ستارو تہ گردش مان نڪتو،
اڃا چنڊ گرهڻ ۾ آهي اوهان جو.

هتي ”سوز“ شب روز بجليون ڪِرن ٿيون،
خدايا هجي خير شل آشيان جو.

طرحي غزل

امن ڳوليندو وتان، آهي ڪٿي؟
ڪاش مان ڳولي لھان، آهي ڪٿي؟

ڪو ٻڌائي ڪو نہ ٿو ان جو پتو،
ٿو هوائن کان پڇان، آهي ڪٿي؟

موسمِ گل آ مگر خوشبوءِ جي،
ٿي پذيرائي اڃان، آهي ڪٿي؟

سڀ انڌيرا پاڻ ۾ رل مل ٿيا،
روشنيءَ جي آجيان، آهي ڪٿي؟

امن جون ڳالھيون ڪتابي ٿيون لڳن،
ظاهري امن و امان، آهي ڪٿي؟

امن جون لاتيون پکيئڙا ڇا لنون،
شاخ تي ڪو آشيان، آهي ڪٿي؟

شام ويلي گل چيو خوشبوءِ کي،
هاڻ پنھنجو گلستان، آهي ڪٿي؟

”سوز“ امن ۽ سونھن جو شاعر مگر،
دوستن جي درميان، آهي ڪٿي؟

حادثن تي حادثا، وڌندا وڃن،

حادثن تي حادثا، وڌندا وڃن،
فاصلا گهٽجن نہ ٿا، وڌندا وڃن.

جي بہ منزل تي پڄن ئي ڪونہ ٿا،
ڪيترا سي قافلا، وڌندا وڃن.

لوچ جو انداز آ تبديل ٿيو،
سوچ وارا سلسلا، وڌندا وڃن.

هوش ۾ همت اڃا گهرجي گهڻي،
جوش جا پر ولولا، وڌندا وڃن.

اف! سڪون و امن ٿيو بلڪل تباه!
تيز طوفان زلزلا، وڌندا وڃن.

ڏاڍ ۽ ڏاڍن جي ويئي متِ منجهي،
حوصلا هيڻن سندا، وڌندا وڃن.

زندگي جا ڏينھن گهٽجن پيا مگر،
زندگي جا مامرا، وڌندا وڃن.

”سوز“ منھنجي سنڌڙي جا ڪيترا،
مسئلن تي مسئلا، وڌندا وڃن.

جَرَ ڪجر تي ڪنول ٽڙيو، آهي،

جَرَ ڪجر تي ڪنول ٽڙيو، آهي،
خوب کان خوب تر لڳو، آهي.

حسن جي رنگ ۾ رتو شايد،
جو سڄو حسن ٿي پيو، آهي.

رات جي سانت ۽ اڪانت ۾،
ڄڻ ستارن جو سوجهرو، آهي.

سونھن هن جي ڏٺي پئي تارن،
چنڊ تن تي چِڙي ويو، آهي.

سڀ نظارا پڇڻ لڳا آهن،
ڦول آهي يا معجزو، آهي؟

ڀؤنر ڀيرا ڀرڻ لئہ ڇو نہ اچن،
حسن جو شاهڪار جو، آهي.

حسن هن جو ڏسي چيو شاعر،
ڇا غزل جو تہ مصرعو، آهي.

آھ ڌرتيءَ جي هنج ۾ پليو،
”سوز“ ان جو بہ ڪو حصو، آهي.

چنڊ ايڏو حسين، ڪونھي ڪو،

چنڊ ايڏو حسين، ڪونھي ڪو،
دلربا دلنشين، ڪونھي ڪو.

ڪنھن بہ محبوب جي حسن جھڙو،
ناز ور نازنين، ڪونھي ڪو.

هو هميشہ رهي ٿو گردش ۾،
من اندر جو مڪين، ڪونھي ڪو.

روشني خود وٺي ٿو سورج کان،
پر سندس جانشين، ڪونھي ڪو.

هو مسافر آ رات جو ليڪن،
همسفر همنشين، ڪونھي ڪو.

روپ بھروپ ٿو لڳي جنھن جو،
مہ لقا مہ جبين، ڪونھي ڪو.

بيوفا آھہ پنھنجي فطرت ۾،
هو وفا جو امين، ڪونھي ڪو.

”سوز“ منھنجي مٺي پرينءَ جھڙو،
حسن روءِ - زمين، ڪونھي ڪو.

مان ملڻ توسان وري، آيو آهيان

مان ملڻ توسان وري، آيو آهيان،
ڪانہ ڪا منھنجي سري، آيو آهيان.

چنڊ اوسيڙو ڪري اُلھي ويو،
رات آ تارن ڀري، آيو آهيان.

سونھن تنھنجي جي سنڌو درياء مان،
تار مشڪل سان تري، آيو آهيان.

بند دروازا سمورا شھر جا،
کول ڪا درشن دري، آيو آهيان.

سار تنھنجي ساھ سان سانڍي رکيم،
ڪا نہ ٿي ضايع ذري، آيو آهيان.

نانءُ ڪوڏاڻي جو تو رکيو اُهو،
هڪ دفعو وٺجان وري، آيو آهيان.

جا ڪڏهوڪي ڀيڙ ۾ گم ٿي وئي،
مان کڻي سا دلبري، آيو آهيان.

”سوز“ در دلبر ڏسڻ ٿو چاهيان،
مَن پَون اکيون ٺري، آيو آهيان.

زلف جانان تي لکيل، منھن جو غزل،

زلف جانان تي لکيل، منھن جو غزل،
مشڪ جي خوشبو ڀنل، منھن جو غزل.

سادگيءَ جي سونھن ۾ آهي رتو،
راڳ جو ردِ عمل، منھن جو غزل.

سونھن ٽيڙن وانگيان پيئي ٽڙي،
پورنماسي جي مثل، منھن جو غزل.

ڪيترو مشھور ٿيو فيروز جو،
سر پھاڙي ۾ چيل، منھن جو غزل.

شھر جانان ۽ غزل جي شھر ۾،
گيت جھڙو آ غزل، منھن جو غزل.

هن جي نيڻن تي لکيو جو مون غزل،
ٿي ويو هن جو غزل، منھن جو غزل.

سُر، ردم آلاپ سڀ هڪ ٿي ويا،
سارنگي سان سر منڊل، منھن جو غزل.

”سوز“ سنڌوءَ تي ويھي جهونگاريو،
ڄڻ تہ ڪو ٽڙيو ڪنول، منھن جو غزل.

آرسيءَ ۾ ظھور منھن جو هو،

آرسيءَ ۾ ظھور منھن جو هو،
عڪس ان ۾ ضرور، منھن جو هو.

هو بہ تاريڪيون پکيڙي ويو،
جنھنجي نيڻن ۾ نور، منھن جو هو.

مھربان حسن هو جڏهن مون تي،
عاشقيءَ تي عبور، منھن جو هو.

چاهتون شَھہ جھان جون رکيم،
پر نہ ڪو ڪوهِ نور، منھن جو هو.

شھر ۾ توڙي شيشہ گر ها پر،
آئينو چُور چُور، منھن جو هو.

حسن! توکي حَسين بنائڻ ۾،
عشق شاملِ حضور، منھن جو هو.

مان تہ هن جو هجان، هجان نہ هجان،
هو تہ ظاهر ظھور، منھن جو هو.

عشق جھڙو قصور ڪونھي ڪو،
”سوز“ ساڳيو قصور، منھن جو هو.

محب آيو آ ملڻ، منھنجي اڱڻ،

محب آيو آ ملڻ، منھنجي اڱڻ،
ڪي تہ دلداريون ڏيڻ، منھنجي اڱڻ.

ٿي ويو خوشبوءِ هي سارو صحن،
واءُ گهليو آ ڏکڻ، منھنجي اڱڻ.

حسن جي آهي حويلي او هوا!
تيز تر ڇڏ تون گهلڻ، منھنجي اڱڻ.

اڳ ۾ هن کان خوب خوشبو ٿي اچي،
واه! جو هن جو اچڻ، منھنجي اڱڻ.

قرب جي ڪوئل اچي من لام تي،
لاتيون مٺڙيون لنوڻ، منھنجي اڱڻ.

چنڊ روشن دان مان لياڪا وجهي،
نيٺ آيو آ ڏسڻ، منھنجي اڱڻ.

پرھ جي ٿڌڙي هوا آئي کڻي،
ڦول تحفي ۾ ڏيڻ، منھنجي اڱڻ.

ڦول لامن تي وري ساوا ٿيا،
”سوز“ آيا اڄ سڄڻ، منھنجي اڱڻ.

طرحي غزل

طرحي غزل

سونھن ۽ سينگار آ، تنھنجي ڪري،
هي جڙيل جنسار آ، تنھنجي ڪري.

نانوَ تنھنجي جي کٿوري آ کلي،
ڦول خوشبودار آ، تنھنجي ڪري.

سونھن نيڻن جي ڏسي پڪ ٿي وئي،
هي سڄو سنسار آ، تنھنجي ڪري.

ڪو تہ شاعر ڪوئي موسيقار ٿيو،
ڪو بڻيو فنڪار آ، تنھنجي ڪري.

سار ماکيءَ لار جان ٿي گڏ ٿئي،
پوءِ بہ تارون تار آ، تنھنجي ڪري.

هو رقيب آهي رقابت ٿو ڪري،
پر اسان جو يار آ، تنھنجي ڪري.

”ناز ور“ نيڻن تي لکيم جو غزل،
ٿي و يو شھڪار آ، تنھنجي ڪري.

ملھہ هڪڙو ئي ٽڪو آهس مگر،
”سوز“ سرجڻھار آ، تنھنجي ڪري.

ڦول وانگي ٽڙي تہ ڏس، جانان،

ڦول وانگي ٽڙي تہ ڏس، جانان،
هير بنجي گهلي تہ ڏس، جانان.

وڄ وراڪي جيان وڃين ڇا لئہ،
مينھن وانگي وسي تہ ڏس، جانان.

آرسيءَ جي اکين ڏٺو جيڪي،
آرسيءَ کان پڇي تہ ڏس، جانان.

چنڊ لياڪا وجهي ٿڪو آهي،
تون بہ آرس ڀڃي تہ ڏس، جانان.

تَنُ تنبوري جان ڇڙي پوندو،
آڱرين سان ڇھي تہ ڏس، جانان.

لوھہ آهيان تہ سون ٿي پوندس،
تون بہ مون سان ملي تہ ڏس، جانان.

مان بہ ڪو سونھن جو ڪوي آهيان،
تون رڳو گيت ٿي تہ ڏس، جانان.

”سوز“ گيتن جو گهر سجايو آ،
ڪي گهڙيون تون رهي تہ ڏس، جانان.

چاهتون، ڏسنديون رهيون،

چاهتون، ڏسنديون رهيون،
خواهشون، ڏسنديون رهيون.

ڦول ڇڄندا ئي رهيا ۽،
مکڙيون، ڏسنديون رهيون.

شھر جو تاريڪ منظر،
روشنيون، ڏسنديون رهيون.

رات جون خاموشيون،
سڀ گليون، ڏسنديون رهيون.

مان ڏسان تہ ڇا ڏسان،
اکڙيون، ڏسنديون رهيون.

مورتن ڳالھيون ڪيون،
صورتون، ڏسنديون رهيون.

سنڌ جون بدحاليون،
ڪئين صديون، ڏسنديون رهيون.

”سوز“ لکندو ئي رهيو پر،
ڪاوشون، ڏسنديون رهيون.

ڏٺل جي خواب ها ڄڻ اڻ ڏٺل آهن اڃا تائين،

ڏٺل جي خواب ها ڄڻ اڻ ڏٺل آهن اڃا تائين،
نظر جي بند جا باندي بڻيل آهن اڃا تائين.

هجر هاڻين اکين ۾ ”جر ڪجر“ آهي لھي آيو،
ڪڏهو ڪا پيچ پيارن سان پيل آهن، اڃا تائين.

نہ ڪا ڌرتي ملي اُڀ سان، نہ ئي چنڊ آ ڏٺو سورج،
سموريون حسرتون رهجي ويل آهن، اڃا تائين.

چٽا چارا محبت جا نہ جي سورج ڏٺا ڪڏهين،
اهي سڀ چنڊ جي نالي ٿيل آهن، اڃا تائين.

سپيءَ جو جسم پيو آهي سمندر جي ڪناري تي،
نمائش لئہ مگر موتي رکيل آهن اڃا تائين.

چون ٿا ٿر وٺو آهي، اڃارا اڄ بہ ماروئڙا،
عمر جي ڊاءَ کان ڏاڍا ڊنل آهن، اڃا تائين.

غزل جي شھر ۾ شاعر بہ هڪڙو گيت گهر ٺاهيو،
اتي گيتن سان گڏ پوکيل غزل آهن اڃا تائين.

جتي سوز و گداز آهي محبت پيار پڻ آهي،
اَجها اُت ”سوز“ پارن جا اڏيل آهن اڃا تائين

قربداريءَ جي وھِي، گذري وئي،

قربداريءَ جي وھِي، گذري وئي،
وضعداريءَ جي وَهِي، گذري وئي.

اک کلي جو چنڊ جاڳائي چيو،
انتظاريءَ جي وهي، گذري وئي.

دل هئي هڪڙي، انھيءَ پڻ چئي ڏنو،
”درد ماريءَ جي وهي، گذري وئي“.

هيل پڻ هڪ بوند برسي ڪانہ ڪا،
گرم واريءَ جي وهي، گذري وئي.

سرڪ پاڻيءَ جي نہ سنڌوءَ ۾ بچي،
آبياريءَ جي وهي، گذري وئي.

رت بسنتي آئي آهي پوءِ ڀي،
خشڪ ٽاريءَ جي وهي، گذري وئي.

شاهراهن تي متان ڳوليو مٺا،
آشڪاريءَ جي وهي، گذري وئي.

”سوز“ کي هاڻي ڪتابن ۾ پڙهو،
يار ياريءَ جي وهي، گذري وئي.

خواب موسم بھار جان آهن،

خواب موسم بھار جان آهن،
نيڻ ڪنھن آبشار، جان آهن.

هجر جي ڳالھہ تي وهي هليا،
لڙڪ سنڌوءَ جي ڌار، جان آهن.

نينھن جي نانوَ تي پون پرچيو،
ڪي تہ جذبا بہ ٻار، جان آهن.

سار تنھنجي مٺي آ مصريءَ کان،
پيار ماکيءَ جي لار، جان آهن.

آڱرين جي ڇھاءَ سان جيڪي ڇڙن،
لفظ ڀي ڄڻ ستار، جان آهن.

سونھن مان ”سوز“ روز ٿا سرجن،
گيت سنگيت ڪار، جان آهن.

دوست چون ٿا ”سوز“ پراڻن،

دوست چون ٿا ”سوز“ پراڻن،
”هالن“ ۾، ڇا رکيو آهي.

آئون پڇان ٿو اهڙن سکڻن،
سوالن ۾، ڇا رکيو آهي.

ماڻھوءَ اندر محبت گهرجي،
نالن ۾، ڇا رکيو آهي.

پيار جو هڪڙو پل ڪافي آ،
سالن ۾، ڇا رکيو آهي.

نيڻ سڪي ويا هاڻي پلڪن،
آلن ۾، ڇا رکيو آهي.

خالي خالي خوابن هاڻن،
خيالن ۾، ڇا رکيو آهي.

”سوز“ بنا عرفان مٺي جي،
”هالن“ ۾، ڇا رکيو آهي.

اڄ وري ڪٿ ڊائري، وسري وئي،

اڄ وري ڪٿ ڊائري، وسري وئي،
ڪٿ الاجي آ ڪِري، وسري وئي.

خوشنما رنگن ۽ ورقن جي اندر،
پيار واري شاعري، وسري وئي.

ڄڻ تہ ڪنھن نازڪ نويلي نار کي،
دوهري ڪا ست سِري، وسري وئي.

ڪاش! اهڙي جاءِ تي پھتي هجي،
جت اڳي انگشتري، وسري وئي.

ڊائري ۽ شاعري جي سوچ ۾،
راڳڻي ڀاڳيسري، وسري وئي.

رات وارا گهنج ڪپڙن تي رهيا،
”استريءَ“ کي استري، وسري وئي.

شاعري، جا ”سوز“ دل ۾ بند آ،
ڇا ٿيو جو ڊائري، وسري وئي.

هڪ مسافر اوهان جي شھر ۾ آ،

هڪ مسافر اوهان جي شھر ۾ آ،
سو سدائين رهيو سفر ۾ آ.

چاهتن جي تلاش ۾ اڪثر،
هو اڃا تاءِِ رھہ گذر ۾ آ.

مھڪ موتئي جيان گلابن جي،
ڪير آيو گلاب گهر ۾ آ؟

ڇو نہ سھڻا غزل سجائي سو،
هڪ غزل گُو تہ شھر ڀر ۾ آ.

جو سفينو پُڳو ڪناري تي،
سو نظارو نظر نظر ۾ آ.

فاصلا طئہ ڪري اتي پھتو،
ساز آواز جنھن نگر ۾ آ.

شاھ جي گنج مان مليو جيڪي،
سو سڀئي ”سوز“ من اندر ۾ آ.

روز تو لاءِ شعر ٿو ٺاهي،

روز تو لاءِ شعر ٿو ٺاهي،
”سوز“ تنھن جو اڃا ٿڪو ناهي.

سار تنھنجي وري وري آئي،
دل ڀلا ڪيئن آسرو لاهي.

روز پرچڻ، رسڻ وري پرچڻ،
پيار ناهي تہ ٻيو ڀلا ڇاهي؟.

تو ڏياريءَ ڏيئو ڏٺو هوندو،
عيد جو چنڊ مون ڏٺو ناهي.

مون تہ گيتن جو گهر بنايو آ،
ڇا مجال آھہ جو هوا ڊاهي.

زور لائي ڀلي ڏسي ڪوئي،
نينھن جھڙو نہ شينھن ڪو آهي.

ڪاش! هن کي وڃي چوي ڪوئي،
”سوز“ توکي اڃا بہ ٿو چاهي.

مرڪي توکي ملڻ، اچي ويو آ،

مرڪي توکي ملڻ، اچي ويو آ،
دل ڏئي دل وٺڻ، اچي ويو آ.

آ چپن تي چڙهي غزل آيو،
منھن جو محبوب ڄڻ، اچي ويو آ.

چنڊ ڇھندي چڳون صنوبر جون،
حسن هن جو ڏسڻ، اچي ويو آ.

دل دريءَ جي وٿين ۽ ڳڙکن مان،
عڪس ليئو وجهڻ، اچي ويو آ.

ڇا سبب آھہ ميري پاڻيءَ تي،
ڦول کي پڻ ٽڙڻ، اچي ويو آ.

دور آڪاش جي ستارن جان،
دور توکي رهڻ، اچي ويو آ.

”سوز“ کي ڏانءُ ڪو هجي نہ هجي،
شعر شايد لکڻ، اچي ويو آ.

ياد تازي هوا، کڻي آئي،

ياد تازي هوا، کڻي آئي،
ڇا تہ خوشبوءِ ڪا، کڻي آئي.

چاهتون پاڻ وٽ رکي آئي،
خواهشون بي پناھہ، کڻي آئي.

ياد جو داستان کڻي ويٺي،
حسرتون بي بھا، کڻي آئي.

منھنجي هڪ التجا جي عيوض ۾،
هوءَ بہ ڪا مدعا، کڻي آئي.

هوءَ الاجي تہ ڇا وٺي ويئي،
۽ الاجي تہ ڇا، کڻي آئي.

ٻارڙن جان هوا بہ هرکي پئي،
ڪا تہ مبھم ادا، کڻي آئي.

ويندي ويندي اها ڏئي ويئي،
”سوز“ لئہ سار جا، کڻي آئي.

چيٽ جي کيت جي سونھن پيئي سڏي،

چيٽ جي کيت جي سونھن پيئي سڏي،
آءُ خوشبو هلي هيج مان هير ڏي.

شھر جي شور ۾ هاڻ دل ٿي دکي،
قرب جي ڪوٺ تي ٿا هلون ڳوٺ ڏي.

پيچرو هر هتان ٿو پرينءَ گهر وڃي،
واٽ جو ڏَس ڀلي ڪو ڏئي يا نہ ڏي.

پر هجن هوند ها مان اڏاڻو اچان،
تون ڀلائي ڪري سي اڌارا تہ ڏي.

رات جو ريٽ تي روشني ڇا وسي،
ياد ڪريو اکيون ٿيون ڏسن چنڊ ڏي.

مينھن وساڙن جيان ٿا ستارا لڳن،
فرش تي عرش ويو عڪس ظاهر ڇڏي.

گيت جھڙا غزل ”سوز“ جا ٿا چون،
دلربا ديد جو ڪوئي درشن تہ ڏي.

آرسيءَ کي اکڙيون، وسري ويون!!

آرسيءَ کي اکڙيون، وسري ويون!!
ڄڻ گلن کي مکڙيون، وسري ويون!!

زنگ شيشي تي چڙهي شايد ويو،
جو انھيءَ کان صورتون، وسري ويون!!

آشيانو آ پکين کي ياد پر،
يارڙن کي ياريون، وسري ويون!!

چنڊ کي ناهن چڪوريون وسريون،
چاهتن کي چاهتون، وسري ويون!!

دشمنن کي دشمنيون، وسرن نہ ٿيون،
دوستن کي دوستيون، وسري ويون!!

ڪي تہ ڳالھيون وسرنديون ناهن مٺا،
پوءِ بہ اهڙيون ڳالھيون، وسري ويون!!

شھر جانان کي ڏٺي ڪي ڏينھن ٿيا،
چوڪ رستا ۽ گليون وسريون ويون!!

مون تصور ۾ رڳو هن ڏي ڏٺو،
”سوز“ هن کي ٻيون سکيون وسري ويون!!

سار تنھنجي پرين ٿي ورَي وير جان،

سار تنھنجي پرين ٿي ورَي وير جان،
بانسريءَ جي سُرن تي وڄي “هير” جان.

سار تنھنجي مٺي آھ مصريءَ کان،
لار ماکيءَ لڳي کنڊ ۾ کير جان.

ساھ ۾ ٿي سُري، هانوَ تي ٿي هُري،
جيءُ جهوريو وجهي جهانءَ جي جهير جان.

اوچتو اوچتو ٿي نگاهون کڻي،
نيڻ نازڪ لڳن تيز تر تير جان.

ڇانوري ۾ بيھي بانوري ڇو رهين؟
سانوري صبح جو آ هلي هير جان.

جي وسيو ٿي وڃي ڪنھن ڪڪر وانگيان،
نيڻ وهندا رهن ٿا نديءَ نير جان.

سار تنھنجي جڏهن ٿي اچي ”سوز“ ڏي،
هوبھو ٿي لڳي تنھنجي تصوير جان.

حسن جو هر هڪ غزل، سھڻو لڳو،

حسن جو هر هڪ غزل، سھڻو لڳو،
نانوَ پرين جي لکيل، سھڻو لڳو.

ايترو سھڻو لڳي ٿو جيترو،
ٿر جي ڌرتيءَ کي ”بدل“، سھڻو لڳو.

نازنينن سان ملي سھڻو ٿيو،
ڪيترو ڪارو ڪجل، سھڻو لڳو.

ڪو تصور نقش نيڻن تي ٿيو،
سونھن جو نعم البدل، سھڻو لڳو.

آبشارن جي ڦوهارن وانگيان،
جوت جو جاري عمل، سھڻو لڳو.

زلف جانان تي لکيم جو چاھ مان،
سو تہ سڀني کي غزل، سھڻو لڳو.

جلترنگ ڇيڙيو متان جذبات جا،
”سوز“ دل کي ”سر منڊل“، سھڻو لڳو.

مکڙيون گل ٿي پون، پوءِ ڇا کپي،

مکڙيون گل ٿي پون، پوءِ ڇا کپي،
گل هوائن ۾ لڏن، پوءِ ڇا کپي.

ڦول جي ڦلدان ۾ آهن سجيل،
سي سڀئي مھڪي پون، پوءِ ڇا کپي.

گيت جون، سنگيت جون ۽ ميت جون،
محفلون روشن رهن، پوءِ ڇا کپي.

شال سڀ نفرت ڪدہ اجڙي وڃن،
دوستين جا در کلن، پوءِ ڇا کپي.

سنڌ ڌرتيءَ تي امن ۽ پيار جا،
ڏينھن جي موٽي اچن، پوءِ ڇا کپي.

پيار محبت جا مسافر ۽ امين،
ڪاش! جي اوڏا اچن، پوءِ ڇا کپي.

روز لکبا ”سوز“ سھڻن جا غزل،
لفظ جي سھڻا ملن، پوءِ ڇا کپي.

شھر جانان کي وسائي، ڇا ڪبو،

شھر جانان کي وسائي، ڇا ڪبو،
پاڻ کي تنھا بنائي، ڇا ڪبو.

شخص جنھنجا نقش نيڻن تي رهيا،
هاڻ خوابن کي سجائي، ڇا ڪبو.

دل ۾ هڪڙو شھر جو آباد آ،
ٻن حصن ۾ سو ورهائي، ڇا ڪبو.

پيار پارس جي مثل آ دوستو،
سون کي ڪندن بڻائي، ڇا ڪبو.

ڪاش! دل جي گهر اچي هيڪر پرين،
پاڻ کي پاڻ ئي وڻائي، ڇا ڪبو.

صبح جا آثار ظاهر ٿي ويا،
چنڊ تارن کي رهائي، ڇا ڪبو.

”سوز“ منظر عام تي پھچي ويو،
لوڪ کان هاڻي لڪائي، ڇا ڪبو.

چنگ ڀلا ڪيئن چوريون چوريون،

چنگ ڀلا ڪيئن چوريون چوريون،
ڪنڌ بہ ڪنھن لئہ ڪوريون ڪوريون.

ڪيچ ۾ ڪو ڪوهيارو ڪونھي،
ڪنھن لئہ ڏونگر ڏوريون ڏوريون.

ڏيھہ ۾ ڪو بہ نہ ڏياچ رهيو،
جنھن لئہ سرندو سوريون سوريون.

سڏ پڙاڏا ٿي ويا سارا،
حال بہ ڪنھن سان اوريون اوريون.

ساز آواز ردم ٿيا کوٽا،
تند بہ ڪنھن پر توريون توريون.

سڀ صدائون موٽي مليون،
جيءُ وري ٿا جهوريون جهوريون.

سُر ۾ ”سوز“ گداز نہ آهي،
گهوڙا! سر ڪئين گهوريون گهوريون.

آمراڻي دور تي لکيل

آمراڻي دور تي لکيل

اگر ارواح خمير، آهن خموش،
تہ سمجهو ڄڻ ضمير، آهن خموش.

ڪتن جو ڪم ڀونڪڻ آ هميشہ،
صدائون ۽ فقير، آهن خموش.

وڏي آواز سان کڙڪن زنجير،
مگر پوءِ ڀي اسير، آهن خموش.

سڄي ماحول تي طاري جمود،
الاجي ڇو سرير، آهن خموش.

زندہ زندان ٿيا آهن وري بہ،
زندانن جا زنجير، آهن خموش.

اڃا آ دور نُگري جو عروج،
هٿن جا سڀ لڪير، آهن خموش.

ٽٽڻو آخر خموشيءَ جو غرور،
نہ رهڻا ”سوز“ وير، آهن خموش.

رات اڃا بہ انڌاري، آهي،

رات اڃا بہ انڌاري، آهي،
ڪيڏي ڀونءِ تي ڀاري، آهي.

ڏيورين جا ڏيئا اجهائي،
آئي وري ڏياري، آهي.

شعلا شعلا ساري ڌرتي،
چوڏس ڪاري واري، آهي.

منھنجو وطن “لبنان” لڳي ٿو،
توبھن توبھن زاري، آهي.

شھر شھر ۽ ڳوٺ ڳوٺ تي،
وحشت دهشت طاري، آهي.

راوڻ ساڻ اصول جو جهيڙو،
جاري جاري جاري، آهي.

”سوز“ نہ نڪتو آهي سورج،
رات اڃا بہ تہ ڪاري، آهي.

صدائون رنگ لائڻ ۾، اڃا ڪي ڏينھن آهن،

صدائون رنگ لائڻ ۾، اڃا ڪي ڏينھن آهن،
عطائون آزمائڻ ۾، اڃا ڪي ڏينھن آهن.

پري جي ڳالھہ ڪانھي، آ گلن جي مند ويجهي،
رڳو گلشن سجائڻ ۾، اڃا ڪي ڏينھن آهن.

گهڻو عرصو ويو گذري، اڙي! دشتِ سياهي،
اهو واپس ورائڻ ۾، اڃا ڪي ڏينھن آهن.

اماوس رات ۾ هاڻي تہ دم گهٽجڻ لڳو آ،
سھائي رات آڻڻ ۾، اڃا ڪي ڏينھن آهن.

ڏسو! مکڙيون ٽڙيون آهن ۽ هاڻي ڦول ڀي ٽڙندا،
گلابي گيت ڳائڻ ۾، اڃا ڪي ڏينھن آهن.

ڪُماڻل ڪاڪ جي مومل اڃا ماڻا نہ ڇڏيا،
اها مومل مڃائڻ ۾! اڃا ڪي ڏينھن آهن.

ڏٺا جي”سوز“ سپنا، پنھنجي چاهت جي چمن جا،
اهي ساڀيان بنائڻ ۾، اڃا ڪي ڏينھن آهن.

وري هاڻ پٿر سان ٽڪرايو شيشا،

وري هاڻ پٿر سان ٽڪرايو شيشا،
ڀلي هٿّ زخمي پون ٿي اوهان جا.

اگر ٿين زخمي تہ پرواھہ ناهي،
هٿن سان اشارا بہ ڏيئي تہ سگهبا.

اڙي! وقت توکي بہ ڇا ٿي ويو آ،
سڃاڻي نہ سگهئين تون پنھنجا پراوا.

گهڻو ئي بدلجي چڪو آهي شايد،
اوهان کي بہ بدلائڻا پوندا لھجا.

تقاضا آ هر دور جي پنھنجي پنھنجي،
اوهان ڪاش! سمجهو تقاضا اها.

محبت جو معيار رکڻو ئي پوندو،
محبت ڪرڻ جيڪڏهن چاهيو ٿا.

جو ڪرڻو اٿوَ ”سوز“ اڄ کان ئي ڪريو،
سڀاڻي جو سورج ڀلا ڪنھن ڏٺو آ؟؟

چڙهيو چنڊ آ پر سھائي نہ آهي،

چڙهيو چنڊ آ پر سھائي نہ آهي،
لڳي ٿو اها ويل، آئي نہ آهي.

وڏي واڪ واٽن تي واڪا ڪياسين،
مگر ڪنھن بہ وائي، ورائي نہ آهي.

سنجهي سان ئي سورٺ روئي ۽ رڙي ٿي،
اڃا تند ٻيجل، ٻرائي نہ آهي.

سريلو نہ سڏبو ۽ چارڻ نہ چئبو،
سرن ساڻ جنھن جي، سچائي نہ آهي.

گهڙي ترس! محفل اڃا مست ٿيندي،
“جمن” شاھ جي وائي، ڳائي نہ آهي.

سڄي رات سرندو بہ سرندو ئي رهندو،
اگر تند تي بند، ڪائي نہ آهي.

قدر ”سوز“ ڪھڙو سُرن جو انھن کي،
جنين راڳ سان لنوُ، لڳائي نہ آهي.

قربداريءَ جا ملن، جيڪي ڪڻان،

قربداريءَ جا ملن، جيڪي ڪڻان،
ٿورڙا ناهن اهي آهن گهڻان.

ڪو نہ ٿي تاڙي وڄي هڪ هٿّ جي،
ٻن ڄڻن مان ٿا ٿين ٻارنھن ڄڻان.

سبز گلشن مان کڻي مان ڇا کڻان،
گل کڻان، گلشن کڻان، خوشبو کڻان؟

مان گلن جي گونچ وانگر آهيان،
اڳ ۾ تن کان ڪيئن پن پن ٿي ڇڻان.

ڦول سڀئي خوش نما آهن مگر،
موتئي جان مرڪڻا نہ مھڪڻان.

تند سان پيوند پائڻ بند آ،
آنءٌ ٻيجل سر صدا ڇا لئہ هڻان.

آھ منھنجي شاعريءَ ۾ ”سوز“ جو،
مان ڀلا ڪنھن کي وڻان سو ڪيئن وڻان

پٿر جي بستين ۾ شيشا، ضرور ٽٽندا،

پٿر جي بستين ۾ شيشا، ضرور ٽٽندا،
آئيني جيان جي هوندا جذبا، ضرور ٽٽندا.

خاموش جي بہ آهن، سي چپ نيٺ چرندا،
اکيون ضرور کلنديون سپنا، ضرور ٽٽندا.

ريشم جي ڌاڳي وانگر، نازڪ نفيس جيڪي،
ناتا ضرور ٽٽندا رشتا، ضرور ٽٽندا.

انسان پکين وانگر آزاد هئڻ گهرجن،
دروازا بند هوندا، پردا، ضرور ٽٽندا.

ڪوڙا ۽ سکڻا واعدا جھڙا ڪي جَرَ تي ليڪا،
لھرين لڳڻ سان اهڙا واعدا، ضرور ٽٽندا.

سنڌ جند ساڻ رشتا، ناتا نہ ٽٽڻ جھڙا،
جي درميان آهن ويڇا، ضرور ٽٽندا.

سنڌو ڪڏهن بہ بند جو باندي نہ ”سوز“ بڻيو،
سنڌو ٽٽو تہ ديس جا دريا، ضرور ٽٽندا.

نيڻ پٿر ٿي ويا احساس پٿر ٿي ويا،

نيڻ پٿر ٿي ويا احساس پٿر ٿي ويا،
اف! خدايا ڪيترا ماڻھو بہ پٿر ٿي پيا.

موسمون مٽجي ويون آهن سڄي ماحول جون،
هاڻ بازن ساڻ ڳيرا گڏ رهڻ آهن لڳا.

اڄ ڪناري تي بيھي هر ڪوئي موتي ٿو گهري،
نيڻ کولي نيل ساگر ڏي نھارڻ کان سوا.

ساھ ”سپّي“ جو ويو موتيءَ جي ڇا تخليق ٿي،
عڪس ڪو اوتي ڏسي ها ڪاش! ان تصوير جا.

ڪيترو آهي لڄي ٿئو، سمنڊ پنھنجي پاڻ کان،
ٿيو ”صدف“ کي بوند هڪڙي مان جڏهن موتي عطا.

ڦول خوشبو کان سوا پڻ ڦول سڏجي ٿو مگر،
ڦول بن گلشن بہ ڄڻ ڪو خواب آ خود ساختا.

”سوز“ جي آواز ۾ آهي تہ سُر سرجيو پون،
سر بنا سنگيت جو تصور ڪرڻ ممڪن نہ آ.

هميشہ نازنينن کي نزاڪت جي ضرورت آ،

هميشہ نازنينن کي نزاڪت جي ضرورت آ،
عشاقن کي عنايت تي عنايت جي ضرورت آ.

محبت ۾ ملاوت جي گنجائش ڪانہ ٿيندي آ،
شَڪر ۽ شِير کي البت ملاوت جي ضرورت آ.

ڏسي سھڻيون اکيون هن جون اکيون سھڻيون ٿيون منھنجون،
سدائين سونھن کي ڪنھن سھڻي صورت جي ضرورت آ.

هوا جو رخ ڦريو آهي فضا ۾ فرق آيو آ،
اتر جي اوٽ کي هاڻي حرارت جي ضرورت آ.

قلم حيرت ۾ پئجي ويو ٻڌي قاضيءَ سندي فتوى،
اڃا هن دور کي نظريہ ضرورت جي ضرورت آ.

محبت جا املھہ موتي وٺڻ وارا اگر آهن،
تہ پوءِ شاعر کي ٻي ڪھڙي محبت جي ضرورت آ.

جنين جي لاءِ لکيو ”سوز“ هي شعرن جو مجموعو،
مبارڪ تن هٿن سان ئي مھورت جي ضرورت آ.

نيڻن سدائين آ رکي نيڻن جي آرزو،

نيڻن سدائين آ رکي نيڻن جي آرزو،
ديدن کي آھ دائم درشن جي آرزو.

خوشبوءِ رنگ واس ٿي يڪجا ويا مگر،
چندن کي مينديءَ رتڙن هٿڙن جي آرزو.

سڀ روپ روشنيءَ جا سھڻا لڳن ٿا پر،
تارن کي آھہ اجرڪ ڦلڙن جي آرزو.

مولا وساءِ مينھن ٿين نينھن ڪي نوان،
ٿر واسين پياسن مورن جي آرزو.

منھنجي عظيم ڌرتي خوشحال شل رهي،
شاعر جي آرزو آ، شعرن جي آرزو.

هر ڪو ئي آرزو جي پيو آرزو ڪري،
ليڪن عجيب چيز آھہ فن جي آرزو.

محبوب تنھنجي سونھن ۽ ورونھن تي لکڻ،
آ ”سوز“ جي بہ غزلن، گيتن جي، آرزو.

پٿرن جي شھر ۾ هڪ آشيان، گيتن جو آ،

پٿرن جي شھر ۾ هڪ آشيان، گيتن جو آ،
ڌوپ کي ڄڻ ڪو ملي ويو سائبان، گيتن جو آ.

سنگ بازن، تنگ نظرن جو وڌي ويو انگ آ،
مون جڏهن کان جوڙيو پنھنجو مڪان، گيتن جو آ.

منھنجي گهر تي ٿي جڏهن الھام جي بارش وسي،
ٿو ائين محسوس ٿئي ڪو گلستان، گيتن جو آ.

تيز تر طوفان پٿر سڀ ملي هڪ ٿي ويا،
ڄڻ لڳي ٿو اڄ وري ڪو امتحان، گيتن جو آ.

ناھ بوتل ڪو گلاس ۽ ايشٽري سگريٽ جي،
ميز منھنجي تي رڳو ئي گلعدان گيتن جو آ.

”سوز“ منھنجي هيءَ بستي ڇانوَ لئہ ترسي پئي،
ڌر تتل ڌرتيءَ تي سايو پر اڃان، گيتن جو آ.

هزارين خواب نيڻن ۾ سجيل آهن، سجيل آهن،

هزارين خواب نيڻن ۾ سجيل آهن، سجيل آهن،
پرينءَ جي نام جي خوشبو ڀنل آهن، ڀنل آهن.

وساري مون ڇڏيو آهي، هُلائي ڪنھن ڇڏيو آهي،
اهي ڳالھيون ڪرڻ وارا ڀُليل آهن، ڀليل آهن.

مٺا محبوبڙا ماڻھو، وساري ڪيئن سي ڇڏجن،
جنين سان جيءَ جڙيل آهن، جڙيل آهن جڙيل آهن.

پڙاڏا پيار وارن جا افق تائين وڃي پھتا،
شفق جي رنگ ۾ سارا رتل آهن، رتل آهن.

اوهان جي ياد فرمايو، اکين سان پاڻ اينداسين،
عجب اسرار من اندر لڪل آهن، لڪل آهن.

اوهان جي دل گهري جنھن دم، بنا دستڪ هليا اچجو،
اسان جي دل جا دروازا کليل آهن، کليل آهن.

سڄڻ جي سار ۾ ڪافيون غزل ۽ گيت ڳاتاسين،
سڃاڻپ ”سوز“ جي ليڪن غزل آهن، غزل آهن.

طرحي غزل

طرحي غزل

ڪڏهن دربان آهي وقت جو سلطان ٿي ويندو،
ڪڏهن سلطان خود آ دار جو مھمان ٿي ويندو.

سدائين وقت هڪڙي جاء تي بيھي نہ رهڻو آ،
ڪڏهن ماضي بہ آهي حال جو نيشان ٿي ويندو.

قلم سان گڏ علم کڻبو قدم سان گڏ قدم کڻبو،
قدم کڻبو تہ منزل جو ملڻ آسان ٿي ويندو.

اگر هلبو ئي رهبو چنڊ تارا گڏ هلڻ لڳندا،
پساري پير جو ويٺو اهو بي جان ٿي ويندو.

ڪتابن ۾ پڙهيو هوسين وڏن کان پڻ ٻڌو هوسين،
هٿن مان وقت جي نڪتو تہ آ نقصان ٿي ويندو.

چون ٿا تہ صفءِ اول مان ٿين غدّار ٿا اڪثر،
اهو امڪان هر امڪان جو امڪان ٿي ويندو.

اهو تاريخ جي ورقن اندر محفوظ ئي رهندو،
وفا جي راھہ ۾ جو ”سوز“ آ قربان ٿي ويندو.

دور درشن وانگيان ديدار ٿيو،

دور درشن وانگيان ديدار ٿيو،
پوء بہ ڄڻ هو دوبدو دلدار ٿيو.

ساھ کي ويسھہ مليو احساس جو،
دور هو ويجهو پرينءَ جو پار ٿيو.

شھر ساري کي اهو معلوم آ،
مئہ متل مھراڻ پنھنجو پيار ٿيو.

لوھ کي سونو ڪري پارس مگر،
پيار پريَنِ جو عجب اسرار ٿيو.

آئينو تصوير سان سھڻو لڳي،
پر بنا تصوير ڄڻ زنگار ٿيو.

هن هوائن جي هٿان جو موڪليو،
ڦول سو ڪيڏو نہ خوشبودار ٿيو.

”سوز“ جيڪو نينھن جو نعرو هنيو،
لوڪ ساري ۾ اهو نروار ٿيو.

ڪيڏو پيارو آهي جيون،

ڪيڏو پيارو آهي جيون،
پوء بہ اڌارو آهي جيون.

ڪنھن سان ڪنھن سان من پرڀايان،
مون وٽ آهي هڪڙو ئي من.

هڪ شاعر لئہ ڪافي ڪونھي،
هڪڙو من ۽ هڪڙو تن.

هڪڙو ڀيرو هر ماڻھوءَ کي،
ملندو آهي هڪڙو جوڀن.

هيڪر ٽٽندو مور نہ جڙندو،
ماڻڪ موتي توڙي من.

سونھن وڏو سرمايو آهي،
سونھن جھڙو ڪو ناهي ڌن.

روز ٿئي ها ڇا ٿي پئي ها،
”سوز“ دريچن مان ئي درشن.

سونھن ورنيون اکيون،

سونھن ورنيون اکيون،
يار تنھن جون اکيون.

شبنمي شبنمي،
مڌ جھڙيون اکيون.

ڪٿ لڪائي رکيئہ،
ايڏيون سھڻيون اکيون.

چنڊ کان پڻ چٽيون،
سج جھڙيون اکيون.

شاھہ جي گنج جون،
ڄڻ تہ وايون اکيون.

او پرين! تنھن جيون،
سنڌ جھڙيون اکيون.

”سوز“ ارپي ڇڏيون،
توکي پنھن جون اکيون.

ڪيڏو ڏينھن جهڙالو آهي،

ڪيڏو ڏينھن جهڙالو آهي،
پوءِ بہ روح اتالو آهي.

نيل آڪاش جي مک سمک جو،
رنگ ۽ روپ نرالو آهي.

دل جي ڌرتي ٺوٺ لڳي ٿي،
اک جو امبر آلو آهي.

سانوڻ سھڻا ويس ڪيا پر،
من آڳنڌ اٻالو آهي.

گهور گهٽا ۾ سورج ڀاسي،
ڪنوار جي ڪن جو والو آهي.

ڪنھن رولاڪي بادل وانگر،
منھنجو من پورالو آهي.

نينھن اسان جو نالو سائين،
”سوز“ تہ هڪڙو حوالو آهي.

ڏينھن لڳي ٿو رات، جيان،

ڏينھن لڳي ٿو رات، جيان،
رات پرينءَ جي تات، جيان.

اڄ بہ اسان آ ائين آ گذاري،
رات گذاريل رات، جيان.

پورنماسي ائين ڀاسي،
ڪنھن اماوس رات، جيان.

پرھہ جا نيڻ بہ برسي پئڙا،
سانوڻ جي برسات، جيان.

خواب اکين ۾ زندھہ رهيا،
آهن آب حيات، جيان.

تنھنجون سارون ماکيءَ لارون،
نينھن سنيھن نبات، اکيون.

من کي اوسيئڙو جو مليو،
”سوز“ لڳو سوغات، جيان.

چاهتن جي شھر ۾،

چاهتن جي شھر ۾،
۽ گلن جي شھر ۾.

حسرتون آيون وٺي،
جان من جي شھر ۾.

حسن جون ڳالھيون ڪيون،
حسن جي هن شھر ۾.

ڪلفتون ڳوليو متان،
الفتن جي شھر ۾.

احتراماً گُهل هوا،
مون پريَنِ جي شھر ۾.

بد نظر شورش نہ ڪر،
هن امن جي شھر ۾.

”سوز“ لکيو هي غزل،
شاعرن جي شھر ۾.

سانوري او سانوري،

سانوري او سانوري،
بانوري او بانوري.

ڇانوري ۾ بھي،
ڇا ڪندينءَ آ هلي.

بانسريءَ تي ٻُري،
ست سري راڳڻي.

تند ڪائي تري،
هانوَ تي آ هري.

پوءُ گُهلي هير ٿي،
پرھہ جي ويل جي.

ٿي پوي ”سوز“ جي،
رنگ رتي شاعري.

مون چيو دير آ،

مون چيو دير آ،
هن چيو خير آ.

هٿ ۾ هٿ آ،
پير تي پير آ.

آڱرين ۾ منڊيون،
پير ۾ ڇير آ.

چنڊ الھي ويو،
پر اڃا مير آ.

رات تارن ڀري،
وصل جي وير آ.

در وڳو اوچتو،
ڪنھن پڇيو ڪير آ.

هن چيو ”سوز“ آ،
ٻيو وري ڪير آ.

ڪونہ ايندو،

ڪونہ ايندو،
ڇو نہ، ايندو.

ايترو دل،
رو نہ ايندو.

نيڻ آلا،
ڌو نہ، ايندو.

او! کنياتا،
چوءُ نہ ايندو.

هو نہ آيو،
فون ايندو.

”سوز“ ساريو،
سو نہ ايندو.

(تجرباتي غزل)

عرفان: ڪار جي هڪ سيٽ تي ڪا ڪونجڙي، ويٺي هئي،

عرفان: ڪار جي هڪ سيٽ تي ڪا ڪونجڙي، ويٺي هئي،
انور: اف خدايا! هوءَ سراپا دلڪشي، ويٺي هئي.

عرفان: سيٽ تي سينو ڪڍيو ائين سن سمان ويٺي هئي،
سوز: ڄڻ تہ موهن جي دڙي جي مورتي، ويٺي هئي.

عرفان: ڀرت جو پھراڻ پاتل هوس نازڪ جسم تي،
سوز: سونھن جي ديوي هئي يا ڇوڪري، ويٺي هئي.

انور: چار سُو ماحول ۾ خوشبوءِ ويئي اوتجي،
انور: سونھن جي شھڪار بنجي پدمڻي ويٺي هئي.

عرفان: هن جي اجرين اکڙين ۾ ڏيک مون پنھنجا ڏٺا،
سوز: روشنيءَ جي روپ ۾ ڪا آرسي ويٺي هئي.

انور: حسن جو اهڙو حسين منظر نہ مون اڳ هو ڏٺو،
انور: چنڊ جي چانڊاڻ ۾ ڪا جل پري، ويٺي هئي.

سوز: ڪنھن جمالياتي غزل جو شاھ مصرعو ٿي لڳي،
عرفان: ڦول ڪنھن رابيل جي مکڙي ٽڙي، ويٺي هئي.

انور: هُتِ حسن جي انتھا ۽ عشق جي هت، ابتدا،
انور: عشقيہ انداز ۾ خود عاشقي، ويٺي هئي.

سوز: لوڪ گيتن واري جنھن ۾ سادگي موجود هئي،
سوز: ڄڻ تہ ڪائي ڀيروي جي راڳڻي ويٺي هئي.

انور: دل ۾ آيو ان کي ڪائي التجا ڪريان مگر،
سوز: رخ مان سمجهيم ڄڻ تہ ڏاڍي ڪاوڙي، ويٺي هئي.

انور۽ عرفان: هوءَ الاجي ڪير هئي، آئي ڪٿان، ڪيڏانھن وئي،
سوز: پر اسان جي ذهن ۾ محفوظ ٿي، ويٺي هئي.

سوز: اوچتو مون کي ائين محسوس ٿيو، منھنجي اڳيان،
سوز: هو بھو سانئن وڏن جي شاعري، ويٺي هئي.

عرفان۽ انور: ٿا لکن ”عرفان“، ”انور“،”سوز“ ان جي سونھن تي،
سوز: شام جو ڪينجهر تي ڄڻ نوري اچي ويٺي هئي.

(هڪ في البديھہ طرحي غزل ۽ ٽي شاعر انورهالائي، عرفان مھدي ۽ سوزهالائي )
طرح: ”ڪار جي هڪ سيٽ تي ڪا ڪونجڙي ويٺي هئي“
صاحب طرح: عرفان مھدي

طرحي غزل

طرحي غزل

دوستي ياري اڳي واري ڪٿي،
ناھہ يارن ۾ رهي ياري ڪٿي.

شاعريءَ جو آ سفر جاري اڃا،
دوستيءَ جو پر سفر جاري ڪٿي.

بيوفا ماڻھن بہ آ تسليم ڪيو،
”هاڻ يارن ۾ وفاداري ڪٿي.“

شھر جانان ۽ غزل جي شھر ۾،
حُسن جي هٻڪار چوڌاري ڪٿي.

هيل پڻ هڪ بوند برسي ڪانہ ڪا،
ٿر ڌرتي جي ٺري واري ڪٿي.

وقت واهڙ وانگيان وهندو وڃي،
ڀاڳ پنھنجي واڳ آ واري ڪٿي.

ڀيروي ڪثرت ۾ پيئي ڳائجي،
سنڌڙو، راڻو ۽ ڪوهياري ڪٿي.

شاهراهن تي نہ ڳوليو ”سوز“ کي،
هاڻ دلدارن ۾ دلداري ڪٿي.

طرحي غزل

طرحي غزل

وقت جي آهي ضرورت آدميءَ جي ڳالھہ ڪر،
اي ڪوي! احساس پنھنجي جي ڪميءَ جي ڳالھہ ڪر.

موسمن مٽجي وڃڻ سان پاڻ ٿي مَٽجي وڃي،
ان سٻاجهي سنڌ جي، سنڌونديءَ جي ڳالھہ ڪر.

ننڍڙي هوندي پاڻ گڏجي گل چونڊيا باغ مان،
مون کي سڀ ڪجهہ ياد آ، تون دور ان جي ڳالھہ ڪر.

ڳوٺ پنھنجو اڳ گلن جي شھر وانگي ٿي لڳو،
تن گلن جي تازگي ۽ سادگيءَ جي ڳالھہ ڪر.

زندگي زندہ دليءَ جو نانءُ جي آهي مٺا،
”زندگيءَ جي ڳالھہ ڪر، تون زندگيءَ جي ڳالھہ ڪر.“

سانوريءَ جي ڳالھہ ڪر، مون بانوريءَ جي ڳالھہ ڪر،
سانوڻيءَ جي مُند آئي، سانوڻيءَ جي ڳالھہ ڪر.

”سوز“ پنھنجي عمر جي مُني صدي پوري ڪئي،
هاڻ جي ملجان تہ هن سان، هڪ صديءَ جي ڳالھہ ڪر.

وايون

---

ڪڏهن دکن مان، ڪڏهن سکن مان

ڪڏهن دکن مان، ڪڏهن سکن مان،
شاعري سرجي پئي.

ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جي ڏکندڙ ڏکن مان،
شاعري سرجي پئي.

چنڊ لياڪا پائيا، چنريءَ چکن مان،
شاعري سرجي پئي.

ڀٽائي جي ڀونءِ جي، اڃن بکن مان،
شاعري سرجي پئي.

سپرين جي ”سوز“ چئي مک سمکن مان،
شاعري سرجي پئي.
شاعري سرجي پئي.

پپل تنھنجا پن ڇڻيو پٽِ پون،

پپل تنھنجا پن ڇڻيو پٽِ پون،
پن ڇڻ رت جي واءَ ۾.

نٽھڻ اس جي تاوَ تي، سُڪيو سوڪ ٿين،
پن ڇڻ رت جي واءَ ۾.

مندن مٽائي ڇڏيا، سارا ويس ورن،
پن ڇڻ رت جي واءَ ۾.

آکيرا اجڙي ويا، پنڇي ڪٿ ويھن،
پن ڇڻ رت جي واءَ ۾.

ڪيئي پل گذاريا، مون سان محبوبن،
پن ڇڻ رت جي واءَ ۾.

گهاٽي وڻ جي ڇانوَ جو رهيو واس نہ ون،
پن ڇڻ رت جي واءَ ۾.

تنھن جو جوڀن ”سوز“ جون اکيون شال ڏسن.
پن ڇڻ رت جي واءَ ۾.

اکيون جاڳن ٿيون، سارو لوڪ سمھي پيو،

اکيون جاڳن ٿيون، سارو لوڪ سمھي پيو،
سارو لوڪ سمھي پيو.

ڪاريھر جي ڏنگ جون، ڪَکيون جاڳن ٿيون،
سارو لوڪ سمھي پيو.

ٻانھون اوسئيڙن سان ٻکيون، جاڳن ٿيون،
سارو لوڪ سمھي پيو.

پنھنجي پنھنجي پرينءَ لاءِ سکيون، جاڳن ٿيون،
سارو لوڪ سمھي پيو.

اوجاڳن ۾ آسرا رکيون، جاڳن ٿيون،
سارو لوڪ سمھي پيو.

ماکيءَ مانارن تي مکيون، جاڳن ٿيون،
سارو لوڪ سمھي پيو.

ستارن جان ”سوز“ چئي اکيون، جاڳن ٿيون،
سارو لوڪ سمھي پيو.
سارو لوڪ سمھي پيو.

سرتيون ڙي ساجن، جيڏيون ڙي جوڀن،

سرتيون ڙي ساجن، جيڏيون ڙي جوڀن،
مون کي موٽائي ڏيو.

جيون ڪھڙي ڪم جو آهي ريءَ جوڀن،
مون کي موٽائي ڏيو.

جيڪي ڏينھن گذاريا، مون سان مون پرين،
مون کي موٽائي ڏيو.

ڀڳڙو سڄڙو نہ ٿئي، موتي توڙي من،
مون کي موٽائي ڏيو.

هُو جي پل پيار جا، وکريا ٿي پن پن،
مون کي موٽائي ڏيو.

سڀ ڪجهہ کڻو ”سوز“ کان، سانولڙي جو سن،
مون کي موٽائي ڏيو.
مون کي موٽائي ڏيو.

وريا واهوندا، رتا روهيڙا، سونھن لٿي آ ٿر تي،

وريا واهوندا، رتا روهيڙا، سونھن لٿي آ ٿر تي،
سونھن لٿي آ ٿر تي.

گونچ گلن تي ائين لڳن، ڄڻ ڪي موهيڙا،
سونھن لٿي آ ٿر تي.

لٿا ڏرت ڏڪار جا، ڌنڌ ۽ ڪوهيڙا،
سونھن لٿي آ ٿر تي.

ڄاڻ تہ ڪسَرَ نسريا، ڳڀيا لوهيڙا،
سونھن لٿي آ ٿر تي.

راڳي راسوڙن ۾ ٿا ڏين ڏوهيڙا،
سونھن لٿي آ ٿر تي.
رتــا روهـيـڙا،
سونھن لٿي آ ٿر تي.

اکيون نير رتيون،جهيرون جهيرون جيئڙو،

اکيون نير رتيون،جهيرون جهيرون جيئڙو،
جهيرون جهيرون جيئڙو.
اکيون نير رتيون

ڪين اڃا سي ٺريون، جيڪي تاوَ تتيون،
جهيرون جهيرون جيئڙو.
اکيون نير رتيون

اونداهي آتڻ ۾ ڪنھن جي ڪاڻ ڪتيون،
جهيرون جهيرون جيئڙو.
اکيون نير رتيون

وريون جيڪي واٽ تان، اهڙيون کوڙ کتيون،
جهيرون جهيرون جيئڙو.
اکيون نير رتيون

”سوز“ رهن جي سوءَ ۾ سڏجن سي ستيون،
جهيرون جهيرون جيئڙو.
اکيون نير رتيون

ڏکن سکن سان، سکن ڏکن سان،
ڪي جي ڳرهيون ڳالھڙيون.

ڪونھي ڪڻو چھنب ۾، جهرڪيءَ ڪکن سان،

ڪونھي ڪڻو چھنب ۾، جهرڪيءَ ڪکن سان،
ڪي جي ڳرهيون ڳالھڙيون.

ڪارونجهر جي ڪور تي، مورن پکن سان،
ڪي جي ڳرهيون ڳالھڙيون.

اوسيئڙا اکين ۾، ٻانھن ٻکن سان،
ڪي جي ڳرهيون ڳالھڙيون.

ٿر تي بادل نہ وٺا، دليءَ دکن سان،
ڪي جي ڳرهيون ڳالھڙيون.

لوڪ ستي جو ”سوز“ چئي لاليءَ لکن سان،
ڪي جي ڳرهيون ڳالھڙيون.

کليل اکين سان ڪنھن ڪنھن ڏٺو پرينءَ کي.
ڪنھن ڪنھن ڏٺو پرينءَ کي.

سونھن سريکن صورتن، چکين مکين مان،
ڪنھن ڪنھن ڏٺو پرينءَ کي.

ڏسجو پڇي پنھنجين سرتين سکين کان،
ڪنھن ڪنھن ڏٺو پرينءَ کي.

وچينءَ ويلي اُڀ تي اڏندڙ پکين مان،
ڪنھن ڪنھن ڏٺو پرينءَ کي.

”سوز“ پڇي ٿو پنھنجي ”ڪجر“ اکين کان،
ڪنھن ڪنھن ڏٺو پرينءَ کي.

موسيقيءَ جو ماڳ، ماڻ تہ موسيقار ٿين،

موسيقيءَ جو ماڳ، ماڻ تہ موسيقار ٿين،
موسيقيءَ جو ماڳ.
ماڻ تہ موسيقار ٿين.

راڳي ڪارڻ راڳ ئي، آهي ڀاڳ سڀاڳ،
موسيقيءَ جو ماڳ.
ماڻ تہ موسيقار ٿين.

رچي سي ريٽا ٿئا ورتو جن ويراڳ!
موسيقيءَ جو ماڳ.
ماڻ تہ موسيقار ٿين.

ڇا تو ڳاتو ڪڏهن، سنڌي سريراڳ!
موسيقيءَ جو ماڳ.
ماڻ تہ موسيقار ٿين.

ساريون راتيون ”سوز“ چئي، جمن وانگر جاڳ،
موسيقيءَ جو ماڳ،
ماڻ تہ موسيقار ٿين.

ٻول اڃا ڪي ٻول، ايڏي چپ چڱي نہ آهي،

ٻول اڃا ڪي ٻول، ايڏي چپ چڱي نہ آهي،
ٻول اڃا ڪي ٻول.

اندر جي اظھار کي، کول اڃا ڪي کول،
ٻول اڃا ڪي ٻول.

راڳي راڳ ويراڳ جا، سارا انگ اکول،
ٻول اڃا ڪي ٻول.

سر سان سر ملائڻ وارا، ڳول اڃا ڪي ڳول،
ٻول اڃا ڪي ٻول.

بي مھلاتا سُر سمورا، ڀول اڃا ڪي ڀول،
ٻول اڃا ڪي ٻول.

سُر ساگر ۾ ”سوز“ سُرن کي، ڇول اڃا ڪي ڇول،
ٻول اڃا ڪي ٻول.
ايڏي چپ چڱي نہ آهي.

ماري مھجوري، وصل وصال جي مند ۾.

ماري مھجوري، وصل وصال جي مند ۾.
وصل وصال جي مند ۾.

آهي ساھ ويساھ جي محبت، مجبوري،
وصل وصال جي مند ۾.

پاڙي منجهہ پريتڻون، پوءِ بہ آ دوري!!
وصل وصال جي مند ۾.

پريتم آھ پيار لئہ، ڇا! دوري ضروري؟
وصل وصال جي مند ۾.

هجر فراق ريءَ شاعري، آهي اڻ پوري،
وصل وصال جي مند ۾.

سانول ”سوز“ گداز سان، سڪ نہ ٿئي پوري،
وصل وصال جي مند ۾.

چنڊ بہ منڊجي ويندا، تارا سن ٿي ويندا،

چنڊ بہ منڊجي ويندا، تارا سن ٿي ويندا،
شاعر جي خاموش ٿيو.

گيت غزل واين جا رنگ لھي ويندا،
شاعر جي خاموش ٿيو.

رنگ رتا احساس سڀ بي رنگ ٿي ويندا،
شاعر جي خاموش ٿيو.

شعرن جي شيشن تي زنگ لڳي ويندا،
شاعر جي خاموش ٿيو.

هنجن جي تلاءِ تي ڪنگ اچي ويندا،
شاعر جي خاموش ٿيو.

”سوز“ صحبت وارا سارا سنگ ٽٽي ويندا،
شاعر جي خاموش ٿيو.

اک مان لڙڪ وهي، جو بہ وهي،

اک مان لڙڪ وهي، جو بہ وهي،
مانُ مٿاهون ان جو.

موتيءَ ملھہ مھانگو پر “اتر” لڙڪ لھي،
مانُ مٿاهون ان جو.

نيڻن جي سمونڊ ۾، موتي جو بہ رهي،
مانُ مٿاهون ان جو.

لکين لڙڪ ملن ٿا تہ ٿو نيڻ ٺھي،
مانُ مٿاهون ان جو.

جذبن احساسن جو جيڪو ”سوز“ سھي،
مانُ مٿاهون ان جو.

اک مان لڙڪ وهي، جو بہ وهي،
مانُ مٿاهون ان جو.

مور اڏاڻا مور، ڪارونجهر جي ڪور جا،

مور اڏاڻا مور، ڪارونجهر جي ڪور جا،
مور اڏاڻا مور.

اڏري نيٺ ٿڪي پيا، سندا چاھ چڪور،
مور اڏاڻا مور.

ڌاڳو ڌاڳو ٿي وئي ريشم جھڙي ڏور،
مور اڏاڻا مور.

هنج ولائت ويڙا، ڪنگن لاتو شور،
مور اڏاڻا مور.

”سوز“ لڳي ٿي سڃڙي ڪارونجهر ڪڪور،
مور اڏاڻا مور.

ڪارونجهر جي ڪور جا، مور اڏاڻا مور،
مور اڏاڻا مور.

بادل پئي برسيو، ويٺي سمنڊ ڏٺو،

بادل پئي برسيو، ويٺي سمنڊ ڏٺو،
سپ جو مُکُ کليو.

ڪيڏو پنھنجي پاڻ کان ساگر لڄي ٿيو،
سپ جو مُکُ کليو.

هڪڙي سُرڪ سپيءَ کي ڏيئي جو نہ سگهيو،
سپ جو مُکُ کليو.

توڙي آب اگوندرو پوءِ بہ پياسو،
سپ جو مُکُ کليو.

پاڻي پائي پاٽ ۾، ٻڏي ڪوھہ نہ مئو،
سپ جو مُکُ کليو.

”سوز“ سِپيءَ آ ساھ ڏئي، موتيءَ کي جنميو،
سپ جو مُکُ کليو.
ويٺي سمنڊ ڏٺو،
سپ جو مُکُ کليو.

لڳ لڳ ڏکڻ ڏيھي، مان نہ اچن پرڏيھي،

لڳ لڳ ڏکڻ ڏيھي، مان نہ اچن پرڏيھي،
لڳ لڳ ڏکڻ ڏيھي.

جانيءَ جي جنسار جي، ڳالھہ ڪيان مان ڪيھي،
لڳ لڳ ڏکڻ ڏيھي.

ايندا ڀيڄ ڀنيءَ جو من پڌر تي پيھي،
لڳ لڳ ڏکڻ ڏيھي.

اوسيئڙي ۾ جن جي، رات وهايم ويھي،
لڳ لڳ ڏکڻ ڏيھي.

چنڊ تيسين تون ترسجان، جيسين اچن اُهيئي،
لڳ لڳ ڏکڻ ڏيھي.

”سوز“ وسي منھنجي سنڌڙي، شال وسن ساڻيھي،
لڳ لڳ ڏکڻ ڏيھي.
مان نہ اچن پرڏيھي.

جمھوريت جو سج، روشن روشن سج،

جمھوريت جو سج، روشن روشن سج،
شال مَ لھي لوڪ تان،
جمھوريت جو سج.

آزاديءَ جي اڀ جو، سج نسورو نج،
شال مَ لھي لوڪ تان،
جمھوريت جو سج.

آدرشن جي کيت لاءِ، لاڀائتو ٻج،
شال مَ لھي لوڪ تان،
جمھوريت جو سج.

جمھوريت ئي جڳ جي جيوت جو ڪارج،
شال مَ لھي لوڪ تان،
جمھوريت جو سج.

”سوز“ سڄي ساڻيھہ کي ايءُ سنيھو ڏج،
شال مَ لھي لوڪ تان،
جمھوريت جو سج.

تتر ٿو ٻولي، سرنھن جي ڦولار ۾،

تتر ٿو ٻولي، سرنھن جي ڦولار ۾،
تتر ٿو ٻولي.

ڪِيڙو ڪِيڙو پيو ڪري، کنڀڙاٽيون کولي،
تتر ٿو ٻولي.

هر ڪو پنھنجي پرينءَ کي، ڳوليو ٿو ڳولي،
تتر ٿو ٻولي.

ماريءَ سندي مار جا، ڀَوَ سڀئي ڀولي،
تتر ٿو ٻولي.

آيو سرنھن کيت ۾، آزاديءَ اولي،
تتر ٿو ٻولي.

اڏريا ڦول هوا ۾ ڦڳڻ کي ڦولي،
تتر ٿو ٻولي.

”سوز“ سدائين سونھن لئہ، واهڻ وڙولي،
تتر ٿو ٻولي.
³

ڪوئل ڪوڪاري، نيري نيري شام جو،

ڪوئل ڪوڪاري، نيري نيري شام جو،
ڪوئل ڪوڪاري.

سائي بڙ جي لامَ تي، سنڌوءَ ڪناري،
ڪوئل ڪوڪاري.

سانول کي سُر ”ديس“ ۾ ساريو ٿي ساري،
ڪوئل ڪوڪاري.

نالو وٺي پرينءَ جو پل پل پوڪاري،
ڪوئل ڪوڪاري.

بانسري آلاپ جيئن، ويٺي جهونگاري،
ڪوئل ڪوڪاري.

هجر ”سوز“ فراق ۾، گهايل ٿي گهاري،
ڪوئل ڪوڪاري.

“ڪويءَ جي ڪٿا لاءِ ڪويءَ احساس”

“ڪويءَ جي ڪٿا لاءِ ڪويءَ احساس”

ماري ڪئين مٿا، لکي ڪويءَ ڪٿا،
لکي ڪويءَ ڪٿا.

ڳالھيون ڳولي ڳجهہ جون ڪيون منجهہ ڪٿا،
لکي ڪويءَ ڪٿا.

ڪيئي سج لڙي ويا، ڪيئي چنڊ لٿا،
لکي ڪويءَ ڪٿا.

اوجاڳا اکين جا، وسرن ئي نہ ٿا،
لکي ڪويءَ ڪٿا.

لفظن جا پکيئڙا، اڏرن اڃا بہ ٿا،
لکي ڪويءَ ڪٿا.

ساروڻين جا ”سوز“ چئي، سھيڙي سٿا،
لکي ڪويءَ ڪٿا.
لکي ڪويءَ ڪٿا.

ڪافيون

---

تون ڄامن جو ڄام، تنھنجي در جا سڀ سلامي

تون ڄامن جو ڄام، تنھنجي در جا سڀ سلامي،
تون ڄامن جو ڄام.

عربي احمد، مدني محمد، نرمل تنھنجا نام،
تنھنجي مبارڪ ذات گرامي.
تون ڄامن جو ڄام.

افضل اعليٰ، بلند ۽ بالا مرسل سندو مقام،
تون خلوت جو خاص مقامي.
تون ڄامن جو ڄام.

خيرالبشر تون، خيرالوريٰ تون، تون خيرالانام،
احسن اڪمل خيرالانامي.
تون ڄامن جو ڄام.

خود خدا، انسان ملڪ ٿا پڙهن سوز سلام،
مير محمّد توتي مدامي.
تون ڄامن جو ڄام.

جيڪي شاھ لطيف جا راڳي ويراڳي،

جيڪي شاھ لطيف جا راڳي ويراڳي،
اسين اُهيئي.

”بُلي“ شاھہ حسين جا آهن مسلاڪي،
اسين اُهيئي.

سچل، سرمد وانگيان وحدت وجودي،
اسين اُهيئي.

ڪافي يار فريد جي جنين لئہ ڪافي،
اسين اُهيئي.

ٻڌن صوفي راڳ جي، عبادت سمجهي،
اسين اُهيئي.

دانشوري نہ جن کي گُهرجي نالي جي،
اسين اُهيئي.

”سوز“ جن جي ذات جا حوالا ڪيئي،
اسين اهيئي.

دلدار، ڪڏهن ايندين،

دلدار، ڪڏهن ايندين،
منٺار، ڪڏهن ايندين،
چؤُ يار، ڪڏهن ايندين.

من جي اڱڻ تي دل جي چوڻ تي،
سرڪار، ڪڏهن ايندين،
چؤُ يار، ڪڏهن ايندين.

محب مٺيءَ ڏي قرب ڪٺيءَ ڏي،
هڪ وار، ڪڏهن ايندين،
چؤُ يار، ڪڏهن ايندين.

درد وندن لئہ آس وندن لئہ،
ٻيھار، ڪڏهن ايندين،
چؤُ يار، ڪڏهن ايندين.

”سوز“ سدائين ساريو سائين،
ٽيھار، ڪڏهن ايندين،
چؤُ يار، ڪڏهن ايندين.

سونھن تنھنجي ڇونہ مان ساراهيان،

سونھن تنھنجي ڇونہ مان ساراهيان،
ڪيئن ڀلا مان تنھنجا ٿورا لاهيان.

عشق جو مون تي وڏو احسان آ،
دوستن جي درميان ۾ آهيان.

دوستي آهي ڪچي ڌاڳي جيان،
شڪر آهي جو ڇنو مان ناهيان.

يار اچڻو آهي دل جي شھر ۾،
آجيان جا هار ويٺو ٺاهيان.

”سوز“ محبت مھر جون ڪافيون لکي،
ٿو مٺائيءَ وانگيان ورهايان.

سونھن تنھنجي ڇو نہ مان ساراهيان،
ڪيئن ڀلا مان تنھنجا ٿورا لاهيان.

جيئن درد ملن دل بستن سان،

جيئن درد ملن دل بستن سان،
تيئن محب ملو مستن سان،
يار اسان جھڙن سان.

ڪڏهن تہ مرڪي ملندا ڪريو،
جيئن گل ملن گلدستن سان،
محب ملو مستن سان،

ملھہ مھانگا ماڻھو جيڪي،
ڪونہ سونھن ٿا سستن سان،
محب ملو مستن سان،

هيڻن جي هت حاجت ناهي،
برھہ ٺھي برجستن سان،
محب ملو مستن سان،

”سوز“ اسان جو سر لڳي ٿو،
مستن ۽ سر مستن سان،
محب ملو مستن سان،
يار اسان جھڙن سان.

ماڻھو ڪو محبوب کلندي کلندي دلڙي کڻي ويو.

ماڻھو ڪو محبوب کلندي کلندي دلڙي کڻي ويو.

خلوت خاص ۾ جنھن کي خالق خلقيو خوبان خوب،
واه! واه! دل کي وڻي ويو.

موتئي جھڙو مرڪڻو، مکڙين جيئن محجوب،
بڻجي دل جو ڌڻي ويو.

سڀئين پرئين آ سانولڙو، محبوبن محبوب،
ڏيئي قرب ڪڻي ويو.

حسن سدائين عشق جو آهي ”سوز“ رهيو مطلوب،
مام مجازي هڻي ويو.
ماڻھو ڪو محبوب،
کلندي کلندي دلڙي کڻي ويو.

سر ڀيروي ۾ لکيل

سر ڀيروي ۾ لکيل

تو بن يار نہ سري سري،
اچ قرب مٺا ڪو ڪري ڪري.

دلبر درشن ڪارڻ ترسن،
اکيون اسان جون ذري ذري.

درد دکائي وئين جو دل ۾،
ٻارڻ جيئن سو ٻري ٻري.

جاني جدايون ڪِينَ جڳائين،
آءُ پير پيارل ڀري ڀري.

محبت ڀريا مينھن وسن شل،
واءُ وصل جو وري وري.

ڀاڳ ڀلا ٿيا ”سوز“ انھيءَ جا،
محبت ۾ جو مري مري.

دونھين وانگر دکون دکون، تنھنجي هجر فراق ۾.

دونھين وانگر دکون دکون، تنھنجي هجر فراق ۾.

ڪونہ چيو ڪن آڱريون، پوء بہ ويٺا لکون،
تنھنجي هجر فراق ۾.

ويٺو واجهہ وجهي هيئون، ويٺي پايون وکون،
تنھنجي هجر فراق ۾.

ڳالھيون ڳجهہ اندر جون، ڪيئن لڪائي رکون،
تنھنجي هجر فراق ۾.

سبق ”سوز“ گداز جا، اڃا ويٺا سکون،
تنھنجي هجر فراق ۾.

تنھنجي رمز عجب رنگ لايو،

تنھنجي رمز عجب رنگ لايو،
سانولڙا او سانولڙا.

نينھن نياپي ساڻ نہ نپجي،
سڪ سلامن ساڻ نہ سپجي،
سالڪ سچ فرمايو،
رمز عجب رنگ لايو.

جيئڙي جا جنسار کڻي وئين،
سارو ڄڻ سنسار کڻي وئين،
تو ويندي نہ موڪلايو،
رمز عجب رنگ لايو.

محبت ۾ جا مورت آهي،
سائي تنھنجي صورت آهي،
آ رنگن رنگ رچايو،
رمز عجب رنگ لايو.

هجر وصال کي جي نہ سڃاڻن،
”سوز“ فراق نہ جيڪي ڄاڻن،
تن جو پنڌ اجايو،
رمز عجب رنگ لايو.

روز رهن ٿيون نيون نيون، ڳالھيون يار سڄڻ جون،

روز رهن ٿيون نيون نيون، ڳالھيون يار سڄڻ جون،
يار سڄڻ، دلدار سڄڻ جون.

ساهن منجهہ سمائڻ جھڙيون، لوڪ سڄي کان لڪائڻ جھڙيون،
پڌريون سي ٿي پيون پيون،
ڳالھيون يار سڄڻ جون.

عشق اماڻيون، چندن هاڻيون، روح رهاڻيون، قرب ڪھاڻيون،
ڪھڙيون ڪيون ڪيون،
ڳالھيون يار سڄڻ جون.

جانيءَ جي جنسارن سنديون، اکڙين جي اسرارن سنديون،
وسري مور نہ ويون ويون،
ڳالھيون يار سڄڻ جون.

محب مٺي منٺار اسان کي، ”سوز“ اسان جي يار اسان کي،
چپڙن ۾ جي چيون چيون،
ڳالھيون يار سڄڻ جون.
يار سڄڻ دلدار سڄڻ جون.

(سر کنڀاٽ ۾ لکيل)

ساجن ياد پيوسين، سانول ياد پيوسين،

ساجن ياد پيوسين، سانول ياد پيوسين،
سو دم ياد پيوسين، جو دم وسريل هوسين.

دور ٿيا جي دل کان دلبر، هجر وصال جو هر ڪو منظر،
اڄ ڪلھہ ياد پيوسين،
سانول ياد پيوسين.

من جي نھائين نينھن گهري ٿي، ٿر جي ڌرتي مينھن گهري ٿي،
بادل ياد پيوسين،
سانول ياد پيوسين.

محب مٺو محبوبن جھڙو، يار فريد جي ڪافين جھڙو،
نرمل ياد پيوسين،
سانول ياد پيوسين.

جنھن پل تي پرڀات ڦٽي هئي، ڳجهہ اندر جي ڳالھہ کٽي هئي،
سو پل ياد پيوسين،
سانول ياد پيوسين.

جن لئہ ”سوز“ جو من هو ماندو، ڪانگل سڪ سنيھو آندو،
ڪانگل ياد پيوسين،
سانول ياد پيوسين.

سڄي سنسار ۾ هڪڙو، قلندر لال سيوهاڻي،

سڄي سنسار ۾ هڪڙو، قلندر لال سيوهاڻي،
سرِ اسرار مردن جو سدائين لال سيوهاڻي.

اهو شھباز بيشڪ سو بلند پرواز آ جنھن جو،
بلند منصب، بلند مقصد، بلند اقبال، سيوهاڻي.

محمّد مير مرسل کي وڻي جنھن ديس جي خوشبو،
بڻايو دائمي مسڪن عليءَ جي آل، سيوهاڻي.

عطائي هست بوديءَ جا، متاعِ حال مستيءَ جا،
ڏنا مھراڻ کي موتي جواهر لال، سيوهاڻي.

دما دم جي ڌمالن تي سڄو ماحول آ رقصان،
اچن ٿا عرش کان آواز جهولي لال سيوهاڻي.

سدا نعرا لڳن تنھنجا، ملنگ نانگا نچن تنھنجا،
سدا ميلا مچن تنھنجا، هتي هر سال سيوهاڻي.

دعائون تنھنجي در داتا، گهري ٿو ”سوز هالائي“،
وطن سان گڏ وطن وارا رهن خوشحال سيوهاڻي.

(راڳ ڪلياڻ ۾ لکيل)

مون کي پنھن جو پرين پرچائي ڏيو،

مون کي پنھن جو پرين پرچائي ڏيو،
سرتيون ساڄن کي سرچائي ڏيو.

جنھن سان سرچي سڪ نہ لاٿيم،
سو مون کي محب مڃائي ڏيو.

هيءَ اڻ سونھين ڀينر ڀوري،
ڪنھن پر راھ رسائي ڏيو.

حال حوال اندر جا سارا،
پنھل کي پھچائي ڏيو.

”سوز“ ۾ جن جي ڪاڻ سڙان ٿي،
سو محبوب ملائي ڏيو.

(راڳ ڪلياڻ ۾ لکيل)

وسيا مينگهہ ملھار، آئي عجيبن اکڙيون ٺريون،

وسيا مينگهہ ملھار، آئي عجيبن اکڙيون ٺريون،
اکيون ٺريون عيدون ٿيڙيون،

ڀونءِ تتيءَ تي بادل برسيا، ٿر بر ٿي ٿڌڪار،
لڳڙيون هيرون هيجن ڀريون،

ڏنيون ڏکندن درد وندن کي دلداريون دلدار،
کليون ديدارن جون دريون،

مينھن وسڻ جا ڏينھڙا آيا، موٽ مٺا منٺار،
نينھن نوان ڪي آءُ تہ ڪريون،

دل گهريا دلدار مليا، ٿيا هينئڙا باغ بھار،
وصل وصال جون وايون وريون،

ڏک ڏولاوا ڏور ٿيا سڀ، سريا ”سوز“ سڪار،
ٻاجهہ سٻاجهہ جون ٻيڙيون، تريون،

(راڳ سارنگ ۾ لکيل)

آيا عجيب آيا اسرار جي نموني،

آيا عجيب آيا اسرار جي نموني،
دل باغ باغ ٿي وئي گلزار جي نموني،
آيا عجيب آيا.

هي رنگ هي هوائون، خوشبوءِ کڻي آيون،
هر جا وصال وايون، کلڪار جي نموني،
آيا عجيب آيا.

چوڏس چمن نظارا، واه جا لڳن ٿا پيارا،
اکيون ٿيون اوتارا، اظھار جي نموني،
آيا عجيب آيا.

ساجن جي لاءِ سرتيون، اکيون اسان بہ ارتيون،
اکيون مليون اکين سان ديدار جي نموني،
آيا عجيب آيا.

هيڏيون هي مھربانيون، سڄڻن جون ”سوز“ تي ٿيون،
ديدن جا در کلي پيا، دربار جي نموني،
آيا عجيب آيا.
Ð
(تتبع تي لکيل)

ويڙا درد لھي، سور لھي، محب ملياسون،

ويڙا درد لھي، سور لھي، محب ملياسون،
نيڻ ٺرياسون.

آنديون خبرون خير جون ڪانگل نيٺ ڪھي،
ڏور هئاسون،
اوڏا ٿياسون.

ساڄن اوطاقون ڪري پئڙا رات رهي،
ڀاڳ ورياسون،
ڪاڄ سرياسون.

ويڙا سارا ڏينھن ڏکن جا، واهڙ وانگ وهي،
اوتڙ هئاسون،
ستڙ ٿياسون.

پاتوسين پرين کي آخر ”سوز“ فراق سھي،
هجر وياسون
وصل ٿياسون.

جي رنگ پرينءَ جي رتيون رتيون،

جي رنگ پرينءَ جي رتيون رتيون،
سي عشق اجاري وتيون وتيون.

سڄ بنا ڪيئن روشن رهندا،
چنڊ ستارا، ڪتيون ڪتيون.

اندر اونداهو آهي جيسين،
برھ نہ ٻاري بتيون بتيون.

رمز رنديءَ کي سي ڇا ڄاڻن،
چِت جنين جا چتيون چتيون.

محجوبن کان وٺڻيون ناهن،
محبوبن لئہ متيون، متيون.

وحدت تي ويساه رکن جي،
”سوز“ نہ ٿيا سي پتيون پتيون.

جيڪر محب ملن تہ چوانِ، دل جا دفتر کولي کولي،

جيڪر محب ملن تہ چوانِ، دل جا دفتر کولي کولي،
جيڪر محب ملن.

سانڍيم جيڪي ساھ سان آڏو هوند رکانِ،
جيڪر محب ملن.

ڳالھيون ڳجهہ اندر جون، ساري سڀ سليانِ،
جيڪر محب ملن.

هوند حجائتن وانگيان، ڏوراپا بہ ڏيان،ِ
جيڪر محب ملن.

پاڻ وڃان يا پنھنجي، هٿن ساڻ لکانِ،
جيڪر محب ملن.

”سوز“ ملن جي سپرين، نرمل نيڻ چمانِ،
جيڪر محب ملن.

سارون سنڀالي رکيم، تون يار ياد آئين،

سارون سنڀالي رکيم، تون يار ياد آئين،
ڪنھن پر نہ سي وساريم، تون يار ياد آئين.

ڪَئِين راتيون ڪٽيون سين، ڪيئي ڏينھن گذرياسين،
سي سڀ وساري ڇڏيم، تون يار ياد آئين.

ڪوئل جي ڪوڪ جھڙو، آلاپ جيوڻيءَ جو،
ڪافي جڏهن ڪنايم، تون يار ياد آئين.

سانوڻ اچڻ کان اڳ ۾، رم جهم ٿيڻ کان اڳ ۾،
اکڙيون ٿي وييون آگم، تون يار ياد آئين.

منھن جا مٺا مون توکي، هڪ پل وساريو ڪونھي،
هر ساھہ ساڻ ساريم، تون يار ياد آئين.

هر هر سي ياد آيون، گهڙيون جي ”سوز“ گهاريون،
وسريون نہ دل تان ڪو دم، تون يار ياد آئين.

اکيون پير ڪري، ڀاڳ سڀاڳ ڪري،

اکيون پير ڪري، ڀاڳ سڀاڳ ڪري،
راڻو آيو راڄ ۾.

ڪرهو آندو ڪاڪ تي، لالڻ لاڳ ڪري،
راڻو آيو راڄ ۾.

اميدن جا اجرا، مومل ماڳ ڪري،
راڻو آيو راڄ ۾.

چانگو چري آيو، چندن چاڳ ڪري،
راڻو آيو راڄ ۾.

ڏيئي ڏينھن ڏهاڳ کي راتيون راڳ ڪري،
راڻو آيو راڄ ۾.

اوجاڳيل اکين کي ”سوز“ سجاڳ ڪري،
راڻو آيو راڄ ۾.
راڻو آيو راڄ ۾.

تو وساري ڇڏيو، مون کان وسارڻ بہ نہ ٿيو،

تو وساري ڇڏيو، مون کان وسارڻ بہ نہ ٿيو،
ويجهو گهارڻ بہ نہ ٿيو، ڏور گذارڻ بہ نہ ٿيو.

پيار ان جاءِ تي پڄائي ڇڏيو آھ جتي،
عشق ان ماڳ تي اماڻي ڇڏيو آھہ اُتي،
جت وصل جو ۽ هجر جو ڪو ئي تصور نہ رهيو.

هڪ حسين شام تنھنجي نام رچائي اکين،
پنھنجي خوابن جي سڄي سونھن سجائي اکين،
تون هجين ها تہ ڏسين ها حسين منظر سو.

ياد جا باب کليا، چنڊ جي سھائيءَ ۾،
دل اندر درد دکيا، رات اڪيلائيءَ ۾،
وصل جو واءُ اهي درد اجهائي نہ سگهيو.

تون اچين يا نہ اچين شال توکي ياد هجان،
ان نموني ئي سھي تنھن جو انتظار ڪيان،
منھنجي اکين بہ انتظار سکي ”سوز“ ڇڏيو.
تو وساري ڇڏيو.
مون کان وسارڻ بہ نہ ٿيو.

اوهان جي شھر ۾ اچي ڇا ڪنداسون،

اوهان جي شھر ۾ اچي ڇا ڪنداسون،
اڪيلا اڪيلا وڃي ڇا ڪنداسون.

جتي محب مليا ۽ کليا هئاسون،
ڏئي هٿ هٿن ۾ تہ هليا هئاسون،
اتي اوپرن کي ڏسي ڇا ڪنداسون.

روئي جي پئون ڪير سرچائي سگهندو،
رُسِي جي پئون ڪير پرچائي سگهندو،
اسين هاڻ ڪنھن سان رُسي ڇا ڪنداسون.

اوهان کي هجي شل نئون نينھن نيبھہ،
اسان کي اوهان تي وڏو آھ ويسھہ،
اوهان کي ميارون بہ ڏئي، ڇا ڪنداسون.

اهي پيار جا پل اڻ ملھہ ڏناسون،
گلابن کان سرها بہ ڏئي پل ڇڏياسون،
اهي ”سوز“ واپس وٺي ڇا ڪنداسون.

وسڪاري جا ڏينھن، ٿڌڙا ٿڌڙا ڏينھن،

وسڪاري جا ڏينھن، ٿڌڙا ٿڌڙا ڏينھن،
آءُ تہ گڏجي گهاريون.

وسيا ڄاڻ تہ وسيا، هي جي مندائتا مينھن،
اکيون آهن اڃاريون،
آءُ تہ گڏجي گهاريون.

پرچي سرچي پاڻ ۾، لايون نوان ڪي نينھن،
پويان پل وساريون،
آءُ تہ گڏجي گهاريون.

سونھن ورونھن مان سرجيو، جيڪو نينھن سنينھن،
آءُ تہ نينھن نکاريون،
آءُ تہ گڏجي گهاريون.

جاني جوڀن جا هجن متان پويان ڏينھن،
واري تن کي واريون،
آءُ تہ گڏجي گهاريون.

مٺڙا مند ملھار جي، آهي ٻٽڙي ڏينھن،
تن من تن تان واريون،
آءُ تہ گڏجي گهاريون.

محبوب جي ماڻن کي هيِ ڇا ٿي ويو آهي،

محبوب جي ماڻن کي هيِ ڇا ٿي ويو آهي،
محجوب ادائن کي، هيِ ڇا ٿي ويو آهي.

آئيني جي اکڙين کي ڪو زنگ لڳو شايد،
يا نرمل نيڻن کي، هيِ ڇا ٿي ويو آهي.

مرڪي جي ملندا ها، خوش ٿي جي کلندا ها،
تن سھڻن ماڻھن کي، هيِ ڇا ٿي ويو آهي.

ٺاهي بہ نہ ٿا سگهجن، ڳائي بہ نہ ٿا سگهجن،
ڪافين ۽ ڪلامن کي، هيِ ڇا ٿي ويو آهي.

ڪو ”سوز“ رهيو ڪونھي سازن ۽ سرودن ۾،
هن دل جي دردن کي، هيِ ڇا ٿي ويو آهي.

محبوب جي ماڻن کي هيِ ڇا ٿي ويو آهي،
محجوب ادائن کي، هيِ ڇا ٿي ويو آهي.

(راڳ مالڪوس ۾ لکيل)

وئي خاڪ کائي، سڄڻ ڪھڙا ڪھڙا،

وئي خاڪ کائي، سڄڻ ڪھڙا ڪھڙا،
سڃا سارا ٿي ويا اڱڻ، ڪھڙا ڪھڙا.

ڇڏي ويا ڇڏي ويا، پيارا ڇڏي ويا،
لڏي ويا لڏي ويا، سي لالڻ لڏي ويا،
جدا جانبن ريءَ جيئڻ ڪھڙا ڪھڙا.

رڳو روڄ راڙو، سپيرين جون سارون،
اچن ياد هر هر ٿيون سارون سنڀارون،
رئڻ راس آيا، کلڻ ڪھڙا ڪھڙا.

پٽڻ واريون پڌريون، سندن ”ڳِلھہ“ ڳاڙها،
روئڻ واريون روئن ڪري روڄ راڙا،
ڏکين ريءَ ڙي ڀينر، ڀنڻ ڪھڙا ڪھڙا.

سڄڻ ”سوز“ ساري ڀِڄي نيڻ پئڙا،
وٺا وڏ ڦڙن جان، ڳلھن تان ڳڙي پيا،
وسن لڙڪ ڀل پيا، اگهڻ ڪھڙا ڪھڙا،
وئي خاڪ کائي سڄڻ ڪھڙا ڪھڙا.

سمنڊ جي سپن جيان، بيحد اڃايل ٿا لڳن،

سمنڊ جي سپن جيان، بيحد اڃايل ٿا لڳن،
نيڻ پياسن وانگيان، پياسا هي بادل ٿا لڳن.

هيتري اٿاھہ ساگر ۾ بسيرو ڪيئن ڪندا،
ڪنھن پراهين پار جا پنڇي اڏاڻل ٿا لڳن.

نيري اڀ تي ڌنڌلڪن تارن ستارن وانگيان،
هڪڙي ڪشتيءَ جا ڪئين ڏيئڙا اجهاڻل ٿا لڳن.

هي بندر بازاريون ويران ۽ سنسان سڀ،
ڪنھن اڃاتل جوءِ کان وڻجارا آيل ٿا لڳن.

مند آئي آ وري پر ڪو نہ وڻجارا ورئا،
ڪنھن وساريل ماڳ جا ڌرتيءَ ڌڪاڻل ٿا لڳن.

سمنڊ سوجهڻ جي ويا ها ”سوز“ سيئي آئيا،
پر ڪناري جا اڃا آتڻ اجهاڻل ٿا لڳن.

گيت رنگ

---

هجر وصال جا گيت

دور وڃي پھتيون، سونھن ڀرئي سنسار جون ڳالھيون،
جيون جي جنسار جون ڳالھيون.

افق شفق جي ڇيڙي تائين، نيٺ وڃي نڪتيون،
خوابن جي هن پار جون ڳالھيون،
اکڙين جي اسرار جون ڳالھيون.

تيز هوا ۾ پن پن پن ٿي، وکري سڀ ويون،
هيج ڀري هٻڪار جون ڳالھيون،
موتئي جي مھڪار جون ڳالھيون.

سُرهيون سُرهيون سرگوشيون، ٿي ڪوتائون پيون،
راڳ بسنت بھار جون ڳالھيون،
سارنگ مينگهہ ملھار جون ڳالھيون.

پريم نگر جون ٻئي شھزاديون، ڪيئن الائي پرتيون،
ساجن سار وسار جون ڳالھيون،
سانول موڙ مھار جون ڳالھيون.

”سوز“ نہ جيڪي موٽي مليون، ايڏو ڏور ويون،
درشن ۽ ديدار جون ڳالھيون،
نيڻن جي سھڪار جون ڳالھيون،
سونھن ڀرئي سنسار جون ڳالھيون.

تنھنجي سونھن ورونھن جو، ساري گلشن تي،

تنھنجي سونھن ورونھن جو، ساري گلشن تي،
آهي رنگ چڙهي ويو.

دل جي گهر جي سڀني، در دريچن تي،
آهي رنگ چڙهي ويو.

تنھنجا ڏٺم سپنا، منھنجن نيڻن تي،
آهي رنگ چڙهي ويو.

تنھنجي لاءِ لکيم جي، گيتن غزلن تي،
آهي رنگ چڙهي ويو.

هي جا انڊلٺ پيار جي، ان جي رنگن تي،
آهي رنگ چڙهي ويو.

”سوز“ سنگيت جي ڪومل ڪومل سُرن تي،
آهي رنگ چڙهي ويو.
آهي رنگ چڙهي ويو.

ساجن صبح ويل، توکان پڻ سويل، خوشبو اچي ٿي،

ساجن صبح ويل، توکان پڻ سويل، خوشبو اچي ٿي،
تنھن جو پڇي ٿي،
خوشبو اچي ٿي.

من اندر جي لام تي، لاتيون لنوي ٿي،
تنھن جو پڇي ٿي،
خوشبو اچي ٿي.

مون کي پنھنجي پرينءَ جو نالو ڏسي ٿي،
تنھن جو پڇي ٿي،
خوشبو اچي ٿي.

ڪوئل جھڙيءَ گونج ۾ ڳالھيون ڪري ٿي،
تنھن جو پڇي ٿي،
خوشبو اچي ٿي.

سمجهي وڃي ”سوز“ ٿو، جيڪي چوي ٿي،
تنھن جو پڇي ٿي،
خوشبو اچي ٿي.
خوشبو اچي ٿي.

تنھنجو خط مليو، مون کي ائين لڳو،

تنھنجو خط مليو، مون کي ائين لڳو،
اڃا وسريو ناهيان.

الائي ڪھڙي ڏِسِ جو آهي واءُ لڳو،
اڃا وسريو ناهيان.

ڏيئي خط هٿن ۾ قاصد مرڪي پيو،
اڃا وسريو ناهيان.

ماضيءَ جي ويساھ جو ڪوئي ورق ورئو،
اڃا وسريو ناهيان.

يادن جي گلدان تي سَرهو گل ٽڙيو،
اڃا وسريو ناهيان.

”سوز“ ڪوئي سنگيت جو ڪومل سُر ڇڙيو،
اڃا وسريو ناهيان.

تنھنجي آئي سان، منھنجن خوابن جا،

تنھنجي آئي سان، منھنجن خوابن جا،
سارا رنگ رچي ويا.

اڀريو چنڊ اڱڻ تي، نرمل نيڻن جا،
سارا رنگ رچي ويا.

سونھن لٿي ساڻيھہ تي، سھڻن ماڻھن جا،
سارا رنگ رچي ويا.

ڪارونجهر جي ڪور جي مڙني مورن جا،
سارا رنگ رچي ويا.

سنڌو جل ٿل ٿي ويو، ڳوٺن شھرن جا،
سارا رنگ رچي ويا.

اڏندڙ ”سوز“ هوا ۾، گيتن غزلن جا،
سارا رنگ رچي ويا.

جيڪي گيت لکيام، ويھي نما شام،

جيڪي گيت لکيام، ويھي نما شام،
پھتا ڪونہ پرينءَ کي،

هوائن جي هل کان هٿو هٿ مڪام،
پھتا ڪونہ پرينءَ کي،

لڪندي ساري لوڪ کان، مڪم جي پيغام،
پھتا ڪونہ پرينءَ کي،

چيم جيڪي چنڊ کي، اهي قرب ڪلام،
پھتا ڪونہ پرينءَ کي،

پل سمورا پيار جا، جنھن جي نانءَ ڪيام،
پھتا ڪونہ پرينءَ کي،

چنڊ نہ پڄائي سگهيو، سندا ”سوز“ سلام،
پھتا ڪونہ پرينءَ کي،

دروازي تي دستڪ ڏيئي آئي آ،

دروازي تي دستڪ ڏيئي آئي آ،
سار پرينءَ جي خوشبو بڻجي آئي آ.

ائين لڳي ٿو، رات سڄي ڪٿ جاڳي آ،
تارن هيٺان ويھي رات گذاري آ،
ڦولن جي خوشبو سان مھڪي آئي آ،
سار پرينءَ جي خوشبو بڻجي آئي آ.

چھري تي هن چنڊ سجائي رکيو جو،
پنھنجي نيڻن سان آهي سو مون بہ ڏٺو،
چانڊوڪي ان گهر تي نکري آئي آ،
سار پرينءَ جي خوشبو بڻجي آئي آ.

بانسريءَ جي سر ۾ جيڪا ”هير“ وڳي،
گيت چپن تي آيو ان جي طرز ٺھي،
رانجهوءَ جي تصوير بہ اڪري آئي آ،
سار پرينءَ جي خوشبو بڻجي آئي آ.

دروازي تي دستڪ ڏئي آئي آ،
سار پرينءَ جي خوشبو بڻجي آئي آ.

شفق رنگ وکيريا، منظر منظر تي،

شفق رنگ وکيريا، منظر منظر تي،
چنڊ ڏٺو آهي.

خوشبوءِ جي وسڪار ٿي، نيڻن نگر تي،
چنڊ ڏٺو آهي.

ڪيئي ڪنول ٽڙي پيا، ڪنڌيءَ ڪينجهر تي،
چنڊ ڏٺو آهي.

ڪارونجهر، ڪشمور ۽ ڪيٽي بندر تي،
چنڊ ڏٺو آهي.

پيھي پرين آئيا من جي پڌر تي،
چنڊ ڏٺو آهي.

خوشيون آيون اوتجي نيڻن نظر تي،
چنڊ ڏٺو آهي.

لوڪ گيت

لوڪ گيت

مند آ مھڪار جي، آءُ پرين تون آءُ،

مند آ مھڪار جي، آءُ پرين تون آءُ،
مينگهہ ۽ ملھار جي، آءُ پرين تون آءُ.

چنڊ جي چانڊاڻ ۾، آءُ پرين تون آءُ،
آءُ تہ پرچون پاڻ ۾، آءُ پرين تون آءُ.

شام ٿي آ ڳوٺ تي، آءُ پرين تون آءُ،
سونھن لٿي آ ڳوٺ تي، آءُ پرين تون آءُ.

رات پوئين پھر ۾، آءُ پرين تون آءُ،
لوڪ سارو ڳهر ۾، آءُ پرين تون آءُ.

گلن جھڙي شھر ۾، آءُ پرين تون آءُ،
ڦلن جھڙي شھر ۾، آءُ پرين تون آءُ.
آءُ پرين تون آءُ،
آءُ پرين تون آءُ.

شام لٿي سرمئي آ،

شام لٿي سرمئي آ،
رات بہ نکري پئي آ.

مند ملڻ جي آئي
بوند وسڻ جي آئي
خوشبو ڳالھہ ڪئي آ.
شام لٿي سرمئي آ،

رات رهي وڃ مٺڙا
ڳالھہ ٻڌي وڃ مٺڙا
چنڊ پرينءَ کي چئي آ
شام لٿي سرمئي آ.

ڦول سمورا هن جي
”سوز“ سنيھا هن جي
هير هٿن ۾ ڏئي آ
شام لٿي سرمئي آ،

شام لٿي سرمئي آ،
رات بہ نکري پئي آ.

وايون، گيت، غزل، تنھنجي لاءِ لکيل،

وايون، گيت، غزل، تنھنجي لاءِ لکيل،
توکي ڪيئن ويا وسري!!

سونيون سونيون ساعتون، پارس جھڙا پل،
توکي ڪيئن ويا وسري!!

سپنن جي سنسار جا، ٽڙيل نيل ڪنول،
توکي ڪيئن ويا وسري!!

تارن ڀرڙيءَ رات جا سارا رنگ رتل،
توکي ڪيئن ويا وسري!!

مون کان مُور نہ وسريا، اهي پل اپل،
توکي ڪيئن ويا وسري!!

ساريون راتيون ”سوز“ چئي، رهيا نيڻ کليل،
توکي ڪيئن ويا وسري!!

چانڊوڪيءَ جي رات، گيت مليو سنگيت کي،

چانڊوڪيءَ جي رات، گيت مليو سنگيت کي،
گيت مليو سنگيت کي.
ميت مليو ڄڻ ميت کي.

سپنن آندي پاڻ سان، ساڀيان جي سوغات،
گيت مليو سنگيت کي.
ميت مليو ڄڻ ميت کي.

سونھن سندي سنڌوندي، اٿلي پئي ان رات،
گيت مليو سنگيت کي.
ميت مليو ڄڻ ميت کي.

تن ۾ تات پرينءَ جي من ۾ لطيفي لات،
گيت مليو سنگيت کي.
ميت مليو ڄڻ ميت کي.

روڪڻ ساڻ نہ رڪجي، ڪنھن پر سگهي بات،
گيت مليو سنگيت کي.
ميت مليو ڄڻ ميت کي.

پويان پل پرھ جا، نيڻن ۾ برسات،
گيت مليو سنگيت کي.
ميت مليو ڄڻ ميت کي

شعر لکڻ جي ”سوز“ کي ڏات ملي ان رات،
گيت مليو سنگيت کي.
ميت مليو ڄڻ ميت کي.

کليل آهي در، لياڪا هر هر، اوسيئڙي ۾ آهيان،

کليل آهي در، لياڪا هر هر، اوسيئڙي ۾ آهيان،
اوسيئڙي ۾ آهيان.
راڻو ويٺي ڳايان.

تو لئہ سجائي ڇڏيم، هيڏو سارو گهر،
اوسيئڙي ۾ آهيان.
راڻو ويٺي ڳايان.

پاري جھڙي راتڙي، اوتون ڏئي اتر،
اوسيئڙي ۾ آهيان.
راڻو ويٺي ڳايان.

ويئي رات وهامجي، موڙيا ڪَتين ڪر،
اوسيئڙي ۾ آهيان.
راڻو ويٺي ڳايان.

وکريا ساري رات جا رنگ رتا منظر،
اوسيئڙي ۾ آهيان.
راڻو ويٺي ڳايان.

صبح ٿي ويو ”سوز“ چئي آئين ڪونہ مگر،
اوسيئڙي ۾ آهيان.
راڻو ويٺي ڳايان.

دروازو کليو رکجان، جيئن مان وري بہ اچان،

دروازو کليو رکجان، جيئن مان وري بہ اچان،
دروازو کليو رکجان.

جي پل هٿان وڃن ٿا، موٽي نہ سي ملن ٿا،
خوابن جيان لڳن ٿا، ايءَ ڳالھہ ٻڌي ڇڏجان.
دروازو کليو رکجان.

تازيون هوائون اينديون، پيغام کڻي وينديون،
تحفا بہ اچي ڏينديون، نيڻن جو خيال رکجان،
دروازو کليو رکجان.

دل جا تہ هي دروازا، هڪ وار بند جي ٿيا،
پوء ڪونہ کلي سگهندا، ها! ياد رکي ڇڏجان،
دروازو کليو رکجان.

مان گيت جي لکان ٿو، ڄڻ پيار ورهايان ٿو،
توڏي بہ اماڻيان ٿو، تون پاڻ پڙهي ڏسجان،
دروازو کليو رکجان.
دروازو کليو رکجان.

تنھنجي اڳيان مکڙي شرمائي،

تنھنجي اڳيان مکڙي شرمائي،
باغن ۾ ٿي ڪوئل ڳائي،
تنھنجي اڳيان مکڙي شرمائي.

دل تو لئہ ديواني آهي،
توکي ڏسيو ڏسڻ ٿي چاهي،
ائين نہ وڃجان پاڻ ڇڏائي.

ساڻ جي آهين سڀ ڪجهہ آهي،
تون جي ناهين ڪجهہ بہ نہ آهي،
نيڻ ٺرن ٿا تنھنجي آئي.

تون ئي منھنجو ساھہ سھارو،
مان درياءُ ۽ تون ڪنارو،
محبت ڇڏيو آهي ملائي.

ساجن منھنجا قول تون پنھنجا،
ڪين وسارج ٻول تون پنھنجا،
پيچ پيارا وڃ ڪو پائي.
Ö
(ڪي-ٽي-اين جو ڊئيٽ)

چنڊ کي توڏي اماڻي، تنھن جي پاڙي،

چنڊ کي توڏي اماڻي، تنھن جي پاڙي،
مان وري آيو آهيان.

شھر تنھنجي جا سڀئي، ليڪا لتاڙي،
تنھن جي پاڙي،
مان وري آيو آهيان.

نيٺ تنھنجي گليءَ تائين، هڪ ڏهاڙي،
تنھن جي پاڙي،
مان وري آيو آهيان.

بيوفائيءَ وارا سارا، ورق ڦاڙي،
تنھن جي پاڙي،
مان وري آيو آهيان.

مان تہ ڪشتيءَ کي ڪناري تي ئي ساڙي،
تنھن جي پاڙي،
مان وري آيو آهيان.

ٻول تو سان قول تو سان ”سوز“ پاڙي،
تنھن جي پاڙي،
مان وري آيو آهيان.
مان وري آيو آهيان.

مون جي سپنا ڏٺا، تنھنجي نيڻن سندا،

مون جي سپنا ڏٺا، تنھنجي نيڻن سندا،
سڀ نہ تنھنجا هئا،
ڪي تہ منھنجا بہ ها.

سارا رستا اچي، تنھنجي در تي کٽا،
فاصلا جي گهٽيا،
سڀ نہ تنھنجا هئا،
ڪي تہ منھنجا بہ ها.

گيت جيڪي رچيا، لفظ جيڪي مليا،
توکي ارپي ڇڏيا،
سڀ نہ تنھنجا هئا،
ڪي تہ منھنجا بہ ها.

دل جي دروازي تي، سڏ جيڪي ٿيا،
سي پڙاڏا ٿيا،
سڀ نہ تنھنجا هئا،
ڪي تہ منھنجا بہ ها.
ڪي تہ منھنجا بہ ها.

خوشبو خوشبو خواب، چنڊ پرينءَ جي پار کڻي ويو،

خوشبو خوشبو خواب، چنڊ پرينءَ جي پار کڻي ويو،
چنڊ پرينءَ جي پار کڻي ويو.

وصل وصال جي مند جا، سارا گل گلاب،
چنڊ پرينءَ جي پار کڻي ويو.

نينھن سنينھن مان جي سرجيا، سي سڀ ڏوھ ثواب،
چنڊ پرينءَ جي پار کڻي ويو.

ڪي جي سڪ سنيھڙا، بيحد بي حساب،
چنڊ پرينءَ جي پار کڻي ويو.

کولي پر هوا ۾، اڏندڙ ڪيئي عقاب،
چنڊ پرينءَ جي پار کڻي ويو.

ساروڻين جا ”سوز“ چئي، بانديئڙا سرخاب،
چنڊ پرينءَ جي پار کڻي ويو.
چنڊ پرينءَ جي پار کڻي ويو.

خواب ڇڏي خوشبوءِ کڻي ويا، گيت پرينءَ جي پار جا،

خواب ڇڏي خوشبوءِ کڻي ويا، گيت پرينءَ جي پار جا،
گيت پرينءَ جي پار جا.

جيئن جيئن گليءَ گونجيا، تيئن تيئن وڻي ويا،
گيت پرينءَ جي پار جا.

ڪوئي پيوند پيار جو، هُو تان هڻي ويا،
گيت پرينءَ جي پار جا.

پايل وانگر پير مان ڏئي ڇمڪو ڇڻي ويا،
گيت پرينءَ جي پار جا.

اوسيئڙن عيوض ۾، ڏئي قربن ڪڻي ويا،
گيت پرينءَ جي پار جا.

ڏات ڏيئي ڪا ”سوز“ کي، هو جي ڏات ڌڻي ويا،
گيت پرينءَ جي پار جا.
گيت پرينءَ جي پار جا.

رت ڦري آ، هاڻ وري آ،

رت ڦري آ، هاڻ وري آ،
ڪانہ سري آ، هاڻ وري آ.

نيڻ ٺرن ٿا، چانڊوڪين ۾،
نيڻ ٻرن ٿا، تنھائين ۾،
رات ٺري آ، هاڻ وري آ.

پيار جا باندي جيڪي هئڙا،
درد سي دل کان دور ٿي ويڙا،
اي ءَ خوش خبري آ، هاڻ وري آ.

ڳالھہ ڳجهي هئي، نيٺ هُلي پئي،
خوشبو وانگر آھہ کلي پئي،
دل جي دري آ، هاڻ وري آ.

درد ويا تہ بہ روئي ويٺي،
دل آهي يا سنڌ جي ڌرتي،
چاھ چري آ، هاڻ وري آ.

شام جو هڪڙو پکي، لاتڙيون مٺڙيون لنوي ٿو،

شام جو هڪڙو پکي، لاتڙيون مٺڙيون لنوي ٿو،
صبح جو اڏري وڃي ٿو،
شام جو موٽي اچي ٿو.

ويٺو انب جي لام تي، آس ڪا آهي رکي،
صبح جو اڏري وڃي ٿو،
شام جو موٽي اچي ٿو.

محبتي ميوَن سندي ڪا، چاش چتونئڙي چکي،
صبح جو اڏري وڃي ٿو،
شام جو موٽي اچي ٿو.

هن پکيئڙي پيار واري، ساري آهي ڪا سکي،
صبح جو اڏري وڃي ٿو،
شام جو موٽي اچي ٿو.

”سوز“ ساري رات گهاري، هي پکي لالڻ لکي،
صبح جو اڏري وڃي ٿو،
شام جو موٽي اچي ٿو.

روز ڏسن ٿا، خواب اوهان جا،

روز ڏسن ٿا، خواب اوهان جا،
نيڻ اسان جا، نيڻ اسان جا.
خواب اوهان جا.

جاڳ ٿئي ٿي، ننڊ ڦٽي ٿي،
باک ڦُٽي ٿي، رات کٽي ٿي،
پر نہ کٽن ٿا خواب اوهان جا.
خواب اوهان جا.

برکا رت جي بوندن وانگر،
چانڊوڪيءَ جي ڪرڻن وانگر،
خوب وسن ٿا خواب اوهان جا.
خواب اوهان جا.

خواب ڏسي ويساھہ ٿئي ٿو،
خوابن ۾ بہ اوهان ئي آهيو،
خواب لھن ٿا خواب اوهان جا.
خواب اوهان جا.

دل جي اندر درد اوهان جا،
”سوز“ سمورا سانڍي رکيا،
سھڻا لڳن ٿا خواب اوهان جا.
خواب اوهان جا.

عيد جي چنڊ جان گهڻو ڳوليم،

عيد جي چنڊ جان گهڻو ڳوليم،
تون ڪٿي ڀي نظر نہ آئين ”پريم“.

روشنيءَ جي سفر جي حد تائين،
نيٺ ڳولي نظر جي حد تائين،
نيڻ ڌنڌلا ويا ٿي‏، تنھن جو قسم.

دل دريچو ائين کليل رکندي،
هر ستاري کان چنڊ جو پڇندي،
عيد جي رات ائين گذاري ڇڏيم.

در تي دستڪ هوا ڏني آهي،
دل جي ڌڙڪڻ اڃا رڪي ناهي،
ياد تنھنجي ڏنو سھارو اٿم.

چنڊ کي جيئن لڪائي بادل ٿو،
رات توکي بہ ڪٿ لڪائي ڇڏيو،
ايءَ خبر ”سوز“ دير سان پييم.

اوهان ملڻ ڇڏي ڏنو، اسان کلڻ ڇڏي ڏنو،

اوهان ملڻ ڇڏي ڏنو، اسان کلڻ ڇڏي ڏنو،
اوهان پڇڻ ڇڏي ڏنو، اسان اچڻ ڇڏي ڏنو.

ڪئين نينھن جا، سنيھن جا ۽ سونھن جا ورونھن جا،
اسان بہ گيت پئي لکيا، اوهان اهي پئي پڙهيا،
اوهان پڙهڻ ڇڏي ڏنو، اسان لکڻ ڇڏي ڏنو.

اسان بہ گل آڇيا، اوهان بہ گل آڇيو،
محبتن جي موٽ جو ڪوئي تہ مانُ موکيو،
اوهان ڇڏي ڏنو مگر، اسان ڇڏڻ ڇڏي ڏنو.

هي محبتن جا موتي، مالھا ۾ ئي رهڻ ڏيو،
وِکري ويا تہ تن کي، جوڙڻ ڏکيو ٿي ويندو،
اوهان ڳنڍيو نہ ڳنڍيو، اسان ڇنڻ ڇڏي ڏنو.

ڪڏهن تہ ”سوز“ ساربو، ائين نہ آھہ وساربو،
آ محب ائين نہ ماربو، ڪو ڌيان آھہ ڌاربو،
اوهان مڃڻ ڇڏي ڏنو، اسان چوڻ ڇڏي ڏنو.

”موسمي گيت“

”موسمي گيت“

کنياتي خبر ڪئي، چپن ۾ چئي،

کنياتي خبر ڪئي، چپن ۾ چئي،
پرين اچي ٿو رنگ رچي ٿو.

اڱڻ اجاريان، سيج سنواريان،
سھرا ڳايان نيڻ وڇايان،
سرتيون ساجن لئي،
پرين اچي ٿو، لوڪ پڇي ٿو.

کنياتو خير جي لات لنوي پيو،
سڀ سمجھان ٿي جيڪي چوي ٿو،
آهي پڪ پئي،
پرين اچي ٿو روح رچي ٿو.

تارا سارا ترسي پوندا،
چانڊوڪيءَ کان سرسي کڻندا،
ويڙو چنڊ چئي،
پرين اچي ٿو، ڄاڻ اچي ٿو.

آءُ ڙي سکي هڪ ڳالھہ ٻڌائين،
هوريان هوريان ڪن ۾ سڻائين،
ڪنھن ساڻ نہ سلجان ”ائي“،
پرين اچي ٿو، گيت رچي ٿو.

ٿر جو گيت

ٿر جو گيت

ڍٽ جو ڪو ڍاٽيئڙو آهي،

ڍٽ جو ڪو ڍاٽيئڙو آهي،
چين چورائي ويڙو آهي،
چين چورائي ويڙو آهي.

ڏور ڏيس کان آيو جيڪو،
پنڇي پرديسيئڙو آهي،
چين چورائي ويڙو آهي.

مان ٿرياڻي هو ناري جو،
منھن جو پر جانيئڙو آهي،
چين چورائي ويڙو آهي.

چونري تي چانڊوڪي آئي،
لالڻ پاتو ليئڙو آهي،
چين چورائي ويڙو آهي.

ٻانھن ۾ سڳڙو ٻڌو هنجوءَ کي،
باغ باغ ٿيو هينئڙو آهي،
چين چورائي ويڙو آهي.

ڊٽ جو ڪو ڊاٽيئڙو آهي،
چين چورائي ويڙو آهي.

لڳڙو واءُ اتر، ڄاڻ تہ نسريو سر،

لڳڙو واءُ اتر، ڄاڻ تہ نسريو سر،
هاڻ تہ سگهو ور،
ڏور گذاريو نہ ٿئي.

ڏاڍا ڏينھن لنگهي ويا، مينڍن لاٿي مر،
توکان ساريو نہ ٿئي،
مون کان وساريو نہ ٿئي.

تو ريءَ ڪاڄ سڪاڄ ۾ ڪھڙو کڻبو ڪر،
پاڻ سنواريو نہ ٿئي،
جوڀن واريو نہ ٿئي.

تڙپي تن من تات ۾، جيئن ڪٺل ڪبوتر،
گهائل گهاريو نہ ٿئي،
پر لوڪ پڌاريو نہ ٿئي.

هيل بہ هڪڙي بوند لئہ، سڪيو سارو ٿر،
جيءُ جياريو نہ ٿئي،
هانءُ بہ هاريو نہ ٿئي.

ڏکيا سکيا ڏينھڙا، گهاريون پنھنجي گهر،
ڪانگ اڏاريو نہ ٿئي،
گيت جهونگاريو نہ ٿئي،
ڏور گذاريو نہ ٿئي.

اڃا بہ ويجهو آءُ پرين تون، اڃا بہ ويجهو آءُ،

اڃا بہ ويجهو آءُ پرين تون، اڃا بہ ويجهو آءُ،
جيسين ساهن مان نہ اچي ڪو سرهو سرهو ساءُ،
اڃا بہ ويجهو آءُ.

ڀل تہ ستارا سڻن اسان جون سرهيون سرگوشيون،
ڀل تہ نظارا ڏسن اسان کي کولي بند اکيون،
ايڏي دوري ۽ مھجوري جاني تو نہ جڳاءِ،
اڃا بہ ويجهو آءُ.

رم جهم رت ۾ چنڊ بہ روشن بوندون برسائي،
جهڙ جون ڳڙکيون کوليو کوليو لياڪا پائي،
هاڻي شايد سوچي ويٺو پنھنجي لالڻ لاءِ،
اڃا بہ ويجهو آءُ.

اهڙو منظر جيڪر هيڪر نيڻن ساڻ پسي،
ڪوئل کان پڻ ”ڪوڪو ڪوڪو“ وسري هوند وڃي،
پيار پرين آ پارس، جنھن جو سونو هرڪو سھاءُ،
اڃا بہ ويجهو آءُ.

دل ٿي چاهي رات اڄوڪي رات ئي رات هجي،
شال اڄوڪي رات مان ڪا پرڀات نہ پيدا ٿئي،
جيون مور نہ سونھي سانول، جوڀن کان سواءِ،
اڃا بہ ويجهو آءُ.
اڃا بہ ويجهو آءُ.

تو تہ چيو هو برساتن ۽ چانڊوڪين ۾ ملنداسين،

تو تہ چيو هو برساتن ۽ چانڊوڪين ۾ ملنداسين،
چنڊ چڪور جي چاهت کان پڻ اڳتي نڪري وينداسين،
تو تہ چيو هو.

رم جهم رم جهم برکا رت ۾ آگم بنجي اينداسين،
وڏ ڦڙ وانگي وسنداسين ۽ کنوڻن وانگي کلنداسين،
مون بہ چيو هو.

لوڪ کي ننڊ جي هنج ۾ ڏيئي، نيڻن کي جاڳائينداسين،
رات جا سونا روپا منظر پاڻ پيارا پڻ پسنداسين،
تو تہ چيو هو.

چانڊوڪيءَ جي وسڪارن ۾، چانديءَ هاڻا ٿي پونداسين،
آلي ڌرتيءَ جي سيني تي مينھن وساڙن جان لڳنداسين،
مون بہ چيو هو.

ٻڪ ڪٽورا مک تي آڻي، امرت اوتان اوت ڪنداسين،
شاھ جي سر سارنگ جون وايون هم آواز آلاپينداسين،
پاڻ چيو هو.

ڪَئين چانڊوڪيون آيون وييون پر نہ پيارا پاڻ ملياسين،
هاڻ الاجي ڪھڙي رت ۽ ڪھڙي موسم ۾ ملنداسين،
”سوز“ چيو هو.

شادي وهانءَ جا ڳيچ/ ثقافتي گيت

شادي وهانءَ جا ڳيچ/ ثقافتي گيت

البيلا لاڏلا، لونگي ڪلھن تي پائجان،
شھزادا! سانولا لونگيءَ پاند ورائجان،
الـبـيــلا لاڏلا،
لونگيءَ پاند ورائجان.

ڪجل نيڻين هٿين ۽ پيرين،
سرهي ميندي لائجان،
الـبـيــلا لاڏلا،
لونگيءَ پاند ورائجان.

”هالن“ واري نيري اجرڪ،
لال لڱن سان لائجان.
الـبـيــلا لاڏلا،
لونگيءَ پاند ورائجان.

پنھنجي ونيءَ نو ورنيءَ سان،
مرڪي نظرون ملائجان،
الـبـيــلا لاڏلا،
لونگيءَ پاند ورائجان.
Ö
(لونگيءَ جو ڳيچ)

ڳاڙهي ڳاڙهي کٽ،

ڳاڙهي ڳاڙهي کٽ،
کھنبي کھنبي کٽ.
لاڏي بني جي،
سھڻي بني جي.

سيج بند سھڻا لڳن،
ڏسيو ڏسيو نيڻ ٺرن،
مٿن ڦلڙن ڇٽ،
کھنبي کھنبي کٽ،
سھڻي بني جي.

ريشم ڏورين سان جا مڙهيل،
هيرن جواهرن سان جا جڙيل،
جهالر لايا جهرمٽ،
ڳاڙهي ڳاڙهي کٽ،
کھنبي کھنبي کٽ،
سھڻي بني جي.

تارن سيج سجائي آهي،
هيڏي هوڏي سھائي آهي،
نکريا ڄڻ ڪي نکٽ،
کھنبي کھنبي کٽ،
لاڏي بني جي.

جيڏين سرتين گل وسايا،
سيج بندن تي پکڙي پئڙا،
جھڙا ڪي پوپٽ،
ڳاڙهي ڳاڙهي کٽ،
کھنبي کھنبي کٽ،
لاڏي بني جي.
سھڻي بني جي.
Ö
(کٽ جو ڳيچ)

من اڱڻ وڄن شرنايون،

من اڱڻ وڄن شرنايون،
ڳايون ڳيچ خوشيءَ جا ڳايون،
لڳي سرهي هير ڏکڻ جي،
لڳي ٿڌڙي هير ڏکڻ جي،
لاڏو نيڻ کڻي ٿو ناز مان،
الا! راڻو نيڻ کڻي…

کنڊ پيئي ملايان کير ۾،
چنڊ ويٺي ڏسان تصوير ۾،
لڳي سرهي هير ڏکڻ جي،
لڳي ٿڌڙي هير ڏکڻ جي،

وڳا ويس ونيءَ اڄ پاتا،
ڳڱا ڳيچ وريتين ڳاتا،
لڳي سرهي هير ڏکڻ جي،
لڳي ٿڌڙي هير ڏکڻ جي،

وٺي خوشين جي برسات آ،
اڄ ڀاڳن ڀرڙي رات آ،
لڳي سرهي هير ڏکڻ جي،
لڳي ٿڌڙي هير ڏکڻ جي،
Ö
(دل ايندو لٽڻ اڄ ڍولڻو جي طرز تي لکيل ڳيچ)

گلن واري ٽاريءَ تان مان گل چونڊيندي اچان،

گلن واري ٽاريءَ تان مان گل چونڊيندي اچان،
ڦلن جي ڦلواڙيءَ مان خوشبوءِ کڻي ٿي اچان.

بوند وسائڻ بوڇڻ تي، هي بادل آيا ڪٿان،
موتين جي وسڪار وسي پئي بوند بوند مان اڃان.

لالڻ جي هن لونگيءَ جون مان ڪھڙيون ڳالھيون ڪيان،
سونھن لٿي ڄڻ ڌرتيءَ تي آ چنڊ ستارن جيان.

کير ڪٽورو هٿ تريءَ تي اوتيو اوتيو پيئان،
سرتين ساهيڙين سان مليو کليو کيرون ڏيان.

راڻل آيو رنگ محل جا رنگ رچي ويا نوان،
سپنن جي سنسار جي ڳولا مومل ڪرئين متان.

هالن مان هندورو آيو تنھن ۾ ويٺي لڏان،
لوڏي لوڏي ٿڪي آهيان پوءِ بہ ويٺي لڏان.

دروازي تي دستڪ ڏيئي رانجهو آيو ڪٿان،
مڻيا پائي بين وڄائي ”هير“ وٺي ويو هتان.
Ö
(لونگ ڦوٽا ٿالھيءَ ۾ واري لوڪ گيت جي طرز تي لکيل)

سھيل جو سھرو

سھيل جو سھرو

پرينءَ جي پار کان آيا عجب اسرار جا، سھرا،
نھايت خوبصورت ۽ محبت پيار جا، سھرا.

سنهري شام جا سڀ رنگ خوشبو، گيت ۽ خوشيون،
جڏهن مليا تہ تن مان پيا جڙي جنسار جا، سھرا.

خوشيءَ جي ڳالھہ آهي جو سجيا من شھر هالا ۾،
”محمد خان“ جي فرزند برخوردار جا، سھرا.

ستارن جي ڍڪي چادر لٿو جيئن چنڊ ڌرتيءَ تي،
ڏسي اکڙيون ٺري پيون مٺي منٺار جا، سھرا.

ڏسي اجرڪ جي ڦلڙين کي لڳي حيرت ستارن کي،
ستارن کي بہ سھڻا ٿا لڳن دلدار جا، سھرا.

گهڻا سھرا ڏٺا هاسين گهڻئي سھرا لکيا هاسين،
بلاشڪ ٿا اتر لھڻن اسان جي يار جا، سھرا.

محبت جا حسين منظر ڏسي ”مرزا نصير“ ها جي،
چمي ها چآھہ مان هر هر رخِ انوار جا سھرا.

لکياسين پر لکياسين دير سان سھڻي سڄڻ خاطر،
هوائن ۾ اماڻيا ”سوز“ سرجڻھار جا سھرا.
Ö
(سھيل ابڙي جي شاديءَ جو سھرو)

سھرو ثاقب جو

سھرو ثاقب جو

محبوب مک تي مرڪن ٿا لاجواب، سھرا،
ريشم جيان ٿا جرڪن ٿي بي حجاب، سھرا.

گلشن جا ڦول سارا مھڪي پيا خوشيءَ ۾،
رابيل آه رقصان ڳائي گلاب، سھرا.

جيڪي بہ رنگ سونھن کي فطرت عطا ڪيا ها،
دراصل تن سڀن جو هي انتخاب، سھرا.

ڪيڏو نہ پراثر ۽ دلڪش نظر اچن پيا،
زلفن جي ڪيمخواب تي، سي نيم خواب سھرا.

بي حال، بدحواس ۽ حيران ٿي وڃي ها،
او ڪاش! جي ڏسي ها هي ماهتاب، سھرا.

سھرا ڀلي تہ ڪھڙا سھڻا سٺا هجن پر،
”ثاقب“ جي حسن آڏو ٿيا آب آب سھرا.

هي زرق برق سھرا، ڄڻ لوڪ گيت سنڌ جا،
ٺاهي نہ ”سوز“ سگهيو اهڙا پنجاب سھرا.
Ö
(ثاقب ابڙي جو سھرو)

ثقافتي ڳيچ

ثقافتي ڳيچ

لايو ٿيڙو سجايو، هالن مان آيو،
آيو ڙي آيو،
پلنگ منھنجي پرينءَ جو.

رنگن سان رانديون ڪري ڪاريگر ٺاهيو،
هالن مان آيو،
آيو ڙي آيو،
پلنگ منھنجي پرينءَ جو.

سرتيون سيج بندن تي، خوشبو ڇڻڪايو،
هالن مان آيو،
آيو ڙي آيو،
پلنگ منھنجي پرينءَ جو.

ميندي رتن هٿڙن سان گل ڦل ورکايو،
هالن مان آيو،
آيو ڙي آيو،
پلنگ منھنجي پرينءَ جو.

جانيءَ جي جنسار آ، رنگ عجب لايو،
هالن مان آيو،
آيو ڙي آيو،
پلنگ منھنجي پرينءَ جو.

مون ڏي جيجل موڪليو، مون ڏي اباڻن موڪليو،

مون ڏي جيجل موڪليو، مون ڏي اباڻن موڪليو،
هندورو هالن جو.

هندورو هالن جو، سجيل سالن جو،
هندورو هالن جو.

جڙيل جواهرن سان، مڙهيل موتين جو،
هندورو هالن جو.

جنھن جي لوڏ لکن جي پاڻ ڪروڙن جو،
هندورو هالن جو.

ملھہ مھانگو جنھنجي گلڙن ڦلڙن جو،
هندورو هالن جو.

لوڏيان پنھن جو پٽڙو پنجن سالن جو،
هندورو هالن جو.

هينئڙو هندورو ٿيو، سرتيون ساجن جو،
هندورو هالن جو.
مون ڏي جيجل موڪليو،
هندورو هالن جو.
سجيل سالن جو.

ڳيچ خوشيءَ جا ڳايون اسين،

ڳيچ خوشيءَ جا ڳايون اسين،
ڳائي جهمريون پايون اسين،
پايون اسين،
او! پايون اسين.

گربيون سوسيون اجرڪ پايون،
گج گلابي، ڀرت ڀرايون،
هالن جون آهيون ڄايون اسين،
ڄايون اسين،
او! ڄايون اسين.

ڪاڄ ڪرڻ جي ويل بہ آئي،
راڄ سڏڻ جي ويل بہ آئي،
رٺلن کي پرچايون اسين،
پرچايون اسين،
پرچايون اسين.

جنڊيءَ جھڙا ڦل سجائي،
ڪاشيءَ جھڙا رنگ رچائي،
تن سان من وندرايون اسين.
وندرايون اسين،
وندرايون اسين.

تنھنجي رنگن نئون رنگ لاتو،

تنھنجي رنگن نئون رنگ لاتو،
ڪاشيگر او ڪاشيگر،
تنھنجي رنگن نئون رنگ لاتو.

سھڻا سھڻا چِٽ چٽين ٿو،
رنگن سان تون رانديون ڪرين ٿو،
تون آهين بلاشڪ رانديگر،
ڪاشيگر او ڪاشيگر،
تنھنجي رنگن نئون رنگ لاتو.

سونا روپا رنگ رچائي،
محبت جا محلات سجائي،
تو ڪيڙو ڪمال آ ڪاريگر،
ڪاشيگر او ڪاشيگر،
تنھنجي رنگن نئون رنگ لاتو.

چيڪي مٽي ”هالن“ واري،
آهي ساري مڻيا واري،
جنسار جڙيا تو هي جادوگر،
ڪاشيگر او ڪاشيگر،
Ö
(هالا جو ثقافتي گيت)

ٻارڙن جا گيت

ٻارڙن جا گيت

گيت ڌڻيءَ جا ڳايو ڳايو،
آيو صبح سھانو آيو.

سانت ۾ ڪوئي ساز وڄي ٿو،
الھامي آواز اچي ٿو،
جاڳو، جاڳو ۽ جاڳايو،
آيو صبح سھانو آيو.

سرهي سرهي هير گُهلي آ،
پرھ جي ويئي اک کلي آ،
سورج دروازو کڙڪايو،
آيو صبح سھانو آيو.

مکڙيون گل ٿيڻ تي آهن،
گل ڦل پڻ ٽڙڻ تي آهن،
تن سان گهر سجايو،
آيو صبح سھانو آيو.

گيت ڌڻيءَ جا ڳايو ڳايو،
آيو صبح سھانو آيو.

(گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايو)

آئي ڙي آئي، آئي رت بسنت جي،

آئي ڙي آئي، آئي رت بسنت جي،
آئي رت بسنت جي.

موتيا، مگرا مھڪيا، ڌرتي ٿي سائي،
آئي رت بسنت جي.

خوشبو خوشبوءَ ساڻ ملي، ٿي وئي سرهائي،
آئي رت بسنت جي.

پکيئڙن باغن ۾، لات مٺي لائي،
آئي رت بسنت جي.

مکڙين گل ٿيڻ ۾، دير نہ ڪا لائي،
آئي رت بسنت جي.
آئي رت بسنت جي.

ٻولي مٺي ٻولي، ٻولي مٺڙي ماءُ جي،

ٻولي مٺي ٻولي، ٻولي مٺڙي ماءُ جي،
ٻولي مٺي جيجل جي.

مليم مٺڙي ماءُ جي، ٻوليءَ ۾ لولي،
ٻولي مٺي جيجل جي.

ٻوليءَ لوليءَ جھڙي، جيجل جي جهولي،
ٻولي مٺي جيجل جي.

ٻولي شاھہ لطيف جا ڳوٺن مان ڳولي
ٻولي مٺي جيجل جي.

جھڙي سٺي منھنجي سنڌڙي، اهڙي سٺي ٻولي،
ٻولي مٺي جيجل جي،
ٻولي مٺڙي ماءُ جي.

پوپٽ پر ڦھلايا هوا ۾،

پوپٽ پر ڦھلايا هوا ۾،
گيت اڏامي آيا هوا ۾.

انڊلٺ جھڙا رنگ برنگي،
نيلا کھنبا ۽ نارنگي،
رنگن رنگ رچايا هوا ۾،
پوپٽ پر ڦھلايا هوا ۾.

مکڙيون کڙڻ جي موسم آئي،
گل ٿيڻ جي موسم آئي،
لامن گل سجايا هوا ۾،
پوپٽ پر ڦھلايا هوا ۾.

پيارا پيارا پيارا پوپٽ،
پيار ورهائڻ آيا پوپٽ،
ٻارن گل وسايا هوا ۾،
پوپٽ پر ڦھلايا هوا ۾.
پوپٽ پر ڦھلايا هوا ۾.

مور ٽھوڪن ڪارونجهر تي،

مور ٽھوڪن ڪارونجهر تي،
رنگ اڏامن هر منظر تي.

مينھن وٺو آ ”مھراڻي“ تي،
وڄ کنوي ٿي ساري ٿر تي.

چونرن تي چانڊوڪي آئي،
آھہ سھائي هر گهر گهر تي.

ماڻڪ موتي هنج چڳڻ لئہ،
موٽي آيا ساڳئي سر تي.

راسوڙن جي گونجارن جا،
رنگ رچي ويا ٿر نگر تي.

مور ٽھوڪن ڪارونجهر تي،
رنگ اڏامن هر منظر تي
Ö
(ٻاراڻو ٿري گيت)

چنڊ آهي چمڪيو، نيري پاڻيءَ تي،

چنڊ آهي چمڪيو، نيري پاڻيءَ تي،
روشن اُڀ ٿيو.

مٺڙي ماءُ جي هنج ۾، ٻالڪ ليٽي پيو،
چنڊ آهي چمڪيو،
روشن اُڀ ٿيو.

ستارن جو سوجهرو ڏيئڙن جيئن لڳو،
چنڊ آهي چمڪيو،
روشن اُڀ ٿيو.

ڪينجهر ڪنڌيءَ تي ڪوئي، سرهو گل ٽڙيو،
چنڊ آهي چمڪيو،
روشن اُڀ ٿيو.

نيڻن منظر اهڙو، ڪڏهن ڪو نہ ڏٺو،
چنڊ آهي چمڪيو،
روشن اُڀ ٿيو.

گل اکين کي وڻندا آهن،

گل اکين کي وڻندا آهن،
توڙي جو هو ڇڻندا آهن.

پن پن پن ٿي ويندا آهن،
پوء بہ خوشبو ڏيندا آهن.

سھڻا ماڻھو گلدانن ۾،
گل سجائي رکندا آهن.

محبت جو سي تحفو آهن،
محبت ڏيندا وٺندا آهن.

ماڻھن وانگر ساھہ کڻن ٿا،
تڏهن تہ زندہ رهندا آهن.

روز ڪومائبا رهندا آهن،
”سوز“ نوان ٿي ٽڙندا آهن.

گل اکين کي وڻندا آهن،
توڙي جو هو ڇڻندا آهن.

گيتن جا گل ٽڙي پيا، خوشبو گهلي پئي آ

گيتن جا گل ٽڙي پيا، خوشبو گهلي پئي آ،
خوشبو جي لاءِ خوشبو پيغام وئي ڏئي آ،
گيتن جا گل ٽڙي پيا.

اک چنڊ جي لڳي وئي، سورج جي اک کلي پئي،
وئي رات صبح کي پڻ چپڙن ۾ ڪجهہ چئي آ،
گيتن جا گل ٽڙي پيا.

آ روشني افق تي، لالي لڳي شفق کي،
رنگن جي خوبصورت انڊلٺ جڙي وئي آ،
گيتن جا گل ٽڙي پيا.

ست رنگ ملن تہ ان مان ئي روشني ٺھي ٿي،
ست سر مليا سرن سان سنگيت ٿي وئي آ،
گيتن جا گل ٽڙي پيا.

سڀ رنگ روشنيءَ جا، سڀ رنگ زندگيءَ جا،
قائم رهن سدائين شاعر دعا ڪئي آ،
گيتن جا گل ٽڙي پيا.

وطن جا گيت

وطن جا گيت

مالڪ محبتن جا سڀ رنگ رک سلامت،
محبت، خوشي، امن جا، سڀ رنگ رک سلامت.

سڀ رنگ جي ملن ٿا تہ روشني ٺھي ٿي،
ان روشني سان روشن ڌرتي سڄي ٿئي ٿي،
جيئن چاهتون وڌن ٿيون، تيئن روشني وڌي ٿي،
رنگن ۽ روشنين جا، سڀ رنگ رک سلامت.
مالڪ محبتن جا،
مالڪ منھنجي وطن جا.

منھنجي ديس جي هوا ۾ گيتن جي آھہ خوشبو،
گيتن ۽ لوڪ گيتن، ڪافين جي آھہ خوشبو،
سک ۽ سلامتيءَ جي نغمن جي آھہ خوشبو،
سنگيت جي سرن جا، سڀ رنگ رک سلامت.
مالڪ محبتن جا،
مالڪ منھنجي وطن جا.

مينديءَ رتن هٿن جا، اجرڪ ۽ لونگين جا،
اجرن ڪبوترن جا ۽ مور جي پرن جا،
اڏندڙ پکيئڙن جا ۽ گلاب پنکڙين جا،
لامن ۽ درختن جا، سڀ رنگ رک سلامت،
مالڪ محبتن جا،
مالڪ منھنجي وطن جا.

سر سبز وادين جا دلچسپ منظرن جا،
چشمن ۽ آبشارن، بارش جي موتين جا،
محبوب موسمن جا، مھراڻ جي لبن جا،
جنت نما چمن جا، سڀ رنگ رک سلامت،
مالڪ محبتن جا،
مالڪ منھنجي وطن جا.

مان گيت جي لکان ٿو، ڌرتيءَ کي ارپيان ٿو،
ڪو حق ادا ڪريان ٿو، جنھن ديس ۾ رهان ٿو،
ان ديس جو تصور لفظن ۾ اوتيان ٿو،
تون ”سوز“ جي سخن جا، سڀ رنگ رک سلامت،
مالڪ محبتن جا،
مالڪ منھنجي وطن جا.

وس وس بادل وس! منھنجي دلبر ديس تي،

وس وس بادل وس! منھنجي دلبر ديس تي،
منھنجي دلبر ديس تي،
منھنجي مٺڙي ملڪ مٿي،
وس وس بادل وس!

ديس وٺو دلداريون مليون،
گلشن کي گلزاريون مليون،
چؤڏس چندن چس،
وس وس بادل وس!

مور عجب جي ٽور ٽلن ٿا،
ماڻڪ موتي هنج چڻن ٿا،
سي تون پاڻ بہ پس!
وس وس بادل وس!

خوشبو خوشبو کيت وطن جا،
سونا روپا رنگ چمن جا،
پيڙا ٿي پارس،
وس وس بادل وس!

ديس مٺي دلدار جي خاطر،
”سوز“ سڄي سنسار جي خاطر،
بادل وس اوس،
وس وس بادل وس!

روپ تنھنجا سڀئي شال روشن رهن،

روپ تنھنجا سڀئي شال روشن رهن،
او وطن جانِ من، او وطن جانِ من،
او وطن! او وطن!

کيت کلندا ڏسي، محب ملندا ڏسي،
رنگ رچندا ڏسي، چنگ وڄندا ڏسي،
مينھن وسندا ڏسي، نيڻ ٺريو پون،
او وطن! او وطن!

هير هٻڪار جي مينگهہ ملھار جي،
مند مھڪار جي، آئي سينگار جي،
سونھن سرهاڻ جون ڪھڙيون ڳالھيون ڪجن،
او وطن! او وطن!

تنھن جي هستي ۾ مستي آ مھراڻ جي،
هيءَ ڌرتي بہ آ قرب ڪلياڻ جي،
جنھنجي عظمت اڳيان ٿيون جبينون جهڪن،
او وطن! او وطن!
هنج جي هنج مان لفظ موتي چڻي،
گيت سنگيت جي آيا خوشبو کڻي،
”سوز“ ارپي ڇڏيا، توکي سارا سخن،
او وطن! او وطن!
او وطن! او وطن!

ڳايون ڳايون گيت خوشيءَ جا ڳايون،

ڳايون ڳايون گيت خوشيءَ جا ڳايون،
آيون آيون روشن گهڙيون آيون،
ڳايون ڳايون.

شھنائيءَ جي آلاپن تي،
مور نچن ٿا گيتن وانگي،
پايون پايون پاڻ بہ جهمريون پايون،
ڳايون ڳايون.

سرهي سرهي هير گهلي ٿي،
هلڪي هلڪي بوند وسي ٿي،
ڇايون ڇايون مينگهہ ملاريون ڇايون،
ڳايون ڳايون.

هيرن جي هٻڪار وطن ۾،
موتئي جي مھڪار چمن ۾،
لايون لايون تن جي خوشبو لايون،
ڳايون ڳايون.

سر سان سر ملائي ڳايون،
تن تنبورو بڻائي ڳايون،
وايون وايون شاھہ لطيف جون وايون،
ڳايون ڳايون.
ڳايون ڳايون.

ڏيئو جلائي رکجو سائين،

ڏيئو جلائي رکجو سائين،
جوت جڳائي رکجو سائين.

تيز هوائن طوفانن کان،
گرد و غبار جي گهمسانن کان،
بي مھريءَ جي برساتن کان،
بدنظريءَ جي امڪانن کان،
سو تہ بچائي رکجو سائين،
ڏيئو جلائي رکجو سائين.

چوڏهين جي چانڊاڻ هجي،
۽ لاک رتي لالاڻ هجي،
شام جي ڪائي لام لھي،
اجرو اجرو صبح ٿئي،
پر نہ اجهائي رکجو سائين،
ڏيئو جلائي رکجو سائين.

هي جو روشن ڏيئڙو آهي،
لالڻ جو سو ليئڙو آهي،
هڪڙي ڏينھن جو ساٿ نہ ان سان،
هڪڙي رات جي بات نہ ان سان،
روز جلائي رکجو سائين،
ڏيئو جلائي رکجو سائين.

مند ڀلي ڪھڙي بہ هجي،
واءُ ڀلي ڪھڙو بہ لڳي،
ڏينھن ڀلي ڪھڙا بہ اچن،
مينھن ڀلي ڪيڏا بہ وسن،
نينھن نڀائي رکجو سائين،
ڏيئو جلائي رکجو سائين.

پنھنجي وطن کي پنھنجي چمن کي،
محب مٺي محبوب وطن کي،
هن گلشن جي هر گهر گهر کي،
هر گهر گهر جي در در در کي،
”سوز“ سجائي رکجو سائين،
ڏيئو جلائي رکجو سائين.

آزاديءَ جو گيت سريلو، آزاديءَ جو گيت،

آزاديءَ جو گيت سريلو، آزاديءَ جو گيت،
سريلو آزاديءَ جو گيت،
سريلو آزاديءَ جو گيت.

سارنگ مينگهہ ملار بسنت ڀيرون ۽ ڪلياڻ،
آزاديءَ جا راڳ سمورا موج ڀريو مھراڻ،
موسيقيءَ جي رنگ رتل آ، سَرهائيءَ جو گيت،
سريلو آزاديءَ جو گيت،
سريلو آزاديءَ جو گيت.

آزاديءَ جي کيت کيت ۾ موتئي جي مھڪار،
وستي وستي نگر نگر ۾ گيتن جي گونجار،
چوڏس آهي پکڙي پئڙو چانڊوڪيءَ جو گيت،
سريلو آزاديءَ جو گيت،
سريلو آزاديءَ جو گيت.

گيت لکن ۽ آلاپن ٿا شاعر ۽ فنڪار،
گيتن کي سنگيت ڏين ٿا ماهر موسيقار،
”سوز“ لکيو آ پنھنجي وطن لاءِ خوشحاليءَ جو گيت،
سريلو آزاديءَ جو گيت،
سريلو آزاديءَ جو گيت.

رنگ خوشبو جمال جي موسم،

رنگ خوشبو جمال جي موسم،
واه! عجب هيل سال جي موسم.

گيت گونجن پيا هوائن ۾،
هر طرح مھڪ آ فضائن ۾،
آئي نيڻن نھال جي موسم.

سبز پرچم هوا ۾ لھرايو،
چنڊ تارن جي ڇانو ۾ آيو،
آھ روءِ هلال جي موسم.

وقت آيو وطن سجائڻ جو،
خوب کان خوب تر بنائڻ جو،
آئي ”ساڻيھہ“ سنڀال جي موسم.

شال منھنجي وطن جي هر موسم،
چاهتن جي چمن جي هر موسم،
”سوز“ بڻجي مثال جي موسم.

سانوڻ سارنگ لالڻ بادل،

سانوڻ سارنگ لالڻ بادل،
هڪڙي مند جا ميوا آهن،
منھنجي مٺي محبوب وطن جا،
هي سڀ ”سوز“ حوالا آهن.

سانوڻ وري بہ آيو آهي،
مولى مينھن وسايو آهي،
ڌرتي وارن کي اڄ مالڪ،
پنھن جو پاڻ پسايو آهي،
درد وندن جو ديس وسي پيو،
دوست پيھي در آيو آهي.

منھنجي وطن سان رم جهم جي رت،
واه جو نينھن نڀايو آهي،
ڳايو ڳايو سارنگ ڳايو،
آيو آگم آيو آهي،
”سوز“ اسان جي من پڌر تي،
لالڻ ليئڙو پايو آهي.

نظم

---

شاھہ دريا / پورالو دريا

جڏهن آئون سنڌوءَ ڪھاڻي ٻڌان ٿو،
جڏهن شاھ جو سُرُ سھڻي پڙهان ٿو،
جڏهن بند ۾ بند پاڻي سڻان ٿو،
سنڌوءَ سير ڏي جيئن اکيون کڻان ٿو،
دکي دل ٿئي ٿي، دکي مان ٿيان ٿو،
ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ گم ٿي وڃان ٿو.

ڀٽائي بہ سنڌو ڏٺو اوج ۾ هو،
سمندر جيان سو تہ وهندو ڏٺو هو،
”متل مئہ“ جو مھراڻ تڏهين چيو هو،
تڏهن سُرُ سھڻي بہ تخليق ٿيو هو،
اهو شاھہ درياءُ سُڪندو ڏسان ٿو،
تہ آئون لڇان ٿو، تہ آئون لڇان ٿو.

جتي ڪالھہ ڪشتين قطارون ڏٺيون سين،
پلن ۽ مڇين جون بزارون ڏٺيون سين،
۽ نورين جي نيڻن نھارون ڏٺيون سين،
ملاحن جون وڏيون ڄمارون ڏٺيون سين،
اتي هاڻ واريءَ جي ورکا ڏسان ٿو،
جلي جيءُ ٿو آئون پڄران پچان ٿو.

نڪو کيٽ آهي، نڪو چيٽ آهي،
نظر حد تائين رڳو ريٽ آهي،
نہ لھرن ۾ ساڳي سا لس ليٽ آهي،
هي سنڌو آهي يا ڪو ئي ٻيٽ آهي!!؟
اکين سان نہ منظر ڏسي سو سگهان ٿو،
ٻئي هٿ پنھنجي اکين تي رکان ٿو.

ازل کان هي درياءُ وهندو رهي ٿو،
۽ ڌرتي کي سيراب ڪندو رهي ٿو،
سفر در سفر ساڻ هلندو رهي ٿو،
سمندر جي سيني سان ملندو رهي ٿو،
جڏهن هن کي واهڙ جان وهندو ڏسان ٿو،
تہ مان سوچيان ٿو، تہ مان سوچيان ٿو.

دعا آهي سنڌو کي جل ٿل ڏسان شل،
ڪنڌيون ۽ ڪنارا بہ اٿليل ڏسان شل،
وسيون ڳوٺ واهڻ بہ ورسيل ڏسان شل،
سڄي سنڌ جا نيڻ ٺريل ڏسان شل،
اهو عرض پنھنجي خدا کي ڪيان ٿو
ٿئي ”سوز“ مقبول جيڪو، گهران ٿو.
×
(سيلاب 2010کان اڳ)

پورنماسي

اک لڳي جو چنڊ جاڳائي چيو،
پورنماسي ۾ بہ ڪو شاعر ستو!!!
جيڪڏهن شاعر بہ منھن ويڙهي ستو،
پڪ ڄاڻو سوچ جو سورج لٿو!!

چنڊ جو طعنو اهو ڄڻ تير جان هو،
جو تہ شاعر کان سَٺو ئي ڪونہ ٿيو،
هُن بہ چڙندي هو امالڪ چئي ڏنو،
ڪير چئي ٿو مان سمھي آهيان رهيو،
ڪنھن چيو مان شاعر ئي ناهيان رهيو،
مون ڀٽائيءَ جو رسالو پئي پڙهيو،
سُر سھڻي جو مطالعو پئي ڪيو،
پنھنجي پالڻھار خلقڻھار کان،
پنھنجي دريا لاءِ پاڻي پئي گهريو،
مون تہ سنڌوءَ سير تي پئي سوچيو،
جا ڪڏهن ساگر جيان وهندي هئي،

هاڻ واهڙ وانگيان ٿي جا وَهي،
ڳوٺ واهڻ ۽ ڪنارا وستيون،
پڻ اُڃارا ئي اڃارا ٿا لڳن،
سڀ نظارا ڄڻ اڌارا ٿا لڳن.

مون جڏهن کان سانت ۾ سنڌو ڏٺو آ،
مون جڏهن کان بند پاڻيءَ جو ٻڌو آ،
مان تڏهن کان ئي سمھي ناهيان سگهيو،
تون چوين ٿو مان سمھي آهيان رهيو،
اهڙي حالت ۾ اڙي منھنجا مٺا!
شاعرن کي ننڊ ڪيئن ايندي ڀلا؟
شاعرن جي جاڳ کي آ جاڳ پر،
شاعرن جي ننڊ کي پڻ جاڳ آ،
سو اڃا جاڳان پيو، مان اڃا جاڳان پيو.
×
(سيلاب 2010 کان اڳ)

درياءَ توتي دانھن

ڀٽائيءَ جي حضور ۾

ڀٽ ڌڻي او ڀٽ ڌڻي!
سنڌ ڌرتيءَ جا ڌڻي!
او! رسالي جا ڪوي!
دانھن تو در ٿا ڏيون،
ٻيو ڀلا ڪنھنکي ڏيئون؟
ڪالھہ سھڻي جا ٻڏي هئي،
سر سھڻي تو لکيو هو،
درياءَ تي دانھڻ جو تو،
پڪو پھہ پڻ ڪيو هو،
اڄ تہ سائين!
سنڌ ساري پئي ٻڏي،
ڌرتتي ڌرتي ڌڻي بي اجهي ۽ آسري
گهر کان بي گهر
دربدر، خاڪ بسر آهن ٿيا،
ٻار ٻڍڙا نوجوان ۽ مائرون
مايون نياڻيون پڻ ڪئين،
کليل اُڀ هيٺيان واجهائين ٿا پيا،
ڳوٺ واهڻ وستيون ويران ٿيا،
شھر پڻ سنسان آهن،
ڄڻ تہ ڪو راڪاس ويو آهي گهمي،
چؤڏسا کان ”الامان الامان“،
”المدد المدد“جون صدائون،
ڄڻ تہ سونامي جو ڪوئي ڏيک آ،
او! ڀٽائي!
پاڻ سنڌوءَ لاءِ پاڻي پئي گهريو،
پنھنجي درياءَ لاءِ دعائون ٿي ڪيون
جو تہ سالن کان ئي سڪندو ٿي رهيو
هيل پاڻي آيو تہ بہ ائين جو
سنڌ ساريءَ جي اکين ۾،
پاڻي ڀرجي آئيو،
چئہ ڀٽائي!
ٻڏيءَ ٻيڻا ڪڏهن ٿيندا!
ساٿ سڱيڻا ڪڏهن ٿيندا!
پنھنجا سانگي مارو،
پاڻ وهيڻا ڪڏهن ٿيندا؟
او ديس سندا دلدار ڀٽائي!
ڪَرِ ڪي ٻيڙا پار ڀٽائي!
ڪَرِ ڪي ٻيڙا پار ڀٽائي!
×
(سيلاب 2010 کان پوءِ لکيل)

اماوس جو خواب

رات جي ان سانت ۽ ايڪانت ۾،
دور تائين افق جي ڇيڙي اندر،
روشني جو تِرورو باقي نہ هو،
۽ ستارن ۾ سھائي ڪانہ هئي،
چوڏسا خاموشين جو راڄ هو،
ڇرڪ پيو ۽ اک کلي وئي اوچتو
منھنجي نيڻن خواب جيڪو پئي ڏٺو،
سو نھايت ئي ڀيانڪ ٿي لڳو،
ٿيو چڱو جو هوائن ۾ ويو تحليل ٿي،
ڪجهہ تہ آ وسري ويو ڪجهہ ياد آ.
مون ڏٺو سورج کي آ گرهڻ لڳو،
مون ڏٺو ڌرتي ڌٻي آهي وئي،
مون ڏٺو راڪاس ڪو ويو آ گهمي،
مئي متو مھراڻ آهي بند جو باندي بنيو،
ڄڻ اماسي رات جو فتنو هيو،
ڪار ٻوٿي ”ڊيم“ جي ڪنھن روپ ۾.
اک کلي سورج اڃا نڪتو نہ هو،
پرھ ڦارون ڦارون ٿي ويئي هئي،
راڄ قائم هو اماوس رات جو
ڪاش! هي سپنو نہ ماڻي ساڀيان ڪا،
بند پنھنجي پاڻ کان ٿئي شرمندو.
×

منھنجي ڌرتي

منھنجي ڌرتي تي جي آيا،
ڪونہ وري سي واپس ويا،
ڌرتي اهڙو پيار ڏنو جو،
“کيما” کوڙي ويھي رهيا،
جايون جوڙي ويھي رهيا،
دک اسان جي ديس ۾،
آهيون ڄڻ پرديس ۾.

روز نوان جي ديس مٽائين،
روز نوان جي ويس مٽائين،
اکيون اکڙين سان نہ ملائين،
ڪنواري وينگس جان شرمائين،
سک اسان جي ديس ۾،
آهيون ڄڻ پرديس ۾.

صدين کان ئي جڳن کان ئي،
اهڙي حالت آ اڄ تائين،
رهندي آخر ڪيسيتائين!
”ڄام نندي“ کان هيسيتائين،
بک اسان جي ديس ۾،
آهيون ڄڻ پرديس ۾.

ويندا ويندا آخر ويندا،
درد اسان جا رخصت ٿيندا،
نيٺ تہ ڪيسيتائين رهندا،
ائين ويندا جو مُور نہ ايندا،
مکڙين وانگر مرڪي پوندا،
مُک اسان جي ديس ۾،
مُک اسان جي ديس ۾.

اداس ڪوئل

ڪوئل اداس آهي،
ڄڻ دل اداس آهي.
هر شاخ هر شجر جا،
سي رنگ رتا منظر،
بي رنگ لڳا جنھن کي،
تڏهن نراس آهي،
ڪوئل اداس آهي.

ڪا اداس ڌن رچڻ لئہ،
ڪنھن سنگيتڪار وانگي،
ڪنھن سونھن جي ڪوي جان،
حساس شاعري جان،
بيحد حساس آهي،
ڪوئل اداس آهي.

ڪا لام ڇني شايد،
ٿي شام سڃي شايد،
ڪا اک ڀني شايد،
ڪا دل رُني شايد،
تڏهن نراس آهي،
ڪوئل اداس آهي.

جنھن گيت کسيا هن جا،
جنھن ميت کسيا هن جا،
آلاپ کسيا هن جا،
ورلاپ کسيا هن جا،
جنھن ڄڀ ڪپي هن جي،
جنھن مرڪ کسي هن جي،
سو بدحواس آهي،
ڪوئل اداس آهي.

لامن تي گونچ ڦٽندا،
گيتن جا گل ٽڙندا،
ميتن سان ميلا ٿيندا،
هي وڇوڙو عارضي آ،
هي اداسي بہ عارضي آ،
اکڙين کي آس آهي،
ڪوئل اداس آهي،
ڇا لئہ اداس آهي؟

جمھوريت جو نوحو

جمھوريت جي شھيد راڻي
سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم نياڻي
”نئين ديري جي او شھزادي!“
تو جا جوت جلائي آهي،
تو جا مشعل ٻاري آهي،
جمھوريت بحاليءَ جي،
امن جي ۽ خوشحاليءَ جي،
بيشڪ تنھن ۾ لاٽ لٿي آ.

ڪاري ڪاري رات کٽي آ،
اجري اجري باک ڦٽي آ،
روشن روشن سڄ نڪتو آ،
۽ سو سورج جڳ ڏٺو آ.
محترمہ عظِيم آهين جو،
تنھنجي عظمت کي عظمت پڻ،
آھہ جهڪي سلام ڪئو
مائرن پنھنجن پٽڙن تي،
تنھن جو نرمل نانءُ رکيو

شاعر نوحو لکيو جو
۽ نوحي ۾ هينئن چيو
جي ديس مٿان قربان ٿين ٿا
امر اهي انسان ٿين ٿا
سورج وانگي پاڻ جلائي،
جڳ ساري کي روشن ڪن ٿا،
محترمہ! او محترمہ! او سائڻ!
تنھنجي لال لھوءَ مان جي گل ٽڙن ٿا
سي ڪومائجي مور نہ سگهندا
هر پل تازا تازا رهندا
خوشبو ڦھلائيندا رهندا

جيسين سوچ سلامت آهي
جيسين لوچ بہ زندہ آهي
تنھن جو نالو زندہ رهندو،
هر حوالو زندہ رهندو،
شھيد مور نہ مرڻا آهن،
ور ور ڏئي ورڻا آهن.
×

منھنجو شھر

مون کان منھنجو شھر کَسين ٿو،
محبن کان محبوب ڦُرين ٿو،
ڦولن کان خوشبوءِ ڇني پوءِ،
شاعر کان انعام گهرين ٿو،
مورک آهين صحرا کي تون،
دريا سمجهي ويٺو آهين.

هي شھر رڳو هڪ شھر نہ آ،
هن سان ساري سنڌ اٿيئي،
جان، جسم ۽ جند اٿيئي،
تو ڦُلن مُٺ تي ڏيئي ان جو،
ڏاڍو سستو سودو ڪيو،
ڦلواريءَ جي ڦولن کي تو،
خارن جي تہ حوالي ڪيو.

هن امن امان جي شھر جو جن هو،
چين و سڪون تباھ ڪيو،
تن کي تحفي ۾ تو جيڪو،
آھ وڏو انعام ڏنو،
تنھنجي ستم ظريفي لئہ،
سو هڪ مثال ئي ڪافي آ.

تون شايد قبيح آهين جو،
هن محبوب شھر جو تو کان،
حسن ڏٺو ئي ڪونہ ٿيو،
هن سونھن سريکي ڌرتيءَ جي،
”جگرافي“ کي ٽوڙين ٿو،
اتھاس جي وهندڙ ڌارائن کي،
ڇا! تون ٽوڙي موڙي سگهندين؟
تواريخ جي ورقن صفحن ۾،
جاءِ بہ ڪا ئي جوڙي سگهندين؟
ها! تون جوڙي سگهندين ليڪن!
هڪ جڳ مشھور حوالي سان،
صادق، جعفر ۽ چنيسر نالي سان.
×
حيدرآباد شھر جي حوالي سان

غنيمت

پٿرن جي ديس جا،
ماڻھو اڳ ئي پٿر هئا،
ويتر بہ پٿر ٿي ويا،
ڪالھہ جن ها پيٽ سان پٿر ٻڌا،
سي بہ رستن جي هليا ويا پيٽ ۾،
۽ نظامِ هضم جو لقمو بڻيا،
پيٽ ماڻھن جا مگر خالي رهيا،
۽ بکيا ويتر بکارا ٿي ويا،
جن کي کائڻ لاءِ ڪو پٿر بہ ڪونھي،
اف! خدا منھنجا خدا منھنجا خدا………!!
پٿرن جي ديس ۾،
هن مھانگي، قحط واري دور ۾،
ڪي تہ خالي پيٽ خالي ڪونہ ٿيا،
روڊ رستن جا سھي،
شھرن ۽ قصبن جا سھي،
سڙڪن ۽ گلين جا سھي،
ايءَ غنيمت آ مٺا!
ايءَ غنيمت آ پيارا!!

امن

او فلسطين جي زمين تو کان پڇان ٿو،
تنھن جو دامن آگ جا شعلا ڀلا ڇو؟
باھ جا ڀنڀٽ اجهامن ۽ ٻرن،
ٿيون هوائون ۽ فضائون پڻ پڇن،
ڪو امن جو واءُ ڀي ورندو ڪڏهن؟
ڪو سکن جو ساءُ ڀي سرندو ڪڏهن؟

گيت ڳايا ڪوئلن ٿي ڪلھہ جتي،
آگ جا شعلا ٻرن ٿا اڄ اتي،
هي زمين ڪشمير جي ڌرتي لڳي،
اڌ صديءَ کان جيڪا جلندي ٿي رهي.

هن چيو آزاد سج نڪتو جڏهن،
دهشتن جو خاتمو ٿيندو تڏهن،
وحشتن جو دور هي ويندو جڏهن،
يا وري ياسر ڪوئي ايندو جڏهن،
ديس منھنجي ۾ امن ٿيندو تڏهن،
هي بمن جون بارشون، سڀ عارضي،
ظلمتون ۽ زيادتيون سڀ عارضي،
گيت ڳائيندا پکيئڙا جابجا،
گونجندا آزاد نعرا امن پيار جا.
×
(فلسطيني نظم)

ڪويتائون

---

ڪملا جي نانءُ

ڪاش…! او ڪاش…!!

ڪاش! ڪملا کي چوي ڪو،
ڳوٺ تنھنجي جو اهو ئي،
ڇوڪرو نھٺو نماڻو،
سانورو ۽ سادڙو،
ڳوٺ جي مڪتب ۾ جيڪو،
هم ڪلاسي هو سندءِ،
ٻاتڙن ٻولن ۾ توسان،
هم ڪلامي ٿي ٿيو،
قربتن ۽ محبتن جو،
شرف جنھن کي تو ڏنو،
بند اکڙين ۾ بہ تنھنجا،
خواب جو ڏسندو هيو،
نانءُ هو ”الله ڏنو“ ان،
ڇوڪري بيحال جو،
”ميان“ ڀٽي پاڙي ۾ سو،
گهر ڪکائين ۾ ٿي رهيو.
اوچتو ئي اوچتو!
واءُ اهڙو ڪو وريو،
تنگ توتي تنھنجي ڌرتي،
ڇو الائي ٿي وئي!!
نيٺ تنھنجي موڪلاڻي،
هجر هاڻي ٿي وئي،
هجر جي گهوڙي سواريءَ،
لاءِ گهوڙا آئيا……
پاڻ سان ”ورهن وڇوڙا“،
سي کڻي آيا هئا،
ان دکي منظر تي هن،
گيت درديلو چيو هو،
تو ٻڌوئي ڪونہ هو جو،
”تون الاجي ڪھڙي ڪارڻ،
هند ڏي آهين هلي“،
هاڻ شايد پاڻ ٻيئي،
ڪونہ ملنداسين وري.

وقت جو ڦيٿو ڦريو هو،
موسمون مٽجي ويون،
هو ڪويتا جي نگر ۾،
سونھن ڳولڻ هو ويو،
۽ سرن سنگيت ۾،
پاڻ ئي گم ٿي ويو.

اڄ اهو ئي ڇوڪرو،
”الله ڏنو“ ناهي رهيو،
”سوز“ جو تخلص وٺي هو،
آ ”ڪوي“ بڻجي ويو،
سونھن سانورتا سندا هو،
گيت ٿو لکندو وتي،
گيت کي سنگيت جو ڪو،
روپ ڏيندو ٿو وتي،
گيت گونجن ٿا ڪويءَ جا،
ريڊيو، ٽي- وي، رسالن،
۽ ڪتابن ۾ بہ ماڻھو،
ٿا پڙهن ۽ ٿا ٻڌن،

ڪاش! تون پڙهندي هجين!
ٻڌندين هجين،
هوند هن جا گيت سڦلا،
۽ سجايا ٿي پون،
ڪاش! تون ان کي سڃاڻين!
ڪو ڪبوتر ئي اماڻين!
ڪاش! تون ان کي سڃاڻين.

هجر جي موسم

هجر جي موسم اچي وئي،
هجر جي ويلا بہ آئي،
هجر جي ان صبح جو هو،
دل دکي نيڻن ڀنل سان،
الوداع توکي چوڻ جي،
لاءِ حاضر ٿيو هو،
هن ڏٺو تنھنجي اکين مان،
لڙڪ ٽمندا ٿي رهيا،
۽ چُني جي پاند ۾ سي،
جذب ٿيندا ٿي رهيا،
ڇا تہ ڏک جو ڏيک هو،
ڪرب جو منظر هيو ڄڻ،
سو ڏٺو ئي ڪونہ ٿيو.
بس هلي وئي پوئتان،
ڌوڙ جا بادل ڇڏي،
نيڻ ڌنڌلا ٿي ويا،
عڪس پيلا ٿي ويا ۽،
نقش سڀ مٽجي ويا،
هجر جي ان ڏينھن تي هو،
مينھن سانوڻ جان وٺو هو،
۽ ڀِڄي بادل ٿيو هو،
اوترو ئي هو رُنو هو،
جيترو روئي سگهيو هو.
شام جو هر پل اَ پل،
ڪيترو بي چين هو،
قافلو ويندو رهيو ۽،
دور سو ٿيندو رهيو،
ياد ڪو ايندو رهيو،
هجر جي سا رات ڪيڏي،
ڀونءِ تي ڀاري لڳي،
پرھ جنھن جي ڪانہ هئي،
صبح جنھن جو ڪونہ هو،
درد مندن جي ڪھاڻي،
جي پڄاڻي ڪانہ ٿي،
هجر آ جاري اڃان،
آ سفر جاري اڃان!!

سارون وسارون

سار تنھنجي اڄ وري ڪنھن،
وير جان آهي وري،
سرحدن کي سَر ڪري،
فاصلن کي طئہ ڪري،
من پڌر تائين بہ آئي،
هير بنجي دل جي در تي،
آھ جيئن دستڪ ڏني،
سآھہ ۾ سانڍيل هيون جي،
سي سڀئي ساعتون،
”آرسي“ سارون وسارون،
ڪر ڀڃي جاڳي پيون،
ڪونج وانگر پر پکيڙي،
سي اڏامڻ ٿيون لڳن،
مان انھن باندي پکين کي،
ٿو هوائن ۾ اڏاري،
موڪلي توڏي ڇڏيان،
هانوَ کي هلڪو ڪرڻ لئہ،
ساھ ۾ سانڍي رکڻ لئہ،
ڪجهہ بچائي ٿو رکان،
شال! توسان سي ملن،
۽ سنيھا ”سوز“ جا،
ترت پھچائي ڏين.

ساروڻيون

اڌ صدي گذري وئي آ،
ڳوٺ تنھنجو شھر ٿي ويو،
آه نقشو ئي ڦري ويو،
پيچرا، راهون ۽ رستا،
ٿي سڀئي تبديل ويا،
پر گليون ساڳيون رهيون،
۽ دليون ساڳيون رهيون،
جت ”ڪنور جاڙي ڀڳت“،
۽ ”چندر“ ڳايو هيو،
ان ”سراء“ ۾ کوڙ ماڻھو
ٿا رهن، پر اڄ اتي،
راڳ جو نالو بہ ڪونھي.

جت جنم تنھنجو ٿيو هو،
ان ڪچي گهر جي پڌر تي،
آھہ ڪا ماڙي ٺھي وئي،
ڦول جي تو پوکيا ها،
سي ڪڏهوڪا ئي سڪي ويا،
آ سڳنڌ باقي رهي،
روز تنھنجو گهر ڏسان ٿو،
ان گلي ۾ مان اچان ٿو.
”ڏيورين“ ۾ جت ڏياريءَ،
جا ڏيئا ٻرندا هئا،
بلب ٿا جرڪن اتي،
دل اندر ۽ من مندر،
روشني آهي ڪٿي!!
جنھن ”پپل“ جي ڇانوَ ۾،
اَنَ ڪڻا چڻندا پکي ها،
لاتيون لوندا هئا،
سي پکي اڏري ويا،
آکيرا اجڙي ويا،
۽ پپل سو پاڙ کان،
نيٺ آ پٽجي ويو،
ڪو نشان باقي نہ آ.

”آب ڪلياڻي“ جي رت ۾،
شام کان سنجها سمي جو،
جت پَلا تازا مليا ٿي،
۽ مکا ميلا ٿيا ٿي،
هاڻ اُت ڪجهہ ڪونہ آ،
”پائليءَ“ جيڪو پلو هو،
”پنج سوَن“ ۾ سو ملي ٿو،
سرڪ سنڌوءَ ۾ نہ آهي،
سو پلا ايندا ڪٿان!!؟
ڄڻ مھاڻا ئي مري ويا،
۽ ”لھاڻا“ ويا لڏي.

ڳوٺ جي ان چوڪ تي،
ٿورڙي ئي فاصلي تي،
گهر مٺي ”عرفان“ جو هو،
ڇا! تہ هو محبوب ماڻھو،
تو ڏٺو ئي ڪونہ هو،
باز جان ڀڙڪو ڏئي،
سو اڏامي آ ويو.
ڳوٺ جي مڪتب ۾ جت،
پاڻ پڻ پڙهيو هيو،
سوبہ آهي بند ٿيو،
ٽي صديون پوريون ڪري،
نيٺ سو ٿڪجي پيو،
ڇا تہ مڪتب بند ٿيو،
ڄڻ تہ هڪڙي ياد جو،
باب ڪوئي بند ٿيو.

ڀوڳنا

اڄ وري ڪو سور آهي سرجيو،
اڄ وري ڪو پُور آهي پلٽيو،
ڀوڳنا جو سلسلو قائم رهيو،
آس جو سنڌو بہ صحرا ٿي ويو،
ڇاهٺيون سال پڻ گذري ويو،
ڳوٺ تنھنجي جو اهو ئي ڇوڪرو،
پيرسن سو هاڻ آهي ٿي ويو،
آھہ وارن تي سندس چاندي لٿل،
۽ اکين تي پڻ اٿس چشمو چڙهيل،
ڪا سندءِ تصوير ۽ تحرير پڻ،
ڪانہ آهي ان غريبِ حال وٽ،
صرف تنھنجي ياد جي خوشبوءِ کي،
ساھ ۾ سانڍي سنڀالي ٿو رکي،
هن وساريو ڪونہ آ توکي اڃا!
ڪاش! ان کي تو ڪڏهن ساريو هجي،
شاھ جي هن بيت جي مفهوم جان،
”ڳوليان پر نہ ملان مان هوت سان،
من اندر جي لوچ ماٺي ٿئي متان“،
ڪنھن ڪھاڻي جي انھي ڪردار جان،
يا ڊرامي جي ڏکاري ڏيک جان،
پاڻ ڀي ڪردار ڪوئي آهيون،
هڪ لڱا وڇڙي ويا جيڪي هيا،
ڪين سي ٻيھر ملي سگهيا هيا.

جستجو

تون ڪٿي آهين الاجي او مٺي!
مون تہ توکي هر شھر ۾ ڳوليو،
ميرپور ننگر امر جي ڪوٽ مان،
ڪوبہ تنھنجو ڏس پتو ناهي مليو،
مون تہ مِٺِي شھر کان پڻ هو پڇيو،
”او مِٺِي! تو ڪا ڏٺي منھنجي مِٺِي“
پر مٺِيءَ مان ڪين ڪو وريو سريو،
مون وڏي واڪي ڪيا جي سڏ ها،
سي پڙاڏا ٿي سڀئي موٽي مليا،
تون الاجي حال ڪھڙي ۾ هجين،
مان اڃان ”هالين پراڻين“ آهيان،
ڪا خبر ناهي وصل ٿيندو وري،
يا هجر ۾ ئي هليو وڃبو مِٺِي.

ڇاهٺون سال ڀي گذري ويو،
اڄ بہ هُن جي ياد ٿي هر هر اچي،
او خدا! منھنجا خدا! تون خير ڪر،
هوءَ جتي آهي اتي شل خوش هجي.

ارپنا

نظم هن جي نانءَ مان ويٺو لکان،
پر نہ ٿو پوري پوان مان ڇا ڪريان،
نا مڪمل نظم هي آهي اڃان،
آھ سو ”امداد“ جي ان سٽ جان،
جا نہ دوهو ۽ نہ نوحو ٿي سگهي،
نظم هي پورو ٿئي تہ ڪيئن ٿئي؟
نظم هن کي لفظ ٿا گهرجن گهڻا،
ايترا سارا اکر آڻيان ڪٿان؟
ڪيئن سو دوهو ٿئي نوحو ٿئي،
نظم هي ڄڻ ڪو اڌورو خواب آ،
ڪنھن وساريل وقت جو احساس آ،
عڪس آهي ڪنھن اڌوري آس جو،
هجر جي گذري وڃڻ جي آس جو،
وصل جي موسم اچڻ جي آس جو،
مکڙيون گل ٿي پوڻ جي آس جو،
من اندر جي ڪاش! ڪا موسم اچي،
نظم هي جيڪر مڪمل ٿي پوي،
نظم هي توڙي اڌورو نظم آ،
پوء بہ هن جي نام سان منسوب آ.

لاپتہ ماڻھن جو ليک

بادلو! او بادلو! او بادلو!
شھر جانان جو تہ ڪوئي ڏس ڏيو،
مون تہ ماڻھن کان گهڻو ئي آ پڇيو،
سو اوهان کان ئي پڇڻ آهيان لڳو،
ڏس پتو گهرجيم ٿو ”ڪملا“ سندو،
يا وري ان جي مھان پتا سندو،
نانءُ ويرومل هيس، کتري هيو،
سنڌ جي هالا پراڻا شھر جي،
هو ”کيماڻي جي گهٽي“ ۾ ٿي رهيو،
نامور تعليمدان، استاد هو،
هن جي شخصيت جا حوالا ها گهڻا،
”ماستر“ ان جي سڃاڻپ ٿي ويو،
ڳوٺ جي مڪتب ۾ پڻ سو ماستر هو،
مون ٽيون، چوٿون اتي ئي هو پڙهيو،
هم ڪلاسي مان بہ ڪملا جو هئس،
۽ اتي جو ”مانيٽر“ پڻ ٿي رهيس،

اوچتو ئي اوچتو ڪي
هجر جا گهوڙا اچي ويا،
جي کنڀي ان کي کڻي هليا ويا،
هوبہ ڪنھن ”شرنارٿي“ جان ويو هليو،
دور پنھن جي ديس کان پرديس ڏي.

ڇاهٺون سال ڀي گذري ويو،
پر نہ ان جو ڏس پتو ڪوئي مليو،
او! هوائون پوربي منھنجي مڃو!
دور تائين چوڏسا پکڙي وڃو!
ساءِِ ويرومل جو ڪوئي ڏس ڏيو،
ڪاش! ڪملا کي ڪٿان ڳولي لھو.

نظم هي ڪنھن لاپتہ جو ليک آ،
ڪنھن ڊرامي جو ڏکارو ڏيک آ،
هٿ تريءَ جي ڪائي مبھم ريک آ،
عرض آ ”مھراڻ“ جي سرواڻ کي،
”سوجهرو“ جي تاج کي آ التجا،
آ گذارش ”امرتا“ جي ڍول کي،
”ڪونج“ ايڊيٽر کي آهي وينتي،
ليک هي جيئن آھہ تيئن ڇاپي ڇڏن،
”آل انڊيا ريڊيو“ کي آ صدا،

”دور درشن“ کي بہ ساڳي وينتي،
ياد جي خوشبوءِ ڦھلائي ڇڏن،
عرض ”ڪي-ٽي-اين جي “ماهين” کي،
نظم هي ”شعر ستارا“ ۾ پڙهي،
سوجهرو، مھراڻ، امرتا، ڪونج جا،
مانوارا او پيارا پاٺڪو،
آل انڊيا ريڊيو جا لسنرو!
دور درشن جا سڀئي درشنورو!
سنڌ، ڪي-ٽي-اين جا او دوستو!
جي اوهان کي آھ ڪو ئي ڏس پتو،
”سوز“ کي ”هالين پراڻين“ موڪليو،
هڪڙي شاعر کان دعا جا گل وٺو.
هڪڙي شاعر کان دعا جا گل وٺو.

ساروڻيون

---

سائين مخدوم طالب المولى جي ياد ۾

پيار محبت جي درخت جا، پنڇي اڏري ويا،
وڇوڙي جي واءَ ۾.

گهاٽي بڙ جي لام جا، پيلا پن ٿيا،
وڇوڙي جي واءَ ۾.

سارا ڪومائجي ويا، جيڪي گل ٽڙيا،
وڇوڙي جي واءَ ۾.

ڪيڏا لڙيا لڙڪ ۽ ڪيڏا ڳل سڙيا،
وڇوڙي جي واءَ ۾.

الائي ڪارڻ ڪھڙي، ايڏو ڏور ويا،
وڇوڙي جي واءَ ۾.

ويسھہ اچي ڪونہ ٿو تہ ڪي لال لڏيا،
وڇوڙي جي واءَ ۾.

نعمتون واپس وتيون، ڌرتيءَ کان خدا،
وڇوڙي جي واءَ ۾.

”سوز“ انھي جي سوڳ ۾ ڏاڍا روح رڙيا،
وڇوڙي جي واءَ ۾.
وڇوڙي جي واءَ ۾.

شھيد ڀٽو صاحب جي ياد ۾

هڪ مھان ماڻھو، ياد رهيوسين،
سورج هاڻو، ياد رهيوسين.

چاھ چڪوريءَ جھڙو جنھن جو،
ساھ سيباڻو، ياد رهيوسين.

مومل ماڻا وسري وياسين،
راڄن راڻو، ياد رهيوسين.

جنھن جي نانوَ جو ورد پڙهن،
تسبيح داڻو، ياد رهيوسين.

ٻيا سڀ وسريا موتي ماڻڪ،
جو نہ وڪاڻو، ياد رهيوسين.

شھر شھيدن جو هڪ ماڻھو،
سورهيہ سياڻو، ياد رهيو سين.

نئين ديري جي ڌرتي تُنھن جو،
هر اولاڻو، ياد رهيوسين.

”سوز“ ڪڏهن بہ وسري نہ سگهيو،
عشق اگهاڻو، ياد رهيوسين.

شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جي ياد ۾

سڄي لوڪ ۾ آھ هيھات، تنھنجي،
ڪُڇي ڪونہ ٿي پر لُڇي لات، تنھنجي.

لڳا چنڊ توکي گهڻئي گهاوَ گَهِرا،
مگر رات کي آ اڃا تات، تنھنجي.

زماني ۾ هارون ۽ جيتون بہ آهن،
سندم دل نہ باسي سگهي مات، تنھنجي.

اهائي تہ ڌرتي جنھن دودو ڄڻيو هو،
لڳي ٿو تہ ساڳي آهي ذات، تنھنجي.

انھي نانوَ نرمل سندي ڇانو تي ٿي،
وسي وڏڦڙن وانگ برسات، تنھنجي.

سدا سنڌ تولاءِ سڪندي ئي رهندي،
جڳن تائين رهڻي آهي بات، تنھنجي.

وڇوڙي جون گهڙيون بہ نزديڪ آيون،
اڃا منتظر آه پرڀات، تنھنجي.

تنھنجو ”سوز“ جاري ۽ ساري بہ رهندو،
هميشہ لئہ هوندي وائي وات، تنھنجي.

سائين مخدوم محمد امين فھيم جي ياد ۾

نرمل سرور نوح جو، ارڙهون شھزادو،
ڏاڍو ڏور هليو ويو.

ايڪھين نومبر، پندرهن تي، سڄڻ سفر هليو،
ڏاڍو ڏور هليو ويو.

سنڌڙي تنھن جي سوڳ ۾ آهي رت رنو،
ڏاڍو ڏور هليو ويو.

جھڙو سندس نانءُ هو، اهڙو پاڻ هئو،
ڏاڍو ڏور هليو ويو.

هئہ هئہ هالا شھر جو، شاعر گهٽجي ويو،
ڏاڍو ڏور هليو ويو.

”سوز“ انھيءَ جي سوڳ ۾، جڳ افسوس ڪيو،
ڏاڍو ڏور هليو ويو.
ڏاڍو ڏور هليو ويو.

شيخ اياز جي ياد ۾

جنھن ديس ۾ ڪو پيار جو شاعر نہ ٿو رهي،
ان ديس تي امن جو فرشتو نہ ٿو لھي.

سورج جي روشنيءَ مان جيئن چنڊ ٿو ٺھي،
اهڙي طرح سان ”شاھہ“ مان ڪو ”اياز“ ٿو ٺھي.

هن ٿڪ ڀڃڻ گهريو هو ڀٽائيءَ جي ڀونءِ تي،
شاعر جي شاعريءَ جو ڪٿي ٿڪ ٿو لھي.

اڄ ڀي ”ڪراڙ“ ڪپ تي هو گيت ٿو چوي،
سنڌوءَ جي سير جان ٿي سندس شاعري وهي.

باغي ”دروهي“ دوشي ڪو ڪيئن ڪو ڪيئن ڪھي،
شاعر کان سواءِ ڪير اهي گهاوَ ٿو سھي.

ڪنڪر کڻي ٿو لوڪ تہ بہ مرڪي ٿو هيئن چوي،
”هيرن جو ملھہ پيارا ڪو جوهري لھي“.

تنوير عباسيءَ جي ياد ۾

سنڌ ڇڏيو، تنوير وڃي پيو،
جند ڇڏيو، تنوير وڃي پيو،
جيئڻ هن کي راس نہ آيو،
موت سڏيو، تنوير وڃي پيو.

جيڪي لفظ ملن، تنھنجي نانءُ ڪجن،
پوري پوَن ڪين ڪي.

شاعر سونھن ورونھن جا، گڏجي سڀ لکن،
پوري پوَن ڪين ڪي.

ڳالھيون جيءَ جنسار جون، ڪيئن ڀلا وسرن،
پوري پوَن ڪين ڪي.

ماڻھو تنھن محبوب جون ڳالھيون ڇا ڳڻجن،
پوري پوَن ڪين ڪي.

تو تي ”سوز“ لکڻ لئہ عمريون کوڙ کپن،
پوري پوَن ڪين ڪي.

استاد بخاريءَ جي ياد ۾

جيئن گل وڻن ٿا ٽاريءَ تي،
۽ مينھن وساڙا واريءَ تي،
جيئن ڏيئڙا ڏيئڙا ڏياريءَ تي،
ٿا سھڻا لڳن سنڌ ساريءَ تي،
جيئن سُر ڇِڙن ڪوهياريءَ جا،
تيئن گونجن گيت ”بخاريءَ“ جا.
جي سھڻا پاڻ سڏائن ٿا،
استاد کي سي پڻ چاهن ٿا،
ڪي ڳائن تہ ڪي وڄائن ٿا،
ڪي جهوميو جهمريون پائن ٿا،
پنھنجي سونھن جي سونھن وڌائن ٿا،
جيئن ڳائن گيت بخاريءَ جا،
تيئن گونجن گيت بخاريءَ جا.
اڄ ميلو آھہ بخاريءَ جو،
هر ويلو آھہ بخاريءَ جو،
هر محفل آھہ بخاريءَ جي،
۽ هر دل آھہ بخاريءَ جي،
هر رات بہ آھہ بخاريءَ جي،
هر بات بہ آھہ بخاريءَ جي.

سونھن موجود سدا موجود!
سنڌ موجود سدا موجود!

سائل لاکي جي ياد ۾

وڄائي پنھن جو وارو نيٺ سائل موڪلائي ويو،
لڳي ٿو شاعرن جو هاڻ هت فقدان ٿي ويندو،
پڇيم هڪ ڏينھن ”سائل“ کان ”گذارو ڪيئن ٿيندو آ“،
چيائين بس :
”ملن محبوب ٿا مرڪي تہ آ گذران ٿي ويندو“.

”ڪافي“

شوخ نظرن سان نھارون ٿو ڪرين،
عاشقن تي ڄڻ الارون ٿو ڪرين.

ٿو هوائن ۾ اڏامي ائين وڃين،
ڄڻ عقابن جان اڏارون ٿو ڪرين.

صبح ويلي ڪوڪ پئي ڪويل ڪئي،
ائين لڳو ڄڻ تون جهونگارون ٿو ڪرين.

ڪلھہ ميارون لوڪ ٿي توکي ڏنيون،
لوڪ تي اڄ تون ميارون ٿو ڪرين.

”سوز“ ”سائل“ کان بہ سادو ٿو لڳين،
بي ميارن تي ميارون ٿو ڪرين.

عرفان مھدي جي ياد ۾

سنسان منظر

سرنگهہ جھڙي گليءَ کي،
لتاڙي اچي،
تنھن جي گهر جي اڳيان،
تنھن جي در جي اڳيان،
مان جڏهن ٿو بيھان،
تہ ائينءَ ٿو لڳي،
تو سان گهاريل گهڙيون،
خواب وانگر هيون،
جي هڪ هڪ ٿي نيٺ وکري ويون،
هوائن ۾ پن پن ٿي اڏري ويون،
فضائن ۾ آخر سي تحليل ٿيون.
………
جتي پاڻ مليا ۽ کليا هئاسين،
ڏئي هٿ هٿن ۾ هليا هئاسين،
وجهي ٻانھون ٻانھن ۾ رستن تي،
رليا ۽ گهميا هئاسين،
ڀٽائيءَ جون وايون جهونگاريون هيوسين،

اهي ڀيڻيون هاڻ اجڙيل لڳن ٿيون،
اهي گهڙيون گهائڻ ۽ کائڻ اچن ٿيون،
تون ڇا وئين دوست،
سڀئي روشنيون، خوبصورتيون،
خط، تصويرون ۽ تحريرون،
پاڻ سان سڀ کڻي وئين،
الاجي توکي ڪھڙي جلدي هئي پيارا!
۽ مان اڪيلو وڇوڙي جا گيت لکندو وتان،
تنھن جي گهر جي اڳيان،
تنھن جي در جي اڳيان،
مان جڏهن ٿو لنگهان،
تہ ٻئي هٿ پنھنجي اکين تي رکي ٿو ڇڏيان،
تہ جيئن پنھنجي نيڻن سان سو سنسان منظر
ڏسي نہ سگهان.

ماسٽر فيروز گل جي ياد ۾

خزائن ۾ ملڻ وارا، ويا وڇڙي بھارن ۾،
نھاري نيڻ ٿڪجي پيا، انھن لئہ انتظارن ۾.

اکين ۾ خواب ها جيڪي، اکين ۾ ئي ويا رهجي،
رهن ٿا خواب خوابن سان، اکين جي آبشارن ۾.

اماسي رات ۾ اڪثر، اداسي دل ٿئي ويتر،
ستارن جي سھائي آھہ، رهجي وئي ستارن ۾.

اهي محبوب ماڻھو جي عقابن جان ويا اڏري،
نماڻا نيڻ ڳولن ٿا، اهي نرمل نظارن ۾.

بھارون بيوفا آهن، اسان جِي بس بھارن کان،
بھارن بيوفائي آ ڪئي، اڪثر بھارن ۾.

لکيو جو ”سوز هالائي“ غزل ”فيروز“ جي نالي،
سدائين ڳائبو رهبو، خزائن ۽ بھارن ۾.

ملڪہ ترنم نورجھان جي ياد ۾

راڳن جي راڻي او! سُر جي شھزادي،
تون ڪومل سُر سنگيت جو.

گيتن جي گونجار سان، تو واسي هر وادي،
تون ڪومل سُر سنگيت جو.

ڇا ڇا سُر سجائيا تو ها ”وادي سموادي“،
تون ڪومل سُر سنگيت جو.

ساز آواز جي ساٿ کي تو ڏني آزادي،
تون ڪومل سُر سنگيت جو.

گيت ڏني سنگيت کي مبارڪبادي،
تون ڪومل سُر سنگيت جو.

”سوز“ سدائين رهڻي آهي تنھن جي زندہ بادي،
تون ڪومل سُر سنگيت جو.

محمد يوسف جي ياد ۾

هر هر ياد اچن، وسري ڪين سگهن،
يار يوسف جون ڳالھيون.

لڳڙي هير ڏکڻ جي، تيئن ٿيون ياد اچن،
وسري ڪين سگهن،
يار يوسف جون ڳالھيون.

ڪيئي رندي ڪافيون، هينئڙي منجهہ هُرن،
وسري ڪين سگهن،
يار يوسف جون ڳالھيون.

ڳاتا گيت پريت جا، سي ٿا لک لھن،
وسري ڪين سگهن،
يار يوسف جون ڳالھيون.

موسيقيءَ جي ملڪ جا ماڻھو کوڙ ملن،
وسري ڪين سگهن،
يار يوسف جون ڳالھيون.

جنھن جي سر ۾ ”سوز“ جون، ڳالھيون ڇا چئجن،
وسري ڪين سگهن،
يار يوسف جون ڳالھيون.

وحيد عليءَ جي ياد ۾

راڻوڳائيندي، مرڪ ورهائيندي راڻو وڇڙي ويو.

مومل کان مجاز جو ماڻو، وڇڙي ويو،
راڻو وڇڙي ويو.

چانگي کان چندن ۽ لاڻو، وڇڙي ويو،
راڻو وڇڙي ويو.

لوڪ ڪلاسڪ راڳ جو ڄاڻو، وڇڙي ويو،
راڻو وڇڙي ويو.

سرهو سرهو خوشبوءِ هاڻو، وڇڙي ويو،
راڻو وڇڙي ويو.

سُرمي جھڙو ”سوز“ چئي، ماڻھو وڇڙي ويو،
راڻو وڇڙي ويو.
راڻو وڇڙي ويو.

فوزيہ سومرو جي ياد ۾

ڪوئل جيئن ”ڪو ڪو“ ڪري، آخر ڏاڻي،
گيتن جي راڻي.

شام ٿيڻ کان اڳ ۾ لام بہ ڪوماڻي،
گيتن جي راڻي.

جنھن جي سُر جي خوشبوءِ کٿوريءَ هاڻي،
گيتن جي راڻي.

سنڌي لوڪ سنگيت کان مڃتا جنھن ماڻي،
گيتن جي راڻي.

جنھن جي سُر سفر جي، آ عجب آکاڻي،
گيتن جي راڻي.

”سوز“ سموري سنڌڙي ٿي ويئي ويڳاڻي،
گيتن جي راڻي.

شفيع محمد جمن جي ياد ۾

شاھ لطيف جي وائين ۾ جيئن راڳن جي خوشبو،
سُر سنگيت ۾ تيئن آ ”محمد جمن“، جي خوشبو.

سُر ڪلياڻ ۾ آھ بلاشڪ ايمن جي خوشبو،
”جمن“ جي خوشبو ۾ شامل ”شفن“، جي خوشبو.

سُر سنگيت جي سُر تان ويڙا هنج اڏامي پر،
سنڌ سڄي ۾ گونجي پيئي گيتن، جي خوشبو.

ساز آواز نہ مرڻا آهن، زندہ سي ئي رهڻا آهن،
جن سازن آوازن ۾ ڪا، آهي فن جي خوشبو.

موسيقيءَ جي ملڪ جا ماڻھو سارا خوشبو هاڻا پر،
”سوز“ جدا سڀني کان آهي ”جمن“، جي خوشبو.

ڪافي ڍول فقير جي نالي

تند سان تند ملائي، سُر سان سُر ملايو ڍول،
سُر سرچائي پِرَ پرچائي روح ريجهايو ڍول.

مومل کي مجاز جا مڙئي، وسريا رنگ رتول،
جيءُ جهري ٿيو جهيرون جهيرون راڻو ڳايو ڍول.

سُر تالن سان، لئہ ٻولن سان سڀ ملي هڪ ٿيا،
يڪتاري جي تند سان واه جو نينھن نڀايو ڍول.

ٻول فقيري ڳولي ڳولي ٻوليون ٻولڻ آيو هو،
ڏات سندي ڪشڪول ۾ آندو سُر سرمايو ڍول.

”سوز“ سُرن سنسار ۾ اهڙو گم سم ٿي آ ويو،
ڄڻ تہ انھيءَ سنسار ۾ هن جو آهي آيو ڍول.

صادق فقير جي ياد ۾

ٿر جي ڌرتيءَ تي، ڪوسي واريءَ تي،
ڪوئي سُر ڇڙي پيو.

لڳڙي هير ڏکڻ جي، ٽاريءَ ٽاريءَ تي،
ڪوئي سُر ڇڙي پيو.

خوشبوءِ آئي اوتجي، سنڌڙيءَ ساريءَ تي،
ڪوئي سُر ڇڙي پيو.

موسيقيءَ جي ملڪ جي، موسيقاريءَ تي،
ڪوئي سُر ڇڙي پيو.

رم جهم رم جهم رم جهم، مينگهہ ملاريءَ تي،
ڪوئي سُر ڇڙي پيو.

نالو ”صادق“ کي مليو ڪلاڪاريءَ تي،
ڪوئي سُر ڇڙي پيو.

”سوز“ سموري سنڌ جي فن فنڪاريءَ تي،
ڪوئي سُر ڇڙي پيو.

سر جمن

پھريون سر ڪلياڻ، رسالي لطيف جو،
”جمن“ ڳاتو شاھ جو، پھرين سر ڪلياڻ،
دوست پيھي در آئيو، نينھن ڏني نرواڻ،
موسيقيءَ مھراڻ، وهندي تارون تار ٿيو.

ساري سڀ ڄمار، سک نہ ستا ڪڏهن،
جيئن جئين ٺري راتڙي، تاڻين تند تنوار،
راڳي تنھنجي راڳ جا، آهن عجب اسرار،
ٻيجل ٿي ٻيھار، سر جون صدائون ڏنيون.

آڌيءَ ٿا اورين، اندر جي اظھار کي،
راڳي راڳ ويراڳ جي تندن کي تورين،
ساريون راتيون ”سوز“ چئي، سازن کي سورين،
گهوريو ٿا گهورين، سر تان پنھنجي سر کي.

راتيون جاڳن جي، سي ئي موسيقار ٿيا،
رکي ساز هنجن تي سر ملائن سي،
سڌا پير ڪري، ڪڏهن ستا ڪين ڪي.

ڪري رقص ردم، بانسريءَ جي ڦوڪ تي،
جهانجهر جي جهنڪار تي، ٽيڙو ڪن ٽم ٽم،
راڳي راڳ ويراڳ سان رات ڪئي رم جهم،
ڇيرين جي ڇم ڇم، تارو تارو گهنگهرو.

روپا روپا رنگ، راڳي تنھنجي راڳ جا،
مُلڪن ۾ مشھور ٿيا، ”انگائي“ جا انگ،
سونا سارا سنگ، موسيقيءَ جي کيت جا.

چندن هاڻا روپ، راڳي تنھنجي راڳ جا،
خوشبو خوشبو ٿي ويا سارا روپ سروپ،
ناهن ٿيا الوپ، گونجن پيا گرنار تي.

مصريءَ کان بہ مٺيون، راڳي تنھنجون راڳڻيون،
مٺيون اهڙيون جھڙيون محبوبن مٺيون،
موسيقار مٺيون، سُرَ کي ڏنيون ”سوز“ چئي.

انگن ۾ اوتي، لھر لئہ ڪاريءَ جي،
سُرن جي سمونڊ مان، ميڙيا ڪئين موتي،
موتي ٿيا جوتي، سُرن جي سھڪار سان.

رسالي جا رنگ، راڳي تنھنجي راڳ ۾،
سرن جي سرچاءَ سان، چارڻ چوريا چنگ،
انگائيءَ ڪي انگ، وتا شاھ لطيف کان.

ڳايون جي وايون، راڳيءَ شاھ لطيف جون،
سي ٻيھر ٻرايون، جاجڪ ساريءَ جوءِ ۾.

تو جا ڳائي ”آبري“، پنھون پيو پرچي،
سسئيءَ سان سرچي، پرين پھتو پٻ ۾.

”معذوري“ جي راڳ تي ڏونگر پيو ڏري،
آهي ڳالھہ ڳري، راڳي تنھنجي راڳ جي.

ٻيجل سِرُ وتو، راجا راءِ ڏياچ کان،
”جمن“ سُر وتو، سرچائي سنگيت کان.

جيئن ڪو ننڍڙو ٻار، کيڏي رانديڪن سان،
ائين رانديون راڳ سان، ڪري هي فنڪار،
ماهر موسيقار، ڄاڻي رمزون راڳ جون.

گم سم سارو ڏينھن، سرن جي سنسار ۾،
ڪونہ ٻڌوسين سر سان، ايڏو نينھن سنينھن،
موسيقيءَ جو مينھن، وٺو موسيقار تي.

موکي متارا، وري تو وٽ آئيا،
هو جي وھه وهاٽيا، سراپيل سارا،
سرڪيءَ ڪارڻ سر جي، وريا وڻجارا،

ڇڏي شوق شراب جا، سڻي چوتارا،
راڳيءَ سندي راڳ جا، آهن اڃارا،
وريا اڄ وارا، ”سون مياڻي“ سون ٿي.

تن ۾ تات لطيف جي، من ۾ لطيفي لات،
ساري ساري رات، گونجن گيت هوا ۾.

موسيقي ڇا هي؟ پڇيم موسيقار کان،
”چي“:
سپيرين جي سونھن کي، جيڪا ساراهي،
اها ئي آهي، معنى موسيقيءَ جي.

ميڙي جن مايا، سي مور نہ موسيقار ٿيا،
مور نہ موسيقار لئہ مايا ٿي ڇايا
موسيقي مايا، آهي موسيقار جي.

”جمن“ جي آئي، ٿيا سھنج سنگيت جا،
لاٿي ڪٽ ڪماچ تان، تنھن سورٺ کي ڳائي،
ڳائي وڄائي، وتو سُر سنگيت کان.

”جمن“ جيئن ڳاتو، آهي شاھ لطيف کي،
تنبوري جي تند ۽ سر کي سڃاتو،
ائين نہ ڳاتو، ڪنھن ٻئي راڳيءَ شاھ کي.

راڳ نہ ڪي ويراڳ، نڪي رندي ڪافيون،
سارا سڃا ٿي ويا، موسيقيءَ جا ماڳ،
جمن وري جاڳ، تہ ٿين سھج سنگيت جا.

جمن جاڳرتا، ڏني سر سنگيت کي،
سھڻي سڀيتا، ملي موسيقار کي.
¹
(استاد محمد جمن جي ياد ۾)

تاثرات

سوز هالائي جي شاعري ۾ نئون رنگ آهي ۽ اها گهڻي حد تائين سھڻن لفظن ۽ اصطلاحن سان سينگاريل آهي. هن ۾ سوز ۽ ساز ٻئي آهن، سھڻا الفاظ بہ آهن ۽ انھن سان گڏ سُرُ ۽ آواز بہ آهن ان لاءِ سوز کي مبارڪ هجي.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ )

…… سوز هالائي بنيادي طور غزل جو شاعر آهي، سندس غزل واري شاعريءَ جي هڪ مصرع مشرق تہ ٻي مغرب وانگر نہ آهي ۽ سڄي شاعري هڪ ڪري ۽ هڪ ساريڪي آهي. سندس غزل ۽ ٻين صنفن تي گيت جو اثر نمايان آهي، جنھن کي عنوان بہ ڏيئي سگهجي ٿو تہ ڳائي بہ سگهجي ٿو.

(محمد ابراهيم جويو)

سوز رڳو غزل جو شاعر ڪونھي، مختلف اصنادِ سخن تي پڻ طبع آزمائي ڪري ٿو. هو بلاشڪ تہ ورسٽائيل شاعر آهي. سندس ليرڪ شاعري صرف هالا وارن لاءِ نہ پر سڄي سنڌ واسين لاءِ آهي. مان چوان ٿو تہ “هالا ۾ آ سوز ائين، جيئن ٽکڙ ۾ امداد”.

(تنوير عباسي)

…… سوز سنڌي شاعريءَ ۾ موسيقي جو اڀياسي رهيو آهي، سندس شاعريءَ ۾ موسيقيءَ جا چٽا پٽا عڪس موجود آهن. سوز جي شاعري روايت ۽ جدت جي ميلاپ سان ٺھي ٿي. مون کي تہ سندس شاعريءَ ۾ هالا واري جنڊيءَ جا چٽ چٽيل نظر آيا.

(امداد حسيني)

…… سوز جي شاعري پڙهڻ ويٺس تہ پڙهندو ئي رهيس، مون کي سوز جي کوڙ سارن شعرن موهيو، سو نوٽ ڪري ڇڏيم. سوز جي شاعري ترقي پسند شاعرن جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جھڙي آهي، کيس مڃتا ضرور ملڻ گهرجي.

(رسول بخش پليجو)

…… منھنجي ڳوٺائي شاعر سوز هالائي جي شاعري پڙهندو آهيان تہ وجد ۾ اچي رقص ڪرڻ لڳندو آهيان. ڪاش! منھنجو آواز سريلو هجي ها تہ سوز جي شاعري کي ڳايان ها، منھنجي ڳوٺ هالا پراڻا ۾ هڪ صديءَ کان پوء اهڙو ڪو شاعر پيدا ٿيو آهي، جنھن جي شاعريءَ موسيقيءَ جو لباس پاتو هجي ۽ ايتريون ساريون محبتون ماڻيون هجن.

(قاضي حفيظ قريشي سينيئر)