شاعري

ڪثرت عشق ديدہ حق

حافظ محمد اسلم مھيسر پنھنجي دور جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آھي. پاڻ جمعيت شعراءِ سنڌ جا بنيادي رڪن رھيا آھن. سندس شاعريءَ ۾ تصوف جو رنگ بہ شامل آھي تہ مجازي عشقيہ شاعري پڻ شامل آھي. ھن ڪتاب ۾ حمد شريف ۽ مناجاتون شامل آھن.

Title Cover of book ڪثرت عشق ديدہ حق

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر حافظ محمد اسلم مھيسر رفيقوي جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪثرت عشق ديدہ حق“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب امتياز حسين مھيسر آھي. 
حافظ محمد اسلم مھيسر پنھنجي دور جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آھي. پاڻ جمعيت شعراءِ سنڌ جا بنيادي رڪن رھيا آھن. سندس شاعريءَ ۾ تصوف جو رنگ بہ شامل آھي تہ مجازي عشقيہ شاعري پڻ شامل آھي. ھن ڪتاب ۾ حمد شريف ۽ مناجاتون شامل آھن.
ھي ڪتاب 2008ع ۾ علم دوست ادبي سنگت، سنڌ پاران اروڙ پبليڪيشن، سکر وٽان ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي