شاعري

ڪَنڌيءَ اَڪَ ڦُلاريا

تاجل بيوس عوامي شاعر آھي، جنھن جي شاعريءَ جا موضوع ۽ مضمون ٺيٺ سنڌي سماج سان ڳانڍاپيل آهن. سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان ٿيندڙ ويلن کان سواءِ هن اُن خوشيءَ ۽ الميي جو سندس شاعريءَ ۾ ذڪر ملندو، جيڪي سنڌي ماڻھن سان پيش آيل آهن. تاجل بيوس جي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيل ٻولي، محاورا، تشبيھون، موضوع، سڀ جا سڀ عوام جا آهن ۽ عوامي ٻوليءَ ۾ آھن. ھن ڪتاب ۾ بيت ۽ وايون شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 3
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪَنڌيءَ  اَڪَ  ڦُلاريا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر تاجل بيوس جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪَنڌيءَ اَڪ ڦُلاريا“ اوهان اڳيان پيش آهي. 
تاجل بيوس عوامي شاعر آھي، جنھن جي شاعريءَ جا موضوع ۽ مضمون ٺيٺ سنڌي سماج سان ڳانڍاپيل آهن. سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان ٿيندڙ ويلن کان سواءِ هن اُن خوشيءَ ۽ الميي جو سندس شاعريءَ ۾ ذڪر ملندو، جيڪي سنڌي ماڻھن سان پيش آيل آهن. تاجل بيوس جي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيل ٻولي، محاورا، تشبيھون، موضوع، سڀ جا سڀ عوام جا آهن ۽ عوامي ٻوليءَ ۾ آھن. ھن ڪتاب ۾ بيت ۽ وايون شامل آھن.
ھي ڪتاب 1992ع ۾ سنڌي ساھت گهر، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون تاجل بيوس جي فرزند ۽ تاجل بيوس اڪيڊميءَ جي سرواڻ سليم تاج جا، جنھن ھي ڪتاب سنگم پبليڪيشن جي سرواڻ ڪرم الاھي چنا جي مدد سان نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: ڪنڌيءَ اَڪَ ڦُلاريا
موضوع: شاعري
ليکڪ: تاجل بيوس
ڇاپو: پھريون
ڇپجڻ جي تاريخ: آڪٽوبر 1992ع
ڪمپوزنگ ۽ پيج ميڪنگ: ڪرم الاهي چنا
سنڌي ساهت گهر، ڪتاب نمبر (54)

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2024

KANDHI AKK PHULARYA (Poetry)
By TAJAL BEWAS
Published by: Naz Sanai
Composing and Page Making: Karam Ellahi Channa
Sindhi Sahat Ghar-3 Nizam Lodge
Gari Khato Hyderabad Sindh
First Edition October 1992





سَچُ ڪ سُڪو ڍورُ، ڪنڌيءَ اَڪَ ڦلاريا
جُنگن ڇَڏيو زورُ، سَرُ سُڪو، سُونگي گيا؟

(شاھہ)

ارپنا

سرڳواسي رام پنجواڻيءَ
جي نالي،
جيڪو سيتا سنڌو ڀَون ۾ ڪلا- گهر
جوڙائي، ڀارت جي سنڌين جا ميڙاڪا
مچائي، اسان جي ٻولي، ادب ۽ سڀيتا
کي اَمرتا، بخشي ويو آهي.

تاجل بيوس

ٻہ اکر

تاجل بيوس، سنڌيءَ جي انھن شاعرن ۾ شامل آهي، جن پنھنجي محنت ۽ لگن ڪري، سنڌي عوام وٽ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي آهي. تاجل بيوس اهو شاعر آهي جنھن جي شاعريءَ جا موضوع ۽ مضمون ٺيٺ سنڌي سماج سان ڳانڍاپيل آهن. سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان ٿيندڙ ويلن کان سواءِ هن اُن خوشيءَ ۽ الميي جو سندس شاعريءَ ۾ ذڪر ملندو، جيڪي سنڌي ماڻھن سان پيش آيل آهن. هن جي ٻولي، محاورا، تشبيھون، موضوع، سڀ جا سڀ عوام جا آهن ۽ عوامي ٻوليءَ ۾. ان ڪري ئي هو عوامي شاعر سڏجڻ لڳو آهي.
هن جي شاعريءَ ۾ ڪم آندل ٻولي قديم ۽ جديد مروج ٻوليءَ جو سنگ ميل آهي ۽ سندس شاعريءَ مان اهو هڳاءُ ٿو اچي جيڪو سنڌ امان جي مٺي ٻوليءَ جو هئڻ گهرجي. جڏهن تہ اسان جي هاڻوڪي ادب ۾ اسان جي پراڻي ٻولي وسريل آهي ۽ نئين ٻوليءَ جو بہ بگاڙو نظر ايندو، پر تاجل پنھنجي ٻوليءَ ۾ اها سونھن سلامت رکي آهي، جنھن سونھن ڪري، اسان پنھنجي ٻوليءَ تي فخر ٿا ڪريون، جنھن ٻوليءَ کي پڙهي، هر ڪو اها ڳالھہ بجا سمجهندو تہ اسان کي پنھنجي ٻوليءَ تي ڇو ناز آهي ۽ اها ڪيڏي نہ پياري آهي!
تاجل جي شاعريءَ جو هيءُ پھريون مجموعو آهي جيڪو اسان جي اداري طرفان شايع ٿي رهيو آهي، اميد تہ سندس ٻيا ڪتاب پڻ ترت اوهان تائين پھچائبا.


ناز سنائي
حيدرآباد، 12 سيپٽمبر 1992ع

مھاڳ (رس کان وينجنا تائين)

نَو ڪي ڏھہ سال اڳ تاجل بيوس مون کي پنھنجو نئون شايع ٿيل ڪتاب ‘جڏهن ڀونءِ بڻي’ موڪليو هو، اُهو پڙهي مون هڪ انوکو رس محسوس ڪيو هو، هڪ اهڙو آنند، جھڙو هوند ڪا اعليٰ درجي جي رچنا پڙهڻ سان پڙپي. اهڙو آڀاس ٿَيم تہ سنڌي شاعريءَ جي هن دؤر کي هڪ نئين نرائي پِرتڀا ملي رهي آهي، تاجل جي ڪويتائن جي ڪلاسيڪي ڍنڱ مون کي گهڻو متاثر ڪيو ۽ مان ڀانيان ٿو تہ ڪتاب بابت تاثرات ۾ مون ائين بہ لکيو تہ ‘هيءَ شاعري سنڌي جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي هڪ خوبصورت (Extension) يعني وسعت آهي.’
سنڌيءَ جي حوالي ۾، ڪلاسيڪي رنگ ۾ لکڻ هونئن اڄ ڪالھہ ڪا نئين ڳالھہ بہ نہ آهي، جو تازو گذريل ڏهاڪن ۾ اها ڳالھہ هڪ فئشن طور بہ هلي آهي. بھرحال تاجل جون ڪويتائون اهڙي فئشن کان آجيون پئي لڳيون، انھن مان اصليت جو هڳاءُ پئي آيو. اصل کي پنھنجو هڪ اُهاءُ ٿيندو آهي، انھن مان اُهو اُهاءُ بکي رهيو هو. انھن ۾ پختگي ۽ گھرائي تہ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي هئي، پر سوچ اڄوڪي هئي.
جيڪا شاعري پنھنجي فطري ماخذ- دل جي سچي جذبي، ڪلپنا، پنھنجي ڌرتي، پنھنجن ماڻھن، پنھنجي وايومنڊل سان رل مل ٿي، وِينجنا ڀري ڀاشا ۾ (Suggestive Language) رچي راس ٿي نڪري ٿي، اُن جو رس ئي انوکو ٿئي ٿو ۽ تاجل جي ڪويتا ان رَسُ واري ڪويتا آهي.
رس کي ئي ڪاويہ (اُتم شاعريءَ) جي اَتما مڃيو ويو آهي. سنسڪرت جي سُندرتا شاستر (علم جماليات) ۾ رَس جو نظريو پھرين ناٽيہ (عموماً ناٽڪ) جي حوالي ۾ ڪم آيو هو ۽ پوءِ مڃتا ڀائيندو ڦھلجندو اُتم شاعريءَ لاءِ بہ لازمي بڻجي پيو. ڀرت مُنيءَ (ٻين صدي) جي ‘ناٽيہ شاستر’ کان وٺي اڄ تائين اهو لفظ سندرتا جي آنند يا جمالياتي لطف جي عڪاسي ڪندو پيو اچي ۽ اهو جمالياتي لطف ئي شاعريءَ جو روح يا جوهر آهي.
ناٽيہ يا شاعريءَ جي حوالي ۾ رس جي معنيٰ ڪا رواجي رس واري نہ آهي. سنسڪرت جي آچارين موجب تہ هر پدارٿ جو پنھنجو رس آهي، جيڪو ان جي اُتما آهي. ڇاندوگيہ اُپنشد ۾ اچي ٿو تہ، سمورن پدارٿن جو رس ڌرتي آهي، ڌرتيءَ جو رس جل آهي، جل جو رس جڙيون ٻوٽيون (اوکڌون) آهن، اوکڌن جو رس انسان آهي، انسا جو رس واڻي آهي، واڻيءَ جو رس رِچا (ويد) آهي، رچا جو رس سام (Equilibrum) آهي ۽ سام جو رس اُد گيٿ آهي. اُدگيٿ کي اجر امر چيو اٿن. ان تي پوءِ اچبو، پھرين رس جي ڳالھہ ڪريون.
ميون جي رس پنھنجي جاءِ، گلن جي رس- ماکيءَ جو مَھَتُ بہ پنھنجو، انگور جي رس- شراب جي مستي ۽ مھما بہ پنھنجي جاءِ، پر هتي جنھن ڪاويہ رس جو ذڪر پيا ڪريون، سو ڪا ڳالھہ ئي ٻي آهي. اهو زمان ۽ مڪان جي ٻنڌن کان مُڪت ڪندڙ هڪ دٻيہ (Divine) آنند آهي اهو هردي مان اُپن ٿيندڙ ۽ هردي سان محسوس ٿيندڙ، هردي جو رس آهي.
هر انسان جي هردي ۾ اسٿائي ڀاوَ (قائم جذبا) ٿين ٿا. اُهي وِڀاوَ (سَببي جذبن)، اَنوَ ڀاون (ٻاهرين اَثرن) ۽ ويڀچاري ڀاوَن (واهرو جذبن) سان سپجي رَس جو سِرجڻ ڪن ٿا. اُهو رس ئي معراج جھڙي حالت تي رسائيندڙ آهي.
ڀرت مُنيءَ جي رس واري سڌانت ۾ وقت گذرندي ترميمون ۽ اضافا بہ ٿيا. شنڪُڪ رس واري ترڪيب (Process) ۾ ڪويتا ٻڌندڙ/ ناٽڪ ڏسندڙ کي بہ آڻي، ان کي ان جو اَٽوٽ حصو بڻايو. بھرحال ان سڌانت کي جن مھارٿين انقلابي موڙ ڏنو، سي هئا ڀَٽنايڪ ۽ اَڀيَنَوَگپت. هُنن ان نظرئي کي الاهيات ۽ فلسفي وارو رنگ ڏنو، جنھن سان رس ‘خارجي وجود’ مان بدلجي هڪ ‘داخلي وجود’ ٿي پيو. ٻُڌندڙ يا ڏسندڙ جو سڌو اُنڀو ٿي پيو. انھن اَچارين جو وشواس هو تہ رس جو انڀو ڪو دينوي لطف نہ آهي، پر اُتم سمائو لطف آهي، جنھن جي سمپرڪ سان پاٺڪ جو پنھنجو اُتم (Own Self) ‘پر آتم (Absolute Soul)’ سان ملي هڪ ٿيو وڃي. ان طرح رس جو انڀو پرم اُتم جو پُورن اَمرتا- ڀريو اُتم ڀڻو آهي، جيڪو هر طرح ٻاهرئين اثر کان مُڪت هِڪُ اهڙو انڀو آهي، جھڙو يوگي يا ڪامل پرش ‘پاڻ لھڻ’ (اُتم ساکياتڪار) وقت ڪندا آهن.
پھرين پاڻ وِڃاءِ، پاڻ وڃائي، ‘پاڻ لُھہ’ ڪاويہ جو رس بہ ڪوي. ڪويتا ۽ پاٺڪ ٽنھي جي وجود کي رجائي هڪ ڪيو ڇڏي. هاڻي ڏسجي تہ اهو آتم ماکياتڪار ٿئي ڪيئن ٿو. ڀٽنايڪ موجب اُهو ‘ڀاوَ ڪُتوَ’ يعني امنڱپڻي جي شاعراڻي ترڪيب ذريعي ٿئي ٿو، جنھن کي سنسڪرت ۾ ‘ساڌارڻيڪرڻ’ چيو اٿن. ان ساڌارڻيڪرڻ سان مخصوص يا شخصي انڀؤ بدلجي عام انڀو ٿيو پوي، کُليل هوا وانگر، جنھن مان ڪو بہ ساھہ کڻي جيوت پائي سگهي. ان پر ڪريا سان ڪويءَ جي سُک جو احساس سڄي جڳت لاءِ سک جو احساس، ڪويءَ جي پيڙا سڄي جڳ لاءِ پيڙا جو احساس، هُن جي حب الوطنيءَ جي ڀاونا سڀني لاءِ حب الوطنيءَ جو احساس ٿيو پوي.
رس جي سڌانت جي، جدا جدا فلسفن موجب تشريح ڪندي، شنڪَڪ اُن جي ‘نيايه’ سرشتي موجب، ڀٽنايڪ ‘سانکيڪيءَ’ موجب، اَڀينو گپت ‘شوَ مت’ موجب پنڊت جگن ناٿ ‘ادوئت ويدانت’ موجب تشريح ڪئي. پر مان جيڪر ان جي تشريح وحدت الوجود واري سڌانت موجب ڪريان- رس واري ترڪيب (Process) هيٺ شاعر، اُن جو مڪمل شعور، شعر ۽ ان جا تمام جزا سمجهہ ئي ملي هڪ اهڙو تاثير پيدا ڪن ٿا، جيڪو سخن فھم يا ڪويتا پڙهندڙ (سھرديہ) جي شعور کي بہ پاڻ سان هم رنگ ۽ هم وجود بڻائي، هڪ مڪمل وجود ٿيو پوي. هڪ اهڙي ڪيفيت جنھن کي بيان ڪري ئي نٿو سگهجي يا اگر بيان ڪجي بہ تہ اِئين کڻي تہ اُها هِڪُ ‘چوڏس چِٽاڻي’ واري اسٿتي آهي!
ڪيڏانھن ڪاهيان ڪرهو چوڏس چٽاڻو
منجهين ڪاڪ ڪڪوري منجهين لڊاڻو
راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناھہ ڪين.

۽ اهڙو ئي وجود سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ کي ۽ اُن ۾ بہ خاص طرح اسان جي سدا حيات شاعر- شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي حاصل آهي، جيڪا سنڌي شاعريءَ جي معراج واري حالت آهي. ان ئي ڪيفيت سبب اها لاثاني ۽ لافاني شاعري بڻي آهي ۽ آفاقي شاعري بڻي آهي.
اهو رس وارو پھلو اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو روح روان آهي. اهو ڪٿي سُر آسا، سُر ڪلياڻ يا سُر سريراڳ ۾ شانت رس يا ڀڪتي رس ٿي ٿو اُڀري، تہ ڪٿي سُر مومل راڻي ۾، سُر سسئي آبري يا سر سھڻيءَ ۾ شرنگار رس ٿي ٿو نڪري يا وري ڪڏهن سر ڪيڏاري ۾ وير رس، اُدڀت اچرج اُڀاريندڙ، رس، بيڀتس (ڪراهت پيدا ڪندڙ) يا ڀيانڪ رس ٿي ٿو ظاهر ٿئي.
مطلب تہ اصل ۽ مول اهو رس يا سندرتا وارو ٻوڌ ئي آهي، جيڪو ڪلاسيڪي شاعريءَ جو بہ روح روان آهي. سندرتا جي ٻوڌ سان مطلب بہ ڪو رواجي معنيٰ ۾ سندر شين، سندر واقعن جي بيان يا سندر لفظن سان نہ آهي. سندرتا چوڻ سان مطلب ‘ڪشش’ سان آهي، اهڙي ڪشش جيڪا روح محسوس ڪري، پنجن حواسن مان ڪي بہ محسوس ڪن پوءِ اُها اک کي ڀلي نظر اچي يا نہ اچي، ۽ اهو احساس بہ ويجنا ڀريءَ ٻوليءَ (Suggestive Language) ۾ ان طرح هجي، جو ڪوي، ڪويتا ۽ سھرديہ (سُخن فھم) جي وجود کي هِڪُ ڪري ڇڏي.
اسان جي تاجل بيوس بہ سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعري وارو طرح ڀٽائي ڀلاري جي اڍ ڇڪي آهي.
سندس شاعريءَ ۾ بہ رس ۽ ڀاشا جي وينجنا جا اهڙا تتو آهن، جيڪي هُن جي شاعريءَ کي چار چنڊ لڳائين ٿا.
سندس شاعريءَ جو ڪو اهڙو ئي پھلو هو، جنھن منھنجي چِت کي چوريو يا ڪا اهڙي ئي ڪسوٽي هئي جنھن جي مدِ نظر مون کي هن جي شاعري، ڪلاسيڪي شاعريءَ جي هڪ خوبصورت وسعت لڳي هئي ۽ مان سمجهان ٿو، اهڙي ئي ڪنھن ڪيفيت مان گذرندي، تاجل بيوس جي ڪتاب جي حوالي ۾ اُتم ۽ سندري اتمچنداڻيءَ کي بہ ائين چوڻو پيو تہ ‘جڏهن ڀونءِ بڻي’ ڪتاب پڙهيوسين تہ سنڌ جي سرهاڻ بي- سُرت ڪري ڇڏيو. اِن سرهاڻ جو واس پھرين شيخ اياز وٺايو هو ۽ هاڻي تاجل ان ۾ اضافو ڪيو آهي. مڃيوسين تہ اصل ۽ مکيه ڪوي سنڌ جا ئي آهن.
(انبن جهليو ٻور، ص 83)

تاجل بيوس بنيادي طرح شرنگار رس جو شاعر آهي. سونھن، سندرتا ۽ سچائيءَ جو شاعر آهي:
ڳجهارت کي ڳول
سندرتا ۽ سچ جي
خزانن کي کول

هونئن تہ هر شاعر يا ڪلاڪار جو سونھن ڏانھن ڇڪجڻ ۽ ان کي اظھار ڏيڻ سڀاويڪ آهي، پر تاجل کي سونھن کي پرکي لھڻ ۽ ان کي اظھارڻ جي هڪ بي جوڙ ۽ غير رواجي شڪتي آهي. هن جي پنھنجي سندرتا ڀري درشٽيءَ جو سپرش پائي معمولي ۾ معمولي چيز، ساڌارڻ ۾ ساڌارڻ دِرشيہ (نظارو) بہ شاهڪار بڻجيو پوي. هن درشيہ جي ٻھومکي سندرتا ڏسو:
گھرا گهاو وڌا
گهاگهر گهاگهر تي
آئي وار ڳنڌي، نينگر نيسر تي.
ڳاڙها گُل چُنيءَ جا
چمڪن سانوڻ ۾.
ڏاڍا مينھن وَٺا، سُرها گاھہ ڦُٽا
صُوفي ٻير پڪا
موٽي آءُ مِٺا
ڪونجان ڪَيچ وڻن تي ڪَرڪن سانوڻ ۾.

هي گيت شرنگار رس جو هڪ اُتم مثال آهي. گيت پڙهندي، يڪدم سامھون ايندڙ درشيہ ۽ اُن مان اُڀرندڙ ڪلپنا مان جيڪي جمالياتي سمتون اُڀرن ٿيون، تن سان تن ۽ من کي ۽ پوري وجود کي هڪ عجيب سُڪون ملي ٿو. اهڙا اهڙا ڀاوَ پيدا ٿين ٿا، جن سان ڏسڻ، ٻڌڻ، ڇُھڻ، محسوس ڪرڻ جا سمورا حواس نھال ٿيو وڃن. گيت ‘ويوگي (وڇوڙي واري) شرنگار’ جو آهي. ڪنھن پريميءَ کي ‘وار ڳنڌي نيسرتي آيل نينگر’ کي ڏسندي، پنھنجي محب جي ياد اچي ٿي. هتي نينگر ڪلاسيڪي ڀاشا ۾ ‘المبن’ (يڪدم ڪارڻ)، گهاوَ، ڳاڙها گل، سانوڻ، مينھن، سُرها گاھہ، صوفي ٻير، ڪونجن جو ڪرڪڻ، ڪلاسيڪي ٻوليءَ ۾ اُديبن’ آهن، جيڪي پريميءَ جي جذبن کي وڌيڪ ڇيڙين ٿا. شعر، پريميءَ جي دل ۾ پوندڙ گهاون کي، ڦيري گهاگهر جي گهاون مان محسوس ڪرائي ٿو. ‘ڳنڌي’ لفظ وارن جي ڳونڌ جو پرتک احساس ڪرائي ٿو. ‘ڳاڙها گل چُنيءَ جا’ وارو اِظھار ڏسڻ جي حواس کي، ‘سُرها گاھہ ڦٽا، سنگهڻ جي حواس کي ترپت ڪن ٿا. ‘صوفي ٻير پڪا سان وري ڏسڻ جو حواس نھال ٿيو پوي. ‘ڪونجان ڪيچ وڻن تي ڪَرڪن سانوڻ ۾’ سان ٻُڌڻ جي حواس کي سڪون پيو ملي ۽ ائين پيو محسوس ڪجي ڄڻ ڪونجن جو ڪرڪڻ پيو ٻڌجي، جو دراصل پريميءَ جي دل جي دانھن، اندر وڃي ڪرڪڻ ڪنجهڻ کي اظھار ڏئي ٿو. اهڙي سندر اظھار سان ماڻھو پنھنجي سوڌ ٻڌ ڀُلايو هڪ ٻئي جڳ ۾- ڀاونا جي جڳت ۾ پھچيو وڃي.
تاجل ڪڏهن نيسر تي آيل نينگر جو ورڻن ٿو ڪري، تہ ڪڏهن تلاءُ تي وار ڇوڙي وهنجدڙ موملن جو، تہ ڪڏهن وري نم جي لام کي لوڏي، نموريون ڇاڻيندڙ نينگر جي آسپاس آڻي ٿو بيھاري:
نينگر نموريون
ڇاڻيون ڇپر کٽ تي،
لوڏا ڏيئي لام کي
پيليون ۽ ڀوريون، نينگر نموريون....

تہ ڪڏهن وري سندس نظر تتل ٻہ پھريءَ جو ڪنھن تلاءُ ۾ ڪُمن ۽ ڪمل جي گلن سان گڏ وهنجدڙ ٻالڪ واري سندر نظاري کي جهٽي ٿي وٺي:
‘ڪنڌيءَ ڪُم لُڙهن، نيلوفر سان نير تي
ٻِن پھرن جو ٻارڙا پاڻيءَ پاڻُ وجهن
ڪوڻين ۽ ڪُمن، ڀري سونھن سرير ۾.’


تاجل جون شرنگار رس واريون ڪويتائون کاجوراهو جي مُورتين (Sculpture) وانگر سندرتا جو ٻوڌ ڪرائيندڙ آهن ۽ نہ، نفس کي اٿريندڙ، ڪنڊيءَ جي لام تي بہ هن کي رانگبرنگي چُنيون ڦھليل نظر اچن ٿيون.
چُنيون ڪنڊيءَ لام تي
اڇليون ڪنھن اُملُ.

ڪڏهن ڀورين جي کنڀڙاٽيون کولڻ واري سندرتا جو درشن ٿو ڪرائي تہ ڪڏهن انھن جي بُلُ ڏيئي اڏامڻ کي شبدن ۾ جهٽيو وٺي:
کولينديون کنڀڙاٽيون
ڀوريون ڏيئي بُلَ.


هن مجموعي جي هيٺين وائي بہ شرنگار رس واري ڪويتا جو سھڻو مثال آهي:
تترن جي جوڙي
گوريءَ پالي گجَ ۾
ڳڙ بہ ڳاڙهي ڳل تي
رکيو ٿئين روڙي.

هتي ڳل جي روڙي ڳڙ سان مشابھت خاص ذڪر لائق آهي. جنھن سان ڳلن جو سرو ڳڙا رنگ ۽ انھن جي ڳڙ جھڙي مڌرتا نکري ٿي بيھي.
تاجل آهي تہ اصل شرنگار رس جو ڪوي، پر اڄ جو سنڌ ۾ رُت ڦري آهي. بسنت جي رُت ۽ ڳاڙهن ٻيرن جي رت آئي آهي، تہ سندس ڪويتائن ۾ بہ وير رس جو سنچار ٿيڻ لڳو آهي. هو آهي تہ اصل ڪاموڏ ۽ ڪلياڻ جو شعر، سارنگ ۽ سريراڳ جو شعر، جنھنجي پھرين پسند تہ ‘مُرڪڻين موملن’ جا، چُنيءَ جي اوٽ ڪري نار تي پاڻي ڀريندڙ نينگرين جا، ‘سرنھن جي ڦولار’ مان اُڀرندڙ ‘روشنين جي ليڪ’ جا گيت جهونگارڻ جي رهي آهي. پر اڄ جو سنڌ ۾ ڪيڏارا ڳاتا پيا وڃن تہ سندس سُرَ بہ بدلجي ويا آهن. سندس ڪويتا ۾ اڄ انقلاب ۽ آزاديءَ جون ڌارائون ڦُٽي نڪتيون آهن.
دراصل سنڌ جي ڀومي آهي ئي سچ، سونھن ۽ ڀلائيءَ جي ڀومي، سرشٽيءَ جي آرنڀ کان ئي سنڌوءَ جي ڪنارن تي گهاٽن سندر ٻيلن ۾ ويھي، اسان جي آڳاٽن دانشورن سچ جي مام کي سمجهڻ جا، سنڌ ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ وسيلا جوڙڻ لاءِ جاکوڙون ڪيون. هن سنڌوءَ جي ڪنارن تي ئي ٻج، کيتيءَ، هَرَ، چَڪري (ڦيٿي) ۽ اگنيءَ (انرجيءَ) جون انقلابي کوجنائون ٿيون، جن سان سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ (تمدن) جو واڌارو ٿيو:
سنڌوءَ سامائي، اسان چرخا چوريا
اڳي ڪُن فيڪون کان اُتڻ اَڏائي
چارڻ چَوائي، سڳر وتوسين سنڌ جو.


موئن جي دڙي جي سڀيتا سنڌ جي اِن ڪلياڻ ڪاري سُڀاءَ جي شاهد آهي ۽ ان حقيقت کي روشن ڪري ٿي تہ سنڌ جا ماڻھو سڀيہ ۽ سانتيڪا پئي رهيا آهن. تاجل جي شاعريءَ جو بہ بنيادي سڀاءُ اهو ئي آهي:
پَٽ جهوپا- کڻ پکڙا- رکُ ڪُلھي تي هَرُ
چڙهي آهي چيٽ ۾، ڳنڍيرن تي ڳرُ
ڪارونجهر جي ڪور تي وِڄن وانگي ورُ
ٿيندا ڪيچ ڪڻن مان ٿڪو ناهي ٿر
کڻ پورا ڪاھہ ولر، تہ ڏجن واس وجود کي.


پر اڄ جون اُن ڀونءَ جي ڀيل ٿي آهي تہ سنڌ وطن بہ ڄڻ ڪربلا بڻجي پيو آهي، جتي جمالي ۽ همرچي جي ڀُوميءَ تي ڪلاشنڪوف جا آواز پيا ٻڌجن:
نگر جون ناريون، هٿ ڪلاشنڪوف تي،
وِڙهن وڻجاريون، اٺ ئي پھر اَنياءَ سان.


اهڙي فضا جو هڪ حساس دل شاعر تي اثر پوڻ لازمي آهي. سنڌو، جيڪا سنڌ جي جيون- ريکا آهي، ان جي وجود جو آڌار آهي، تنھن کي ڪٽجندو ڏسي، سندس هينئين مان هُوڪ نڪري ٿي اُٿي:
هُو جو سنڌ- درياءُ، وهندو هو وڻڪار مان
وريو ڪھڙو واءُ، جو آهي ڇڄي اڌ ٿيو.


سچ ۽ سونھن تہ ڀليون ڳالھيون، پر جڏهن هڪ مڪمل قوم جي وجود کي ئي خطرو هجي ۽ ان کي نيست و نابود ڪرڻ جون تياريون ٿينديون هجن تہ پوءِ سچ جو طرفدار ليکڪ ۽ شاعر ڪيئن ٿو چپ ويھي سگهي. چوندا آهن تہ تنگ آيد، بجنگ آيد. اسان جي شاھہ لطيف جھڙي داناءُ بہ چئي ڏنو هو تہ:
ڪڏهن پئجي ڪن ٿي، ڪڏهن ٿِجي واتُ،
ڪڏهن ٿِجي ڪاتَ، ڪڏهن ٿِجي ٻڪرو.

(شاھہ)

سو اَڄُ اسان جو تاجل بہ شاھہ سائينءَ وانگر ئي پڪاري اٿيو آهي:
بيليون بيلچا، کچي آيا کوھہ تي
وري تڙ تانگها ٿيا سکر سنڌوءَ جا
جاڳو جاڙيجا، ڪاهيو ڪالا باغ تي.

(تاجل)

تاجل بيوس، جھنجي اصل آرزو تہ اها آهي، تہ هو پنھنجن ساٿيئڙن کي ساڻ ڪري، ڪينجهر جي ڪڙ تي مٽيءَ جا چاڻا ڳوهي، سنڌ جي ٻارڙن لاءِ رانديڪا جوڙي. (پڪار-14 نومبر 91) سو اڄ جڏهن ڏسي ٿو تہ:
جيئن ڪنھن کُڏ مٿان، تڪين مرون تو ٻچي
تيئن ئي اَڄ اسان، ڏٺو جابر جُوءِ ۾.


اهڙي ئي پس منظر ۾ هو پاڻ کي ۽ پنھنجن ساٿيئڙن کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو:
اٿي اوسر ٻار، اجهو مرون موٽيا
آهين تون هِت آڳڙيا، باقي ڏينھن ٻہ چار
ماهِر! مرون مار، ساڳاهي جيئن سنڌڙي.


تاجل آهي تہ هِڪُ امن پسند شعر، وجود کي واس ڏيڻ لاءِ کيت کيڙڻ، مال چارڻ لاءِ آمادہ ڪندڙ شاعر، پر اڄ سندس ترجيحون بدلجي پيون آهن. هو للڪاري اُٿيو آهي تہ:
مون پوکيو آ پوک ۾ ڪاهُو ڪنڊيءَ سان
سڀاڻي اِن مان، گهڻائي ‘گز’ ٺاهبا

مون پوکيو آ پوک ۾ ڄاڱر ڄارن سان
سڀاڻي اِن مان سوين سينڱون ٺاهبيون.


اڄ سندس ڌيان ديش جي دشمن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ ‘گز’ ۽ ‘سينڱون’ ٺاهڻ تي وڃي کُتو آهي.
تاجل جي شاعريءَ ۾ وطن پرستيءَ جو جذبو شروعات کان ئي موجود آهي. سندس پھرئين ڪتاب ‘جڏهن ڀونءِ بڻي’ ۾ ‘سر مارئيءَ’ وارو حصو ۽ ٿر جي مارئڙن ۽ ٻين بابت چيل سندس بيت ان جا ساکي آهن. تاجل جي ‘سر مارئي’ ۾ حب الوطنيءَ جي جذبي وارو ڪلام پڙهي تہ مون کي ائين لڳو هو تہ ڄڻ ڀٽائي گهوٽ شاھہ لطيف منھنجي وقت ۾ بہ لکي رهيو آهي ۽ سندس ڪلام گويا تاجل جي نالي ۾ ڇپجي رهيو آهي.
سنڌ جي ڏکويل ۽ ڏکندڙ عوام لاءِ سندس همدرديون ۽ وطن دشمن عناصرن ڏانھن سندس نفرت ۽ عداوت جا جذبا بہ ‘جڏهن ڀونءِ بڻي’ توڙين ‘سنڌ منھنجي امان’ ۾ جان تان نمايان آهن. سُر ڪلاچ وارا بيت بہ ان جو سھڻو مثال آهي. بھرحال موجودہ مجموعي ‘ڪنڌيءَ اَڪَ ڦلاريا’ ۾ سندس شاعري هڪ چِٽي ۽ نمايان ڏسا وٺي بيٺي آهي. هن مجموعي جي وير رس وارين ڪويتائن (Heroic Poetry) سان تاجل آزاديءَ ۽ انقلاب جي شاعر طور اُڀري بيٺو آهي.
ڪتاب جي شروعات ئي ‘ايندو انقلاب’ نالي باب سان ٿئي ٿي، جنھن ۾ شاعر پنھنجن هم وطنين سان مخاطب ٿي چوي ٿو:
اڃا تنھنجي ڪنڌ جو ڇُٽو ناهي ڦٽُ
ڳچيءَ وارو ڳَٽُ، سٽ تہ سوڀارو ٿئين.


کيس پنھنجي مھان اُتھاس جي، پنھنجي اونچي سڀيتا جي پنھنجي فخر جوڳي ورثي جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي. ان ئي حوالي ۾، عفلت ۾ ستل وطن وارن کي جاڳائيندي چوي ٿو:
تو ڪيئن پاتو طوق، ڪانئر هيڏي ڪنڌ ۾!
ٻيو سمورو لوڪ، آجو ڳچيءَ ڳٽ کان.


بسنت رُت، ڳاڙها گل، نئون اڀرندڙ سج انقلاب جو ۽ نئين صبح جو پيغام آڻيندڙ آهن ۽ تاجل جي نئين شاعري اهڙو ئي پيغام کڻي آئي آهي. سانجهيءَ جي ويلي سمنڊ تي لھندڙ سج جو درشيہ ڏسندي هن کي انقلاب جو ئي گلابي گُل ڦٽندو ٿو نظر اچي:
ڦٽي پيو گلاب، لھندي سج سمونڊ ۾
اسان انقلاب، اُٿندي ڏٺو اَڇُ تي.


ڪُلھا ۽ ڪُھاڙا، لاکاٽ ۽ راءِ کنگهار، کرڙي ۽ شاه شجاع ارغون ۽ ٺٽي جي بازار، تاجل بيوس جي اڄوڪي شاعريءَ جا معنيٰ ڀريا اُهڃ ۽ علامتون آهن، جيڪي سندس شاعريءَ مان بي مثال اثر پيدا ڪن ٿا:
کڻي ٿي کرڙي، سامون سنڌو ديش جون
اچي شاھہ شجاع مان آهي جا اڙي
اِجها رات لڙي، اِجهو ڦُٽو سوجهرو.


آزاديءَ ۽ انقلاب جي ڪونڌر سرويچ سردارن لاءِ تاجل جو هِڪُ ئي سنيھو آهي تہ:
مَرُ تہ ورهائن مالھڻيون
گهر گهر، ڳاڙها گل، ڳائي ڳيچ بسنت جا.

۽ تاجل هِڪُ آشاوادي شاعر آهي، هن کي يقين آهي تہ
ڳھلا ڳاڙهي سج کي مِلڻي ناهي مات
اجها ٿي پرڀات، ڦٽندي ڌار کير جي.


اَڄُ تاجل جي شاعري حب الوطنيءَ واري شاعريءَ مان بدلجي مڪمل قومي شاعريءَ واري رنگ ۾ آئي آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي تہ قومي شاعري نعري بازيءَ ۽ سطعيت جو شڪار ٿي ويندي آهي. وڏا وڏا شاعر بہ اِن ڪُن کان پاڻ بچائي نہ سگهندا آهن. پر تاجل جي اها خوبي آهي جو هن ان قسم جي شعر ۾ بہ پنھنجي ڪلاسيڪي بنياد، خيال جي پختگي، ڪلپنا ۽ سڀ کان وڏي ڳالھہ ٻوليءَ جي وينجنا (Suggestiveness) کي قائم رکيو آهي. جنھن سان سندس ان شاعريءَ کي بہ دائميت ملي ٿي وڃي.
رَسَ نو (9) ٿيندا آهن ۽ تاجل هر رس جو شعر چيو آهي. هيٺ مان ٻہ ٽي شاهڪار مثال پيش ڪري، بعد ۾ تاجل جي شاعريءَ تي سرسري نظر وجهندس. اَدڀُت (اچرج) رس: مُنڍيون مانگر وات ۾ ڦرڻيءَ جيئن ڦِرن، مڇ مھانڊا ماريا.
بيڀتس رس (ڪراهت) وجهي ڳجهن وات، چڻيو چم هڏن تان، بيٺيون ڏين آت ڪانئر مٿان ڪيتريون.
‘سنڌ منھنجي امان’ جنھن ۾ سنڌو ماتا جي سونھن جي واکاڻ ڪيل آهي، سو تاجل بيوس جو هِڪُ امر گيت آهي. سنڌ جي سونھن تي صدين کان پئي لکيو ويو آهي. وِيدن جي رشين بہ سنڌوءَ جي سندرتا تي رچنائون رچيون. رگ ويد جي ڏهين منڊل جي پنجھترئين سُوڪت ۾ سڄا سارا نو منتر سنڌوءَ جي ساراھہ ۾ چيل آهن، جن ۾ سنڌوءَ جي مھان ۽ گورو شالي اِستريءَ (عظيم ۽ پُر وقار دوشيزہ) سان ڀيٽ ڪئي وئي آهي.
ان مان هِڪُ منتر ۾ چيو ويو آهي تہ:
هندي جون ٻہ سٽون
يعني تہ “اي سنڌو! سندر گهوڙن واري، سندر رَٿن واري سندر ويس وَڳن واري، سونن زيورن واري، اناج سان ڀرپور شيشم جي ڪاٺ واري، سندر ۽ ڀاڳ ڀري ماکي پيدا ڪندڙ وڏن وڏن وڻن جو سھارو بہ تون آهين.”
ويدڪ رشين سنڌوءَ جي مھانتا کي ان جي سُکن سھنجن جي حوالي سان ڳاتو، ان جي جوڀن جوانيءَ کي ڳاتو، پر اسان جي تاجل جي ذهن ۾ سنڌوءَ جو روپ ‘امان’ وارو آهي، هڪ ماتا وارو پاڪ پويتر ۽ ممتا ڀريو روپ، جنھنجي دنيا ۾ ڪا ڀيٽ ئي نہ آهي. ٻيءَ طرح جتي ويدڪ رشين سنڌوءَ جي رٿن گهوڙن، سون ۽ زيورن ۽ تمام سُک سمپتيءَ کي ياد ڪيو آهي، تہ اُتي تاجل جو ڌيان وري سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي ڪُڏندڙ ابهم ٻار اَسُر جو اُٿي جنڊُ جوٽيندڙ ۽ بکن تي منڊُ منڊيندڙ’ ڳوٺاڻي عورت ۽ ‘گرم کير بہ کنڊ بڻجي گهلندڙ سھاڳڻ ڏانھن ويو آهي. سندس نگاھہ سنڌوءَ جي ڌن دولت طرف نٿي کڄي، سندس سوچ تہ سنڌوءَ ڄاون جي سُکن- سُورن، اُميدن اٺسٺن، آرزوئن ارمانن سان ڳنڍين وانگر ڳنڍير جي ڳنڍين پيئي آهي. ساڳئي ئي نظم ۾ دل جي آس ظاهر ڪندي چوي ٿو تہ:
شال تنھنجي ئي ڪُک مان پيو هر هر ڄمان
کير تنھنجو پيئان وير تنھنجو وٺان....


اسان جي شاھہ ڀٽائيءَ مارئي جي واتان چيو آهي، تہ مُئي پُڄاڻان منھنجي گور پنوهارن جي پاسي ڪجانءِ تہ جيئن اباڻي وطن جي ولڙين جو واس مُئي پڄاڻان بہ پاڻ کي جيئرو سمجهندس تہ هيڏانھن تاجل جي وري اها تمنا آهي تہ هو هر جنم سنڌو ماتا جي ڪک مان وٺي.
هن صديءَ جي شروعات ۾ جڏهن گڏيل هندستان جي آزاديءَ جي هلچلءَ زور هئي تہ ان وقت مھان ڪوي بنڪم چندر چئٽرجيءَ بہ ديش کي ‘ماتا’ جي روپ ۾ پيش ڪيو هو ۽ ان جي اُستتي ڪندي ‘وندي ماترم’ گيت ۾ لکيو هو:
وندي ماترم، سُجلام سڦلام مَليجَہ شيتلام.....

اي ماتا! مان تنھنجي اڳيان سر نوايان ٿو. تنھنجو پاڻي سٺو آهي، تون سٺين ميون واري آهين، تنھنجي هوا هِير جھڙي ٿڌي آهي.... الخ...
اڄ تاجل بہ سنڌوءَ جي ماتا جي روپ ۾ ئي واکاڻ ڪري رهيو آهي، پر هن جو سروڪار ان جي سُٺي پاڻي، ڦلن، هوا وغيرہ سان نہ آهي، هن لاءِ تہ سنڌڙيءَ جا ‘لاڻا ۽ ليون’ بہ چندن برابر آهن، ‘ٿر جا ٿُوهر ۽ ڪچي جا جهنگ جهَر هن لاءِ سونھن جا سرچشما آهن، ائين جيئن مارئيءَ لاءِ پنھنجو ملير هو، جنھن لاءِ وطن جي کھہ بہ کٿوريءَ برابر هئي. تاجل جو سروڪار تہ سنڌ جا ماروئڙا آهن، جن کي هو پنھنجي سيني ۾ سانڍيو پيو وتي. تاجل جي هن گيت جي سنيھہ ۽ سادگيءَ جي مھانتا جي جيڪڏهن ڀيٽ ڪرڻي هجي تہ سوچ ‘شاھہ ڀٽائيءَ’ ۽ ‘مارئي’ تائين وڃي ڇيھہ ڪندي.
تاجل جي شاعريءَ ۾ سنڌ ديش جي ٻھراڙيءَ جي سموري سونھن سوڀيا مورت روپ ۾ وٺي اچي ٿي سامھون بيھي. ٿر جي انوپم سندرتا، ڪچي جا ڀِن ڀِڻ روپ سنڌوءَ جو دم ۽ دهشت، منڇر جي ماٺائي، اَروڙ جي ارڏائي، ڪينجهر جي چنچلتا ۽ ڪارونجهر جي اڏولتا تاجل جي ڪويتائن ۾ ساڪار ٿي اُٿن ٿا. تاجل پنھنجي ابتدائي زندگي سنڌ جي ٻھراڙين ۾ گذاري آهي. هن ان ماحول سان، اتان جي وڻن ٽڻن، پکي پکڻن سان گڏجي سواس کنيا آهن ۽ ان وايومنڊل جو هڪ حصو بڻجي ڏٺو آهي، تنھنڪري ٻھراڙيءَ واري زندگي ۽ ٻھراڙيءَ وارن ڏيکن جو جيترو سَجِيو ورڻن جو ڪري سگهيو آهي، اهڙو اڄ جو ٻيو ڪو ڪوي نہ ڪري سگهيو آهي. نارائڻ شيام جو تہ رايو آهي تہ ‘ڀٽائيءَ کان پوءِ ڳوٺاڻو هَڳاءُ جيڪو تاجل بيوس جي شعر ۾ ملي ٿو، اُهو اياز ۾ بہ گهٽ آهي.’
(سپون جولاءِ- آگسٽ 1991)

منظر ڪشيءَ ۾ تہ تاجل پنھنجو مٽ پاڻ آهي. بنا رنگن ۽ برش جي ڪو رنگبرنگي چِتر چِٽڻ وارو چترڪار ڏسڻو هجي، تہ تاجل کي ڏسجي، ان ڪري ئي شيخ اياز بہ کيس مصور شاعر ڪري سڏيو آهي. (سنڌ منھنجي امان جو مھاڳ)

ڍنڍ جي ڪناري تي ڀَتر گلن جي ڇٽا ڇانئي پيئي آهي ۽ انھن جون پيليون پنکڙيون ڦھلجي وڃي پاڻيءَ مٿان پيون آهن. نيري پاڻيءَ تي نيرڳ پکي بہ تري رهيا آهن. ان سان جيڪا رنگا رنگي جهل ٺھي آهي، ان کي ڏسو تہ ڪيئن ٿو ڪماليت سان چِٽي:
ڀر تي ڀتر- گل، نيرڳ پکي نير تي
اڇي پيلي نيرڙي مٿان پاڻيءَ جهل.


سانجهيءَ ويلي سمنڊ تي سج لھڻ جو نظارو وري هينئن ٿو ڏيکاري:
سج ٻُڏي ويو سير ۾ ڳري ٿي ڳاڙهاڻ
اِسٿول شين کي تہ ڇڏيو، سوکيم ۾ سوکيم اِسٿتين کي بہ هو قابليت سان جهٽيو قلمبند ڪيو وٺي.
سورج ڪئي تخليق
سرنھن جي ڦولار ۾
روشنين جي لِيڪ
نور پيو نسري
ٻن چڳن جي وچ مان
سج پيو اُڀري.

تاجل جا ڪيترا شبد چتر (لفظي تصويرون) پاڻ سان انوکي وينجنا (Suggestiveness) کنيو اچن، انھن سان اِنھن شبد- چترن جو تاثير تھائين وڌيو وڃي.... هر چتر ڏسو:
سورج- لٿي سَرَ مٿان رڳو آ رت ڇاڻ
سج کي هڻي ٻاڻ، اُڇلي ويو ڪو آب تي.

سانجهيءَ ويلي سَرَ مٿان ڪيڏو رت هاريو!
مارڳ ۾ ماريو، ڪنھن سجَ سِرجهڻار کي؟

سج ڪنھن مھاپرش جي، ڪنھن عظيم رهبر جي علامت آهي، ان کي گويا ڪنھن ٻاڻ هڻي ڪيرايو آهي، جنھن سان سڄو پاڻي ڳاڙهاڻ (رتو ڇاڻ) سان ڀرجي ويو آهي. سانجهيءَ جي ويلا غم، سوگ يا سُنُ جو اُهڃاڻ آهي. هن شعر کي پڙهي ڪنھن سورمي جي شھادت جو چتر اکين آڏو اُڀري بيھي ٿو.
ائين پيو ڀانئجي گويا ڪو جئدرٿ، ڪو ڏاهر، ڪو سرمد، ڪو ڪنورام، ڪو هيمون، ڪو ڀٽو، ڪو راهُو، اسان جي اکين اڳيان شھيد ٿي رهيو آهي.
سنڌ جي پنھنجن، ڌرتيءَ ڄاون ڏانھن شفقت ۽ ربوبت جھڙي تجرد حقيقت کي، هڪ ممتا ڀري ۽ هڏ ڏوکڻ سنڌ ڄائيءَ جي ذريعي ڏسو تہ ڪيئن ٿو هڪ لفظي تصوير جو روپ ڏئي:
هِڪُ ڪَڇ تي ٻيلھڙا، ٻيءَ ڪڇ تي ٻار
اَصل کان هي بار، سونھي منھنجي سنڌ کي.


تاجل جي خيال جي اڏام بي جوڙ آهي. خيال جي اڏام ۽ ان اڏام ۾ نئون انداز ڀرڻ سان شاعريءَ کي نواڻ ملي ٿي، جيڪا ان جي جيئاپي جو آڌار ٿئي ٿي.
تاجل جي شعر ۾ اهي ٻئي ڳالھيون جيئن جو تيئن ملن ٿيون. خيال جي اڏام جا بہ وري ڪري آدرش ۽ مريادائون ٿين ٿيون. ڪلپنا جو انڀو جي سچائي سان سنٻنڌ ضروري آهي. ڪلپنا جي اڏام ڀريندڙ شاعر جي انڀؤ تي پختي پڪڙ، شعر کي تھائين وڌيڪ بلندي بخشي ٿي. ان ڪري سٺي شاعريءَ لاءِ مطالعي ۽ مشاهدي کي بہ خيال جي اُڏام جيتري اهميت حاصل آهي.
تاجل بيوس جو مطالعو وسيع آهي، جو هن جي ڪتابن ‘ڪاڇي مٿان ڪونج’ ۽ ‘انبن جهليو ٻور’ مان بہ ظاهر آهي. سندس مشاهدو بہ وسيع، ڳوڙهو ۽ ڀريل آهي. هن ڪچيءَ عمر ۾ ئي پنھنجي هوش حواس کي کليل رکي پنھنجي آس پاس کي، پنھنجي ماحول پنھنجن ماڻھن کي غور ۽ خوض سان جاچيو ۽ پرکيو آهي. اهو هاڻي ڄڻ تہ سندس سڀاءُ ٿي پيو آهي. سنڌ جي ڌرتي، ان جي ماروئڙن انھن جي سڀاءُ، انھن جي اُٿڻي ويھڻي، ريتن رسمن کان هو بخوبي واقف آهي. سنڌو وطن جي ڳلھين تي تہ هن کي خاص مھارت حاصل آهي. سنڌ جي ندين، ماٿرين برن بحرن، جبلن پھاڙن، ادب ‘تهذيب’ تاريخ، جاگرافيءَ جي هن کي سموري ڄاڻ آهي ۽ انھن سڀاڻي سان هن پنھنجي چيتنا کي تاڃي پيٽي آڻي ڇڏيو آهي. ان ڪري ئي هن جا عڪس، هن جون علامتون، هن جي ڪھڻي هن جا روپڪ هن جا النڪار گهڻو تڻو سنڌ سان ئي واڳيل آحي.
بھرحال سنڌ سان ايڏي پختي وابستگيءَ جي باوجود تاجل جي سوچ، عالمي ڳالھين، عالمي مسئلن سان بہ جُڙيل آهي. سنڌ جي هارين، ڪمين ڪاسبين وغيرہ جو اونو رکڻ سان گڏوگڏ، لبنانين ۽ فلسطين لاءِ بہ سندس هڏ ڪُرڪي ٿو:
پچايم ماني
جيڏا ان جھاز مان
لھندا لبناني.

هُو جڏهن سنڌ لاءِ آزار بڻجي پيل ڪنھن مَڇَ کي مارڻ لاءِ سندرو ٻڌي نڪري ٿو تہ هُن جي دل مان اها بہ صدا نڪري ٿي تہ الا مَڇَ مرن ساري هن سنسار جا.
تاجل لاءِ ڌرتي ۽ انسان دنيا جون سڀ کان مھان چيزون آهن. ماڻھو ڪٿان جو بہ هجي اسان جي صوفي درويش وانگر هن لاءِ سائينءَ جو سروپ آهي:
ماڻھو هر مِٽيءَ جا سڀيئي سبحان.
فن هن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو، جنھن جي اڳيان سياسي ۽ مذهبي فرمانن کي هُو ڪي ڪين ٿو سمجهي:
ڦاڙيو سڀ فرمان، فن نہ ڦاهيءَ چاڙهيو.
هيٺ سندس شاعريءَ مان چند ٻيون سٽون مثال طور پيش ڪجن ٿيون، جن مان عالمي معاملن ڏانھن سندس تشويش ظاهر ٿئي ٿي.

1. فرمان ڪنھن شھنشاھہ جو جاري نہ ٿي پوي.
هيءَ ڪائنات صحرا جي واري نہ ٿي پوي.
2. اُڇلايو پيا ائٽم گولا، ڇا هيءَ ڌرتي ڪاري آهي؟ سندس هڏ سڄي دنيا لاءِ ڪُرڪي ٿو.
3. ڪُٺا ڪالھہ جي بي خطا ڀاءُ منھنجا، اي ڌرتي انھن جو ٿيڻ آيو آهيان.
4. امن آزادي، اصل وٿ انسان جي، تو ڪيئن رسا چيلھہ ۾ ڳچيءَ ۾ ڳاڌي؟

تاجل جي شاعري لريڪل (راڳ ڀري) شاعري آهي. سندس ڪلام ٻاهروني توڙين اندروني طرح سنگيت سان پُر آهي.
‘لرڪ’ لفظ کي عام طور موسيقيءَ جو ۽ ‘لريڪل شاعري’ ۽ ‘لريڪل’ لفظن جي معنيٰ مفھوم، موسيقي، موسيقيت جيئن اُهي عام طرح ڄاتل آهن، تن تي وڃي دنگ ڪندا هجن ائين آهي ئي ڪا نہ. موسيقي ۽ موسيقيت لريڪل شاعريءَ جي فقط صوتي نظام ۽ انھن جي وزن قافيہ سان وابستہ آهن. انھن جو آوازي پھلوءَ سان واسطو آهي ڇو تہ موسيقي آهي ئي آوازن جي تنظيم يا سُرن جي سٽاءُ يا آواز جي هم آهنگي، جڏهن تہ لريڪل شاعريءَ سان مراد آهي شعر جي سمورن جُزن جي هم آهنگي، جنھن جو ذڪر مون مٿي رس واري بيان ۾ بہ ڪيو آهي.
جڏهن ڪو شاعر پنھنجي داخلي يا خارجي ڪيفيت جي، بنا ڪا سچيت ڪوشش وٺڻ جي (Spontaneous) سهج سڀاءَ لفظن ۾ ترجماني ڪندي، اظھار ڪري ٿو تہ اها لِريڪل شاعري ٿي پوي ٿي. ان ۾ نہ هجي ٿي وزن، قافيہ يا سھڻن لفظن لاءِ تانگهہ نہ دماغي کوٽ کوٽان. لِريڪل شاعريءَ جو واسطو بنيادي طرح جذبي سان آهي، ڇو تہ محرڪ داخلي هجي يا خارجي، ان جو پھريون گونگو (بي لفظ) اثر دل تي ئي پوي ٿو، جتي اهو لفظن جو روپ وٺي، شعر ٿي نڪري ٿو. اهڙي لريڪل جذبي يا ڪڏهن خيال جي اظھار ۾ لفظن جي سندرتا، رواني، ترنم ۽ موسيقي جيئن عام طرح ڄاتي وڃي ٿي. سي پاڻمرادو اچيو وڃن. اِن کي ئي لِريڪل شاعري چئجي ٿو ۽ اِهو تت، رات وارو تتُ تاجل جي شاعريءَ جو هڪ نمايان گڻ آهي.
اِهو راڳ تاجل جي شاعريءَ جو روح آهي. جيڪو ان جي رڳ رڳ ۾ رمي رهيو آهي. ان سان سندس شاعريءَ جي ڪا ازلي سڱاٻنڌي ٿي ڏسجي. ڇو تہ سندس معياري ادبي شاعريءَ جي ياترا اڃا شروع ٿيڻ جا سنباها ئي پئي ڪيا، جو سنگيت اڳتي وڌي اچي ان جو سواگت ڪيو هو. سندس بيشمار گيت اڳ ۾ ئي سنڌ ۽ هند جي چوٽيءَ جي گلوڪارن، عابدہ پروين، عذرا رياض، محمد جمن وغيرہ جي گلي جڳ سينگار بڻيا رهيا آهن ۽ عام خاص جي زبان تي رقص ڪندا رهيا آهن.
تاجل بيوس جا گيت ۽ وايون ‘سنڌ منھنجي امان’، ‘جنگ کٽي جونجهار ڀلي ڪري آيا’، ‘پنڌ پرانھين پار جو’، ‘ڇو ٿيون سيج سجايو ڀينر’، ‘واجب ناهي يار’ سندس لريڪل شاعريءَ جا سھڻا مثال آهن. موجودہ مجموعي ۾ بہ اڪثر ڪلام لريڪل نوعيت وارو آهي ۽ ‘مُر تہ ورهائڻ مالھڻيون’، ‘چو پڙ واريءَ چال ۾’، ‘مون کي ڪري مات سمھڻ لڳيون سارنگيون’ جھڙيون وايون ۽ ڪي بيت جڏهن سنڌ ۽ هند جي سريلن ڳائڻن جي ڪنٺ تي ايندا تہ يقينن سنڌي سنگيت جو زيب وڌائيندا.
تاجل بيت، وائي، ڪافي، غزل، نظم، ٽہ-سٽن جھڙين جدا جدا صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي ۽ اڪثر هر صنف ۾ پاڻ ملھايو آهي. ايتري هوندي بہ سندس شاعريءَ جي اگر اصل جوڀن جوانيءَ کي ڏسڻو هجي، تہ اهو سندس بيتن ۽ واين ۾ ڏسڻ ۾ ايندو. تاجل جي شاعري ڪلاسيڪي نوعيت واري آهي، ان جا موضوع ۽ ماحول سنڌ جي ڳوٺاڻي جيوت سان واسطو رکندڙ آهن، ان ڪري سندس نِھج جذبو، نھج سنڌي ماحول، نھج سنڌي لھجي ۽ ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾، جڏهن اِن نھج سنڌي گهاڙيٽي ۾ گهڙجي اسان تائين پھچي ٿو تہ ائين ٿو لڳي تہ ڄڻ ڪا سادي سُودي ڳوٺاڻي سنڌي نياڻي سوسيءَ جي وڳي ۾ يا سنڌي اجرڪ ۾ سونھندي هجي.
بيت ۽ وائيءَ جي سندرتا ۽ مٺاس ئي پنھنجو آهي، ۽ تاجل آهي بہ سندرتا ۽ مٺاس جو شاعر.
وائيءَ ۾ هڪ اندرونِ موسيقي ٿئي ٿي ۽ تاجل بہ اندروني ۽ ٻاهروني موسيقيءَ سان پُر شاعر آهي. ان ڪري تاجل جي شاعري وائيءَ ۾ ۽ بيت ۾ سڀ کان وڌيڪ ٺھڪي بيھي ٿي. وائي ۽ بيت هونئن تہ عشق ۽ سوز جا راڳ آهن، ۽ تاجل جون شروعاتي وايون بہ اهڙي ئي نوعيت واريون آهن، پر هن تازو ئي آزادي ۽ انقلاب، انسان پرستي ۽ ٻين موضوعن کي بہ وائيءَ ۾ آندو آهي. خوب قابليت سان آندو آهي.
شيخ اياز جو رايو آهي تہ “تاجل جھڙا بيت ۽ وايون هن جي ڪنھن بہ هم عمر يا هن کان گهٽ عمر شاعر نہ لکيا آهن.” (ڪراچيءَ جا ڏينھن ۽ راتيون: ص 62) بھرحال، مان جيڪر ائين چوان تہ تاجل جي ڪيترن بيتن ۽ واين کي سنڌيءَ جي بھترين بيتن ۾ واين ۾ شماري سگهجي ٿو.
ٻوليءَ تي تاجل کي جيڪا دسترس آهي، اهڙي مان سمجهان ٿو تہ سنڌيءَ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ شاعرن کي رهي آهي. اِهو مان شبد- ڀنڊار (لفظي خزاني) ۽ شبد- آرٿ (لفظ- معنيٰ) جي سٻنڌ واري پھلو، ٻنھي کي ڌيان ۾ رکي چوان ٿو. سندس لفظن جو خزانو تہ اپار آهي، جنھن کي ڏسيو حيرت وٺيو وڃي. اهڙا لفظ، جيڪي شاھہ لطيف ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن بعد، سنڌي شاعريءَ کان رُسي جھنگ منھن وٺي ويا هئا، يا جن کي نئين پيڙهيءَ جي شاعرن، شاعريءَ جي ڌرتي تان ڌِڪي ڪڍيو هو، يا ڪي اهڙا لفظ، جيڪي شھري ڪرڻ (Urbanisation) جي چپيٽَ ۾ اچي تڙجي ويا هئا، انھن سڀني کي تاجل جي شاعريءَ ۾ نئين سُڪونت ملي آهي. اهي پنھنجي ساڳئي شانَ مان، سان سنڌي شاعريءَ ڏانھن موٽي آيا آهن ۽ پنھنجي ڏيا ميا سان وري سنڌي شاعريءَ جو آب تاب وڌائڻ لڳا آهن.
اها تاجل شاعر جي ئي نہ، سنڌي شاعريءَ جي بہ حاصلات آهي. شاھہ جو رسالي کان پوءِ، مان نٿو سمجهان تہ ايترا گهڻا ۽ اهڙا ٺيٺ سنڌي لفظ ٻئي ڪنھن بہ سنڌي شاعري، شاعراڻي خوبصورتي ۽ ڏانو سان استعمال ڪيا آهن.
تاجل ڪيترن ئي نون، ڪيترن غير مَروج، متروڪ لفظن کي پنھنجي شاعريءَ ۾، خوبصورتيءَ سان وري آندو آهي ۽ ڪيترائي غير شاعراڻا ۽ غير مانوس لفظ سندس شاعراڻي ڇُھاءُ کي پائي شاعراڻي رنگ وارا بڻجي پيا آهن.
مثال: نوان، غير مروج ۽ ترڪ ٿيل لفظ:
ساڪو (سِڙه جو)، ڪرس، هاهيارا، وانڊ، پلڙا، باکاٽڙو، مڃر، سائون، کاٽر، اُتامري، ساندارو، ڪُرلائڻ، ماڀاڙ، آجهاپو، واتِڻ، ڪرت، ڪھوُ، ڄاڱر وغيرہ.
مثال: غير شاعراڻا ۽ عير مانوس لفظ:
ٽئا (سوگ وقت وڇائجندڙ تڏا) نڙُ ڦُوڪ، سُرٻاٽ (ٻہ مُنھنيون ڪنِ سرٻاٽ) گهوڙو (بندوق جو ) ڍنڍ وغيرہ.
ڍنڍ جھڙي غير شاعراڻي لفظ کي قافيو ڪري بہ ڪم آندو اٿس.
بُلَ ۽ ڇپر کٽ لفظ ڏسو تہ ڪھڙا نہ سھڻا لفظ ڪم آندا اٿس.
ان سواءِ سندس ڪلام ۾ ڪيتريون ئي سھڻيون سَنڌيون (مرڪب لفظ سنڌي اصطلاح ۽ ترڪيبون بہ ملن ٿيون. جيئن چتين لڳل چولڙا، اَن پالڻھار، مُنڊيءَ ٽِڪ، واڊيون وٽڻ، ٻُھا ٻُھارڻ، ٻيڙھہ ٻولڻ، چِڪڻ جو چوٻول وغيرہ.
شبد- اَرٿ (لفظ- معنيٰ) جي سنٻند جي نقط نظر کان تاجل جي شاعري لڪشڻا ۽ وينجنا واري شاعري آهي، جنھن کي سنسڪرت جي آچارين اُتم قسم جي شاعري ليکيو آهي. شبد (لفظ) جون ٽي شڪتيون مڃيون ويون آهن. 1. اڀيدا (سوڌو سنواٽو اظھار) 2. لڪشڻا (علامتي اظھار) ۽ 3. وينجنا (Suggestive Language)، وينجنا واري اظھار ۾ معنيٰ، چيل لفظَ نمان نہ، پر چوڻ جي نوع، انداز، چيل ڳالھہ سان لاڳاپيل سندرڀن ۽ استعمال ڪيل لفظن طرفان روايتي معنيٰ کان سواءِ بہ حاصل ڪيل معنائن، انھن جي اُهڃن ۽ علامتن مان بکندي آهي. وينجنا سان معمولي لفظن ۾ چيل ڳالھہ بہ وڏو اثر پيدا ڪرڻ جي طاقت رکندي آهي، اهڙو اثر جيڪو وڏين طاقتن کي بہ لوڏي ڇڏي. ‘شاھہ جي رسالي’ جي هِڪُ وينجنا ڀريءَ سٽ مان، سنڌ ۾ انگريزي حڪومت وارن پنھنجي حڪومت لاءِ لوڏو محسوس ڪيو هو. اُها سِٽ هئي:
‘ڪلالڪي هٽ، ڪُسڻ سندو ڪوپ وهي’ جنھن کي عنوان ڀڻائي، آزاديءَ جي هلچل دوران ڄيٺمل پرسرام ايڊيٽوريل لکيو هو. اِن سِٽ کي انگريزي عملدارن بغاوت لاءِ سڏ ڪري ليکيو، جنھن تي پوءِ ڪيس هليا. ڄيٺمل پرسرام کي جيل ڀوڳڻو پيو، مقدمي دوران ان هڪ سٽ جون جدا جدا ڌُرين جيڪي تشريحون ڪيون، سي ٻڌي جج ايڇ ٽي سورليءَ جا ڪپاٽَ کُلي ويا ۽ شاعر شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪيڏي وينجنا آهي. ان کان ئي محرڪ ٿي پوءِ هو سنڌي سکيو ۽ شاھہ لطيف ۽ سندس شاعريءَ تي وڏي مھارت حاصل ڪيائين. خير،
تہ اسان جي تاجل بيوس جي شاعريءَ، ۾ ۽ خاص ڪري موجودہ مجموعي جي شعرن ۾ وڏي وينجنا آهي، جنھن جا مان فقط چند مثال ڏيئي ۽ ڪفايت ڪندس.

مثال
1. ڪچو ڀڃُ ڪُنو، جو آويءَ کان آجو رهيو
2. تو کي ڪيئن ڪنڀر، آويءَ مان آڻي ڏنا؟
مون کان هي ڪنگر، لوڪانِ لڪايو ڇڏي.
3. مون پوکيو آ پوک ۾ ڪھوَ ڪنڊيءَ سان
سڀاڻي اِن مان، گهڻائي گز ٺاهبا.
يا
مون پوکي آ پوک ۾، ڄاڱر ڄارن سان
سڀاڻي اِن مان سوين سينڱون ٺاهبيون.
يا
ڪنڊو ٻٻر ڪيوڙو ٽيئي ڏسو ٽيلھہ،
هن ڀيري ڀي هيل، ٻٽ ٻٻر سان ٻيلھہ، ڪيئن بيٺو آن ڪيوڙا.

مٿي سج کي ٻاڻ لڳڻ ۽ پاڻيءَ مٿان رتوڇاڻ ٿيڻ مان ڪنھن عظيم شھيد جي شھادت جو ڏيک اُڀرڻ جي وينجنا جو ذڪر مان ڪري آيو آهيان.
1. ڏيھہ ڌڻي ڏاتار
ڪنھن ٽنگايو ٽياس تي
مُئو ناهي مينڌرو جيئرو آ جهونجهار
2. سورٺ ٿي سھي
مارون مڱڻھار جون
ڏيئا ٻاريو ڏات جا متان سج لھي، الخ
تہ هاڻي اهي سموريون ڳالھيون آهن، جيڪي پاڻ ۾ رل مل ٿي تاجل بيوس جو شعر بڻجي نڪرن ٿيون. سندس شعر ۾ اها رِل مل سھجتا ۽ سڀاويڪتا ڀري آهي، ان ڪري ئي سندس شاعري اوج ڀري ۽ اُتم شاعري آهي.
تاجل شاعر تہ سھڻو آهي، پر ماڻھو بہ سھڻو آهي،
يارن جو يار ۽ محفل جو مور. سندس دل پيار جو گهر آهي،
پيار دل ۾ تہ سونھن دنيا ۾
شمع هوندي تہ روشني هوندي.
(شيام)

تاجل ‘شاھہ، سچل، سامي، انترراسٽريہ سيمينار تي هتي ڀارت ۾ آيو تہ سڀني جو من موهي ڇڏيائين. پنھنجي ‘ڌرتيءَ ڄاون’ ۽ ‘سنڌوءَ جي وڇڙيل ڌارائن’لاءِ سندس صادق جذبن ۽ دلي ارواح کي سڀني محسوس ڪيو. جتي بہ هليو، ٻٽيھہ ڏيئا ٻاري سندس سواگت (آجياڻو) ڪيائون. سندس سنگت پائي سڀ گد گد پئي ٿيا. پر هيءَ اڀاڳو هو جو جذبي وهيڻو ٿي سڀني سان روئي پئي مليو ۽ روئي پئي موڪلايائين. پاڻ بہ پئي رُنو اسان کي بہ ٿي رُئاري ڇڏيائين.
پر الھاسنگر جي اسٽيشن تي اصل حد ڪري ڇڏيائين. مان ۽ تاجل سنڌو نگر جي سنڌين سان قرب ونڊي، واپس بمبئيءَ وڃڻ لاءِ گاڏيءَ جي انتظار ۾ اسٽيشن تي بيٺا هياسين، تہ الھاس نگر واسين جا قرب ياد ڪري، ماڻھن سان ڀريل پليٽفارم تي، پنھنجي آسپاس کان بي نياز ٿي اچي رُئڻ ۾ ڇڻڪيو. چي ‘هيرا’ لک لائق آهن منھنجي سائينءَ جا، جنھن مون کي هن وڇڙيل سنگت ساٿ سان ملايو آهي، مان هر هر پيو سوچيان تہ مان ان جي لائق آهيان!” سنڌءَ جي ڌارا سندس اکين مان نڪري، ڳلن تان ٿي ٽپ ٽپ ڪري رهي هئي.
مون کان بہ سُڏڪو نڪري ويو ۽ اک ڇُلي پئي ۽ ٻئي پل ترت رومال ڪڍي تاجل جا ۽ پنھنجا ڳوڙها اگهي ورتم. سنڌوءَ جي ٻن گهڻو الڳ رهيل ڌارائن کي پاڻ ۾ سمائيندڙ اُهو رومال مون پاڻ وٽ سانڍي رکيو آهي.
تاجل تہ چوڻ کي چئي ويو تہ مان هر هر پيو سوچيان تہ ڇا مان هن سنگت ساٿ سان گڏجڻ جي لائق آهيان! پر اڄ مان اڪيلو ويھي اهو سوچي رهيو آهيان تہ اسان سنڌين کي جو وقت بہ وقت شاھہ جھڙا، بيوس جھڙا، اياز ۽ تاجل جھڙا شاعر ملندا رهن ٿا، ڇا اسين انھن جي لائق آهيون؟ مون کي تہ شاھہ سائينءَ جون ئي سٽون پيو ياد اچن تہ:
موتي مڇيءَ هٽ تي، ڪوڏين جيئن ڪڍيائين
هيري هَٿُ وڌائين ويھي ساٽين وچ ۾


هن مجموعي ۾ تاجل جي نئين شاعري هڪ نئون سنيھو، نئون پيغام کڻي آئي آهي. سنڌي جاتيءَ کي اڄ ان جي وجود جي سنڪٽ واري سمي، جو تاجل بيوس جھڙي باشعور بي- باڪ ۽ برجستي شاعر جو ساٿ مليو آهي، سا اسان جي جاتيءَ لاءِ خوشقسمتيءَ جي ڳالھہ آهي. ان ڪري تاجل جڏهن پنھنجي هن ڪتاب لاءِ مھاڳ لکڻ لاءِ مون کي لکيو تہ مون يڪدم سندس ڳالھہ مڃي ۽ اڄ هي ڪم سرانجام ڏيندي مون کي خوشيءَ ۽ فخر جو احساس ٿي رهيو آهي.


هيرو ٺڪر

JD/25 A, Crystal Apartments Pitam Pura, Delhi-110034
INDIA

بيت

---

ايندو انقلاب

اڃان تنھنجي ڪنڌ جو ڇٽو ناهي ڦَٽُ
ڳچيءَ وارو ڳَٽُ- سَٽِ تہ سوڀارو ٿئَين

تو ڪيئن پاتو طوق، ڪانئَر! هيڏي ڪنڌ ۾
ٻيو سمورو لوڪ- آجو ڳچيءَ- ڳٽ کان

تون ڪيئن رُئين رَتُ؟ تو ۾ ٿڃ ٿِرن جي
پڙهندو وڌندو وَتُ- تہ لھن ڳٽ ڳچيءَ جا

تون ڇو رت رُنو؟ سرتا! هيڏيءَ سنڌ ۾
ڪچو ڀڃ ڪُنو، جو آويءَ کان آجو رهيو

اڃان تنھنجي ڪنڌ تي، ڪيڏا آهن ڦَٽَ
ڀڃ مُڪَ سان ٻيڙيون، ويٺي کاءُ نہ وَٽَ
ڏي سنگهرن ڱي سَٽَ، تہ لھي ڳٽ ڳچيءَ جو

تون ڪيئن پائي طوق- ڪانئر! آئين ڪاڄ ۾؟
ٻيو سمورو لوڪ- آجو ڦِري عام ۾

ڪلھو وڍيو ڪنڌ کان، هَڻُ ڪهاڙو هيئَن
آهي ڪبو ايئَن- راضي راءِ کنگهار(1) کي

ٺپائي ٺاهوڪڙو، ڪر ڪاٺير! ڪهاڙو
لڳڻو آ لاکاٽ کان، ڌرتيءَ کي ڌاڙو
پڇي ٿو پاڙون: تون ڪنڌ وڍيندين ڪيترا

ڪاتيءَ سان ڪاٽي ڇڏيو، ڪِنيءَ آڱر کي
هٿ ۾ هوندي جي- اکيون ڪڍندي عام جون

نگر جون ناريون- هَٿُ ڪلاشنڪوف تي
وڙهن وڻجاريون- اٺئي پھر انياءَ سان

سدا رُتِ بسنت جي، ڳاڙهي ئي ڳاڙهي
ڪڙاهيءَ ڪاڙهي- ڄڻ ڪنھن شفق شام جي

هُو لياريءَ جا لال- جن کي لوھہ لڱن تي
ڪن ٿا ڪِيل مقال- سڄڻ ۽ ساڻيھہ جي

سورج- لٿي سَرَ مٿان، رڳو آ رت- ڇاڻ
سج کي هڻي ٻاڻ- اُڇلي ويو ڪو آب تي

سانجهيءَ ويلي سَرَ مٿان، ڪيڏو رت هاريو
مارڳ ۾ ماريو- ڪنھن سِجَ، سرجڻھار کي؟

ڦُٽي پيو گلابُ- لٿي سِجَ سمونڊ ۾
اسان انقلابُ- اٿندي ڏٺو اَڇَ تي

منھوڙي کان مون- ڏٺو سِجُ سمونڊ ۾
وڍيل سسيون وِير ۾، ميان! ماڻھن جون
مون کي ڄڻ هيءَ ڀون- لڳو سِرُ ساڻيھہ جو

اُٿندو انقلاب- رائَي ۽ رت- ڇاڻ مان
لاهي ماڻھو لابُ- کڻندا ڪيچ ڪڻن مان

بم جي ڀڳل خول ۾، ڦُٽي آ ڪانول(2)
جهول تون ڀي جَهلِ- تہ ڪَٺا چونڊيون ڪارڙا

کرن ڪيئن کيتيون! جن ۾ مھڪ ملير جي
ڀَلي بم بارود جون، اُڇلايو پيتيون
ڇاتيون سي ڇيتيون- کوٽُ جني جي کير ۾

کَرڙيءَ اڳيان کَڻُ- وينگس! وک وڏاندري
ڳھلي! ڳاڙهيءَ ٻير جيئن، ڇاتيءَ کان ٿِي ڇَڻَ
وَڌي ٿجي وَڻُ- ڏوٿيئَڙن جي ڏيھہ ۾.

کَرڙي ٿي کڻي- سامون سنڌو ديس جون
پئي ٿي جا پيٽ مان، ڄامن کي ڄڻي
هيڏِي ٿي هڻي! تڏهن هام “هئڻ” جي

کڻي ٿي کرڙي- سامون سنڌو ديس جون
اچي شاھہ شجاع مان، آهي جا اڙي
اِجها رات لڙي- اِجهو ڦُٽو سوجهرو

هاڻي هيءَ بندوق- آهي آڏ امن جي
جا نہ سڃاڻي سچ کي، مارِ اُها مخلوق
ماڻھو جيئن ملوڪ- رهجي وڃن راڄ ۾

هلو هاڪاري- ٻَلُ سڃاڻي ٻانھن جو
گونگو پاڻي گَڻنگ جو، ٻوڙي يا تاري
هر ڪو هِن واري- “پاڻ” اُڪاري پاڻ کي

هي ڪھڙا، هِي ڪير؟ ڄَرَ جني جي ڄڀ ۾
آيا اتر پار کان، کَپَرَ جوڙي کير
هاهيارا(3) نہ هَير- سون- ورنيءَ سنڌ ۾


______________
(1) ڪڇ جو راجا راءِ کنگهار سمون، جيڪو ارغونن جي وقت ۾ ارغوني لشڪر راتاها هڻي، کين ڀڄڻ تي مجبور ڪندو هو. سج جڏهن هالار جبلن جي قطارن ۾ ٽٻي هڻندو هو تہ ڪڇي لشڪر راءِ کنگهار جي اڳواڻيءَ ۾ ڀلن گهوڙن تي چڙهي، راتاهن تي نڪرندو هو.
(2) ڪانول جو ٻوٽو، جنھنجي ڦلَ کي ڪارڙا يا پيرون چئبو آهي. ڪانول جا پيرون جهانگي ماڻھو لپون ڀري کائيندا آهن.
(3) هِيراڪ يا هِريل.

سرجيندڙ ساڻيھہ جا

واڍا! هِن وڻڪار جا، ڏنگا وَڍِ نہ ڏارَ
سينگون سَوَ هزار- سڀان کپنديون سنڌ کي

وَڌي ٻوٽا وڻ ٿيا، ٿُڙَ سُونھن ڏارَ
هاڻي لک هزار- لَٺيون لوڪن هٿ ۾

واڍا! هِن وڻڪار مان، اهڙو وڻ نہ وَڍِ
آهي جنھنجي اَڍِ- چندن جھڙي چيٽ ۾

هيءَ جا واڍن وَڍَ- وڌي آ وڻڪار ۾
توڻي ڏيو ڏڍ- تہ بہ سور نہ لھندو سُٿرو

ويھہ واڍوڙون وٽ- جي ڪرٽ وهائن ڪاٺ تي
مُنھن تني کان مٽ- جي ڪامِي ڪھڻھار جا

ڪونھي سڦلو ڪم- ڏارِ نہ ليمي ڏارَ کي
کَڻُ هٿ ۾ بم- ڪھڙو تاءُ ڪمان جو!

ڏکيءَ هَٿِ ڏاٽو- هِي بہ جيئڻ ڏينھڙا
اِجهو چولو اوڄ جو، ڪلھي کان ڦاٽو
ٻاجهر جو ٻاٽو- سانگو سرجڻھارِ جو

چَتين لڳل چولڙا، چِڪُ- ڀڪليا ڀَير
پوءِ بہ ڍيروُن ڍير- آڻيو ڪن اَنن جا

هڪ ڪَڇَ تي ٻيلھڙا، ٻيءَ ڪڇ تي ٻارُ
ازل کان هِي بار- سونھين رڳو سنڌ کي

لَٿِي لاهياري- ڪُنجي ٻانھون ڪڻڪ ۾
ٻيهر جنھن ٻارِي- وِسيل باھہ وجود جي

کاڄي پيو کيٽ- تو کي ڀَوُ نہ ڀَيل جو
لاھہ مٿي جو ميٽ- ڪامِي! ٿيءُ نہ ڪاهلو

پَرُ وانگي هِي پَٽهو(1)، کامايو ٿَم کيت ۾
ڪڍِي اک ڪمند جي، پوکون ڏسجو پو
سکر هوندو سو- مُنڍيون(2) جنھن مرڪائيون

چَتين لڳل چولڙا، ميرا سندن هَٿَ
ڪري سگهندين ڪَٿَ- اَنَ- اُپائڻھار جي؟

ڳاھہ پيا ڳاهين- ڪامي ڪڻڪ گاج(3) جو
اِتي ئي آهينِ- تہ لڳن خوف خريف جو

ڳاهن ڪاهي ڳاھہ- ڳاٿل اَنُ اُڍاريو
پوي شال پرھہ جو، گگدامن کي گاھہ
اڃان مٿيون ماھہ- ڳھندا ڍڳا ڳاھہ ۾

مون ساري سنسار ۾، پوکي جيڪا پوک
ماڻھو سمجهي موک- پيا ونڊيندا پاڻ ۾

مون پوکيو آ پوک ۾، ڪَھُو ڪنڊيءَ سان
سڀاڻي اِن مان- گهڻائي گَزَ ٺاهبا

مون پوکي آ پوک ۾، ڄاڱر ڄارن سان
سڀاڻي اِن مان- سوين سينڱُون ٺاهبيون

ڪنڀارِڪو هَٿُ- ٻَولِرُ ٻِٽيءَ ذات جو
هڪڙن وڏي وَٿُ- ٻِين ٻوڙي تارِ ۾

ڪنڀر ڪھڙو ڏوھہ؟ سھڻيءَ ٻُڏي سير ۾
مِٽيءَ سندو موھہ- آهي ڪارڻ عشق جو

تو کي ڪيئن ڪنڀرَ- آويءَ مان آڻي ڏنا؟
مون کان هِي ڪينڱر- لوڪان لِڪايو ڇڏي

دِلي ۽ درياھہ- سھڻي ٻوڙي سير ۾
ڪنڀر مٿان ڪاھہ- مُئن وارو مامرو

_____________
(1) ڪمند جا پَن ٻُوٽا.
(2) ڪمند جون مُنڍيون، جن مان ٻيو فصل تيار ٿيندو آهي.
(3) ڪڻڪ جو قسم، ٺوڙهي، گاج وغيرہ.

عُمِرِ ڪاٺي اَڪَ جي

ڪيڏا تير، ڪمانَ- جوڀن جوڙيندي لنگهيو
اڃان ڪنھن انسانَ- ڪتب آندا ڪينڪي

پوڙها! تنھنجي پيريءَ ۾، ڪيئن ڇُڙي پئي هَڙَ
رهجي ويا تُوتَڙ، اَڌ اُڍاريل ٻارِ ۾

وَهي وِئي وَهي- پاڻيءَ وانگي ٻُڪَ مان
لڳو سُرو(1) لاٽڻ کي، اِجها جاءِ ڊهي
ويندا لُڙَ لھي- ماءُ! پڄاڻا موت جي

ڇڻندين پِپُرَ- پن جيئن، پَرينءَ تون پوڙها!
گهوڙا ڙي، گهوڙا! ڀَڄندا دَرَ درياھہ جا

لنگنھندي لڪيون، لَڪَ- اچي وار اڇا ٿيا
ميڙيسي جا مَڪَ- ڪانڀوءَ(2) منجهہ ڪِري پئي

جئَين ڪنھن پَرُوڻ ۾، رهجي وڃي ڇاڻُ
تيئن هِي پنھنجو پاڻُ- پِيريءَ ۾ پڌرو ٿيو

سُڪي ويو تلاءُ- پيريءَ تي پورو ٿيو
ويو اُڏامي هنجڙو، پيو نہ پڙلاءُ
ڇڏيو هِير هڳاءُ، لُکَ لوساٽيا انگڙا

لڙهندي ڏٺوسي- عُمِرِ- ڦوٽو جَرَ تي
ڦاٽي پيو ڦوڪ تي، ڀانڊو(3) ڀڳوسي
چڱو ڪيوسي- مُهُتُ ڏنوسي موت کي

سڀئي وڻ سڙي ويا، وڃي رکَ بچي
اسان پڻ اچي- پيريءَ کي پورو ڪيو

جيئن ڪو باز جَهٽي- بَگڙو تِتِر بُٺَ تي
ساڳيءَ رِيت سٽي- ماءُ! اسان کي موت ويو

هُو ٻَيرين جو ٻُورُ- هوءَ بي پاڙِي باغ ۾
وسريو چِٽُ ڪو چيٽ جو، مون کان ناهي مُورُ
ٻيڙيءَ وارو پُورُ- پوءِ بہ جوڀن ڏينھڙا!

ڪاتارا ڪيڏا! جوڀن ريءَ جڏا ٿيا
گڏيِن پيا گيڏا(4)- اَڇِي اُجرِيءَ ٻارِ ۾

هيءَ ڇَرَ، هُوءَ پَنَ- ڇَڻَ، ٻئي مامرو موت جو
نڪا ڳوتَ نہ ڳَڻَ- لکين لھوارا ٿيا

تاڙي تانئيڙو- جيئَن ويھي ڪنھن وجود کي
اسان سان ڪَيَڙَو- موت بہ ساڳو مامرو

ڪونھي ڪو جٽاءُ- جوڀن جهوٽو واءُ جو
اسان آهيون ماءُ! باقي ٿورا ڏينھڙا

جُهرِي پيو جوڀن- هاڻي ڪھڙيون حجتون!
هڪ، هڪ ڇڻي پن- سڄو باغ سُڪي ويو

هلندو هر ڪوئي- مسافر هِن ماڳ مان
ڏُٿُ، ڍَڪَڻُ، ڏوئي- هر شئي رهندِي هتڙي

ويئي ڙي، ويئي- عُمِرِ ڪاٺي اَڪَ جي
پِيُس بارُ پيريءَ جو، ٽُڪرا ٿي پيئي
ڪايائُون ڪيئي- ڀُرنديون رهيون ڀونءِ تي

تاڙي تانيئڙو- وِهي جيئن شڪار کي
آهي ايئن هينئَڙو- عاجز اڳيان موت جي

پوڙها شاعر ڪيترا، پوڙهي ٿئي نہ ڏات
موت بہ کائي مات- ڏَرندو آ ڏاتار کان

____________
(1) اُڏامڪ جيت، جيڪو ڪاٺ کي لڳندو آهي.
(2) ڪانڀو جبل.
(3) ٿانءُ- برتن.
(4) وائُرَ کان پوءِ ڪُڍِيءَ وارو رهجي ويل اَنُ.

هيَل بہ مَڃُرُ موڪ ٿيو

هِي ڄانڀي جو کيٽ- مٿان چمڪو چنڊ جو
مٿي پائي ميٽ- بيٺي ڌرتي ديس جي

هيل بہ مڃر موڪ ٿيو، هيل بہ وَٺا مينھن
نيٺ اسان جي نينھن- ڪيو سُرهو سنڌ کي

پَرُ وانگي جي پوھہ ۾، ويا گل سڙي
پيا سڀ ٽڙي- ورِي رُتِ بسنت ۾

ڀلي رَتي بسنت جي، ٽَھہ، ٽَھہ گُلَ ٽڙن
ٻاريون ٿيون ٻھڪن- رڳو رتن جوت جون

موتِئي مٿان ماڪَ- ڄڻِ ڪي ڳوڙها ڳَلَ تي
چِڪَڻَ لڳا چاڪَ- پَسي مند گلاب جي

مينديءَ رت هٿ ۾، ماڪ ڀنا رابيل
هِن ڀيري ڀي هيل- ٻھڳڻِ ٻولي سنڌ جي

ٻَٻُرَ مٿي ٻُورُ- مَڃُرُ ڪنڊيءَ- لام تي
مون کان وسرن مُورُ- نٿا وڻ وڻڪار جا

هُٻڪارون ۽ هُلَ- ڳَلَ تي رُت بسنت جي
گَجَر هٿ ۾ گُلَ- ٻهڳڻِ ٻولي سنڌ جي

آيا ڙي آيا- سکيا سانوڻ ڏينھڙا
سارنگ جا سايا- ڇايا ڇَپَرَ- کٽ تي

ننگر پاسي نير- ڀريا پَٽَ باکاٽڙي
چاڙهي ڳَرُ ڳَنڍير- مھڪايو ملير کي

هُن ڏونگر، هُن ڏهر تي، آهن مينھن وَٺا
اِجهو ٿيا ڪٺا- مارُو ملڪ ملير جا

هُن وڻ جي لام تي، ٻاٻيھي ٻوليو
خط اچي کوليو، ڄڻ ڪنھن ماروءَ ڄام جو

هُن وڻ جي لام تي، ٻُنگُ، کٿوري، ٻُور
منھنجو نفعو مُورُ- ڄڻ ڪي بيت جهار جا

سَٽيندي سائُون- سڄو ٿَرُ ٿڪجي پيو
وَٺا مينھن ملير تي مُرڪن ٿيون مائُون
کاٽونبا کائُون- يا ٻَڌئُون موڙ ملير کي

ٽڙيون انبن ٽاريون، ڀِريا ڀوُنر هزار
مالھڻ پوئَي هار- وڪيا وچ بزار ۾

ڪنڌيءَ ڪُم لُڙهن- نيلوفر سان نير تي
ٻن پھرن جو ٻارڙا، پاڻيءَ پاڻُ وجهن
ڪُوڻين ۽ ڪُمن- ڀَري سونھن سرير ۾

چنبيليءَ جا چيٽ ۾، اڇا، اُجرا گُلَ
ويٺي پويا هارَ ۾، آرائينءَ املھہ
مالھڻ! بنا مُلھہ- ڏجن ڏاتارن کي

دَرَ کڙڪايا دل جا، موتئي جيءَ مھڪ
چيٽُ بہ ڪيڏا چَڪَ! وجهي ٿو وجود ۾

رهنديون ريکائُون- وڃي هِن وسڪار جون
ٿيندو ٿوڪ ٿرن ۾، سڱر ۽ سائُون
ڪيڏيون ڪايائُون- سرجي سرجڻھار ٿو!

رهيون ريکائُون- سَرَ تي سانوڻ مينھن جون
ڦِٽا پاڻيءَ ڦوٽڙا، نہ ڇَمَرُ نہ ڇائُون
اِجهو اِتائُون- پوندو ڳَڀُ ڳنڍير ۾

ڀَريو رُتِ بسنت ۾، ٿر جو خالي ٿانءُ
ويچارا وهانءُ- ڪندا ڪاريءَ رت جو

اِها ڪنڊيءَ- لام، جنھن تي چِٽَ چُنيءَ جا
ڀرسان ويٺل ڀِٽ تي، هُڙين جا هشام
اِجها ٿي اُڏام- اولھہ کان آڪاس ۾

ٺھي پيا ٺَھہ پَھہ- ٽيڙوءَ جھڙا ٽه- سٽا
دلين جي درياھہ کي، ڪا نہ آئي ڪَھہ
ڏات- ڌڻين ڏَھہ ڏَھہ- لکيا گيت گلاب جا

اَوسَرُ ٿا ٻارِين

اوسرُ ٿا ٻارِين – توڙي نيڻ ننڊاکڙا
مِرون جي مارين- تہ ڀاڳيا ڇُٽن ڀيل کان

اوسر ٻاريائُون - ٻيلو اُڪرِي ٻاٽ ۾
اجهو ماريائُون – سُوَرَ هِن سنسار جا

اوسر لئي اڃان – آڻيو ڪھڙ(1) آڳڙيا!
مِروُن ڪو متان – اوجھڙِ اُڪاري وڃين

اُٿي اوسر ٻار – اجهو مِرون موٽيا
آهين تون هِتِ آڳڙيا! باقي ڏينھن ٻہ – چار
ماهَر ! مِرُون مار – ساڳاهي(2) جيئن سنڌڙي

اجهو ٿا اوسَرُ – ٻارين ماڻھو ٻاٽ ۾
اُن پھي کان پَر ُ – ڀُورُهئو ڀاڱا ٿيو

هِي گدرن جا باغ – ڀرسان گُلَ پَتَرَ(3) جا
جن ۾ ويھي زاغ(4) ڏنا نياپا نيھن جا

جيئن ڪنھن کُڏَ مٿان – تَڪين مِرون توٻچي
تيئن پڻ اڄ اسان – ڏٺو جابُر جُوءِ ۾

خفتي! کُڏڻا ڊاھہ ِ– مارِ نہ ڦاڙها ڦيرِ جا
اِنھن ۾ ئي آھہ – سندرتا ساڻيھہ جي

__________
(1) وڍيل جھنگ يا ڍنگر ٻارڻ
(2) ساڳاهڻ – سڀرو ٿيڻ، چاق چوبند ٿيڻ
(3)جھنگلي گل، جيڪو زمين تي ڇٽو هڻندو ڦھلبو ويندو آهي. سندس گل پيلا ٿيندا آهن.
(4)ڪانءُ – کنياتو

ڪنڌيءَ ڪنؤر تَرن

هُو جو سنڌ – درياءُ، وهندو هو وڻڪار مان
وريو ڪھڙو واءُ – جو آهي ڇِڄي اڌ ٿيو؟

جي تو وڌا تُنَ(1) گَرا ! هِن غوراب کي
ڪلاچيءَ جا ڪُنَ – جُڙندا اِنھيءَ جاءِ کان

بيلون(2)، بيلچا – کُڄي آيا کوھہ تي
وري تَڙَ تانگها ٿيا – سکر سنڌوءَ جا
جاڳو جاڙيجا! ڪاهيو ڪالاباغ تي

چيٽي چنڊاڻن(3) – ملھائي مھرڻ تي
ڀري ٿالَ ڪُٽيءَ جا، وَھہ(4) ۾ ٿا وجهن
اڃان اِن تڙن – آهي دؤر درياھہ جو

گهرڙا گهنڊِيرا – ويا پَٽي پرڀات جو
پوئين سِج ِ پيرا – ريتيءَ تي رهجي ويا

آهي آٺ َ پھر – ٻڙڪو ٻيلاٽين تي
ماڻھن ٻُو ٽي دَرَ – ڪيا نيڻ ننڊاکڙا

ڪاهل ! ٻَڌي ڪَھہ(5)، ڪُڙهي کڻ ڪٺار تان
مسين آهي مانگهہ ۾، واهڙ ڇڏي وَھہ
پيو ڪر نہ پَھہ – تہ سڀان مرندا سڀرا

بکر!(6) تنھنجي ڍنڍ، ڪھڙو لَڙُھہ لوڙهي ويو؟
اُڀري جنھن جي آب تي، چوڌاري نہ چنڊ
نڪي جوٽِيا جنڊ، نہ ڪنھن مکي مڪڙي

تازي پَلي ڪاڻ – ويھہ نہ ويڻي آسري
مُھري مٿان آڻ- سنڀوئي(7) کي سير تي

چِڪَڻ جي چپيٽ – ماهر منجهائي ڇڏيا
اٺئي پھر عذاب ۾، ٻيلاٽيون ۽ ٻيٽ
لھرين جي لپيٽ – ڄڻ ڪا ڪوٺَ ڪھار جي

وري ڏسندين – سائو سنڌ – درياھہ کي
کُوها کڻنداسين – ڏئي ساندارو سير تي.

(5) چيلھہ ۾ ٻڌل ڌاڳو ۽ سُئو، جنھن ۾ ڪُڙهيءَ ۾ ڦاٿل ڪُرڙين کي پوئبو وڃبو آهي.
(6) تعلقي گمبٽ ۾ بکر نالي ڍنڍ
(7) ٻہ – ڇانگيءَ ۾ بند ٿيل ڄاري، جنھن سان ٻيڙيءَ جي آ ڳل تي ويھي پلا ڦاسائبا آهن.
وڻجارو ٿِي ووڙ – لوچي لَنڪا ديس کي
ماهر وانگي موڙ – ويڻو وچ درياءَ ۾

چِڪَڻِ مان چڙهندا – ڏئي وراڪا ونجهہ کي
کوها جي کڻڻدا – تہ لھندا انت اَٿاھہ جو

هُن تَڙِ هاڪاريو – کڻو ڪَرِسَ ڪٺار تان
نئين ٽھيءَ جا ناکئا ! جَرُ ٿَرُ جياريو
اُٿو اُڪاريو – اَؤلا ڪُنَ اَٿاھہ جا

اَوٿَرَ ٿا اُٿن – ڪونھي انت اٿَاھہ جو
ڪالھاڪون ڪُنن ۾، ٻيڙا ٿا ٻڏن
تُرها، تنبيون تارِ ۾ سيڻاهيون سھڪن
ماهر مھرڻ ها، ڏوران ٿا ڏهڪن
اُتَرَ ٽوڙيو آڏ کي، آئي سَٽَ سڙهن
تَڪيو طوفانن – ناکئا! تنھنجيءَ ناوَ کي.

___________
(1) ٽنگ - سوراخ
(2) ڪوڏر جي شڪل جو لوهور اوزار جنھن سان ٽوٻا کوھہ کڻندا آهن
(3) ميربحرن جي هڪ ذات
(4) وهڪرو – وهڪ

ڏاهِي! ڏيو ٻارِ

ڏڪُ نہ ڏيئي – لاٽ، ڪَنب نہ ڪاريءَ رات ۾
آتِڻ اوچي ڳاٽ، سَڙُ تہ ٿئي سوجهرو

ڏڪُ نہ ڏيئي – وٽِ، ڪَنب نہ ڪاريءَ رات ۾
ڪلاَلڪي هَٽِ، سَڙُ تہ ٿئي سوجهرو

هوءَ جا ڏيئي – وٽ، ٻاري آيس ٻاٽ ۾
آهي اِن کان گهٽ، ستارن جو سوجهرو

ٽيپھريءَ ٽانڊو، بَکيو آ جو باھہ ۾
آهي جو ڪانڊو(1)، سوايو آ سج کان

گهپُ اونداها – ڪِٿِ نہ ٽمڪي باهڙي
نڪا ڪنھن ننگر، ڏسجي ڏيئي – لاٽ
وڻجارن جي واٽ – پوءِ بہ سَرَ تي سوجهرو

هيءَ جا ڏيئي – لاٽ، ٻَري آهي ٻاٽ ۾
کَوڙَ هڻندِي کاٽ، آڌيءَ ويل اُماس ۾

هوءَ تاري جي لاٽ، اُڻيل جنھن ۾ آسرا
ڳڀرو کڻندا ڳاٽ - سَرَ تي ٿيندو سوجهرو

هُو چوڏهينءَ جو چنڊُ – اُڻيل جنھن ۾ آسرا
اڃان ڌيءَ ڌنار جي، جوٽي پيئي جنڊُ
مانڊا ! پنھنجو منڊُ – لاھہ اسان جي لوڪ تان

ڏاهي! ڏيو ٻارِ – گهپُ اونداهي گهاٽ تي
اجهو اِنھيءَ جاءِ کان، واچيندا وڻجار
رهي ڏينھن ٻہ – چار – اونھين ويندا اُڪري.

___________
(1) ڪانڊو ٽانڊو گهڻو وقت بکندو رهندو آهي. ڪانڊو ۽ لائو

ويٺا جِتِ وڳر

گَرا ! هِي گودَر(1) – ساڙِ نہ منھنجيءَ سنڌ جا
ويٺا جِتِ وڳر – اُڏامي آڪاس ۾

اڄ نہ آکيرا – ٻَٻَر َ جوڙيا ٻَيرِ ۾
وَهيا واهيرا – کٻڙن تان کڻي ويا

ڳائن ڳيرڙيون – لُڏي ڪنڊيءَ – لام تي
اَندرُ کُنڀَ کَٽِين جا، مٿان مَيرڙيون
پائي ڦيرڙيون – ويتر پرت ونڊي ويون

تاڙي وڄائي – ڪيئن اُڏائين ڪانگڙا !
گونگن تي گليل مان، ڳوڙها وسائي
ڇڏ نہ اُڏائي – کنيا تا ڪنھن بہ کيٽ جا

اُڪرِي ٻَوڙيون اَڏ – ٻُوريءَ سان ٻکجي ويون
هر ڪا بُکئي(2) پيٽ جي، ڀري بيٺي کُڏَ
ڏِسُ، متان تون ڏڏ ! بُکيون ڀَڄائي ڇڏين.

______________
(1) ٻُوڙن ۽ ڪنڊن وارو جهنگ، جنھن کي لوڙهو ورائي، مال رکيو ويندو آهي. اصل گودرُ يعني ڳئن رکڻ واري جاءِ.
(2) ٻوڙيون جهرڪيون، جيڪي ٻاجهريءَ جي سنگن تي ويھي ٻُوري ڇَٽيندون آهن.

ماروئَڙا فقير

جَرِ ٿَرِ ننگي نير تي، ڏيڏر ٽان ٽان ڪن
جهپَ ڪري جاڳن – ماڻھو ملڪ ملير جا

اُتر کان ايندو - ڪري سائَو سنڌ کي
ٿَرُ سڄو ٿيندو – سَرهو سانوڻ مند ۾

صبح ستارا – پيھي ويا پاتار ۾
مارُون ٿر وارا – اوڏا اڏيو پکڙا

وري وسندو مينھن – ڀربا پَٽ پراڻ(1) جا
نسري پوندو نينھن – پوندو ڳَڀُ ڳنڍير ۾

سَنگهر ڪا سنگهارَ – وِڌي ڪنھن نہ وڇير ۾
ٿوهر ڦُٽو ٿَرَ ۾، هنيا ڏنگ ڏڪار
سارنگ ۽ سڪار – مَٽيو مُنھن ملير کان

اٿئي ڪا ﷲ ! اُڻتڻ هن عوام جي؟
جيڪي ڄاوا ڄام جا، سيئي ڳجهن ڳاھہ
ڪھڙي غرض گناھہ – ماڻھو آيا مامري؟

لوئي ٿي لاهي – مُنھن – اوناهي مارئي
اُڀريو سج ناهي – آھہ اکين جو اولڙو

ڇڻندا سَڱر سوڪ – ڇَڻ، ڇَڻ ڪري ڇن تي
مارُن وٽان موڪ – صبح اينديون سوکڙيون

اسان سي اوٺارَ – پير جني جا پنڌ ۾
هِن ٿر کي اُڪري، ڪيون هُن پچارَ
ماني ٻَڌ تہ يار ! اُڍاريون اوندھہ(3) کي

_______________
(1) سنڌ جو ڦٽل درياھہ
(2) لقمو – طعمو
(3) سميٽڻ – ختم ڪرڻ (اَٽو اُڍارڻ)

متاري جي ماءُ

موکِي متارن- ڏٺي جڏهن ڏيھہ ۾
سَرو سگهارن- پئندي اَڻُ- پورو ڪيو

متارا مرندا- موکي! کولِ نہ مَٽَ کي
ٻيھر نہ ٻرندا- ڏِيا ڪنھنجيءَ ڏات جا

متاري جي ماءُ! ڪنھن متارا ماريا؟
اڃان جن جو گهاءُ- چِڪي پيو چَتَ ۾

متارن موکي- ڏٺي جڏهن ڏيھہ ۾
پوک تني پوکِي- سَري ۽ سرهاڻ جي

هِي موکيءَ جو ماڳ- پر نہ موکي ماڳ ۾
ڏنو ڪنھن ڏهاڳ- ڏکيريءَ کي ڏيھہ ۾؟

مان ۽ تون

مون پچائي مانڙي، تو رڌيو آ ٻوڙ
پنھنجو ڪو بہ نہ جوڙ- سرتا! آهي سنڌ ۾

تو جوڙايو ڪينرو، مون آ تاڻي تند
پوءِ بہ پرکي پاڻ کي، ڪنھن نہ آڇيو ڪنڌ
پنھنجو سڄو پنڌ، آهي ڄڻ اُڪارتو

منھنجي هٿ ۾ ڏاٽڙو، تنھنجي هَٿِ تنبور
ٻوليءَ جهليو ٻور- مھڪي ڀونءِ ملير جي

مون ٺپايو ڏاٽڙو، کنئين تو کاٽي
تڏهن پيئي پوک آ، ڦُلن جيئن ڦاٽِي
مکڻ جي ماٽِي- سچي وَٿُ سرير جي

تون وجهہ مس قلم ۾، مان ڏيار نٿي ڏارو
توڙي ڪنھن تنئُر تان، آڻي اُڌارو
ويو جي وارو- ڪانئر سڏبا ڪيترا

تون هَڻُ تان تُنبير تي، مان ٿو کيڙيان کيٽُ
مٿي پائَي ميٽُ- گڏجي گهاٽ تي

تون واهر ڪر کيٽ جي، مان ٿو ڇٽيان ٻج
نسري پوندو نئوهر(1) مان، نينھن اسان جو نج
اُڀريو جڏهن سج- سکر هوندي سنڌڙي

ڪاپا آتڻِ مون ڪتيا، سڳا سوريا تو
آهي ڪنھن اَڏيو- ڍاڪون ڍڪڻھار جو؟

تون ئي منھنجو مڱڻو، تون ئي منھنجو مِيت
تو مان گونجيو گيت، تو ۾ منھنجو تڪيو

___________
(1) پوکي راهيءَ لاءِ نئين ٺاهيل زمين

ڪنواريون ۽ ڪونُر

تازو رک تلاءُ- اڇو، اُجرو آب کي
مومل ايندي ماءُ! لاهڻ ميٽ لڱن جو

گڏي آ گل- بُو، تُڙڳِي ڪنھن تہ تلاو ۾
آهي هوبھو، مومل جي محلات جي

ڪر نہ ميرو تون- ڀُلي لوڪ لُڙيو(1) ڪري
مومل ڏسنداسون- ايندي ان تلاوَ تي

مھڪي مُنھن- اونداهڙي، مومل جي ماڙي
چنبيلي چاڙهي، ڄڻ ڪنھن چوڏهينءَ چنڊ تي

_______________
(1) مَيرو- خراب

جانب! جِيئَن شال

رات سڄي رابيل- کِڙيا منھنجيءَ کٽ تي
هيئَن نہ ڏٺم هيل- ڪا چِٽائي چنڊ ۾

سَرنھن جي ڦولار ۾، وينگس جو وڃڻ
اوڍي چُني ڄڻ- آئي ڌرتي ديس جي

مون جو مڃر- ڏار، ڏٺا هُن ڏهر ۾
پِرين! تنھنجا پار، سرجڻ لڳا ساھہ ۾

لَڏڻ جهلي لام- اُڪريو پاڻي اَڇَ جو
گجر هڪڙي گام- پنھنجي ڄَڙَھہ ڄمار جي

ڍَڪيءَ تَپِي ڍنڍ مان، نينگر ڪُنجي وَرَ
تازا گُلَ ڀَتَرَ- پيس چُنبڙي پير ۾

گوريون کولڻ گهاٽ- آيون اَبُلَ واھہ(1) تي
تيتر پيون تڙڳنديون، جيتر ٿئي ٻاٽ
اِجهو اِنھيءَ واٽ- ڳاهٽ ٿيندا ڳڀرو

سج پيو اُڀري- مُنھن تي ڪِريل چڳ مان
ڪير هتان اُسري- اوندھہ انڌوڪار ۾

ڌمڻ سان دڪان تي، جيئَن لوهر پگهري لوھہ
محبوبن جو موھہ، تيئَن ٻاري مچ مجاز جا

ڀونءِ مٿان باکاٽڙي، پرين پير نہ کڻ
متان رات اچڻ- وساري ويھي رهي

منھنجا رتا هٿڙا، تنھنجا ڪارا وار
ڪجليءَ رُتِ جا پار- سرجيا منھنجي ساھہ ۾

لاهياريءَ جا لِڱَ- ڪنول ڪينجهر ڍنڍ جا
سَرَھہ! تنھنجا سِڱ(2)- وينگس چورائي وئي

هُن ڀَرِ هاڪاري- هلو ڇو نہ حبيب ڏي
پاڻان پياري- ڀريل مٽ مجاز جا

جُهڙ جي ڪجليءَ ڇانوَ ۾، هُن گجري جا گل
آهن ڄڻ املھہ- نکٽ سارا نِڀَ جا

_____________
(1) تعلقي گمبٽ جو اَبُل واھہ
(2) مٿي ويڙهائڻ کان پوءِ عورت جي مٿي تي ڄڻ سنڱ ٺھي پوندا آهن.

سر ڪلاچ

بڪَڪَ(1) ڀانگريا(2) مڙئي وياءَ ڪلاچ جا
ڇڏي ڪين ويا- آيل! گهر اباڻڪا

ٻاريون ٻاپڙن(3)- ڪالھہ ڏياٽيون ڏات جون
چوٽيون ٿا چڙهن- ڪَوَر نہ وٺن ڪاف جي

رات بہ دلو راءِ،(4) سڀ نوازيا ناکئَا
آندائين اجرڪون، مڙئي مورئي لاءِ
گهاتو ٻيا گهڻياءِ- مَٽُ نہ ڪوئي مور جو

ميڪَرَ ماريندا- ماريپور جا مورڙا
تُنبا تاريندا- ڪلاچيءَ جي ڪُنَ تي

جوريجي(5)، جوکيا- وياءَ ڪلاچيءَ- ماءُ جا
پِتا جن پوکيا- مٺا نَئن- ملير تي

ڪيڏيون شھر ڪلاچ ۾، جُڙيون هَن جايون
ماڻھو ۽ مايون- ڇُھندا تارا اڀ جا

ڪراچيءَ جي شھر ۾، لاٿي اٿم لڏ
سُڻي تنھنجا سڏ- ماتا! منگهي پير جي

ماڻھو منگهي پير جا، جاڳياڙي، جاڳيا
سُوَرَ کي ساڳيا- ڪتا وٺندا ڪوڏ (6) جا

مُنھن اونداهي مول(7)- ڀريو نئن ملير کي
گهڙي پيا گبول- تُنبا لاهي تارِ ۾

ڪاڏي شھر ڪلاچ جو، لڏي لوڪ ويو؟
مون کي ڏَسُ ڏيو- اوڀائَي(8) جيءَ اَڍِ جو

لٿو لسٻيلي- تِين- هٽيءَ کان توٻچي
لنگهي لالُو کيت مان، بکر کي ڀيلي
هاڻي هن ويلي- مِرون هوندو موٽيو

هِي ڇا ڪَيُوَ هيل، منگهي ۽ ملير ۾!
لُڻو ويٺا لوڪ جا، رَتَنَ ۽ رابيل
کڻو پنھنجا کيل- ڀيليو ڪنھن نہ ڀونءِ کي

ڪُئنڪر(9) ۽ ڪاٺوڙ- ڪايائُون ڪلاچ جون
گرگ- نہ ڪيو گوڙ- متان ڀاڱا ٿيو

مون مھاڻا مير- ڏٺا ڪالھہ ڪلاچ ۾
اُڪاريندي اڇ کي، ٿيا سڻاوا سير
ڪِلا ٺوڪي ڪير- ميڪر ماري آئيا

سورج لٿي سَرَ مٿان، رڳو آ رت- ڇاڻ
سج کي هڻي ٻاڻ- اُڇليو آ ڪنھن آب ۾

لھر، لھر لوڪو! وڌا وَڍَ وجود ۾
ايڏي اَنت اَٿاھہ تي، ڪاهي ٿو ڪوڪو
پاڻيءَ جو ٻوڪو(10)- ڀانءِ نہ ساگر سنڌ جو

لھر، لھر للڪار- ڪونھي اَنت اَٿاھہ جَو
سرجن ٿا سمونڊ ۾، ڪيڏا ڪارونڀار
آهن روپ هزار- لڪل لھرن وچ ۾

لھر، لھر لُڇندي- لوڏِ نہ اُرَھہ لاڏلي
اِتان ئي اُٿندي- آهي وِير وڏاندري

گَسُ ڏئي گوليمار جو، ننگر ٿيو نروار
ماڻھن ٻُڌا مرونءَ جا، ٻيلي ۾ ٻھڪار
بَڇي لوڌويون ڀُور تي، واٺن ڪيا وار
لِڪو لالوکيت ۾، مِرون کائي مار
ٻہ – وَڄو ٻيھار – ايندو ڪين ڪلاچ ۾

گهارين منجهہ – گڏاپ – پوءِ بہ ميري من ۾
امن جا آلاپ – ڪر تہ ڪاڻيارو نہ ٿئين

اڳيان سونُ – مياڻ، پويان پَڊَ ملير جا
آهي هِي اهڃاڻ، مارِي ! تنھنجي موت جو

لھر، لھر لشڪَر ُ - ڪونھي انت اَٿاھہ جو
هِي پڻ هيڏو ٿَرُُ – پاڻيءَ مان پيدا ٿيو

تون ڪيئن سٿين بار – ايڏا اڄ اُٺن تي؟
اَڏي اوڏا پکيڙا، لَھہ ڪالاچيءَ سارَ
وري تنھنجا وارَ – سَتُر ُ رکندا سنڌ جو

اوڀائَي اڏائيا، کارادر ۾ کُڏَ
لنگهندا انھيءَ لنگهہ کان، ڪري مِرون ڪڏَ
گهڻا ٿيندا گَڏُ – ويندا هن ويڙهاند ۾

کارادر جر کُڏَ کان، وينڊو ڄاڻ(11) وريو
بندوقون ڀريو – تہ ڪجن ڀاڱا ڀُورَ ڪري

مون سي مھاڻا – ڏٺا ڪاھہ ڪلاچ ۾
چتين لڳل چولڙا، پاتل پراڻا
مُرڪيا مياڻا، ميڪر ماري آئيا

هُو ڏِس شور سمنڊ ۾ ، آهي ئي آهي
ٺَاھہ پيو ٺاهي، ماڻھوءَ سندي موت جا

لھريون ٿيون لُڇن – اوڏڻ ! ڍَڪ اُرھہ کي
ساري هن سمونڊ کي، گَجَ ۾ غرق نہ ڪن
متان اڃ مرن – سارس(12) هن سنسار جا

اهو ماڻھو ڪير؟ جنھن جي ننگ اکين ۾
آيو آ اڱڻ تي، من ۾ رکي مير
جِت رکي ٿو پير – اُت مري ٿو ماڻهپو

ڪڏهن ڪراچيءَ – هيئن نہ ويھاريو هنج ۾
ڌرتي ! تنھنجي ڌيءَ – کُوٽُ گڏيو آ کير ۾

نانگ ! هتان نڪرو – ڪرو ڏرِڙَ نہ ڏيھہ ۾
ڦڻ ڪڍي، ڦوڪون ڏئي، ڪاڇي تي نہ ڪِرو
ڇڏيو لاڙ، سِرو – نہ تہ مارَ(13) پوندؤُ مامري.

آءٌ موريا ! آءُ – ويھہ اسان جي وچ ۾
مُرڪايون تو مياڻيون، بيشڪ آهن ڀاءُ
آهي تو انياءُ - غرق ڪيو گرداب ۾

مِيون منگهو پير – ساهي پير سمھي پيو
هاڻي انھيءَ ڀيڻين – تاڻي ڪو بہ نہ تير
ويٺا ڳاڙين نير – ڪندس ياد ڪلاچ کي

اجهو ڄاڻ اروڙ – جوڙيا ڪُنَ ڪلاچ جا
سڄي منھنجيءَ سنڌ جي، آهي ڀونءِ ڀلوڙ
ماري مانگر کوڙ – ماڳ ورندا مورڙا

مون جيئن موکيءَ ساڻ – پيتو مڌ ملير ۾
ازل جو اهڃاڻ – حاصل ٿيو حال ۾

ڪيئن ٿا ڪورنگي – سوا ڀانيو سنڌ کان
جيئَن هوءَ ڀيڻ بکر جي، آهي اورنگي
ناهي ڪا ننگي – ڌرتي ڪنھن بہ ديس جي

ڪياماڙِيءَ ۾ ڪالھہ – مون جي ڏٺيون مائرون
انگ – اگهاڙا ٻارڙا – ڪڇ تي هُئن ڪالھہ
ڪڏهن اِن نہ ڪالھہ – انگ ڍڪيو انسان جو

___________
(1)، (2) ۽ (3) ڪراچيءَ جا اصلي رهواسي.
(4) سنڌ جو راجا، جنھنجي ڏينھن ۾ مورڙي ۽ مانگر مڇ جي قصي جنم ورتو هو.
(5) ڪراچيءَ جا پراڻا رهاڪو.
(6) ڪوڏ ذات وارا.
(7) گڏاپ ڀرسان هڪ بستي، جتي مينھن جو پاڻي گڏ ٿي، ملير نديءَ کي ڀريندو آهي.
(8) مورڙي جو پيءُ.
(9) ڪراچيءَ ڀرسان هڪ ڳوٺ.
(10) پٽڪي جي پلاند ۾ لئَي جو ڇَھہ ٻڌي، ڌنار کوھہ يا کوهاڏي مان پاڻي ڪڍي، ٻُڪَ تي پيئندا آهن. اصل ٻوڪو چمڙي جو ٿيندو آهي.
(11) ويڊن وريل يا وڏي عمر وارو مِرون
(12) ٻگهہ پکي
(13) نانگ – بلائون

وايون

---

مَرُ تہ ورهائن مالھڻيون

مَرُ تہ ورهائن مالھڻيون
گهرِ، گهرِ ڳاڙها گُل
ڳائي ڳيچ بسنت جا

ڌرتيءَ سائي ديس کي، اوڍي ڳاڙهي جهلَ
مَرُ تہ ورهائن مالھڻيون
گهرِ، گهر ڳاڙها گُل

ڳائي ڳيچ بسنت جا

موتئي جي مھڪار ۾، چمڪيا چوٽيءَ – ڦلَ
مَرُ تہ ورهائن مالھڻيون
گهرِ، گهر ڳاڙها گُل

ڳائي ڳيچ بسنت جا

چمڪيا چوٽيءَ – ڦلَ

چمڪيا چوٽيءَ – ڦلَ
موتئي جي مھڪار ۾

ٽڙيا تنھنجي ٽھڪ مان
گُجر ! ڳاڙها گُلَ
موتئي جي مھڪار ۾

چُنيون ڪنڊيءَ – لام تي
اُڇليون ڪنھن املھہ؟
موتئي جي مھڪار ۾

کولينديون کنڀڙاٽيون
ڀُوريون ڏيئي بُلَ (1)
موتئي جي مھڪار ۾

_____________________
(1) بُلَ ڏيڻ- ٽپڻ ڪڏڻ

اَجها ٿي پرڀات

اَجها ٿي پرڀات
ڦٽندي ڌارا کير جي
وڄندا چڙا وانڊ ۾، لَنوندا پکي لات

اَجها ٿي پرڀات

ڪيڏي ڪاريءَ رات ۾، آهي چپ چپات!
اَجها ٿي پرڀات

ڳھلا! ڳاڙهي سجَ کي، ملڻي ناهي مات

اَجها ٿي پرڀات
ڦٽندي ڌارا کير جي
*

ڪَنڊيءَ چاڙهي لِيڙ

ڪَنڊيءَ چاڙهي لِيڙ
ٻَٻُرَ ڇاڻيا پلڙا

پکيئڙا هُن پار جا، ٻولين ويٺا ٻيڙھہ
ڪَنڊيءَ چاڙهي لِيڙ
ٻَٻُرَ ڇاڻيا پلڙا

موکيءَ گڏي مڌ ۾، پاڻياريءَ جي پِيڙ
ڪَنڊيءَ چاڙهي لِيڙ
ٻَٻُرَ ڇاڻيا پلڙا

ڪيڏي آھہ ڪَڪَوھہ جي، ڀَرئَي مَٽَ تي ڀِيڙ!
ڪَنڊيءَ چاڙهي لِيڙ
ٻَٻُرَ ڇاڻيا پلڙا

روپھريءَ رابيل

روپھريءَ رابيل
جيڏيون! جيون جي ڪٿا

ٽڙيا ڄڻ تہ ٽارئين
سورج- گل سويل
جيڏيون! جيون جي ڪٿا

سانگو سرجڻھار جو
ڀنڀراڪي جي ڀَيل
جيڏيون! جيون جي ڪٿا

جهڙي مومل مُرڪڻي
تھڙا تيل ڦليل
جيڏيون! جيون جي ڪٿا

ڪٿي نيڻ ننڊاکڙا
ڪٿي اک کليل
جيڏيون! جيون جي ڪٿا

ڀونءِ مٿان باکاٽڙي

ڀونءِ مٿان باکاٽڙي
موتي وسندا ماڪ جا

ڏِسجان ڏِکَ(1) ڏهر جي، جڏهن چنڊ کِڙي
ڀونءِ مٿان باکاٽڙي
موتي وسندا ماڪ جا

ڀَيلي وڃ باغيچڙو، متان مالُ ڇِڙي
ڀونءِ مٿان باکاٽڙي
موتي وسندا ماڪ جا

ماڻھو ڪو تہ ملير جو، ٽانگر جيئن ٽڙي
ڀونءِ مٿان باکاٽڙي
موتي وسندا ماڪ جا


(1) رُوپ- نظارو- مھانڊو

ڀريل ڄڻ بندوق

ڀريل ڄڻ بندوق
جيڏا ! جيون جي ڪٿا

گهوڙو(1) ڇٽو، گهاءُ ٿيو
نڪتي نَڙَ(2) مان ڦوڪ
جيڏا ! جيون جي ڪٿا

گهڙيءَ ۾ گم ٿي وئي
ڪاڇي ۾ ڪا ڪوڪ
جيڏا ! جيون جي ڪٿا

ڪيسين اَبر آسري
ماروئڙا ملوڪ ؟
جيڏا ! جيون جي ڪٿا

__________
(1) بندوق جو گهوڙو- لَٻلَٻو
(2) بندوق جو نالُ يا نَري

آڏو جَرُ اَٿاھہ

آڏو جَرُ اَٿاھہ
پويان ڀِڪ(1) ڀوائتي

جيون هيڏيءَ جهاڳ تي، پويون ڄڻ پساھہ
ويندا اڏري اوچتو، تتر کائي ٽاھہ
آسروندا اُڃَ تي، اوتيندا اوڙاھہ
آڏو جَرُ اَٿاھہ
پويان ڀِڪَ ڀوائتي

*

_________
(1)ڪَپَرُ

ڪوي ڪاليداسَ!

ڪوي ڪاليداسَ!
ڪَٿي تنھنجو ڪينرو؟

جيڪي تنھنجيءَ تانَ ۾، اُها منھنجي آس
ڪوي ڪاليداس!

وڍي ڏيانءِ وجود جا، آءُ تہ املتاس
ڪوي ڪاليداس!

توکي منھنجيءَ تانگهہ جي، پَرِتي پُورنماس
ڪوي ڪاليداس!

چاڙهيٿو چاڻو

چاڙهيٿو چاڻو
ڪوڪو هٿ ڪنڀارڪو

سڙي ٿيندو سونُ آ، ڄڀين ۾ ڄاڻو
ڦُٽي ڦاڪون ٿي پيو، ڌرتيءَ ۾ داڻو
اسان جِيون پاڻ ۾، گهاڻي ۾ گهاڻو

چاڙهيٿو چاڻو
ڪوڪو هٿ ڪنڀارڪو

*

ڳورا ڳڙڪائَي

ڳورا ڳڙڪائَي
ڪيڏا ٻيڙا ڪُنُ ٿو؟

چڪَڻ جي چوٻول ۾، پير نہ ڪو پائَي
سھڻيون ٻوڙي سير ۾، ماهر، منجهائي
وڏا ٻيڙا ٻارِ ۾، اجگر اُڇلائَي
ڀِڪُون جي ڀنوائتيون، کاٽِر(1) ٿو کائي

ڳورا ڳڙڪائَي
ڪيڏا ٻيڙا ڪُنُ ٿو؟

_________
(1) کاٽِي کڻندڙ- ڏلھڙيو- کاٽَ هڻندڙ

پَيرون پَٽيندي

پَيرون پَٽيندي
سنڱر سَٽيندي
اچي وار اڇا ٿيا

چؤُ پڙ واريءَ چال ۾
مھر مَٽيندي
اچي وار اڇا ٿيا

سَنڃڻ ڪارڻ سرتيون
واڊِيون وَٽيندي
اچي وار اڇا ٿيا

پَيرون پَٽيندي
سنڱر سَٽيندي
اچي وار اڇا ٿيا

ناهي واريءَ- جاٽ

ناهي واريءَ- جاٽ
آهي بَرُ ڀنوائتو

ٻَٻُرَ هيٺان ٻه- مُنھيون(1)
ستيون ڪن سُرٻاٽ
آهي بَرُ ڀنوائتو

پورب کان پدام تي
ڪو نہ ٻُڌئي ڪڙڪاٽ؟
آهي بَرُ ڀنوائتو

وليون ڏينديون واسڙو
مُنھن ڌوئيندي ماٽ
ناهي واريءَ- جاءِ
آهي بَرُ ڀنوائتو

___________
(1) ٻن مُنھن واريون بلائون

هِن ڀيري ڀي هيل

هِن ڀيري ڀي هيل
ٻِٽُ ٻَٻُرَ سان ٻيل
ڪيئَن بيٺو آن ڪيوڙا؟

آڇين ڇُڳا عام کي، سَوَ، سَوَ جهلي سيل
ٻِٽُ ٻَٻُرَ سان ٻيل
ڪيئَن بيٺو آن ڪيوڙا؟

سھندي تو کي سال ٿيا، ڀنڀراڪي جِي ڀيل
ٻِٽُ ٻَٻُرَ سان ٻيل
ڪيئَن بيٺو آن ڪيوڙا؟

ڪَنڊو، ٻَٻُرُ، ڪيوڙو، ٽيئي ڏسو ٽيل!
هن ڀيري ڀي هيل
ٻِٽُ ٻَٻُرَ سان ٻيل
ڪيئَن بيٺو آن ڪيوڙا؟

اکيون گُلَ رابيل

اکيون گُلَ رابيل
مٿان ڀيرا ڀونئر جا

جهڙي مومل مُرڪڻي، تھڙا تيل- ڦليل
اکيون گُلَ رابيل

بدن ڄڻ بسنت ۾، ٽاريون ڦُٽيون ٽيلھہ
اکيون گُلَ رابيل
مٿان ڀيرا ڀونئر جا

*

ڀَرِ تي ڀَتَرَ- گُلَ

ڀَرِ تي ڀَتَرَ- گُلَ
نيرڳ پکي نير تي

اڇِي. پِيلي، نيرڙي، جَرَ تي گلن- جُهلَ
ڀَرِ تي ڀَتَرَ- گُلَ
نيرڳ پکي نير تي

لنگهيون ڪونجون روھہ تان، هر هر ڪري هُلَ
ڀَرِ تي ڀَتَرَ- گُلَ
نيرڳ پکي نير تي

اوهان چئَو گَڊَ کي

اوهان چئَو گَڊَ کي
ماڳ نہ مٽائي
اوهان چئَو گَڊَ کي

ويٺا مارِي وچ تي
کاهيون کڻائي
اوهان چئَو گَڊَ کي

ليا پائي لَڪَ ۾
ڪنڌ نہ جُهڪائي
اوهان چئَو گَڊَ کي

اکين جون آرانڀيون
ڇڏي وسائي
اوهان چئَو گَڊَ کي

اُتَرُ اَتائَو

اُتَرُ اَتائَو
جَرُ سمورو جهاڳ آ

نٿو ڏسجي ناکئا!
ڪو بہ سَرُ سائَو
جَرُ سمورو جهاڳ آ

من وري پئَي واءُ ڪو
صبح سڻائَو
جَرُ سمورو جهاڳ آ

جيوَن ساڪو(1) سڙھہ جو
پوءِ بہ پرائو
اُتَرُ اَتائَو
جَرُ سمورو جهاڳ آ


(1) ڪانھن جي وٽيل نوڙي، جيڪا ڀُتي هئڻ سبب ٿوريءَ ساھہ سان ٽٽي پوندي آهي. هن قسم جون نوڙيون سڙھہ کي ٻڌيون وينديون آهن.

ڄاڻُ ٿيو باکاٽڙو

ڄاڻُ ٿيو باکاٽڙو
ڦُٽندي ڌارا کير جي

آءُ وجهندس اُٺَ تي
پرھہ ڦُٽيءَ پاکڙو
ڄاڻُ ٿيو باکاٽڙو
لُڻي مڃر- لام کي
ڏوٿي چمندو ڏاٽڙو
ڄاڻُ ٿيو باکاٽڙو
جيڏا! جيوَن جي ڪٿا
مھيءَ ڀريل ماٽڙو
ڄاڻُ ٿيو باکاٽڙو

ڦُٽندي ڌارا کير جي

اڃان پنڌ گهڻو

اڃان پنڌ گهڻو
جَتَ! نہ اُٺڙا واڳيو

ڪالھہ ويو جو قافلو
ان جو پَير کڻو
جَتَ! نہ اُٺڙا واڳيو

لَٿِي ڪونجي لاڙ ۾
چڳندِي ڪو تہ چڻو
جَتَ! نہ اُٺڙا واڳيو

اَنتُ اَپائڻھار جو
آهي اَنُ- ڪڻو
اڃان پنڌ گهڻو
جَتَ! نہ اُٺڙا واڳيو

ڀيرو ڀڃ نہ تون

ڀيرو ڀڃ نہ تون
وڻجارن کان واٽ تي(1)

پوکيا گل گلاب جا، ميان! آهن مون
ڀيرو ڀڃ نہ تون
وڻجارن کان واٽ تي

اڇي آد- جڳاد ۾، گوندر گڏيو سون
ڀيرو ڀڃ نہ تون
وڻجارن کان واٽ تي

اُٺَ نہ هئا اوپرا، ڏوران ڏٺاسون
ڀيرو ڀڃ نہ تون
وڻجارن کان واٽ تي

پسيون، ڏنئُرا، پَلڙا، ڀوڏيسر جي ڀون
ڀيرو ڀڃ نہ تون
وڻجارن کان واٽ تي


(1) شيخ اياز طرفان فون تي ڏوراپي ڀريل سٽ.

سَرُ سڄو سائُون(1)

سَرُ سڄو سائُون(1)
تون ڪيئن پِني پاٽيون؟

ڏاگها ڀَري ڏٿ جا، آندم اُتائُون
سَرُ سڄو سائُون

اچو مَڪَ مندائتي، کيٿريون کائُون
سَرُ سڄو سائُون

ڪلھي، ڦاٽا ڪنجرا، سڀئي سبيائَون
سَرُ سڄو سائُو

ٺارين ٺانگر ٿانوَ جيئن. هِن مند هوائُون
سَرُ سڄو سائُون
تون ڪيئن پِني پاٽيون؟


(1) ڪرنگهہ يا سائُون، جنھن جو ٿري ماڻھو ڀَتُ يا رَٻَ ٺاهيندا آهن. سنڌ ۾ سائون جوارِن جي ٻَنن سان بہ پوکيو ويندو آهي.

مون کي ڪري مات

مون کي ڪري مات
سمھڻ لڳيون سارنگيون

نڪتي ڪوڪ ڪماچ مان
رُون، رُون منجهان رات
سمھڻ لڳيون سارنگيون

اهڙي اڳ اُتامِري
ڀانن ڪئي نہ بات
سمھڻ لڳيون سارنگيون

هاڻي ڪنھن بہ ڏياچ تي
ڏمربي نہ ڏات
مون کي ڪري مات
سمھڻ لڳيون سارنگيون

هي جَر ُ جالارو

هي جَر ُ جالارو
کيڙيندي کارو
ماريو مَڇُ ڪلاچ جو

هر، هر اِنھيءَ اَڇَ کان
ڏئي ٿو ڏيکارو
ماريو مَڇُ ڪلاچ جو

لَنگهيو سِير سمونڊ جي
ڏيئي ساندارو
ماريو مَڇُ ڪلاچ جو

واتي(1) بيٺو ونجهہ کي
وارو ري، وارو!
هي جَر ُ جالارو
کيڙيندي کارو
ماريو مَڇُ ڪلاچ جو


(1) واتڻ – وات وجهڻ

نڀَ منجهان نيراڻ

نڀَ منجهان نيراڻ
سَهڙي آھہ سمونڊ ۾

سج ٻُڏي ويو سير ۾، ڳڙي ٿي ڳاڙهاڻ
اڪرو ڪُن َ اٿاھہ جا، وڳر ڪئي وراڻ
آهي اِنھيءَ وير کان، اڳتي سڀ اڇاڻ

نڀَ منجهان نيراڻ
سَھڙي آھہ سمونڊ ۾

*

ڍوليو ٽَپي ڍنڍ

ڍوليو ٽَپي ڍنڍ
آيو مُنھن – اونداهڙي

ڏٺُو بڙ جي اوٽ مان
چوريءَ بيٺي چنڊ
ڍوليو ٽَپي ڍنڍ
آيو مُنھن – اونداهڙي

پرھہ کڻندي پاندڙو
جوٽينداسون جنڊ
ڍوليو ٽَپي ڍنڍ
آيو مُنھن – اونداهڙي

تماچيءَ – تَڙَ کان

تماچيءَ – تَڙَ کان
ڪينجهر جي ڪَپَ سان
آھہ اسان جو تڪيو

ڪاڇو ڏيئي ڪونجڙيون ! ڪُرلايو تہ ڪٿان
گوڏيون اوڍي گندريون، بيٺيون اچي ڀرسان
ڪَيڙا نيڻ ننڊاکڙا، ڪانوَن جي ڪان، ڪان

تماچيءَ – تَڙَ کان
ڪينجهر جي ڪَپَ سان
آھہ اسان جو تڪيو
*

امن، آزادي

امن، آزادي
اصل وٿ انسان جي

تون ڪيئَن رَسا چيلھہ ۾، ڳچيءَ ۾ ڳاڌي؟
مون لئه ماني جوار جي، سڀ کان سوادي
مسين ٿِي مخلوق آ، پيرين پياري

امن، آزادي
اصل وٿ انسان جي

ڪنڊيءَ لنوندو ڪانءُ

ڪنڊيءَ لنوندو ڪانءُ
ويندا ڏينھن ڏڪار جا

ويڻَ نہ ڏيو وڻجاريون!
اِجهو آيسُ آنءُ
ويندا ڏينھن ڏڪار جا

ڪا نہ کَسِي ڪاڪيون
ڏات سموري، ڏانءُ
ويندا ڏينھن ڏڪار جا

ڀريو ڪنھن تہ بھار ۾
ٿَرَ جو خالي ٿانءُ
ڪنڊيءَ لنوندو ڪانءُ
ويندا ڏينھن ڏڪار جا

ونجهہ کڻو وارو

ونجهہ کڻو وارو
اُڪرو ڪُنَ اٿاھہ جا

ڳھلا! ڪيئَن ٿا ڳولھيو
ڇڪڻ مان چارو؟
اُڪرو ڪُنَ اٿاھہ جا

اِجهو اُتر- واءُ سان
سرجيو ساندارو(1)
اُڪرو ڪُنَ اٿاھہ جا

جنھن کي سانگَ سکاڻ جو
هوندو هاڪارو
ونجهہ کڻو وارو
اُڪرو ڪُنَ اٿاھہ جا


(1) ساندارو ڏيڻ معنيٰ، سڙھہ ۾ هوا ڦاسائي، درياءَ جي سِير اُڪرڻ

رڻ ۾ رَتائون

رڻ ۾ رَتائون
مُرڪيو مُکُ ڏاتار جو

من ڪو سورج ساٿيو! اُڀري اِتائون
رات بہ وڃي رُڃَ ۾، لڌائين لائُون
ڀِتَرَ ٺڪِر، ڪنڪريون، هُن کي هنيائُون

رڻ ۾ رَتائون
مُرڪيو مُکُ ڏاتار جو

*

ڏيھہ- ڌڻي ڏاتارُ

ڏيھہ- ڌڻي ڏاتارُ
ڪنھن ٽنگايو ٽياس تي؟

مُئَو ناهي مينڌرو، جيئرو آ جهونجهار
وڍيو ڪنھن وڻڪار مان، ڏيلھن وارو ڏارُ؟
اٽڪيو هو ارغون سان، رات بہ راءِ کنگهار(1)
لوچي لنڪا ديس کي، ورڻو آ وڻجارَ

ڏيھہ- ڌڻي ڏاتارُ
ڪنھن ٽنگايو ٽياس تي؟


(1) ڪڇ جو راجا راءِ کنگهار سمون، جيڪو ارغونن جي لشڪر تي راتاها هڻندو هو. اتر سمنڊ ۾ اڄ بہ ڪروڌي ٻارن کي بس ڪرائڻ خاطر دڙڪو ڏئي چيو ويندو آهي: “بس ڪر، رَڙِ کانگهارُ ٿو اچئي.”

مون کي چيائون

مون کي چيائون
آمر وٽ آئون
چوان رات، نہ ڏينھن کي

ڳچيءَ ڳاري پٽ جي، پرھہ پاتائُون
مون کي چيائُون:
آمر وٽ آئون
چوان رات، نہ ڏينھن کي

لَٿي سِج لنڱن ۾، واڊيون وڌائُون
مون کي چيائُون:
آمر وٽ آئون رات
چوان رات، نہ ڏينھن کي

ڳجهن ٻَڌا ڳوٺڙا، رڻ ۾ رُنائون
مون کي چيائُون:
آمر وٽ آئون
چوان رات، نہ ڏينھن کي

واءُ ڦريو وانجهي!

واءُ ڦريو وانجهي!
اڃان ڪَرسَ(1) ڪٺار تي!

ساڪا ٽوڙيو سڙھہ جا، موني کان مانجهي!
واءُ ڦريو وانجهي!

اَٿَوَ سَگهہ سرير جي، لوڪان ڇو لانجهي؟
واءُ ڦريو وانجهي!

ڪندؤ ڪيئَن ڪلاچ تي، سَهِڙِي جي سانجهي؟
واءُ ڦريو وانجهي!
اڃان ڪَرسَ ڪٺار تي!


(1) ڪاٺيءَ جي ڪَپي، جنھن سان ڪٺار تي رسو ڇڪبو آهي.

صدين جو سوداءُ

صدين جو سوداءُ
سرجيو آھہ سرير ۾

اِجهو آويءَ ۾ ڀڳو، ٺِڪُرَ ڏئي ٺڪاءُ
چِڪيو آهي چيٽ ۾، گهاڻي جيڏو گهاءُ
ڪيڏو آهي ڪاتار جو، ڏوراهون ڏهڪاءُ

صدين جو سوداءُ
سرجيو آھہ سرير ۾

ڦاڙيو سڀ فرمانَ

ڦاڙيو سڀ فرمانَ
فَنُ نہ ڦاهيءَ چاڙهيو

ڪَپايو ڪارائيون
ڪيئن ٿا چئو قرآن؟
فَنُ نہ ڦاهيءَ چاڙهيو

ڦٻايو فنڪار جا
ڪيئن ٿا قلمدان؟
فَنُ نہ ڦاهيءَ چاڙهيو

ماڻھو هر مِٽيءَ جا
سڀوئي سبحانَ
ڦاڙيو سڀ فرمانَ
فَنُ نہ ڦاهيءَ چاڙهيو

هِي تَڙُ تاسارو

هِي تَڙُ تاسارو
اُڃو پاڻ اَٿاه تي

پاڻي تنھنجو پاتڻي ! کارو ئي کارو
هِي تَڙُ تاسارو

نڪو اُپڙي اُبتو، نڪي لھنوارو
هِي تَڙُ تاسارو
جنڊ مھاڻين جوٽيا
هِي تَڙُ تاسارو
اُڃو پاڻ اَٿاه تي

هوُ جي ڪالھہ مُئا

هوُ جي ڪالھہ مُئا
منھنجا مِٽَ هُئا
مارُون ملڪ ملير جا

وڇايا ولھار ۾، ٽيپھريءُ ٽُئَا(1)
ڏٺي ڪنھن نہ ڏهر ۾، مون ڪا مينھن سُئَا!(2)
ڍڪيءَ ويلي ڍٽ ۾، گاهِين گاھہ جا

هوُ جي ڪالھہ مُئا
منھنجا مِٽَ هُئا
مارُون ملڪ ملير جا


(1) فوتيءَ جي سوڳ ۾ پٿر ڪرڻ لاءِ ٽُئا ۽ تڏا وڇائڻ. (2) نئين وِئَايل مينھن

ڪيڏا ڪارونڀار!

ڪيڏا ڪارونڀار!
سانوڻ ڪيا سنڌ تي

ڏٺاسون ڪنھن ڏيھہ جا، اڳ نہ اهڙا پار
ڪيڏا ڪارونڀار!
سانوڻ ڪيا سنڌ تي

مينھوڳيءَ جي مند آ، سوچ نہ سرجڻھار!
ڪيڏا ڪارونڀار!
سانوڻ ڪيا سنڌ تي

آتڻ مڙئي اوپرا، ڪَتي وٺ ڪاتار!
ڪيڏا ڪارونڀار!
سانوڻ ڪيا سنڌ تي

ڪيڏو آ ڪڪوھہ

ڪيڏو آ ڪڪوھہ
پڪو موکيءَ - مَٽَ ۾!

موکي! تنھنجي مَڌ ۾، ڳاڙهي ڳئونءَ جو اوھہ
موکي! تنھنجي مڌ ۾، پڪو آهي پوھہ
موکي! تنھنجي مڌ ۾ ، پِرين جو پاٻوھہ

ڪيڏو آ ڪڪوھہ
پڪو موکيءَ - مَٽَ ۾!

تترن جي جوڙي

تترن جي جوڙي
گوريءَ پالي گج ۾

گُڙ ُ بہ ڳاڙهي ڳل تي، رکيو ٿَئين روڙِي
تترن جي جوڙي
گوريءَ پالي گج ۾

پوءِ بہ پر کڻھار کان ، ڳُجهي آ ڳوڙهي!
تترن جي جوڙي
گوريءَ پالي گج ۾

ڪنھن ڪنھن خالي هٿڙا، ڪوڪو ڪروڙي
تترن جي جوڙي
گوريءَ پالي گج ۾

سورٺ ٿي سھي

سورٺ ٿي سھي
مارُون مِڱڻھار جون

ڏيئَا ٻاريو ڏات جا
متان سج لھي
سورٺ ٿي سھي
مارُون مِڱڻھار جون

ڪايا ڪلنگيدار جي
اِجها ٿي ڊهي
سورٺ ٿي سھي
مارُون مِڱڻھار جون

ڪارونجهر جي ڪنڌ مان
واهڙ ٿو وهي
سورٺ ٿي سھي
مارُون مِڱڻھار جون

ڇِنو گل ڇُڳير جو
ڪھڙي واءُ – کهي ؟
سورٺ ٿي سھي
مارُون مِڱڻھار جون

ڳاڙهن ٻيرن جيئَن

ڳاڙهن ٻيرن جيئَن
سُکَ ورهايو سنڌ ۾

ڀائر توڙي ڀينرون، ڪُھو ويٺا ڪيئَن ؟
رهو ايئَن نہ راڄ ۾، جر تي ڦوٽو جيئَن؟
آنڌيون انقلاب جو، اينديون ناهن ايئَن !

ڳاڙهن ٻيرن جيئَن
سُکَ ورهايو سنڌ ۾
*

چوٽيون ٿي چڙهي

چوٽيون ٿي چڙهي
ڪنول جي ڪامڻي

جيوَن واريءَ جنگ ۾
سڄي ٿي سڙي
ڪنول جي ڪامڻي

مون جيئن منڊيءَ ٽڪ ۾
جيون ٿي جڙي
ڪنول جي ڪامڻي

اجهو آتڻ واريون!
ايندي اَنُ ڇڙي
ڪنول جي ڪامڻي

ڏورِين ٿا ڏاتارَ

ڏورِين ٿا ڏاتارَ
پوياڙيءَ کان پنڌ ڪري

ويٺا ناهن واٽ تي، الک جي آڌار
ڏورِين ٿا ڏاتارَ

ڪندا ناهن ڪُرنشون (1) جهيڙي ۾ جهونجهار
ڏورِين ٿا ڏاتارَ

ڪيرُ لِڪائَي لوڪ کان، هيڏِي سارِي هار!
ڏورِين ٿا ڏاتارَ

پوياڙيءَ کان پنڌ ڪري

*
(1) آزيون نيازيون ڪرڻ – گوڏا ڀڃي وينتي ڪرڻ

سَري جي سرهاڻ

سَري جي سرهاڻ
ماڻِ تہ موچارو ٿئَين

اوڻا ماٽا مڌ جا
اسان وٽ نہ آڻ
سَري جي سرهاڻ
ماڻِ تہ موچارو ٿئَين

مِٺي آهي مٺاڻ کان
ڪانھي ڪابہ ڪڙاڻ
سَري جي سرهاڻ
ماڻِ تہ موچارو ٿئَين

ٻُسيون بازاريون

ٻُسيون بازاريون
رؤنق رنگ ڇڏي وئي!

لِڪيون ڀڻن لوڪ ۾، وَهون ويچاريون
ڪنھن تہ مروڙيون ڪنڌ کان، ڏنئُرن جون ڏاريون
اچو تہ گڏجي آڳڙيا ! اکيون اوٻاريون
اُٿو اڇيءَ ٻار جا، ٻُوها ٻُھاريون

ٻُسيون بازاريون
رؤنق رنگ ڇڏي وئي!

وتن ويچاريون

وتن ويچاريون
ڳالھائينديون ڳُجهہ ۾

لڳي ٿو هن لوڪ جون، ڌنئرون هَن ڌاريون
ڳڀا، ڳڀا ڳوٺ ۾، ڪاڻياريون ڪاريون،
آءٌ تہ گڏجي عام ۾، ٻارڻ ڪو ٻاريون

وتن ويچاريون
ڳالھائينديون ڳُجهہ ۾

ڳوڙها ڳاڙيندي

ڳوڙها ڳاڙيندي
ڦوڪي وِسيل باهِڙي

ٻيءَ جي ٻاريل باھہ تي، مُور نہ ڀاڙيندي
پشم جهڙي پاڻ کي، سانجهيءَ ساڙيندي
آرهڙ واريءَ اُس ۾، ڪايا ڪاڙهيندي

ڳوڙها ڳاڙيندي
ڦوڪي وِسيل باهِڙي

ڄاڻُ ٻريون ڄاٽيون

ڄاڻُ ٻريون ڄاٽيون
نيرڳ جھڙي نِڀَ ۾

ٽڙنديون وري ٽارئين، اجهو گل- ٻاٽيون
ڄاڻ ٻريون ڄاٽيون

کوڙ ڀريندي کير سان، ميھوڳي ماٽيون
ڄاڻ ٻريون ڄاٽيون

موتئي گُل جون مکڙيون، ڦڳڻ(1) ۾ ڦاٽيون
ڄاڻ ٻريون ڄاٽيون
نيرڳ جھڙي نِڀَ ۾


(1) هندي سنبت جو آخري مھينو- چيٽ، ويساک، ٺيٽ، آکاڙ، سانوڻ، بڊو، اُسو، ڪَتي، ناهري، پوھہ، مانگهہ ۽ ڦڳڻ.

ڀڙڪو کائي باک

ڀڙڪو کائي باک
ايندي پورب پار کان

لِڪي ويندا لوڪ کان؛ چُرين منجهہ چراخ(1)
سينگاريندي سَرَ کي، هر ڪا وڻ جي شاخ
اوڀر کي اِن جاءِ کان، لڳڻي آهي لاک
آخر ڪنھن تہ اُرَھہ تي، پچي پوندي ڊاک

ڀڙڪو کائي باک
ايندي پورب پار کان


(1) سنڌيءَ ۾ خ ۽ ک وارا ڪافيا صوتي اثر ڪري جائز سمجهيا ويندا آهن.

ماريو پَکُ نہ ڪو

ماريو پَکُ نہ ڪو
منھنجي هن مھاڳ تان

آجهاپي(2) جي ويل آ، تاڻيو تير نہ ڪو
ماريو پَکُ نہ ڪو
منھنجي هن مھاڳ تان

ڪيو ڇو ٿا ڪائنرو! کوريءَ ۾ کڙڪو؟
ماريو پَکُ نہ ڪو
منھنجي هن مھاڳ تان

جيڪو ٽُٽو ٽارئَين، منھنجو هو مڻڪو
ماريو پَکُ نہ ڪو
منھنجي هن مھاڳ تان


(2) ڏينھن تتي ۾ آرام جو وقت.

ڇائين رات – اماس

ڇائين رات – اماس
پوءِ بہ سَرَ تي سوجهرو

چوڙيليءَ چمڪايا، اکين جا الماس
ڇائين رات – اماس

مون سان گڏجي مينڌرا، وٺ گلن جا واس
ڇائين رات – اماس

ٻاريا ڏيئَا ڏات جا، ڪويءَ ڪاليداس
ڇائين رات – اماس
پوءِ بہ سَرَ تي سوجهرو

اجهو ٿو آئون

اجهو ٿو آئون
ماريان مڇ ڪلاچ جو

ڦِري گِري ڦِيڻ ۾، اُٿندو اِتائون
اجهو ٿو آئون
ماريان مڇ ڪلاچ جو

وري لھندي وِير ڪا، مانگر مٿائُون
اجهو ٿو آئون
ماريان مڇ ڪلاچ جو

گُهليون اڳ گرداب تي، هيئن نہ هوائون
اجهو ٿو آئون
ماريان مڇ ڪلاچ جو

ڌاريا(1) ڌنارن

ڌاريا(1) ڌنارن
ڳڀرن ڳنوارن
لوڌي ڇڏيا لوءِ مان

رنڱايون رت – ڇاڻ ۾، پڳون پاڳارن(2)
ڌاريا ڌنارن
ڳڀرن ڳنوارن
لوڌي ڇڏيا لوءِ مان

آگم پَسي اُڀ ۾، جهيڙو جهونجهارن
ڌاريا ڌنارن
ڳڀرن ڳنوارن
لوڌي ڇڏيا لوءِ مان



(1) غير – اوپرا – اَديسي
(2) پڳدار – چڱا مڙس

نينگر نِموريون

نينگر نِموريون
ڇاڻيون ڇَپَر – کٽ تي

لوڏا ڏيئي لام کي، پِيليون ۽ ڀُوريون
نينگر نِموريون
ڇاڻيون ڇَپَر – کٽ تي

گُجر ڀَريا گج ۾، چاڻا ۽ چُوريون
نينگر نِموريون
ڇاڻيون ڇَپَر – کٽ تي

سجائَي سرير ۾، آسُون اَڌوريون
نينگر نِموريون
ڇاڻيون ڇَپَر – کٽ تي

*

ساهَن جي جي سرهاڻ

ساهَن جي جي سرهاڻ
آئي آڌيءَ رات جو

آهي ڦاهيءَ گهاٽ تي، چوڌاري چانڊاڻ
سرجيو سرجڻھار ! ٿئي، ڪارونجهر ڪنھن ڪاڻ
ماتم آ مخلوق ۾، هڪڙي پنھونءَ ڪاڻ

ساهَن جي جي سرهاڻ
آئي آڌيءَ رات جو

ٻاگهيون ، ٻھڳڻيون

ٻاگهيون ، ٻھڳڻيون
مايون شھر الھاس(1) جون

سڀئي سرجڻھار جي، املھہ تو آڻيون
ٻاگهيون ، ٻھڳڻيون
مايون شھر الھاس جون

ڀنڀراڪي ڀنڀوريون، باغن منجهہ ڀڻيون
ٻاگهيون، ٻھڳڻيون
مايون شھر الھاس جون

چيٽيءَ جي چانڊاڻ ۾، ڪھڙا گل چڻيون !
ٻاگهيون، ٻھڳڻيون
مايون شھر الھاس جون


(1) اُلھاس نگر – بمبئيءَ جو اُپنگر، جنھن کي اُتان جي سنڌين پنھنجي پگهر جي پورهئي سان جوڙي تيار ڪيو آهي، اُلھاس کي سنڌو نگر بہ چيو ويندو آهي.

ڪھڙا ڳڻ ڳڻيون!

ڪھڙا ڳڻ ڳڻيون!
هري! (1) تنھنجيءَ هند جا

اُٺيون جي الھاس ۾، مون تي مينھن ڪڻيون
ڪھڙا ڳڻ ڳڻيون!
هري! تنھنجيءَ هند جا

واٽون گلن واسيون، ڦوهارا ڦڻيون
ڪھڙا ڳڻ ڳڻيون!
هري! تنھنجيءَ هند جا

ڪلا(2) ، پارُو (3)، پوپٽي (4)، سڀئي سنڌ- ڄڻيون
ڪھڙا ڳڻ ڳڻيون!
هري! تنھنجيءَ هند جا

_________
(1) هند جو برک ليکڪ ۽ آئي وئي جو آدرڀاءُ ڪندڙ ماکيءَ جهڙو مٺڙو، هري موٽواڻي.
(2) ۽ (3) ڪلا پرڪاش ۽ پوپٽا هيرا ننداڻي،
(4) پارُو چاولا – راڳ ڪوتا جي راڻي.

ڏَئي ڪو موٽائي

ڏَئي ڪو موٽائي
راتيون شھر اُلھاس جون

ڪيڏو ويٺي ڪلپنا
تن من تڙپائي!
ڏَئي ڪو موٽائي
راتيون شھر اُلھاس جون

ڳالھيون ڪنھن تہ ڳھير جون
ويو ڪو ورجائي
ڏَئي ڪو موٽائي
راتيون شھر اُلھاس جون

ڪو تہ اسان جي اَئٽ جي
سُٽَ کي سُلجهائَي
ڏَئي ڪو موٽائي
راتيون شھر اُلھاس جون

منھنجا موهن(1) کي

منھنجا موهن(1) کي
ساري ڏج سلامڙا

لوڏ سڃاڻي لاهجان، جهوليون ڀَريم جي
منھنجا موهن کي
ساري ڏج سلامڙا

هِنيون منھنجو هيڪلو، جهوريءَ منجهہ جهڄي
منھنجا موهن کي
ساري ڏج سلامڙا

ڪنھن کي اُن قريب جو، ڏوراپو نہ ڏجي
منھنجا موهن کي
ساري ڏج سلامڙا

ڇنل گلڙو گلاب جو، گلن سان گڏجي
منھنجا موهن کي
ساري ڏج سلامڙا


(1) هند جو اعليٰ تخليقڪار، موهن ڪلپنا جنھن جي ماٺ بہ ڳالھائيندي رهندي هئي.

مون ڪيرت جي ڪاڻ

مون ڪيرت (1) جي ڪاڻ
پوکيا گل گلاب جا

سَرو سَپن – گاڏئون، ڇاڻيءَ منجهہ نہ ڇاڻ
آندي ٿم اُلھاس کان، هيءَ هيرن جي کاڻ
جتي کيٽ کٿوريا، ساهن جيءَ سرهاڻ

مون ڪيرت جي ڪاڻ
پوکيا گل گلاب جا


(1) هند جو برک تخليقڪار ۽ ڏاهو، ڪيرت ٻاٻاڻي

مُڪا هن موهن

مُڪا هن موهن
سنگت لاءِ سلامڙا

رتيون، ماسا، تولڙا، ٽويا، پاٽيون، ٽن
مُڪا هن موهن
سنگت لاءِ سلامڙا

ڪايا اُن ڪلتار جي، ڪانُو توڙي پن
مُڪا هن موهن
سنگت لاءِ سلامڙا

اُڀا تَڙَ اُلھاس جا، منھنجو ڇپر ڇن
مُڪا هن موهن
سنگت لاءِ سلامڙا

آنند، وٽان نند (1)

آنند، وٽان نند (1)
سوين مليا سوکڙي

هر ڪنھن ماڻھوءَ کي هُتي
ڪيڏا آهن ڪنڌ !
آنند، وٽان نند
سوين مليا سوکڙي

اُڻيا مون ارواح ۾
پاڻياريءَ جا پنڌ
آنند، وٽان نند
سوين مليا سوکڙي

نسري پيا ننڊ مان
هُو ڀيڻيون، هُو هنڌ
آنند، وٽان نند
سوين مليا سوکڙي


(1) جديد ادب جو سڄاڻ شاعر ۽ نقاد، نند جويري

ٺاڪر (1) ڀَري ٿال

ٺاڪر (1) ڀَري ٿال
هيرا، موتي، لال
گهر، گهر تو تان گهوريا

ڏنم پنھنجا ڏينھڙا، صديون توکي سال
سُکيو هجئي ساٿڙو، ڪير نہ ڏسي ڪال
مومل (2) سوڌو مينڌرا، جُڳُ جُڳُ جئَين شال !

ٺاڪر ڀَري ٿال
هيرا، موتي، لال
گهر، گهر تو تان گهوريا


(1) ٺاڪر چاولا، جنھنجي سر شاھہ، سچل، سامي انتر راشٽريه سيمينار ۽ انڊو- سنڌ مشاعري جو سھرو ٿو سونھين.
(2) ٺاڪر چاولا جي گهر واري، پارُو چاولا- سيمينار جي موقعي تي شوڀا، نيھا ۽ پاروءَ جي سيوا ۽ سھڪار دلين تي اڻوسرندڙ نقش ٺاهي ڇڏيا آهن.

مون ۾ آھہ مھڪ

مون ۾ آھہ مھڪ
اڃان ڀي اُلھاس جي

جِتي رُتِ رابيل جي، جِتي ڦُٽن اَڪَ
مون ۾ آھہ مھڪ
اڃان ڀي اُلھاس جي

اڄ ڪلھہ جي انسان جا، ٽڙيا جِت ٽھڪ
مون ۾ آھہ مھڪ
اڃان ڀي اُلھاس جي

ڏول ڀريندي ڏٿ جا، ميڙي ٿَڪس مَڪَ
مون ۾ آھہ مھڪ
اڃان ڀي اُلھاس جي

گهمي گَس گرنار جا، ٿر ۾ لاٿم ٿَڪَ
مون ۾ آھہ مھڪ
اڃان ڀي اُلھاس جي

ڪيڏو ڪري پنڌُ!

ڪيڏو ڪري پنڌُ!
ارپيم پاڻُ اُتم(1) کي

گهورَ ڪيان اُن گهوٽ تان، توڙي گُهري ڪنڌ
هِتِ هزارين مامرا، هُتِ نہ ڪوئي انڌ
ڏاتارن جي ڏيھہ ۾، ڪوئي ڦير نہ ڦند
هِتي ماڻھو اوپرا، هُو نہ اهڙو هنڌ
سڀئي بَڙ، سُنھانجڙا، سنڌوءَ جو سوڳنڌ

ڪيڏو ڪري پنڌُ!
ارپيم پاڻُ اُتم کي

(1) هند جو برک تخليقڪار ۽ پڙهيل ڳڙهيل ڏاهو، اي- جي اُتم.

مون سو پيتو مڌ

مون سو پيتو مڌ
جنھن ۾ سُرت سرير جي

سَري هو ساڄو ڪيو، اندر منھنجو اڌ
مون سو پيتو مڌ
جنھن ۾ سُرت سرير جي

ڪيرتُ پاڻ ڪلال آ، وارو تون ڀي وڌ
مون سو پيتو مڌ
جنھن ۾ سُرت سرير جي

هاڻي هر تخليق جو، ڪيڏو آهي قد
مون سو پيتو مڌ
جنھن ۾ سُرت سرير جي

اکيون ڪري پيرَ

اکيون ڪري پيرَ
ارپيم پاڻ اُتم کي

جيوت(1) وڌا جهول ۾
ڳاڙها ڳاڙها ٻير
اکيون ڪري پيرَ
ارپيم پاڻ اُتم کي

نڪو ڀَوُ ڀنڀور جو
نڪي ڏنگا ڏير
اکيون ڪري پيرَ
ارپيم پاڻ اُتم کي

لکان ٿو اُن لوڪ جون
ساروڻيون سوير
اکيون ڪري پيرَ
ارپيم پاڻ اُتم کي

(1) هند جو اديب، جيوت چاولا، جنھن وٽ گهاريل پرھہ جهڙ پل زندگيءَ ڀر ياد رهندا. جيوت چاولا، ٺاڪر چاولا جو ننڍو ڀاءُ آهي، جيڪي راڻيپور جا رهواسي هئا. سندن گهر ۾ هن وقت سچل سرمست ڪاليج آهي.

ڪڏهن تون ڪمل!(1)

ڪڏهن تون ڪمل!(1)
سھڻا، ايندين سنڌ ۾؟

آهين آد- جڳاد کان، اسان ۾ ادل!
سوين ڏيانءِ سوکڙيون، ڪوڻيون ۽ ڪنول
انب، ليمان، ڦاروان، موتيا ماڪ- ڀنل
پڙهيا هن پرڀات جو، اسان انگ ڊٺل

ڪڏهن تون ڪمل!(1)
سھڻا، ايندين سنڌ ۾؟


(1) هند جو برک شاعر ايم- ڪمل، جنھن کي غزل جو بادشاھہ، نہ ئي سھي پر وڏو وزير ضرور چيو ويندو آهي.

بيوس ۽ بجاج(1)

بيوس ۽ بجاج(1)
ٻول وساريو ٻن جو

ڪيڏو ڪنھنجي پيار جا، ماڻھو هن محتاج!
بيوس ۽ بجاج
ٻول وساريو ٻن جو

موهيو مڱڻھار کي، راجا جي رواج
بيوس ۽ بجاج
ٻول وساريو ٻن جو

گُرو، چيلا! گڏ ٿيو، ڪيو سڏ سماج
بيوس ۽ بجاج
ٻول وساريو ٻن جو


(1) هند (اُلھاس نگر) جو اديب، ڪرشن لال بجاج.

صبح سبايو

صبح سبايو
جَورو مون جگديش(1) جو

اڳٺ(2) ڀي اِتھاس جو، آ مون اُڻايو
صبح سبايو
جَورو مون جگديش جو

لِکو لَکَ سلامڙا، خط نہ کُٽايو
صبح سبايو
جَورو مون جگديش جو

نئون نياپو نينھن جو، ٻيو ڪو ٻُڌايو
صبح سبايو
جَورو مون جگديش جو

ڪيڏو اُن ڪلتار آ، ناتو نڀايو!
صبح سبايو
جَورو مون جگديش جو

(1) هند (اُلھاس نگر) جو برک تخليڪار، جگديش لڇاڻي، جيڪو جڏهن منوهر بيديءَ سان ملندو آهي تہ هڪ کير، ۽ ٻيو کنڊ ٿي پوندو آهي.
(2) سنڌ جي عشق مجاز جي روائتي سوکڙين مان هڪ سوکڙي. مون بہ پنھنجي يار جگديش لاءِ روايتن تي عمل ڪندي، رومال، اڳٺ ۽ ٽوپي تيار ڪرائي ڇڏيا آهن.

مون سان مُڪائُون

مون سان مُڪائُون
سنگت لاءِ سلامڙا

پائَي ڳل ڳراٽڙيون، رَتُ ٿي رنائون
ادا، ڀائو، ڀائڙا، سائين سڏيائُون
ننڍيون، وڏيون، نينگريون، منھنجون ڪي مائُون
ڪوڙين ڏيئي قربڙا، ٻَولين ٻَڌائُون
پاتائُون پريت جون، موتين- مالھائون

مون سان مُڪائُون
سنگت لاءِ سلامڙا

اِجهوڪي آيا

اِجهوڪي آيا
ماڻھو شھر اُلھاس جا

واسي ٿي وجود کي
ڪنھن جي آڪايا؟
اِجهوڪي آيا
ماڻھو شھر اُلھاس جا

ڏسي آيس ڏيھہ جي
ڌرتيءَ جا ڄايا
اِجهوڪي آيا
ماڻھو شھر اُلھاس جا

هِريءَ هاسيڪار ها
ڇَپَر وِڇايا
اِجهوڪي آيا
ماڻھو شھر اُلھاس جا

ماڻھوءَ سان گڏ مُلڪ جي
مِٺي آ مايا
اِجهوڪي آيا
ماڻھو شھر اُلھاس جا

آيو هان آئُون

آيو هان آئُون
هَري! تنھنجيءَ هند ۾

تون لئي سَوَ، سلامڙا مون سان مڪائُون
جاني! وجهي جهول ۾، آيس آشائُون
ٿڌي هير ٿرن جي، نمن جون ڇائُون
سُرهو پاڻي سنڌ جو، آندم اُتائُون

آيو هان آئُون
هَري! تنھنجيءَ هند ۾

*

سنڌوءَ ڄاين ساڻُ

سنڌوءَ ڄاين ساڻُ
گهاري آيس ڏينھڙا

پسان شال پنھوارڪو، وري سو وٿاڻُ
ڪَلا مٽ ڪلال جا، پرھہ جهڙُ وپاڻ
سبيو جن سرير ۾، آزادي اهڃاڻ

سنڌوءَ ڄاين ساڻُ
گهاري آيس ڏينھڙا