شاعري

سونھن موڙيون آرسون

اياز امر شيخ جديد شاعريءَ جي دور ۾ نوان گُل سرجيندڙ شاعر آھي، جنھن جي سڳنڌ آرسون موڙي رھي آھي. اياز امر شيخ انھن چند شاعرن مان آھي جن ادبي پورھيي ۽ تخليقي حُرمت جي پاسداري رکي آھي. ھن شاعريءَ ذريعي نوان پيغام ڏنا آھن. سندس مزاج ۾ رومانس جو درياھہ آھي. سندس شاعريءَ جي ھن ڳٽڪي ۾ غزل، نظم، وايون ۽ پنجڪڙا شامل آھن. 

Title Cover of book Sounhen Morion Arsoun

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر اياز امر شيخ جي شاعريءَ جو مجموعو ”سونھن موڙيون آرسون“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
اياز امر شيخ جديد شاعريءَ جي دور ۾ نوان گُل سرجيندڙ شاعر آھي، جنھن جي سڳنڌ آرسون موڙي رھي آھي. اياز امر شيخ انھن چند شاعرن مان آھي جن ادبي پورھيي ۽ تخليقي حُرمت جي پاسداري رکي آھي. ھن شاعريءَ ذريعي نوان پيغام ڏنا آھن. سندس مزاج ۾ رومانس جو درياھہ آھي. سندس شاعريءَ جي ھن ڳٽڪي ۾ غزل، نظم، وايون ۽ پنجڪڙا شامل آھن.
ھي ڪتاب 2005ع ۾ سچل پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز جي سھڪار سان اوھان اڳيان آڻجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي