ڪھاڻيون

رات منھنجي روح ۾

هن ڪتاب ۾ غلام نبي مغل جون 14 ڪھاڻيون شامل آهن. ولي رام ولڀ غلام نبي مغل جي ڪھاڻين تي مھاڳ لکيو آهي، جنھن ۾ هن ڄاڻايو آهي تہ: ”مغل جون ڪھاڻيون سنڌ جي شھري وچئين طبقي ۽ ٽٽل معاشري جون ڪھاڻيون آهن، جن جي قدرن جي شڪست جو عمل تيزيءَ سان جاري آهي. ڪھاڻين ۾ منجهيل نفسيات جي ترجماني بہ آهي تہ بدلجندڙ انساني مزاج جي ڪڙاڻ بہ، ٽيڪنڪ جا تجربا بہ آهن تہ روايت کان بغاوت بہ. انھن سڀني گڏجي مجموعي طرح مغل کي هڪ اسٽائيل ڏنو آهي. اهي ڪھاڻيون دراصل هڪ ٽٽندڙ سماجي ڍانچي جي جيئرن مردن جا ويڻ آهن، جي اندر ۾ ڀور ڀور ٿيل آهن ۽ هڪ اهڙي وايو منڊل ۾ ساهہ ٿا کڻن، جتي وک وک تي ڇوٽڪاري لاءِ کوکلا ٽھڪ بہ آهن تہ ٿڌا شوڪارا بہ.“

Title Cover of book Raat Munhinjy Rooh Mein

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار غلام نبي مغل جي ڪھاڻين جو مجموعو ”رات منھنجي روح ۾“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
هن ڪتاب ۾ غلام نبي مغل جون 14 ڪھاڻيون شامل آهن. نامور نقاد ۽ اديب ولي رام ولڀ غلام نبي مغل جي ڪھاڻين تي مھاڳ لکيو آهي، جنھن ۾ هن ڄاڻايو آهي تہ: ”مغل جون ڪھاڻيون سنڌ جي شھري وچئين طبقي ۽ ٽٽل معاشري جون ڪھاڻيون آهن، جن جي قدرن جي شڪست جو عمل تيزيءَ سان جاري آهي. ڪھاڻين ۾ منجهيل نفسيات جي ترجماني بہ آهي تہ بدلجندڙ انساني مزاج جي ڪڙاڻ بہ، ٽيڪنڪ جا تجربا بہ آهن تہ روايت کان بغاوت بہ. انھن سڀني گڏجي مجموعي طرح مغل کي هڪ اسٽائيل ڏنو آهي. اهي ڪھاڻيون دراصل هڪ ٽٽندڙ سماجي ڍانچي جي جيئرن مردن جا ويڻ آهن، جي اندر ۾ ڀور ڀور ٿيل آهن ۽ هڪ اهڙي وايو منڊل ۾ ساهہ ٿا کڻن، جتي وک وک تي ڇوٽڪاري لاءِ کوکلا ٽھڪ بہ آهن تہ ٿڌا شوڪارا بہ.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1978ع ۾ سھڻي پبليڪيشن جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 1983ع ۾سڳنڌ پبليڪيشنس، لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
 

 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

 

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.