سنڌسلامت پاران
سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران قومپرست اڳواڻ ۽ دانشور عبدالواحد آريسر جي چونڊ شاعري، نثري ٽڪرن ۽ ڊائريءَ جي ورقن تي مشتمل آهي ”انڊلٺ ريکائون“اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن کي نامور اديب تاج جويي مرتب ڪيو آهي.
عبدالواحد آريسر ادب، سياست، ٻولي، شاعري ۽ تاريخ کي سمجهندڙ ۽ ان تي لکندڙ سنڌ جو نرالو سياستدان ۽ اديب هو. ھن ڪتاب ۾ رڳو عبدالواحد آريسر جي شاعري ناھي، پر ٻين شاعرن جي چونڊ شاعري، قول، يادگيريون، حوالا ۽ واقعا پڻ بيان ڪيل آھن. سندس تحرير جا موضوع ۽ محرڪ سنڌ سان واڳيل آھن.
ھي ڪتاب 2015ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي