شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 125
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

Amarta’s Book No.74

خواب نگر
]تعزيت ناما[
محمود مغل
ايڊيٽنگ ۽ لي آئوٽ: فقير محمد ڍول
ٽائيٽل: عرفان علي ميمڻ
ڪمپوزنگ: راز محمد لغاري
ڇاپو پھريون: جنوري 2023ع
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس، امرتا ڇاپ گهر،
1-باسم چيمبرس حيدر چوڪ حيدرآباد
amartachhapghar@gmail.com
ڇپرائيندڙ: ڍول فقير فائونڊيشن - سنڌ
قيمت: 600.00 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

Khwaa’b Nagar
[Taziyatnama: The Obituary Columns]
Mehmood Mughal
Editing & Lay Out: Faqir Muhammad Dhol
Title: Irfan Ali Memon
Composing: Raaz Muhammad Laghari
First Edition: January 2023
Printed by: Amarta Publications Hyderabad,
Amarta Chhap Ghar, 1-Basim Chambers, Hyder Chowk Hyderabad.
Published by: Dhol Faqeer Foundation-Sindh
ISBN: 978-969-7954-37-7
Price: Rs.600.00

ارپنا

محترم محمد بخش سميجو
جي نالي
جنھن جي وڇوڙي ’خواب نگر‘ ۾
تعزيت نامن لکڻ جي شروعات ڪرائي

- محمود مغل

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نگار، ڪالم نگار، مترجم ۽ براڊڪاسٽر محمود مغل جي ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ”خواب نگر ]تعزيت ناما[“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انھن پنھنجي پنھنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.
ھي ڪتاب 2023ع ۾ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سائين محمود مغل ۽ امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ فقير محمد ڍول جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نظم (محمد بخش سميجي جي وفات تي لکيل)

هي نظم، سائين محمد بخش سميجي جي وفات جي خبر ٻُڌي سندن جدائيءَ جي هجر ۾ صرف ڏهن منٽن ۾ سرجي ويو هو:

جي ياد اچئي منھنجي
پلڪن جي هندوري تان ڪو عڪس جهٽي وٺجان
ڪنھن سار جي سُڏڪي جو آواز ٻڌي وٺجان
جي رنگ ڏٺا هئاسين ۽ خواب لڌا هئاسين
تنھن خواب جي آڳُر کي رنگن سان ڀري ڇڏجان
هي ڄاڻ تہ مان ناهيان ۽ درد بہ اوکو آ
ڪنھن ساٿ جي لمحي جو سو گهاءُ بہ چوکو آ
تنھن سارَ جي لمحي جي تون سار لھي ڇڏجان
ڪونڊين ۾ رکيل جذبا، جي ٻور ڇڏائيندا
۽ چنڊ جي چانڊوڪيءَ جا گهاءَ پَسائيندا
تن ٻور ڀريل گهائن کي لوڪ نہ لهسائي
۽ درد جي ڳڙکيءَ جو منظر نہ نظر لائي
مان، چنڊ، گلن، رنگن، ڪونڊين ۾ نظر ايندس
مان جيڪو تہ خوشبو آن، تو ۾ ئي گهليل هوندس
تون ڌار ڪرڻ چاهين تہ بہ ٿي نہ اهو سگهندو
تون گل مان خوشبو آن ڪيئن ڌار رهي سگهبو
جي ياد اچئي منھنجي
تون گل ئي گل بڻجان
خوشبوءَ کي ڏئي تحفو
ڪو عڪس جهٽي وٺجان.

- محمود مغل

ويلَ نہ وسريام ... (اداري پاران)

لطيف سائينءَ فرمايو آهي:
جڏهانڪر ٿيام، ساڃاھہ سُپيريان جي،
تڏهانڪر تِرَ جيترو، ويلَ نہ وسريام،
اندر رُوح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
جيڪي ماڻھو، ’پرينءَ‘ يا ’سُپرينءَ‘ يا وري ’سڄڻ‘ جي صورت اختيار ڪري، روح اندر اچي رهڻ لڳندا آهن، سي ماڻھو، موڪلائي وڃڻ کان پوءِ بہ ماڻھوءَ جي اندر مان ڪڏهن بہ ۽ ڪنھن صورت موڪلائي ڪونھي سگهندا، انھن جا نيَم ساڳيا رهندا آهن. انھن سان اندر جي اوطاق ۾ ڪچھريون ڪڏهن بہ گُل ڪونھي ٿينديون. ياد جي شمع سدائين ٻريل رهندي آهي، جيئن ڪا دُونھين ڪونہ دُکيل هوندي آهي! جيڪا ڦُلھيار جي اندر اندر ڌڳندي رهندي آهي ۽ پئي پنھنجن ٽانڊن کي دُکايل رکندي آهي. ان جيان ئي هيءُ ڪتاب ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جن ۾ اهڙن ئي ماڻھن جي اوطاق تي انھن ساڻ ڪا ’مچ ڪچھري‘ ڄڻ تہ سُمھڻي کان وٺي ڀيڄ ڀنيءَ تائين جاري آهي ۽ هڪڙي آڳ آهي، جيڪا ڦلھيار اندر ڌُڳي رهي آهي، جنھن ۾ الاءِ تہ ڪيترا حال احوال سِڪَ سبيل ٿيا آهن، پڙهندي اکڙيون آليون ٿيو وڃن ٿيون. مَنَ ڀُرڪِي پوَن ٿا ۽ آب اکين تان وهندو، ڳلن تان ڳَڙي وڃي ٿو... جيڪو ڪنھن درد-ڪٿا جي ڪَٿَ ڪري ٿو.
هيءُ ڪتاب ڀاءُ ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انھن پنھنجي پنھنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا.
هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي، جنھن کي پڙهي، اوهان ’خاص الخاص‘ درجو عنايت ڪري سگهو ٿا. پنھنجن هيرن جو قدر اسان کي ڪرڻو آهي، ڪي ٻيا اچي ڪونہ ڪندا. هنن ليکن ۾ ڪٿي ڪٿي قدر سان گڏ بي قدريءَ جون ڳالھيون بہ آهن، جيڪي پڙهڻ مھل اوهان جي اندر کي جِهيرَ بہ ڏيئي سگهن ٿيون... پر بھرحال اهي حقيقتون ئي آهن تہ اسان پنھنجن جو ڪيترو قدر ڪري سگهيا آهيون! هيءُ ڪتاب ڄڻ تہ ’قدرائپ‘ جو هڪڙو اظھار آهي.
ڪتاب اندر، جن ماڻھن تي لکيو ويو آهي، انھن مان چند کي ڇڏي ڪري باقي سمورين شخصيتن سان ليکڪ گڏ گذاريو آهي ۽ انھن شخصيتن جي ويجهو رهڻ جي ڪري، انھن جي اُٿڻي ويھڻي، انھن جي گفتگو، انھن جا ويچار، انھن جا گُڻ، انھن جون دلپسنديون وغيرہ سڀ مستند آهن، جنھن ڪري ڪتاب جي اهميت وڌي وڃي ٿي. اوهان کي ڪتاب مبارڪ... پڙهو ۽ پنھنجي راءِ کان اداري کي آگاھہ ضرور ڪجو تہ جيئن پنھنجين اُڻائين تي نھار وجهي سگهون. آباد سلامت هجو - آمين.

فقير محمد ڍول
اڱارو 12هين جولاءِ 2022ع
امرتا ڇاپ گهر
آفيس نمبر 1، ميزنائن فلور
باسم چيمبرز، حيدر چوڪ حيدرآباد

دردَ- ڪٿا (پنھنجي پاران)

هيءَ دردَ-ڪٿا آهي.
ماڻھو، ڪنھن سان خوشيءَ جي ڳالھہ ڪندو آهي؟ ڪنھن سان پنھنجي اندر جو راز سَليندو آهي؟ جَي اندر کي دردَ جي وڻ ويڙهي ڀاڪُر ۾ ڀري تہ عُذر ڪنھن سان ڪبو آهي؟ سوال.... سوال.... سوال. چيو ويندو آهي تہ ڪو مَن گهريو هجي، ڪو ڪمال ڪُلھو، ڪو سدابھار سِينو سامھون هجي ۽ اندر جا نيسارا کُلي پوَن... شايد اهو ئي انھن سوالن جو جواب هوندو آهي.
پر جي غور ڪجي تہ اهو جواب بہ گهڻو ئي مشڪوڪ آهي. اصل ڳالھہ اها آهي تہ انسان پنھنجو پاڻ سان ئي خوشيءَ جي ڳالھہ ڪندو آهي، پنھنجي اندر جو راز پاڻ تائين رکڻ کي حِڪمت سمجهندو آهي ۽ سيني ۾ ماتم جي صدا بُلند ٿئي تہ، پاڻ سان ئي عُذر ڪندو آهي. ’خواب نگر‘ جو هي ’تعزيت ناما‘ چيپٽر، پنھنجي اندر سان پنھنجو ئي عُذر آهي.
ٽيليوزن جي دنيا ۾ بي انتھا ويجهو هوندا هئا ’سائين محمد بخش سميجو‘ صاحب... 1981ع کان 2004ع تائين لاڳيتو 24 سال گڏ ڪم ڪيوسين. اهو افتخار بہ حاصل رهيو تہ ’سنڌي ناٽڪ رنگ‘ ۾ سڀني کان وڌيڪ اسڪرپٽس هُنن منھنجا لکيل رڪارڊ ڪيا. پاڪستان ٽيليوزن جي هسٽريءَ ۾ سنڌي ۽ اردوءَ ۾ هڪ ئي وقت رڪارڊ ٿيل سيريل ’ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهہ‘ ۽ ’سمجهوتا‘ بہ اسان ٻنھين جي ڀاڳ ۾ آيا. جن پاڪستان ٽيليوزن جو ’نيشنل ايوارڊ‘ ماڻيو. انيڪ لانگ پليز، سيريلز، سيريز گڏ ڪياسين. 13هين سيپٽمبر 2004ع تي سندس اوچتي وڇوڙي الاءِ ڇا ڪري ڇڏيو... درد جي هڪ لھر اندر ۾ بُلند ٿي ۽ جڳ مشھور ڪالم سلسلو ’خواب نگر‘ پھرئين تعزيت نامي سان شروع ٿيو.
سال 2004ع کان 2020ع تائين تقريبن 17 سالن جي هن سفر ۾ فنونِ لطيفہ جي جن بہ اهم شخصيتن جھان ڇڏيو، هن فقير انھن جي تعزيت نامن لکڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي. اهو سڀ تاريخ جو حصو آهي ۽ اسان جي انھن سڀني هِيرن جواهرن جي لاءِ محبت جو خراج، جيڪي پنھنجو پاڻ ملھائي ويا ۽ جن جي ياد اسان جي اندر مان اوجهل ٿيڻ نہ گهرجي.
’خواب نگر‘ جي تعزيت نامن ۾ 57 اهم شخصيتون شامل آهن، جن جون حياتيون، پنھنجي پنھنجي ميدان ۾ بي انتھا سرخرو رهيون ۽ جن جي حُضور جي سچائي، سندن خدمتن کي اورچ بڻائي وئي. ڪريم ربُّ جلشانہ کين بخشش عنايت ڪري ۽ ساڻن سوَلايُن جا معاملا ٿيندا رهن.
هي تعزيت ناما، انھن سڀني لاءِ ‘توشہءِ خاص‘ آهن، جيڪي ’نہ وسارڻ ۾‘ شدت سان ويساھہ رکندا آهن.
مٺڙو ڪريم ربُّ، اوهان کي دامَي، درمَي، ڪرمَي، سُخنَي صرف پنھنجو محتاج رکي-آمين.


محمود مغل
سُومر 11هين جولاءِ 2022ع
سيوستان هائوس،
سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي
ڄامشورو

تعزيت ناما

---

سميجو سُمھي رهيو آهي (پيشڪار: محمد بخش سميجو)

اڱاري جي رات، 11 لڳي 3 منٽ.
سيپٽمبر 2004 جي تيرهين رات
هنن ساعتن ۾ رستي جي اونداھہ کي چيريندي ۽ آسماني روشنيءَ ۾ ڏيئو جرڪائيندي ايمبولينس، سائين سميجو صاحب جي مڙھہ کي کنيو دادوءَ نگاھہ رکيو، جلد کان جلد پھچڻ چاهي ٿي. ويٺلن جي جسمن ۾ ڪا چرپر هجي تہ هجي، پر سائين بلڪل ماٺ آهي. شايد نہ بلڪہ يقينن هڪ طويل سفر کان پوءِ ايندڙ ننڊ کي گاڏيءَ جا لوڏا ڪجهہ بہ نٿا ڪري سگهن، هو جيڪو ازل جي اوجاڳن جو ماريل هو، هاڻي هڪ گھري ننڊ ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اسين سڀ صرف اهو ئي چئي سگهون ٿا تہ، ”انا لله وانا اليہ راجعون.“
عجيب حالت آهي دل جي، تقريبن چوويھن سالن جو طويل سات، هڪ لمحي ۾ وڇوڙو بڻجي ويو، اڄ ئي (وفات واري ڏينھن) منجهند جو 2 وڳي فون ڪئي هئي. محمد علي ٻڌايو هو تہ حالت بھتر نہ آهي گذريل اربع تي اٺين تاريخ تي ٻن پھرن جو هڪ وڳي هن جي وجود جي ڪومايل گل کي ڏسي، هڪ ڊاڪٽر هئڻ ڪري مان گهڻو ڪجهہ سمجهي ويو هئس، مٿان وري منھنجي جونيئر، سڄو احوال سربستو ڪيو هو، جنھن ٻڌايو پئي تہ حالت ابتر ٿيندي پئي وڃي.
ماڻھن تہ هونئن بہ ايتري ڏانھن ئي وڃي پيو نہ ڪجهہ بہ تہ هٿن ۾ ناهي ۽ گهڻو ڪجهہ هٿن ۾ آيل سمجهون ٿا هڪ ڊوڙ آهي، جيڪا ڄڻ کٽڻي ئي ناهي، ساھہ کٽي ٿو وڃي ڊوڙ نٿي کٽي.
اسان جي ملاقات بہ عجيب هئي. 1981ع ۾ هن منھنجو ناٽڪ پروڊيوس ڪيو. ”بخشش“ ۽ بس، ٻنھي جي عجيب نٽنگ ٿي وئي. ”جذبا سچا موتين جھڙا، ”آس نراس جي وچ ۾“ ”لھندڙ سج وڌندڙ پاڇا“ ”ڄاتل اڻڄاتل“ جھڙا ڊرامہ هن ڪمال خوبيءَ سان پيش ڪيا، جنھن تي ٽيلويزن جي هدايتڪاريءَ ۾ سنڌي ڊرامو ناز ڪري ٿو. تنھن کان سواءِ روش، نوري ڄام تماچي، سمجهوتہ، دل اسي چاهتا هي ۽ ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهہ، گڏ ڪياسين ۽ مون هميشہ سندس ڪم کي مٿانھون ڏٺو. ۽ جي مالڪ الملڪ ذوالجلال والاڪرام حوصلو ڏئي تہ اهو لکڻ ۾ ڪوبہ باڪ ڪونھي تہ سميجو صاحب سدائين پنھنجي ڪم کي سڀني تي فوقيت ڏيندو هو. ”بھادر علي“ کان وٺي ”انتھا“ تائين هن خوبصورتيءَ جي هڪ نئين جھت کي جنم ڏنو ۽ سندس دشمنن بہ سندس ڪم کي ساراهيو. اهو ماڻھو جنھن ساندھہ ساڍا پنج ورهيہ هر روز هڪ نئين سنڌي ٽيلي ناٽڪ ڏنو هجي. ان جي لاءِ دشمنن وٽ ڪھڙا لفظ ٿي سگهن ٿا. انگريزي ادب جو عاشق ۽ رومانس کي پنھنجي رڳ رڳ ۾ شامل ۽ محو رکندڙ سميجو صاحٻ گلن، پوپٽن ۽ چھرن سان پيار ڪندڙ هو. کيس روحن جي باري ۾ گهڻي ڄاڻ نہ هوندي هئي، تڏهن تہ هر واٽ تي هر هنڌ کيس ڏنگ ئي سھڻا پيا پيا. حد تہ اها هئي جو هڪ جاءِ تي سندس نامينيشن هڪ بنھہ ٻاراڻي سان ڪئي وئي. سائين وري بہ شريڪ ٿيو ۽ ايوارڊ ٻار کي ڏئي وڏي جي توهين ڪئي ڪئي. پر اهو محمد بخش سميجو ئي هو جنھن جو آواز ڪنائي اوهان پھريون جملو ئي اهو ٻڌندا هئا تہ ”سميجو پيو عرض ڪيان“ جيڪي عرض ڪندا آهن، اهي حڪم ڏيڻ جي فن کان اڻواقف هوندا آهن.
اٺين وڳي منظور ميراڻيءَ فون ڪري هيءَ خبر ٻڌائي، مون فون ڪيو منظور سميجو صاحب ٻڌايو تہ ڪراچي جو ٽول ڪراس ڪري، رستي تي آهن. مان نائين وڳي کان گل جهليو رستي تي بيٺو هئم. سو! ڪلاڪ کان پوءِ خيال آيو تہ ڪٿي موري واري رستي کان تہ ڪونہ هليا ويا. روڊ ڇڏي پي سي او تي فون ڪرڻ ويم ۽ هن ٻڌايو تہ، ”هاڻي هاڻي ڦاٽڪ ڪراس ڪيو اٿائون. اوهان چئو تہ اوهان جو انتظار ڪيون. ”مون چيو، ”نہ... توهان ڀلي هلو“ ۽ هنن کي روڪي مان ڪيان بہ ڇا ها؟ بس اهوئي خيال هو تہ ايمبولينس جي جهلڪ ڏسي، متان پير ڇھي وٺان، منھن تہ مان هونئن بہ ڏسڻ جي همٿ نہ پيو رکان.
سميجو صاحب، شديد محنت ۽ اعتبار رکندڙ هو ۽ اهائي ڳالھہ هئي جو هن جي محنت جو شيڊول کانئس اوجاڳا ڪرائيندو هو. سنڌي ٽيلي ناٽڪن سان عشق ڪندڙ سميجي ”ڪاڪ محل“ جي سڀني رنگن کي ڏسي ورتو هو. کيس فن جي ”ناتر“ جي چالن جي خبر هئي، پر تہ بہ هو اهڙو راڻو هو، جنھن ڪکجڻ وڌيڪ پسند ڪيو پئي.
ڪرن آرڪيڊ جي فليٽسکي هڪڙي خوبصورت ننڍڙي گهر ۾ تبديل ڪرڻ ۽ علي، مصطفيٰ ۽ ڪائنات کي پنھنجي ساھہ سان سانڍيدڙ سميجو صاحب هميشہ جاڳ کي ننڊ تي ترجيح ڏني. پنھنجي پروفيشنل زندگي ۾ مون گهٽ اهڙا هدايتڪار ڏٺا آهن، جيڪي هن وانگر وقت جا Punctual هجن.
پنھنجي ٽيويھن چوويھن سالن جي رفاقت ۾ ڪڏهن بہ کيس ڪنھن تي بہ ناراض نہ ڏٺو دوستن جا لڳايل خنجر بہ هو کلي سيني مان ڪڍي پنھنجي زخم جي پاڻ ئي مرهم پٽي ڪندو هو. سڀني کي خبر آهي تہ هو عام اداڪار کان وٺي هڪ سپر اسٽار تائين هڪ ئي ميٺ محبت ۽ سلوڪ جو رودار هو. سندس ڪمرو هميشہ ڀريل رهندو هو. ڊرامو هجي نہ هجي ماڻھن جا ميڙا لڳل هوندا هئا.
ارڙهين آگسٽ تي پرک جي رڪارڊنگ لاءِ ويس تہ آخري ڀاڪر نصيب ٿيو. ميڻ جيان ڳرندڙ سميجي جي لاٽ ۾ ڄڻ کوٽ هئي. پڇيم تہ چيائين شايد ننڊ پوري نہ ٿي آهي. طبيعت خراب هوندي بہ شايد هن ڪم ڪيو پئي ۽ شايد، شايد ۽ شايد.....
اهوئي تہ عذاب آهي، اوهان کي ڪا خبر ناهي تہ ڪھڙي نگاھہ، نگاھہ ناز جو آخري در آهي، ڪنھن مھل، اوهان آخري ڀاڪر پايو ٿا، ڪھڙي پل کان پوءِ اهو سڄو منظر نصيب نہ ٿيندو. ان ڏينھن جمعي تي جڏهن هو هڪ ميٽنگ لاءِ گهران نڪري ٽي وي تي آيو هو تہ ڇا کيس خبر هئي تہ هاڻي هو ڪڏهن بہ گهر واپس نہ ورندو، ان ئي آفيس ۾ کيس دل دغا ڏيندي ۽ هو ارڙهن ڏينھن جي مقابلي کان پوءِ بازي هارائي ويندو.
عجيب انومان هوندا هئا هن لاءِ ڪاليکز ۽ دوستن جا ”رڳو ٿو ڪم ڪري ٽڪي ٽڪي تي ٿو ڪم ڪري پنھنجو پاڻ کي وڃائي ويٺو آهي“ جھڙا جملا هان ڏاريندڙ هوندا هئا، اهي سڀ جيڪي هن وانگر محنت نہ ڪري سگهندا هئا. رڳو رڙين ۾ پورا هوندا هئا ۽ انھيءَ جو احساس سائين کي بہ هو. ”ڇڏيو سائين“ چوڻ جو هڪ مخصوص انداز هٿ کي ڏئي، تري مھٽڻ ۽ رولنگ ڪرسي کي زور سان پويان ٽيڪ لگائي چانھن پيئڻ اهو سندس ٽارڻ جو مخصوص انداز هو، کيس شايد اهو بہ احساس هو تہ وقت گهٽ کان گهٽ آهي ۽ گولر وڌ کان وڌ... تہ بس جيڪي ٿي سگهي سو ڪري وٺجي ۽ هن ڪري ورتو.
سميجو صاحب کي ڊائريڪٽر جي ڪرسي بيحد وڻندي هئي. ها پنھنجي لاءِ ڪا خاص ڪرسي تہ ڪو نہ ٺھرائي هئي. پر هو انھيءَ تي ويھڻ لاءِ وڌ کان وڌ پڙهڻ ۽ ڏسڻ جو شوقين هو. هر نئين فلم جو ڪرافٽ، مھارت ۽ انداز کيس موهيندا هئا ۽ هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ فريمز تي بحث ڪري سگهندو هو. اها بہ ڪمال جھڙي ئي ڳالھہ آهي تہ شعور جي دنيا مان بي شعوري ڏانھن آخري سفر بہ هاڻي هن ان ڪرسي تان ئي ڪيو. هڪ ڀيري هڪ لانگ اسپيل ڪرڻ کان پوءِ اسين آفيس ۾ موجود هئاسين. مون ڪجهہ لکيو پئي ۽ هو ڪرسيءَ تي آهليل هو. شديد ٿڪاوٽ جي باوجود هن مون کي ڪمپني ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش پئي ڪئي. وري جهوٽو اچي پيو وڃي ۽ مان سوچيان پيو تہ سائين جي سمھي ٿو رهي تہ پوءِ ڳالھائڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي. انھن ساعتن کان پوءِ اهو احساس ٿيو هو تہ هو دراصل زندگيءَ جي حرارت گهري پيو. جي ماٺ ٿي وڃون ها تہ شايد موت کي Indicate ڪيون ها ۽ هونئن بہ اکيون بند ڪرڻ کان پوءِ لفظ ڪھڙي ڪم جا هوندا آهن.
هاڻي اسٽوڊيو جي سامھون واري آفيس ۾ ڪا بہ رابعہ، شگفتہ يا فرح نہ ويھنديون ڪوبہ حق نواز ‎، آغا، رفيق يا محمود مغل، ان ڪمري ۾ ليئو ڪونہ پائي سگهندو. سڀني کي ڏاڍي دير ٿي وئي آهي. ڇوجو هنن جي اچڻ کان پھرين اهو ڪمرو هاڻي بند ٿي چڪو آهي ۽ اسٽيل جي پليٽ سميجو جي نالي سميت وڃي چڪي آهي. هاڻي هنن سڀني کي ڪوبہ ڀاڪر، ڪا چانھن جي پيالي ڪو نرم لھجو ۽ متحرڪ سڀاءُ نہ ملي سگهندو. ڇاڪاڻ تہ سميجو وڃي چڪو آهي.
اوهان فون تي هاڻي صرف حڪم جي اميد رکو، ڇاڪاڻ تہ سميجو صاحب پنھنجا سڀ عرض کپائي، حڪمن جون جهجيون ڪمائيون کڻي روانو ٿيو آهي، هاڻي اوهان وٽ ۽ اوهان جي لاءِ بچيلن وٽ صرف حڪم آهي.
مون بوگن جا گل هاءِ وي تي هاريا آهن ان يقين سان تہ خوشبوئن ۽ سونھن سان پيار ڪندڙ سميجو صاحب اها خوشبو محسوس ڪري وٺندو ۽ کيس خوشبوئن جي سفر ۾ اهوئي تحفو پيش ڪري سگهجي ٿو. لفظ رات جي اوندھہ کي چيري نٿا سگهن. لفظ ملن ئي ڪونہ پيا. الاءِ ڇا پيو لکجي. سميجو بہ سمھي پيو آهي تہ وڌيڪ لفظن جي ڪھڙي ضرورت آهي.

(ڇپيل: اربع 15 سيپٽمبر 2004ع)

مائرون ڪمال ڄاڻنديون آهن (قبلا والدہ صاحبہ)

هنن ئي ڏينھن ۾ هوءَ رخصت ٿي هئي.
ڏهن ۾ ڪجهہ منٽ گهٽ هئا. هڪ آفاقي عشق جي پڄاڻيءَ جا لمحا هئا. عشق جي پڄاڻيءَ جا لمحا نہ هئا. هجر جي شروعات هئي، هڪ جسم موڪلايو پئي. روح جا رشتا تہ موڪلائڻ کان باري واريندا آهن. مون هن جو هٿ جهليو هو هٿ جيڪو ڪرائيءَ تي ڄڻ اٽڪيل هو. ڪنھن ڄڻ ڪنھن ڪاٺيءَ تي ڪو چمڙو چاڙهيو هجي. هن جي زندگيءَ موڪلايو پئي. ڊاڪٽر مٿان بيٺل هئا، اديءَ ياسين شريف پڙهي پئي.... اکين ۾ روشني نہ هئي ۽ نبض ۾ ڌَڪُ نہ... دل بيٺل هئي ۽ ساھہ جو هلڪو کرڙو هو. مون سڏ ڪيو هو ”امان....“ ۽ لاالہ الاﷲ ان مالڪ کي گواھہ ٺاهي مان چوان ٿو تہ ان حالت ۾ بہ چچريل لفظن ۾ هن چيو هو ”ها.... محمود آهين....“ اهو عشق جو اعجاز هو. مون هن جي ڪن ۾ سرگوشي ڪئي هئي. ”امان.... وقت اچي ويو آهي توهان هلو... اسان پويان اچون پيا....“ ۽ سدائين منھنجو چيو مڃيندڙ، منھنجي ازلي محبوبا، منھنجي عشق جي آوي، منھنجي ماءُ پلڪون بند ڪري ڇڏيون هيون، هن جي اک ڇا بند ٿي، ڪائنات ۾ ڄڻ مرڪ جو دروازو ئي بند ٿي ويو.
طب جي دنيا ۾ اهو هڪڙو ڪمال آهي تہ هڪڙو ماڻھو جنھنجي نبض بيٺل هجي.... دل بند.... بلڊ پريشر نٿو لڀي، ۽ Pupil.... ڪوبہ رد عمل نہ ڏيکاري، اهو ماڻھو اوهان کي جواب ڏئي... پر مون کي اهو ڪمال نٿو لڳي.... هوءَ ماءُ هئي ۽ مائرون اهڙو ڪمال ڄاڻنديون آهن.
عجيب عاشقي هئي، اسان جي.... ڇھن سالن جي عمر ۾ بابا گذاري ويو تہ هن ئي ماءُ ۽ پيءُ بڻجي خدمت شروع ڪئي. وڏا ڀائر بہ بيحد ڀائيندا هئا، پر امان جو تہ سڀاءُ ئي ڄڻ ٻيو هو. محمود، اهو ڇيڳرو.... فرمائش ڪري ۽ پوري نہ ٿئي!
هوءَ بي انتھا پڙهيل ڳڙهيل هئي. شمس العلماءِ عمر بن محمد دائود پوٽي جي لاڏلي شاگردياڻي هئي. ٽلٽيءَ جھڙي ڳوٺ سان سندس تعلق هو ۽ 1939ع ۾ شاديءَ کان پھرين هوءَ سن جي اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي. ان زماني جي ايتري تجربي رکڻ واري امان بنھہ سادي، سٻاجهي ۽ محبت ڪندڙ هئي. لان جو چولو، اڇو رئو ۽ اڇي شلوار، پيرن ۾ باٽا جي سندڪ يا باٽا جي ئي ڪا جتي... مٿي تي ٻاهر نڪرڻ مھل اڇو برقعو... پر گهر ۾ بہ اهو مٿو اگهاڙو نہ هوندو هو. انھن اڇين تارن جي بھار ڪڏهن ڪڏهن ئي نظر ايندي هئي.
مون هن سان شديد عشق ڪيو... ڪيو نہ بلڪہ ڪيان پيو.... منھنجي سامھون شيراپووا (Sherapova) کان وٺي اسٽيفي گراف تائين ۽ ماڌوريءَ کان وٺي مڌو بالا تائين عورتون انھن پٿرين کان بہ گهٽ آهن، جيڪي مان سندس جتيءَ جي کانچن مان ڪڍي گڏ ڪندو هوس....
”توکي خبر ناهي تون ڇا ٿيندين...“
ڪڇ ۾ ليٽندوهوس تہ وار سنواريندي چوندي هئي. ”هي جو مون توکي فوج ۾ وڃڻ کان روڪيو.... يا وري ڪمشنر ڪو نہ ٿيڻ ڏنو مانءِ نہ.... تہ ڏسجانءِ.... اهڙا سوين تنھنجا سلامي ھوندا. انھن کي ڪير سڃاڻندو بہ ڪونہ..... پر منھنجي محمود جا سئو سلامي هوندا....“
سندس لفظن تي کل ايندي هئي.
”يار مائڙي..... اهڙو ڪجهہ چئہ....جيڪو سمجهہ ۾ بہ اچي...“
۽ هوءَ بجو ڏيندي هئي، يار چوڻ تي، ۽ ٽھڪ ٻري پوندا هئا. اهڙو کلڻ تہ هاڻي سالن کان ٻڌڻ ۾ نہ پيو اچي.
”ڇڏين ها نہ مون کي تہ مان بہ وڃي ڪنھن محمود جو سلامي ٿيان ها.“
”پوءِ منھنجو ساھہ ڪيئن نڪرندو...! تون جي هليو وڃي ابا.... تہ مان تہ دم بہ ڏئي نہ سگهان...“
۽ ائين ئي ٿيو هو هن جو دم منھنجي هٿن ۾ پرواز ٿيو هو.
اسين ناقدار هوندا آهيون شيءِ هٿن ۾ هجي تہ شايد اسان وٽ ان جو قدر نہ ٿيندو آهي. جون ايليا چون ٿا:
هم ني ديکا تو هم ني يہ ديکا، جو نھين هي وہ خوبصورت هي
تہ بس مائٽ جو بہ ڪو اهڙو ئي سلسلو آهي، هجي ٿو تہ شايد اسين قدر نٿا ڪيون، پر ڪٿي ڪٿي تہ قدر بہ ٿيندو هوندو نہ.... يا.... وڃڻ کان پوءِ ٿئي ٿو؟
هن کي سينگاري ٻن پھرن جو ورانڊي ۾ رکيو هيائون. رمضان جو روزو هو ٻارنھون.... ۽ فيبروري هئي يارنھن سال هو، 95ع.... ان ٺھيل گرم ۾ پردہ دار خواتين جي ڪري مون کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هيائون.... پر مان وري بہ هڪ عاشق جيان هتان هتان جهاتيون پائڻ ۾ پورو هوس. ان کٽ جو پائو ئي نظر اچي وڃي جنھن تي هوءَ ليٽيل آهي. اڃا ڳڻپ جا ڪلاڪ مون وٽ آهن. ان جي هڪ هڪ گهڙي مان ڇو وڃايان ۽ شام جو ساڍي ڇھين وڳي کڻڻ مھل، مون سندس نرڙ چميو هو. ۽ هڪ دفعو وري جي قسم کڻان تہ مولا پاڪ مشڪل ڪشا ٿو ڄاڻي ان مھل هوءَ ڪنھن اسڪول ويندڙ ٻارڙيءَ جيان لڳي رهي هئي. ۽ ان ڏينھن کان وٺي هن گهڙيءَ تائين مان هر ٻارڙيءَ ۾ هن کي ڏسندو آهيان.
رمضان جي هن هفتي ۾ ڪو ڪم ناهي ٿي سگهندو. عشق جا بخيا اڍڙندا آهن. اهي گهڙيون ياد اينديون آهن. جڏهن چھرو گلاب هوندو هو ۽ ساهن ۾ اجائي خوشبو هوندي هئي.
”تون ڪو نہ نڀائي سگهندين، ان ڇوڪريءَ سان... هٿَ ڪَڍُ....“ هر نئين عشق جو آڳر کلندو هو تہ هوءَ مرڪندي هئي.
”توسان نڀايان پيو نہ.... اها وڏي ڳالھہ ناهي....“
”مون جھڙو ڪوتوکي برداشت بہ تہ ڪري نہ...“
۽ اهو سچ هو ۽ آهي.... تو جھڙو امان ڪير برداشت ڪري ها، هيڏا انگل آرا.... اهي ناز نخرا.... توکان سواءِ ڪنھن کي کڻڻ جي جرئت هئي. هر ڪا محبوبہ ناز کڻائيندي هئي پر منھنجا ناز تہ توکي ئي کڻڻ آيا پئي.
منظور سان ۽ ڪاوش سٿ سا، منھنجي هاڻي ڪمٽمنٽ آهي... اها توکي بہ خبر آهي ۽ ان ڪمٽمنٽ کي پوري ڪرڻ مان هر هفتي بلڪہ هر پل انيڪ موضوع سوچيندو رهندو آهيان. خير هن واري مون ٻہ ڪالم لکي بہ ورتا آهن پر الاءِ ڇو اهو خيال هڪدم سامھو اچي ويو، تہ جنھن جي پيرن کي چمي جنھن جي جتيءَ کي چٽي تون هن مقام تي پھتو آهين. ان جي وصال جي هفتي تي لفظن جي مالھا بہ نٿو پارائي سگهين ڇا؟
امان.... تون سچي هئينءَ.... جيڪو مقام تو مون لاءِ سوچيو هو، ڏٺو هو ان جي سوچ مون لاءِ اهڙي قطعي نہ هئي، اڄ جڏهن ماڻھن جو بي پناھہ پيار منھنجي پلئہ پئي ٿو. تڏهن غور ڪندو آهيان تہ هر چھرو تنھنجو چھرو هوندو آهي مان تہ آئيني کان ڇرڪندڙ ماڻھو آهيان. ڊپ ٿيندو اٿم، سوچ ايندي اٿم تہ هي ماڻھو ان لائق آهي جيڪي ڪجهہ هن کي ملي ٿو تہ هڪدم پٺي تي تنھنجو هٿ محسوس ٿيندو آهي، ۽ ڪنن ۾ گونجندو آهي اهو جملو ”توکي ناهي خبر تون ڇا ٿيندين....“ ۽ اها خبر امان ڪنھن بہ اولاد کي نہ هوندي ٿئي تہ هو ڇا ٿيندو!
واقعي مائٽ وڌيڪ ڄاڻي ٿو پيءُ بہ ڄاڻي پر ماءُ تہ ڪمال ڪري سگهي ٿي.
هنن ساعتن ۾ جڏهن توکي رخصت ٿئي. اسلامي لحاظ کان ڏھہ سال ٿيا آهن تہ خوشي امان ڄڻ توسان گڏ ئي دفن ٿي وئي آهي، ﷲ جو شڪر آهي... سڀ ڪجهہ آهي، پر تون ناهين، پھرين گاڏيءَ جو پھريون در تو نہ کوليو... پھريون پي ٽي وي ايوارڊ، ريڊيو ايڪسيلنس ايوارڊ وٺندي تو ڪونہ ڏٺو، آٽو گراف ببڪ تي پھرين سائن توکي نہ ٻڌائي سگهيس.... پر يقين ڄاڻ... دل جو هر درد اڄ بہ توسان ئي شيئر ڪندو آهيان، گذريل هفتي ڏک جي لھر اندر ۾ ڊوڙي تہ اهو ڪالم بہ مون توسان ڳالھائيندي ئي لکيو... مان... امان.... توکان سواءِ ائين آهيان جيئن تنھنجي لفظ مان... الف ڪڍي ڇڏجي.... الف جنھن سان ﷲ ٿئي ٿو، اول آخر ٿئي ٿو. تنھنجي نہ هجڻ ساڻ توکي نہ سڏڻ ساڻ، مان ختم ٿي ويندس امان... مون کان اهو الف نہ کسجانءِ... مان ۽ امان... اهو لازم آهي.... امان ناهي تہ مان ڇاهيان! محبوبہ.... منھنجي ڄاڻ منھنجو علم، منھنجي ڏاهپ شھرت ۽ عزت ۽ مليل هر خوشي تنھنجي جتيءَ جي هيٺان آهي. پنھنجي وصال جي ڏينھن تي ان جتيءَ جي تريءَ تي منھنجا چپ قبول ڪر. خدا توکي ائين ئي گلن سان ڍڪيل رکي ۽ تون ائين ئي مون وانگر سڄي جڳ لاءِ دعاگو رهين.
اوهان جي مائرن وارا آهيو تہ منھنجي پاران هر امڙ لاءِ پيرن تي هٿ قبول ڪيو.
امان، هن نالائق لاءِ دعا ڪندي رهجانءِ ڇاڪاڻ تہ تنھنجي دعا کان سواءِ هي ڪجهہ بہ ناهي. مون کي واقعي خبر نہ هئي تہ مان ڇا ٿيندس، پر ايتري خبر ضرور اٿم تہ جيڪي ڪجهہ بہ ٿيان، تنھنجي دعا کان سواءِ نہ ٿي سگهندس. تون ڪمال جو ڄاڻين ٿي.

(ڇپيل:آچر 24 آڪٽوبر 2004ع)

بھار آندا پُٽن جا لاشا (شاگرد: نعيم ڀٽو)

(عزيزان من......)
اسين شايد گلن جي پٽڻ جي فن سان محبت ڪرڻ لڳا آهيون. ٻين کي ڏسي ڄاڻي واڻي وڃاڻ جي اسان کي عادت پوندي ٿي وڃي. جي غور ڪيو تہ نشو، بارود ۽ اڻ سونھيون خصلتون اسان وٽ گهر ٺاهي ويٺيون آهن. جنازا کڻي ڌرڻو هڻڻ، عورتن جا وار ڪوڙڻ، شادين ۽ اهم تقريبن ۾ ”ٽن ٿي“ پاڻ کي نشي جي ”سونھن راڻيءَ“ جو مالڪ سمجهڻ اسان جي سرشت بڻجندو ٿو وڃي ۽ انھن عادتن اسان جي ٽارين کي خالي ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
اسين ڪيستائين ائين گلاب پٽائيندا رهنداسين....؟ اسان کي اهو خوف ڇو ڪونہ ٿو ٿئي تہ جي خدانخواستہ اسان جي افعالن جي ڪري ٽاريون خالي ٿي ويون تہ ڪنڊن جي سختي سھڻ انسان سڀني کي نٿو اچي.
اڄ هن جو پيپر هو ۽ هن ساعتن ۾ ڳڙهي ياسين جي پير جمال شاھہ قبرستان ۾ هو آرامي آهي، گذريل ساڍن چئن سالن جي مڙني امتحاتن ۾ مون کي هڪڙو چيوئينگم اچڻ ساڻ ڏيندو هو. وات جو ذائقو خوبصورت ٿيندو هو، جيڪو اڄ ناهي ٿيو. وات ڪسارو آهي. اک آلي ۽ نڪ گلابن جي بوءِ کان وانجهيل..... خدا اهڙا لمحہ ڪنھن تي بہ نہ آڻي. پٽ پرايو هجي يا پنھنجو.... ڏک سدائين پنھنجو هوندو آهي. هن ڏک کي جي محسوس ڪيو ٿا تہ نعيم ۽ هن جھڙن هزارين لکين موڪلائيل وجودن تي ڪجهہ پڙهي ضرور موڪلجو. محمود!)
هن کي الاءِ ڇو سدائين تڪڙ هوندي هئي.
جڏهن بہ آيو هوندو هڪ اداسي سندس اکين مان ليئا پائيندي هئي. سيني سان لائيندي پيار ڪندي مان سدائين هن کي دلداري ڏيندو هوس. ٻين انيڪ شاگردن جيان هن سان بہ مان اهوئي ٿي قرب ونڊيندو هئس، جنھن جو هو حقدار هوندو هو، پر اهم ترين ڳالھہ اها هئي تہ اڄ کان تقريبن ساڍا چار سال اڳ هو جڏهن مون وٽ داخل ٿيو هو ۽ ڪجهہ ئي ڏينھن ۾ سندس اداسي وراڪا ڏيڻ لڳي هئي تہ پنھنجي عادت پٽاندڙ، مون هن کي آفيس گهرايو هو ۽ اچڻ سان هن منھنجو ڇرڪ ڪڍندي چيو هو. ”سر.... منھنجي جيئڻ جو مقصد ڇا آهي؟“
عمر عزيز جي جي هن دور ۾ جڏهن ڳلن تي وارن جا ”قلم“ اڇا ٿي ويا آهن، جڏهن هٿن پيرن جي کل ۾ هنج پوڻ لڳا آهن ۽ جڏهن خيرن سان شاگردن جو تعداد هزارن ۾ ٿي چڪو آهي تہ اهڙا انيڪ تجربا، نگاھہ مان گذري چڪا آهن. وستين واهڻن مان، ڪنڊن مان، ننڍڙن ڳوٺن مان شاگرد ڪھي اچن ٿا ۽ هن عظيم درسگاھہ جو حصو بڻجن ٿا. پوءِ پنھنجن گهرن کان دوري..... هاسٽل جو ماحول، اداسيون، اڪيلايون، نوان رنگ..... ڪئمپس جون رنگينيون.... گهڻو ڪجهہ هنن جي پلئہ پئي ٿو. ڪجهہ هتي اچي تڙي پون ٿا ۽ ڪن کي اداسيءَ جي وڻن جو پاڇو نصيب ٿئي ٿو. نعيم بہ شايد انھن مان هڪ هو ۽ مان حسب دستور حسب روايت هڪڙو پيءُ..... هڪڙو دوست.... هڪڙو استاد.... سڀني کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ پنھنجو فرض سمجهندو آهيان، هو بہ ائين ئي ٻانھن ۾ سمائجي ويو هو.
”هي منھنجا ڀائر آهن....“
گهران آيل ڀائرن سان ملائيندي هن نگاھہ هٽائي هئي.
”ڳوٺان آيا آهن، سوچيم بابا سان ملائي اچان....“
اڪيلو هوندو هو تہ بابا سڏيندو هو ۽ سندس اهو روحاني پيءُ اڄ بہ سندس لھجي جي خوشبو نہ ٿو وساري سگهي.
”اوهان سان ڳالھہ ٿو ڪيان نہ.... زندگيءَ جو مقصد سمجهہ ۾ نٿو اچي.... ڇو آيو آهيان.... ڇا ڪندم.... ڪيئن گذرندي؟....“
۽ منھنجو اهوئي ليڪچر شروع...سمجهائڻ جي ڀرپور ڪوشش تہ هو زندگي ۾ ڀرپور انٽريسٽ وٺي.... ڪم ڪري.... ياريون نڀائي... ڪو عشق ڪري... ڪنھن سيم تن، غزالان نگاھہ کي سوچ ۾ شامل ڪري.... ۽ نعيم ڀٽو، شرمائيندو.... مرڪندو... هليو ويندو هو. ”سر.... پيءُ ڀي لڳندا آهيو تہ يار ڀي....“
۽ اڄ اهو تنھنجو پيءُ..... تنھنجو يار.... تنھنجو ايڏو خوبصورت فوتٽو ڏسي ڇرڪي ويو آهي يار...
صبح ساڻ ئي ڄڻ شام ٿي وئي آهي.... اخبار تڪڙ ۾ کنئي هئم.... ۽ نگاھہ هڪدم ڏوليءَ ۾ ليٽيل ان خوبصورت چھري اٽڪي پئي هئي.... اهو تون تہ لڳين ڪونہ پيو نعيم..... ايڏو خوبصورت يار تون ڪٿي هئين؟..... ساڍا چار سال گڏ رهياسين.... اڃا ٽي هفتا پھرين تون آيو هئين، حسب دستور ميرون شرٽ ۽ ڪاري ٽرائوزر ۾..... ۽ مون جتي لاهي توکي هنئين هئي“ گڏھہ.... اڃا نٿو ڪپڙا مٽائين....“ ۽ اهائي کل اها شرمائڻ واري نرم کل....
”هاڻي مٽائيندم سر....“
”هاڻي تہ لچا.... ڪمائڻ لڳو آهين..... هاڻي تہ ڪپڙا مٽاءِ....“
”چيم نہ سر.... هاڻي زبردست ڊريسنگ ڪري اوهان جي سامھون ايندم....“ ۽ اها خبرهئي ڇا تہ.... تنھنجي جسم جي پرفيوم ۾ بارود جي بوءِ ڀرجي ويندي، ۽ تون اهي اڇا اجرا ڪپڙا پھري، ڪاوش جي معرفت مون سامھون ايندين...؟
هڪ استاد جي حيثيت سان مون ٻارن کي ٻچن کي هميشہ پيءُ وانگر ڏٺو آهي، قبلہ والد صاحب ۽ والدہ صاحب انھيءَ خيال جا هئا تہ کارائجي سونو گرھہ.... ڏسجي شينھن جي اک سان... اهوئي سبب آهي جو منھنجي شاگرد مون کي ڏسي سگريٽ لڪائيندو آهي تہ وري محبوبہ جي رسڻ جو ذڪر بہ مون سان ئي ڪندو آهي. هن پيءُ کي اهو فخر حاصل رهيو آهي تہ سندس اولاد گهڻي ڀاڱي صالح آهي. چيو مڃيندڙ آهي. فرمانبرداريءَ جي جھان ۾ مٿانھان مقام ماڻيندڙ آهي..... انھن مان هڪڙو نعيم.... تن بہ هئين.
هي سڀ ڇا پيو ٿو ٿئي؟ اسان جي نگاهن تي غلاف ڇو چڙهي ويا آهن، ڪو ڏڻ، ڪا تقريب ڪا خوشي اسان کي ”ٽن“ ڇو ٿي ڪري؟ خوشيءَ جي لمحن ۾ پاڻ سنڀالڻ ۾ اسين وائڙا ڇو هوندا آهيون.....؟
هو بہ ائين ئي ويٺل هو شاديءَ جي تقريب ۾ محفل موسيقي جاري هئي ۽ جيئن ”ٽناڪيءَ“ جي جھان ۾ ٿئي ٿو، ڪنھن غافل وجود وٽ باروڊ ڀڙڪو هو، الاءِ ڇو انھن محفلن ۾ اسين ”گلابي گلاس ۽ ناسي ڀڀڙڪ“ جو ساٿ ضروري سمجهندا آهيون. ائين لڳندو آهي تہ اسان جي تقريب انھن کان سواءِ ڄڻ نامڪمل هوندي آهي. اکيون خماريل هجن تہ راڳ سدا رنگي لڳندو آهي. سمجهہ پوي نہ پوي ظاهر اهوئي ڪبو آهي پوءِ کڻي انھيءَ ۾ ڪيترو ئي نقصان ڇو نہ ٿي پوي. ۽ مٿان وري شايد اسان مائٽن جو اهو بہ ڏوھہ آهي جو اسين پنھنجي اولاد جي لوڊيڊ ”Loaded“ هجڻ کان اڻواقف هوندا آهن.
قصص الانبياءَ ۾ اچي ٿو:
”حضرت نوح عليہ السلام کي طوفان نوح کان پھرين رب پاڪ ذوالجلال والاڪرام سڀني ٻوٽن، وڻن ۽ ميون جو هڪ هڪ قسم پاڻ وٽ رکڻ لاءِ حڪم ڪيو هو تہ جيئن طوفان جي ڪيل برباديءَ کان پوءِ اهي وري زمين ۾ پوکي سگهجن. طوفان نوح عہ کان پوءِ جڏهن حضرت نوح عليہ السلام وري پوک شروع ڪئي ۽ ٻوٽا لڳائڻ شروع ڪيا تہ کيس خبر پئي تہ انگور جي ول غائب آهي. هن چئني پاسي نھاريو پر اها ڪونہ هئي. حضرت نوح عليہ السلام پريشان ٿيو تہ اتي غيبي ڄاڻ آيو تہ اها ول شيطان پاڻ وٽ لڪائي رکي آهي... حضرت نوح عليہ السلام شيطان کان اها ول گهري تہ هن ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ پوءِ ان شرط تي واپس ڏيڻي ڪيائين تہ ان جي پاڙ ۾ هڪ ڀيرو حضرت نوح عليہ السلام پاڻي ڏيندو ۽ شيطان باقي ٽي ڀيرا، ان ول کي سيراب ڪندو. حضرت نوح عليہ السلام کي ﷲ تعاليٰ جي حڪم مطابق سڀ انگ پورا ڪرڻا هئا.... هنن اها شرط بہ مڃي ۽ انگور جي ول زمين ۾ لڳي. پھريون پاڻي حضرت نوح عليہ السلام ڏنو ۽ باقي ٽي ڀيرا شيطان.... جنھن گدڙ، شينھن ۽ سوئر جو رت انھيءَ ول جي پاڙ ۾ پاڻيءَ طور ڏنو، هاڻي اهوئي سبب آهي جو جيڪو مٺاڻ انگور ۾ آهي سو حضرت نوح عليہ السلام جي ڏنل پاڻيءَ جي ڪري آهي ۽ ان مان جيڪا ”رس“ ٺھي ٿي اهو شراب ابليس جي ٽن پاڻين جو ثمر آهي. ان ڪري ئي شرابي پھرين گدڙ وانگر ڊڄندو آهي، پوءِ شينھن جيان بھادر ٿيندو آهي ۽ آخر ۾ وري سوئر جيان نہ ڪجهہ سوچيندو آهي.... نہ سمجهندو آهي ۽ ائين ئي حياتين سان کيڏندو رهندو آهي. هاڻي جي برو نہ لڳي تہ صاف چئجي تہ اڄڪلھہ جي شادين ۽ محفلن ۾ ڇا اهو رنگ اوهان کي عام نظر نٿو اچي.
قصو ڪجهہ بہ هجي، هن مھل هو ڳڙهي ياسين جي قبرستان ۾ آرامي آهي. هن سال ئي هن امتحان پاس ڪيو هو، اڃا چار مھينا پھرين سندس رزلٽ آيو هو ۽ شايد هن ٽريننگ بہ ويجهڙائيءَ ۾ ئي مڪمل ڪئي هئي. پر اهو سڀ ڪجهہ بہ نہ هو... هو ڪجهہ بہ نہ ڪري سگهيو. هن جا خواب سوچون، خيال، ذميواريون سڀ ان ”ٽي ٽيءَ“ جي نالي ڳڙڪائي وئي، جنھن کي ٽرائيگر ڪندڙ، شايد حواس وڃايل هو، هاڻي ڇا ٿيندو...؟ هو موٽي ڪونہ ايندو. نڪتل گولي واپس نہ ورندي. خمار لٿو هوندو تہ سمڪ پئي هوندي تہ ڪيڏو نہ ڪھرام ٿي چڪو آهي.
گلن جي موسم ڪليون نہ آنديون
بھارن آندا پٽن جا لاشا
والد گرامي مرتبت.... هن خنڪ موسم ۾ مٽي وجهي موٽيو هوندو، اڃا هن جي قبر جو گلاب ماڪ جي ڪري وڌيو آلو هوندو، جيڪو اسان سڀني کان هڪ دفعو وري پڇي ٿو تہ منھنجي زندگيءَ جو مقصد ڇا هي دوستو....!
۽ جي مان جواب نہ ڏيان.... ۽ توهان کي ڏيڻ لاءِ چوان.... ڪجهہ دير لاءِ مان هن جو پيءُ ۽ استاد ٿيڻ کان انڪاري هجان.... ۽ توهان کي استاد ٿيڻ لاءِ چوان تہ توهان ماتم ڪدي ۾ تڏي تي ويھي ڪھڙو جواب ڏيندئو؟ ڪھڙو بہ کڻي ڏيو... پر مون کي پڪ آهي تہ اهو چوڻ جو اوهان ۾ حوصلو نہ هوندو تہ ٻچا.... تنھنجي زندگيءَ جو مقصد هيتري محنت ڪري ايترو مٿانھين مقام تي پھچي بہ.... هڪ گوليءَ جو کاڄ بڻجڻ آهي ڇاڪاڻ تہ اسان توکي قربان تہ ڪري سگهون ٿا، پر پنھنجي سرمستي ڇڏي نٿا سگهون.
نعيم.... پُٽَ.... مولاءِ ڪل تنھنجي قبر ڪشادي رکي ۽ تون آرام سان پنھنجي سونھن سميت ائين ئي شرمائيندو.... مرڪندو رهين... آمين.


ڇپيل: خميس، 24 نومبر2004ع

استاد فيروز دين رخصت ٿيو (موسيقار: فيروز دين)

اربع، 15 ڊسمبر 2004 تي استاد فيروز دين اسان کي سلام آخر چئي رخصت ورتي. ان لله وانا اليہ راجعون.
ڪراچيءَ جي ڪنھن قبرستان ۾ آرامي استاد جي آرام ڪرڻ ساڻ، ڪي بورڊ جي چاٻين جي بيچيني ۽ بي آرامي وڌي وئي آهي. اهي آڱريون جيڪي مٿن رقصان هونديون هيون، هاڻي ماٺ جي سفر جون مسافر آهن ٿيڻ تہ ائين گهرجي ها تہ هارمونيم بہ آرام محسوس ڪري ها ڇاڪاڻ تہ ان کي ڇيڙيندڙ، انھيءَ جي زلفن کي پريشان ڪندڙ استاد فيروز هاڻي ناهي رهيو، پر پنھنجو محبوب لمس وڇڙي وڃي تہ اداسيون تہ مقدر ئي هونديون آهن.
نائين تاريخ تي پرک جي رڪارڊنگ هئي، وچ وچ ۾ جڏهن گانا رڪارڊ ٿي رهيا هئا تہ اسان اسٽوڊيوز جي سائيڊ روم ۾ ويٺي ڪچھري ڪئي مان جاويد مير، قمرﷲ دتا ۽ استاد فيروز. اتي ئي ڳالھہ ڪئي هيائين تہ کيس ڏاڪڻ چڙهڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. ساھہ ڀرجي ٿو اچي ۽ هو ساندھہ ٽي چار ڏاڪا نٿو چڙهي سگهي. قمر هڪدم رڙ ڪئي هئي ”استاد.... اها دل جي تڪليف آهي تون هل تہ ڪارڊيو گڏجي ٿا هلون....“ وڌيڪ پڪ ڪرڻ لاءِ مون ڏي اشارو ڪيو هيائين. ”ڊاڪٽر صاحب ويٺو آهي.... ان کان پڇينس...“
مون استاد کان ڪجهہ ضمني سوال ڪيا هئا ۽ هڪدم منھنجي دل ۾ بہ اهوئي خيال آيو هو تہ اهو دل جو معاملو آهي. مون بہ کيس چيڪ اپ لاءِ صلاحي ڏني. استاد کي واندڪائي ڪانہ هئي. اسان سڀني کيس زوريءَ صلاحيو تہ دير نہ ڪري ۽ چيڪ اپ ڪرائي اچي. هن ”ها“ ڪئي تہ اسان سڀني کي مايوس نہ ڪندو... ۽ هن ئي هفتي چيڪ اپ ڪرائيندو، ڪنھن کي ڪھڙي سڌ هئي تہ استاد فيروز دين جو هن هفتي هي فائنل چيڪ آئوٽ آهي. هن کان پوءِ هو پنھنجي دل کڻي دردن جي دنيا مان ئي روانو ٿي ويندو.
استاد فيروزالدين جو جنم 1944ع ۾ ٽنڊي محمد خان جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ”دودوري“ ۾ ٿيو هو. سندس والد محمد رحيم سمون، هڪ مشھور ملھہ هو. انھيءَ اسلامي سال جي ذوالحج جي اها اٺاويھين تاريخ هئي، استاد فيروز جو نمبر ٽيون ۽ هن کان وڏو هڪ ڀاءُ ۽ هڪ ڀيڻ هئا. هن ابتدائي تعليم حيدرآباد ۾ ورتي جتي ”تولا رام هاءِ اسڪول“ ۾ هن داخلا ورتي پر والد جي اوچتو وفات کيس لوڏي وڌو. مٿان وري والدہ جي هڪدم مرتئي، کيس چئن درجن کان پوءِ اسڪول ڇڏڻ جي مجبور ڪيو ۽ فڪر معاش جي حوالي سان هن پنجاب جو رخ رکيو. اتي هن هڪ ننڍڙي ڪرياني جو دڪان کوليو، جيڪو چار سال هليو، ۽ اهوئي دور هو جڏهن دڪان تي سيڌو وڪڻندي هن سرن سان راند رهڻ شروع ڪئي. اتي هن مشھور موسيقار ”فيروز نظاميءَ“ کان سکيا حاصل ڪئي ۽ مٿان وري روشن آرا بيگم جي ساٿ، هن کي ڄڻ ”ڪمال فن“ عطا ڪيو. هن ساندھہ ڏھہ سال، انھن املھہ ماڻڪن سان گذاريا.
1962ع ڌاري ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ هو ڪراچي موٽي آيو جتي ”ڪرين آپريٽر“ جي نوڪري ڪندي هن سرن سان محبت کي وڌيڪ شديد ڪيو.
64_1963ع ۾ هن ”آزاد آرٽ سرڪل“ نالي هڪ ڪلب کولي، پنجاب ۾ نظامي صاحب وٽ هو بانسري وڄائيندو هو، ڪراچي اچي هن ”بانسري نواز“ جي حيثيت سان خوب نالو ڪمايو. اتي ئي هن استاد قدرت ﷲ خان، امرائو خان ۽ استاد نذر حسين کان موسيقيءَ جي تربيت حاصل ڪئي ۽ 1970ع ۾ نثار بزمي صاحب کان باقائدي ڌاڳو بہ ٻڌرايو ۽ هن جو شاگرد بڻيو.
1966ع ۾ پاڪستان ٽيلويزن جو ڪراچي مرڪز جوائن ڪيو ۽ 1972ع ۾ کيس ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ميوزڪ ڊائريڪٽر طور اپروو ڪيو ويو. اهو زمانو ريڊئي جو زمانو هو. هن محنت شديد ڪئي ۽ آخرڪار، استاد بخاريءَ جون سٽون منظور سخيراڻيءَ جي آواز ۾ ڪمپوز ڪيون ۽ ڄڻ ٻڌندڙن جي ڪنن ۾ باھہ اوتي ڇڏيائين ”مون ڏي نيڻ نہ کڻ، دنيا ڏاڍي ساڙولي، ڏيندئي ڪا نہ ڏسڻ....“ هن موسيقيءَ ڏي نيڻ کنيا ۽ دنيا جي سامھون کيس خوب ڏٺو.
استاد فيروز دين 1965ع ۾ اي ايم آءِ جوائن ڪئي ۽ هزارين ڪئسٽس جي موسقي تربيت ڏني. هن ٻن فلمن ”برسات جي رات“ ۽ ”ويچاري ماءُ“ جي موسيقي پڻ ترتيب ڏني.
1975ع ۾ هن جي شادي ٿي هئي پنج نياڻيون ۽ پنج پٽ، شهزاد، زبير، ذوالفقار، عرفان ۽ جھانگير کيس اولاد جي صورت ۾ نصيب ٿيا. هن پنھنجي حياتيءَ ۾ اچي رنگ، گلاب جي خوشبوءِ ۽ راڳ درٻاريءَ کي بيحد پسند ڪيو. بانسري، هارمونيم ۽ ڪي بورڊ وڄائيندڙ استاد جاپان کان سواءِ سڄي ايشيا ۾ پرفارم ڪيو هو.
عزيزان من
هي خاڪو هو، انھن سٺ سالن جي حياتيءَ جو جنھن سنڌي موسيقيءَ کي انيڪ خوبصورت گيت ڏنا، دور جديد جو بلا شڪ هو تمام وڏو ڪمپوزر هو ۽ سنڌي موسيقيءَ ۾ هن جي پائي جو ڪمپوز هاڻي ملڻ مشڪل آهي. هي سال عجيب رهيو آهي، هن ئي سال اسان سان کان سميجو صاحب کسيو ۽ هاڻي فيروز دين هليو ويو. سنڌي فن ۽ ثقافت تي يقينن ڏکيون گهڙيون اچي ويون آهن. اسان جي لاءِ اهم ترين عذاب اهو بہ آهي تہ اسان ”Second line“ نعم البدل تيار ڪري نہ سگهندا آهيون، ان معاملي ۾ اسين صدين کان هڪ جھڙا آهيون. اسان اڄ ڏينھن تائين، ڪڏهن بہ ڪنھن بہ شيءِ جو نعم البدل ٺاهي نہ سگهيا آهيون. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ قدرت اسان تي سدائين مھربان رهي آهي ۽ هن اسان جي جهولي ڪڏهن بہ خالي ناهي ڇڏي. اسين نقصانن سان پيار ڪرڻ وارا آهيون، فائدا اسان کي ”بدهضمي“ ڪندا آهن.
هاڻي ڪجهہ ڏينھن ڳالھيون ٿينديون، ڪي خوبيون بيان ڪندا، ڪن جي دل ۾ اطمينان جي لھر هوندي تہ پڙ خالي ٿيو. بھرحال، جيڪي ڪجهہ بہ ٿيو، سڀني جي سامھون آهي. فيروز دين وفات ڪري ويو آهي ۽ اهائي سچائي آهي.
بي ترتيب لفظن جو انتخاب استاد فيروز جي ڪمپوز ڪيل ڪجهہ گيتن جا ٻول حاضر آهن. اهي ڪڏهن بہ ڪنايو تہ انھن جي ڪمپوزر کي نہ وسارجو.
1. تنھنجا ٿورا اڱڻ آئين.... (مير عبدالرسول مير) محمد يوسف.
2. هڪ وار تہ آ.... (سائل آزاد) محمد يوسف.
3. نھاري نيڻ ٿڪجي پيا.... (ايم جي قيوم وسطڙو) انورو وسطڙو.
4. اگر بي وفا سان محبت..... (مير عبدالرسول مير) انور وسطرو.
5. مٺا هاڻي منھنجي اٿئي موڪلاڻي.... (دريا خان رند) ڦوٽو زرداري.
6. دل توکي ڏئي درد پرايو... (سائل آزاد) سليمان شاھہ.
7. رات عمر من خواب ۾.... (شاھہ) وحيد علي.
8. مون ڏي نيڻ نہ کڻ.... (استاد بخاري) منظور سخيراڻي.
9.آب اکين سان هاريو... (سميع بلوچ) شاد غلام علي.
10. دل توکي ٿيو آڇا.... (مير) انور وسطڙو.


ڇپيل: اربع 21 ڊسمبر2004ع

ادا مَن - سلام آخر قبول ڪيو (مصور: منصور عالم ابڙو)

ادا من.
پنھنجي مرقد ۾ يقينن اوهان سکيا هوندو، آرام سان، کل خوشيءَ سان، پنھنجي هن موجي مست مزاج ۾ مدهم لھجي سان ڳالھائيندي، اوهان اتي بہ ميلو مچايو ويٺا هوندئو ي اماٺ هوندئو. هن واري اوهان يقينن ماٺ هوندو، ڇاڪاڻ تہ گذريل انيڪ سالن کان اوهان جي آواز صدا جي سھاري نقار خاني ۾ ڪيڏو نہ هل مچايو پئي. پنھنجي سلوڪ پنھنجي معاشرتي سڀاءُ ۽ هڪ مڪمل Gentlemn جي حيثيت سان اوهان جيتوڻيڪ بي آواز انداز ۾ پنھنجي ڪردار نڀايو پئي، پر ان ڪردار ۾ آواز ڪيترو نہ بلند هو. هڪ مصور، مجسمه ساز، ڪيليگرافر، ڪھاڻيڪار، نثر نگار، استاد، موسيقار ۽ سڀ کان اهم ڳالھہ تہ هڪ وڏو ڀاءُ توهان ڇا نہ هو. الاءِ ڇا هو، ذات ۾ انجمن جو لفظ اوهان تي ڪيڏو نہ ٺهڪندو هو.
سڄي عمر توهان سان ساٿ رهيو دادا... ان زماني کان وٺي، جڏهن مان ٽه ڦيٿي سائيڪل هلائيندو هئس، ۽ تارو هڪدم ٽپ ڏئي پويان چڙهي ويھندو هو. ڏاڍو تپائيندو هو ۽ ان جي شڪايت بہ اوهان وٽ ڪرڻ تي دل چوندي هئي. تنھن زماني ۾ اوهان جو آواز ۽ جهونگار ڪمال هوندي هئي. اسين ادا دارا کان ڊڄندا هئاسين. مٿان وري ادا اياز جي هيبت ۽ تنھن مٿان اوهان جي نرمي، هڪدم ڄڻ تئي تي ڪو ڇنڊو پئجي ويندو هو خدا هن ويڙهي کي ڪيڏو نہ باڪمال ٺاهيو هو، امان.... اسان سڀني جي ماءُ.... جنھن جي محبت اهو ڪڏهن بہ محسوس ٿيڻ نہ ڏنو تہ هوءَ اوهان سڀني جي سڳي ماءُ آهي يا منھنجي ماءُ آهي. چاهت جي نرمي، محبت جي ماکي جو رس... امڙ سڀني لاءِ سدائين هڪ جھڙو اوتيو آهي. توهان جي هڪدم جي وڇوڙي جي سرد هوا، هن جي وجود ۾ عجيب ڏڪڻي ڀري ڇڏي آهي، جيڪا اسان سڀني پٽن جي گڏيل محبت جا ڪمبل بہ لاهي نٿا سگهن.
امان بہ ڇا ڪري ادا من، خالي هن کي وڇوڙي جي هوا تہ ڪونہ پئي پريشان ڪري، نہ سياري جي هن خشڪ موسم ۾، اسين سڀ پريشان آهيون... اداس آهيون ڌڻيءَ پاران ڀائرن جي فھرست ۾ اوهان ٽيون نمبر هئا. ادا دارا عالم، ادا اياز عالم، پوءِ توهان يعني منصور عالم پوءِ ساقي ڀاءُ يعني شبير عالم، پوءِ ادا قيس عالم، آخر ۾ اسان جو تارو طارق عالم.... مولاءِ ڪل قمبر جي محمد عالم جي عالم کي ڪيڏو نہ آباد رکيو هو، جنھن جي ڪٽنب جا سڀ ستارا، هڪ کان هڪ درخشان روشني وکيريندا رهن ٿا. اها لاٽ جيڪي سندس روشن والد بزرگوار کان ملي، تنھن جي وٽ هر هڪ پنھنجي حساب ۾ تيز تر ڪئي آهي ۽ ان حساب ۾ اوهان بہ ڪو ليکيو نہ رکيو، اوهان بہ محمد عالم جو نالو منصور عالم سان بلند ئي ڪيو.
جڏهن کان هوش سنڀاليو تہ اوهان کي گڏ ئي ڏٺو، اسان جا گهر هڪ هئا امان ۽امان ٻئي ساهيڙيون هيون، هتي ڪيئن لکان تہ ڪھڙي امان.... اوهان جي يا منھنجي ..... رت جي حوالي سان تہ کڻي هو الگ هيون، باقي ڳالھہ تہ هڪڙي ئي هئي، نہ هو ٻئي ڀينر لڳنديون هيون ۽ هنن جي محبت امڙ جي دم آخر تائين ائين ئي تہ هڪ ٻئي ۾ پيوست رهي. دال جو وٽو، ڀاڄيءَ جي پليٽ، مانيءَ جو ڳڀو ساڳ ۽ چانورن جي ماني.... هڪ ٻئي لاءِ تہ هوندا هئا. ۽ اهوئي ڪرم هو دادا من.... جو مون اوهان کي پنھنجي ڪھاڻي جي مجموعي ”توسنگ تو بن ڏينهڙا“ جي بيڪ ٽائٽل لکڻ لاءِ چيو هو. مون عرض ڪيو هو تہ ٽائٽل ڊزائين ڪري ڏيو ۽ اوهان حسب دستور، حسب روايت ڀاڪر ڀائيندي ۽ ڳراٽڙيءَ جو لمس ڏيندي چيو هو“ پنھنجي ننڍڙي ڀاءُ جو ڪم مان ڪيئن نہ ڪندم.....“ ۽ انھن ڪمن ۾ خالي مان هڪڙو تہ عرضدار نہ هئم اهي سڀ جيڪي ڪنھن وڏي آرٽسٽ جي في ڀري نہ سگهندا هئا. هڪ اهڙي ”وڏي آرٽسٽ“ وٽ فيضاب ٿيڻ ايندا هئا جيڪو سندن ڪم مفت ۾ ڪندو هو ۽ مٿان وري چانھن بہ پياريندو هو.
”قلندر ٿئي منصور. فقير منش ماڻھو آهي يار.“ هڪ اهري ئي قلم ڪار مون سان ڳالھہ ڪئي. جنھن جي ڪتاب جو ٽائٽل اوهان ڊزائين ڪيو هو ”منھنجي ايڏي مدد ڪندو، مان سچي ايترو سوچي نہ ويو هومانس، مان سوچيو کڻي عرض ٻڌندو. هن تہ ابا کڻي سڄي ڪتاب ۾ مدد ڪئي آهي. مفتو.“
اوهان جھڙا ماڻھو ڪٿي ادا منصور. هتي تہ سٽ سٽ جو برش جي هڪ هڪ اسٽروڪ جو معاوضو گهريو ٿو وڃي، اتي اهڙو ماڻھو وري ڪٿان ملندو ۽ ڪٿان ايندو اهڙو استاد، جنھن جي مرڪ جو دائرو آسودو ڪندڙ ۽ ڀاڪر ۾ ڀريندڙ هجي، جنھن وٽ شاگرد کي ويندي خوف نہ اچي. پيار مان وڃي پر ادب احترام جي ڪٿ کنيو وڃي. اوهان جا شاگرد اوهان سان فري بہ هوندا هئا ۽ انھن کي اوهان کان ڀوءُ بہ ڏاڍو ٿيندو هو، هڪ مڪمل استاد جو رنگ، اوهان جي وجود جي برش مان ٽيپا ٽيپا ڳڙندو هو.
اڄ جڏهن اوهان سنڌ يونيورسٽيءَ جي قبرستان ۾ چاچا محمد عالم جي دل داري پاسي کان زمين جي حصي تي آخري گهر ٺھرائي چڪا آهيو تہ اوهان جي ڪالوني واري گهر ۾ چھرہ ڄڻ خاڪ رسيده ٿي ويا آهن، ادا اياز جو سڏڪو نٿو بيھي... ادا قيس، اکيون اگهندي ٿڪجي پيو آهي. ساقي، تارو، مان جاني.... اسان سڀ ڪاڏي وڃون. هن جدائيءَ جي اوچتي موڙ کي ڪيئن سنڀاليون.
فاطمہ ڳالھہ ڪئي هئي تہ اوهان جو ڪو فون آيو هو. پندرهن ڏينھن کن پھرين.... مان گهر نہ هئم.... رڪارڊنگ شيڊول ٽائٽ هو، اوهان منھنجي پڇا ڪئي هئي، چيو هو تہ تمام ضروري ڳالھائڻو آهي. موٽي آيو هئم تہ توهان ڪراچي وڃي چڪا هئا. هتان جي ”ماهر“ ڊاڪٽرن جي مھرباني جن ڪينسر کي ٽي بي سمجهي اوهان کي ايڏيون خطرناڪ ۽ ڳريون دوائون کارايون هيون، جن دراصل اوهان جي بيماريءَ کي هڪدم ٻاهر ڪڍيو، اوهان جي وات وٽ اهي زخم انھن ڳرين دوائن جي سائيڊ افيڪٽس جي ڪري هئا ۽ مٿان وري هي مرض ميڻ کي ڄڻ چارئي پاسا شعلا وڪوڙي ويا هئا. بھرحال جن بہ جيڪي ڪجهہ بہ ڪيو. خدا سڀني کي بھتر ڄاڻي ٿو. هنن ساعتن ۾ ذهن ۾ اهوئي اچي ٿو تہ آهن تہ موڪلون، پر الاءِ ڇو اوهان جي جيمبر ۾ اوهان جي ميز ڪرسي اوهان کي ساري ٿي، ڄامشوري ۾ هوائن ۾ وڪڙيل جهومندڙ وڻ، اوهان جي محبت جي گرميءَ جا منتظر آهن، انھن رستن تي اوهان پنھنجي مخصوص انداز ۾ واڪ ڪندا هئا، اڄ اتي اوهان ناهيو تہ هو پنھنجي جاءِ تان هٽيا تہ ناهن، پر پڇن ضرور ٿا تہ هن واري منصور گلاب جي پنکڙين کي رستن تي هاري ڇو روانو ٿي ويو آهي. اوهان جو برش قلم ۽ ڪاغذ ڪنڌ جهڪايو ويٺا آهن. کين خبر آهي تہ اوهان ڪونہ موٽندئو، پر لڳي ٿو اهي ڪنھن ٻئي کي پنھنجي وجود جي استعمال ڪرڻ کان منڪر ضرور ٿيندا. اسين ٻين سان محبت کان انڪاري ڪونہ ٿينداسين. ادا من... پر جيڪو پيار توهان اسان کي ڏنو يا اسان اوهان سان ڪيو، اهڙو شايد نہ اسان کي ڪٿان مليو ۽ نہ اسان ئي ڪنھن کي اهو آڇڻ جو حوصلو رکون ٿا.
خدا تعاليٰ اوهان کي آسودو رکي اها مرڪ اتي بہ هجي ۽ اها نماڻائي اها محبت جنھن سان اوهان ﷲ جي مخلوق کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀريو شال اتي اوهان جي ڀرپور مدد ڪري. آمين
هن ننڍڙي ڀاءُ پاران سلام آخر قبول ڪندا. (محمود)


ڇپيل: خميس 30 ڊسمبر2004ع

راهَہ ۾ اجل آهي (حادثو: ننڍڙو شڪيل الرحمان)

رات جي اوندھہ ۾ هو اوچتو گم ٿي ويو هو.
ٻاهر عجيب مانڊاڻ متل هو، رنگ و بو جي طوفان ۾ هر چھرو شادان مرڪندڙ ۽ مھڪندڙ هو. خوشين جي ان وهڪري ۾ هر هڪ پنھنجي حصي جو طلبگار هو ۽ يقينن ٻئي جي وجود کان وڌ ڌيان پاڻ تي ڏئي رهيو هو. اها حيدرآباد جي بلڪہ قاسم آباد جي هڪ يادگار جاءِ آهي، جتي ٻن شادي هالن ۾ ڄڻ حسينہ عالم جو مقابلو ٿيندو هجي. هر هال ٻئي کان گوءِ کڻڻ گهرندو آهي. مولاسڀني کي خوشيون نصيب ڪري، باقي هنن جا تہ ڄڻ وارا نيارا آهن. رش جو عجيب عالم هوندو آهي. پارڪنگ جي جاءِ نہ ملندي آهي. ڪلھو ڪلھي سان لڳندو رهندو آهي. مولا سڀني کي خوشيون نصيب ڪري باقي هنن جا تہ ڄڻ وارا نيارا آهن. رش جو عجيب عالم هوندو آهي، پارڪنگ جي جاءِ نہ ملندي آهي، ڪلھو ڪلھي سان لڳندو رهندو آهي ۽ زندگي مرڪون ڀريندي آهي اها زندگي جنھن کي يقينن اهو احساس ناهي هوندو تہ اجل ان ئي راھہ تي سندس منتظر آهي.
چئن سالن جو محمد شڪيل الرحمان، ان ڄڃ جو هڪ گلاب هو، جيڪا انھن شادي هالن مان ڪنھن هڪ ۾ لٿل هئي. بي انتھا رش جي عالم ۾ ٻارڙا ڪڏهن هال ۾ ڊوڙيا پئي. لان ۾ کيڏيا ويٺي تہ ڪيڏي مھل ٻاهر نڪري ٿي ويا. ڪجهہ گهڙيون پھريون هو پنھنجي پيءُ وٽ هو، پر کيس الاءِ ڇاجي تڪڙ هئي، هر هر هٿ ڇڏائي پئي ڀڳو. شڪيل کان وڏي پٽ پنھنجي پيءُ محمد ياسين کي هر هر چيو پئي تہ ”بابا! شڪيل کي پڪڙيو هي ڀڳو ڀڳو ٿو وڃي....“ خوشين جي وهڪري ۾ ياسين، پٽ کي سنڀاليو تہ پئي پر هن جي بہ نگاھہ ٿڙي ٿي وئي ۽ اوچتو فٽ پاٿ تي راند رهندي. جتي سائي گاھہ جا گهاٽا ٻوڙا آهن، اوچتو وڏي پٽ کي احساس ٿيو تہ ڀاءُ تہ ڪونھي هو تہ هڪم سائي گاھہ جي پاڇي ۾، کليل اجگر جي وات ۾ وڃي چڪو آهي. هن رڙ واڪو مچايو، محمد ياسين پاڻ ڊوڙيو، روئندڙ پٽ جو اشارو سمجهي ”ٻوڙا“ هٽايائين تہ کليل گٽر، بنان مين هول جي ڍڪڻ جي، هڪ آفت، سندس روح جي هڪ ٽڪري کي ڳڙڪائي چڪي هئي هن بہ نہ ڪئي هم نہ تم.... پاڻ اندر ٽپي پيو. جتي اوندھہ هئي گند هو، وهندڙ غلاظت هئي، پر گلاب جو ٻوٽو نہ هو ”مان پيءُ آهيان، سائين .... مان نہ ٽپان ها تہ ڪير ٽپي ها... هيٺ منھن تائين پاڻياٺ هئي... جيڪي تيز ترين ڌاري سان هئي... ۽ تنھن کان سواءِ بوءِ ۽ ٻيو سڀ ڪجهہ... پر سچ پڇو تہ ان مھل ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو. مون ڏاڍا هٿ پير هنيا. جتي مان نہ پيو بيھي سگهان، اتي چئن سالن جو معصوم ڪٿي بيھي سگهي ها...“ محمد ياسين وڏو ساھہ ٿو کڻي ۽ ڳالھہ جاري ٿو رکي ”وڊيو وارا بہ لائٽ کڻي آيا، گٽر تائين ..... پر ان جي بہ تار کٽي پئي.... مون کي رسن سان ڇڪي ٻاهر ڪڍيائون.... الاءِ ڪيترو وقت تہ منھنجو بہ اسپتال ۾ گذريو. سچا ٽيوب پاس ڪيائون معدو ڌوتائون.... وڃڻ واري شيءِ تہ وڃي چڪي هئي بابا....“ يارنھن ڪلاڪن جي جدوجھد کان پوءِ شڪيل جو ڪومايل وجود ٽي سؤ ميٽر پريان واري هنڌ تان مليو هو، ”ﷲ جي مرضي سائين... جيڪا رب جي رضا....“ هن جون اکيون ڀرجن ٿيون ۽ مون لاءِ ڄڻ ڪوبہ آئينو سلامت نہ هجي.
اسين هر ڳالھہ ۾ رب جي رضا ڳوليندا آهيون.... اهو سڀ بہ درست آهي پر ڇا اسين پنھنجي بد لڇڻ وجودن پنھنجي بد انتظامي پنھنجي ناروا سلوڪ جو ضامن بہ رب کي ٺاهڻ ٿا گهرون؟ ڇا ﷲ جو اسان کي اهو عقل ناهي ڏنو تہ گٽر جي مٿان اهو لوهي ڍڪ ڪيترو نہ اهم آهي. پوءِ بہ اسان ان ڍڪ کي اتان هٽائي، ڪجهہ خصيص سڪن عيوض وڪڻي پنھنجي قبرن ۾ ڪھڙي غلاظت ڀريندا ٿا وتون؟
”اهو هڪڙو آ ڇا سائين....“ محمد ياسين پاڻ سنڀالي ٿو. ”چون ٿا چار سئو گٽرن جا ڍڪڻا غائب آهن. اهو تہ مڙئي مولا پيو ٿو خير ڪري نہ تہ....“ ان نہ تہ..... ”کان پوءِ ڪھڙا سوال آهن، جن جا جواب اسان کي نٿا اچن؟ پر ڇا اسين انھن سوالن کان هاڻي بي خوف ٿي ويا آهيون؟ اهي ٻئي هال. شاديءَ جي موسمن ۾ لک ڪمائين ٿا. ڇا انھن انھن جو فرض ناهي تہ ان اهم جاءِ تي جتي هزارين ماڻھو اچن ٿا ۽ جتان جي سيڪيورٽيءَ لاءِ مخصوص خادم مقرر آهن، ڪو اهڙو ملازم بہ رکن. جيڪو انھن سڀني شين جي جانچ پڙتال ڪري، اهو ڍڪڻ پھرين کان غائب ٿيل هو. تڏهن تہ اتي گاھہ ڄمي آيو هو تہ ڇا اهي سڀ صاحب عقل ان ڳالھہ جا منتظر هئا تہ ”ڪير ڪري ۽ دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪري تہ پوءِ ڪجهہ ڪيون.....“ هلو ڀلا... جي ان مفروضي کي بہ کڻي مڃون ٿا تہ هاڻي تہ ٻارڙو، مٽيءَ جي ڍير هيٺ ستل آهي. پوءِ بہ اهو ڍڪڻو اتي ناهي آيو... ڇا اسين انگ وڌائڻ ۽ شديد ترين اعتبار رکندڙ آهيون؟ ڇا اسان کي پنھنجو ڪو اولاد ناهي؟ ڇا توهان کي پنھنجي ٻچي جو ڪو فڪر ناهي؟ ڇا توهان محمد ياسين نٿا ٿي سگهو؟... ڇا اهو سڀ اوهان سان پيش نٿو اچي سگهي؟
سوالن تي سوال، در کڙڪائين ٿا لفظ بي ربط آهن... انھن ۾ جان نٿي لڳي پر الاءِ ڇو انھن ۾ هڪ ڄر آهي... سينو دکي ٿو تہ باھہ ٻاهر اچي ٿي. هي ڪو پھريون واقعو ڪونھي. لاڙڪاڻي، حيدرآباد، سکر، انيڪ شھرن ۾ اهو سڀ ٿي چڪو آهي... پر الاءِ ڇو اسان جو ضمير ڪنھن سڏ کي ورائي ئي نٿو. اسين حڪومت کي گهٽ وڌ ڳالھايون ٿا. پاڻ کيسو ڀريل هوندي بہ نٿا وٺڻ چاهيون. وڏو ڍڪڻ پنجن کان اٺن سون جي وچ ۾ اچي ٿو. ڇا لک ڪمائيندڙ اهو خرچ نٿا ڀري سگهن. پر ڇو ڀرين؟ لاغرضائيءَ جو ڪنڌ ڇو جهڪائين. ان جو ڳاٽ اوچو هئڻ گهرجي.
شڪيل جي ختمي تي اسين اوچتو نڪتا هئاسين، ڪا خبر ڪانہ هئي، صاحب خانہ سان ملاقات ڪرڻي هئي ۽ اتي خبر پئي تہ شڪيل سندس ڀاڻج هو. اها خبر جيتوڻيڪ اخبارن ۾ سڀني ڏٺي هئي، پر درد جي شدت جو اندازو محمد ياسين سان ملي ٿيو ۽ پنھنجي بي حسيءَ تي ماتم ڪرڻ لاءِ سچ سچ تہ حوصلو ختم ٿي چڪو آهي. اها خبر بہ عام خبر ئي لڳي ٿي. پر سچ تہ اهو آهي تہ جنھن تي گذري ٿي اهوئي ڄاڻي.... ٻئي کي ڪل ڪٿان پوندي.
سڀ ڪجهہ ختم ٿو لڳي.... عم عقل دانائي سھپ..... پنھنجو وجود، اٻھرو، جاهل ۽ نادان لڳي ٿو. ڇاڪاڻ تہ ڪنھن درد کي سمجهڻ جي توفيق ئي شايد اسان کان کسجي وئي آهي. رستن تي تڙپندڙ زخمين کي کڻڻ اسان کان نٿو پڄي..... تيزيءَ سان رستو گهرندڙ ايمبولينس کي جاءِ ڏيڻ اسان کي نٿو اچي.... سگنل تي ڳاڙهي بتيءَ تي بيھڻ اسان نہ گهرندا آهيون ۽ ڪٿي بہ ڪنھن قطار ۾ اسان جو ڦٿڪو کائيندڙ وجود انتظار جي سگهہ ساري نہ سگهندو آهي تہ پوءِ اسان باقي آهيون ڇا؟ ڇا.... ڇا ۽ صرف ڇا ئي ڄڻ ڪائنات جي ڪن ۾ گهمندي نظر اچي ٿي.
هنن ساعتن ۾ هڪ ننڍڙي قبر ۾، محمد شڪيل الرحمان ۽ ان جھڙا ڪيترائي غفلت جو شڪار وجود پنھنجي پنھنجي قبرن ۾ محو خواب آهن..... آرامي آهن ۽ ائين ئي اسان جي سوچ بہ سمھي رهي آهي. ان مٿان بہ لاغرضي ۽ بيفڪريءَ جي مٽيءَ جا سوين تھہ چڙهي چڪا آهن. هن جي مائٽن چيو پئي ”اسين ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جا ٿورائتا آهيون، جن ايڏي وڏي ڪوريج ڏني.... اسان سان تہ اهو سڀ ٿي ويو پر ٿي سگهي ٿو اهو سڀ ڏسي. هاڻي ٻيا سڀ ڪو سبق سکن....“
اتي دل چوي ٿي تہ لکجي ”اهو سڀ کيل تماشو آهي سائين.... اخبار جي عمر هڪڙو ڏينھن هوندي آهي ۽ خبر جي ڪجهہ گهڙيون.... جن ڏٺو تن جو بہ خير..... جن نہ ڏٺو تہ جو بہ ڀلو باقي اها ڀل درست ڪري ڇڏيو تہ ٻيا ڪو سبق سکندا، ڇاڪاڻ تہ اهي ڍڪڻا خالي ڪاغذن ۽ فائيلن ۾ ايندا آهن. عام حياتيءَ ۾ اهي وات ائين ئي ڦاٿل هوندا آهن.... ۽ اسين ان ۾ ئي خوش هوندا آهيون. ڪجهہ گهڙين جي ڇرڪ کان پوءِ اخبار ۾ نئون استري ٿيل وڳو ويڙهيندا آهيون ۽ ٽي ويءَ جو چئنل بدلجي ويندو آهي.... اسين پڙهيل ڳڙهيل آيون قبلا... هزارين سالن جي تهذيب جا مالڪ آهيون... اسين نئون سبق سکڻ ۾ اعتبار ئي نہ رکندا آهيون. اسان جو فڪر ۽ سوچ، محمد شڪيل الرحمان جيان، جهالت جي رات جي اوندھہ ۾ گم ٿي ويو آهي. اسان جي لاغرضي، لاپرواهي ۽ غفلت جو گهٽر، بنا ڍڪڻ جي اسان جو منتظر آهي جنھن ۾ اسين هڪ هڪ ٿي لھندا ٿا وڃون.

ڇپيل ڇنڇر 02 اپريل2005ع

اسين اوهان جا ٿورائتا آهيون (سماج سُڌارڪ: خان محمد پنهور)

ڪالوني آفيس اڃا تائين اوهان کي وساري نہ سگهي آهي پنھور صاحب.
هاڻي وقت بدلجي ويو آهي. انھيءَ دور جا لڳايل ٻوٽا، هاڻي وڏا وڻ بڻجي چڪا آهن. لان جو گاھہ سوين دفعا ڪٽجي چڪو آهي. ٻاهر مارڪيٽ مڪمل آهي ۽ گڏوگڏ ان جي سامھون بہ انيڪ دڪان کلي ويا آهن. هاڻي هتي ڌوٻي، درزي، پڪوڙائي ۽ ٻيا انيڪ محنت مزدوري ڪندڙ وجود، پنھنجي پگهر جي خوشبوءِ محسوس ڪري سگهن ٿا. انھيءَ آفيس جو پنھنجو مڪمل ماضي آهي. انھيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي ايندڙ ڏينھن لاءِ هر بالا عملداري تياري ڪئي هوندي ۽ پوءِ پنھنجي خواب کي ساڀيان ٿيندي ڏٺو هوندائين. جي حياتيءَ کيس مھلت ڏني هوندي ۽ جي مولاءِ ڪل حيلن وسيلن جي هن جھان ۾ سندس ڀرپور مدد ڪئي هوندي ته:
۽ سائين پنھور صاحب ڌڻي جل شانہ اوهان جي بہ تہ ڀرپور مدد ٿي ڪئي نہ تڏهن تہ ان ڪالوني آفيس ۾ هڪ ننڍڙو عملدار، هڪ ٽيليفون اٽينڊنٽ، انھيءَ ساڳئي اداري جي هڪ اهو شعبي ”صحافت“ جو جيڪو دور جديد ۾ ”ماس ڪميونيڪيشنز“ سڏجي ٿو. ”باني چيئرمين“ بڻجي ٿو، ۽ دنيا کيس ”محترم خان محمد پنھور.“ جي نالي سان سڃاڻي ٿي.
مولاءِ مھربان آهي هو ازل کان ابد جي رستن جو خالق ۽ مالڪ آهي. عزت جاھہ و حشم، مال و دولت مان ۽شان سڀ ان وٽان اچن ٿا ۽ اهوئي سندس مثالن مان ڀليءَ ڀت پروڙجي ٿو تہ هو جنھن کي چاهي، اهو سڀ عطا ڪري ۽ خدانخواستہ جنھن کان چاهي اهو سڀ کسي وٺي.
ماڻھو تہ خواب ڏسي ٿو، ۽ انھن خواب لاءِ ئي هڪ نوجوان ستر جي ڏهاڪي ۾ هڪ ننڍڙي نوڪريءَ جي ”هني“ تي سوار ٿيو هو انھن ”سنجن“ کيس هڪ ننڍڙي گريڊ تي ڀرتي ڪرايو جتي سندس نوڪري ڪالونيءَ جي ”اڪيلي فون“ کي ٻڌڻ، ۽ فون واري کي نياپو ڪرڻ يا وڃي کيس گهران وٺي ڳالھرائڻ هوندي هئي. پنھنجي سڀاءَ سان تہ هن گهڻن جي دل ۾ گهر ڪيو. پر جنھن ڳالھہ سڀني کي حيران پريشان ڪيو هو سو سندس مطالعي جو شوق هوندو هو. ٽيليفون جي بيل وڄي تہ ڪتاب تان نگاھہ هٽندي هئي نوٽس تيار ٿيڻ بند ٿيندا هئا، ڪال رسيو ٿيندي هئي. نياپو نوٽ ٿيندو هو يا وري صاحب ڪال کي سڏرائڻو هجي تہ کليل ڪتاب ۾ نشانيءَ طور پينسل ڏئي. سڏ ڪري اچبو هو. گفتگو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ مھربان روانو تہ خدمتگذار وري پنھنجي ڪرت تي يعني ڪتاب مان پينسل نڪرندي هئي ۽ ڪاغذن جي زمين تي اکرن جي چانڊوڪي وکري ويندي هئي. اهوئي زمانو هوندو هو. پنھور صاحٻ جو اسين ڪالوني آفيس جي ڀت ۾ لڳل ڄاريءَ مان اوهان کي لڪي لڪي ڏسندا هئاسين. اوهان جي علم جو ذُق موهيندڙ هوندو هو ۽ جواب ڏيڻ جي قوت بي مثال، هڪ ڀيري توهان جي آفيسر پڇيو هو ”ڪا فون تہ نہ آئي نہ خاتون...“ اوهان ڪتاب تان نگاھہ نہ هٽائي، ڪنڌ نهڪار ۾ لوڏيو هو ۽ اها ادا شايد کيس پسند نہ آئي هئي ۽ پوءِ الاءِ ڪيترا ڏينھن توهان نظر نہ آيا هئا. اسين سڀ اداس ٿي ويا هئاسين، پر هڪدم پوءِ خبر پئي تہ اوهان ڪو امتحان بہ پاس ڪيو آهي ۽ هاڻي خير سان ڪنھن سني گريڊ ۾ اچي ويا آهيون. هي محبتون بہ عجيب هونديون آهن پنھور صاحب ماڻھو محبت ڪري نہ اڌو، ٻوڙو گونگو ٿي ويندو آهي، الاءِ ڪيتريون ويجهي واريون شيون هن کان ڏور ٿي وينديون آهن، اسين بہ اوهان سان ٿوري گهڻي محبت جا دعويدار تہ سچي ڳالھہ تہ اهي آهي تہ ذاتي حوالي سان مون کي اها قطعي خبر ناهي تہ اوهان جو ڳوٺ ڪھڙو آهي. يا وري اوهان کي ڪل ڪيترا ٻار هئا.... عشق جي آويءَ ۾ ياد آهي تہ اها پڪل مرڪ جيڪا سدائين اعتماد جا دائرا وڌائيندي هئي.
”اوهين ڪندؤ بابا.... بس فيصلو ٿي ويو.... اوهين ئي ڪندؤ؟.... اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ اينيميري شمل انسٽيٽيوٽ پاران هڪ اهم فنڪشن جي ميزباني اوهان منھنجي ذمي وڌي هئي. مان ٿڙڪي پيو هئس مولا... هنن کي ڪنھن اهو خيال ڏياريو آهي. اهو ڪم انگريزيءَ ۾ ٿيڻو هو. مان ادبي سنگت جون ڪجهہ گڏجاڻيون اٽينڊ ڪري چڪو هوس. اتي ڪو ٿورو ٿڪو ڳالھايو هو. ڪا هڪ اڌ گڏجاڻي ڪمپيئر ڪئي هئي، پر هاڻي هي ايڏو وڏو فنڪشن....؟ دل ۾ ڏاڍي هو راکوار هئي... الائي ٿي سگهي.... الاءِ نہ... هڪڙو پڪو پھہ ڪري اوهان وٽ حاضر ٿيم تہ ”مان نہ ڪري سگهندس...“ توهان عزت سان گهر ويھاريو هو.... پاڻي پياري، پوءِ ڳالھہ پڇي هئي ۽ اهي لمحا جنھن ۾ توهان پاڻي گلاس کڻڻ ويا هئا. الاءِ ڪھڙاهئا... ڇاڪاڻ تہ اڳ ۾ جڏهن بہ ڪنھن سان ملڻ ويندا هئاسين تہ هر ڪو در تي بہ جملا ڳالھائي رخصت ڪندو هو. اهو شايد جوانيءَ جي ڏينھن ۾ ٻيو اتفاق هو، جو ڪنھن ”وڏو“ سمجهيو هو ۽ ان حساب سان مان ڏنو هو. انھن ڪجهہ لمحن ۾ ڪائنات مٽجي وئي هئي. پاڻي پيارڻ کان پوءِ توهان هڪدم پڇيو هو ”بابا تياري ٿي وئي نہ؟“ ۽ مون هڪدم وراڻيو هو... ”جي ها... ڪاغذ ڪونہ آندا اٿم.... اسڪرپٽ سڀاڻي ڏيکاريندم....“ اوهان پٺي ٺپيندي چيو هو. ”ان جي ضرورت ناهي... مان ڄاڻان ٿو... تون ڪري سگهين ٿو.... بابا“... ۽ محترم خان محمد پنھور سائين خدا جي حضور ۾ مان اها گواهي ڏئي سگهان ٿو تہ جي مون ڪو نالو ڪڍيو آهي ۽ جي مان ڪجهہ شائستہ ۽ فھميدہ ڳالھائڻ جو هنر ڄاڻان ٿو تہ اهو سڀ ان ڏينھن کان شروع ٿيو هو. توهان جي اعتبار ۽ اعتماد کي نقصان مون نہ پئي ڏيڻ چاهيو، اڄ بہ جڏهن مان هزارن ۾ ڳالھائي ويندو آهيان تہ هڪ مرڪ پيڇو ڪندي آهي ۽ چوندي آهي ”تون ڪري سگهين ٿو بابا....“
۽ اهو سڀ صرف مون سان نہ هو پنھور صاحب.... اوهان جو سلوڪ هر ڪنھن سان ائين هو حياتيءَ جي آخري ڏينھن ۾ جڏهن آپريشن مٿان آپريشن هليو پئي جڏهن ان دماغ وڌيڪ علم جو بوجهہ کڻڻ کان لنوايو پئي تہ هن دنيا ۾ اهي اوهان جا ماتحت اهي ساٿي ڪيئن نہ ٺٺول تي لھي آيا هئا. هيءَ دنيا ڪيڏي نہ دورنگي آهي پنھور صاحٻ هتي ماڻھو ڪردار جي مار ۾ ڪيترو نہ پوئتي هليا ٿا وڃن. پر اتي هڪڙو جملو اهو ادا ڪرڻ بہ بنھہ ضروري آهي تہ ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي ڪٿي ڪردار جي معاملي ۾ ڪيترو نہ اڳتي بہ نڪري ٿا اچن. جيئن اوهان هوندا هيا سڀ خبر هوندي بہ ”ٻارن“ لاءِ سدائين دعا ڪندا هئا.
”خوش هجي بابا.... اسان کي ڇاهي؟... اسان جو سامان تہ ٻڌل آهي....“ ۽ ان پيڪ ٿيل سامان ۾ بہ گهڻا تہ ڪتاب هئا. ان حالت ۾ بہ اوهان کي پڙهڻ جو جنون هوندو هو. ٻين کي ڪتاب ڏيڻ ۽ حوالا ٺاهڻ انھيءَ جو ڪيڏو نہ شوق هو اوهان کي پنھنجي ٽيومر جي آخري سرجريءَ کان پھرين بہ اوهان مون سان ”نئين نياپي“ جي باري ۾ ڳالھايو هو. ان ميگزين تي پاڻ ڪيڏو نہ ڊسڪس ڪيو هوسين. اوهان ٿڪل هيئو. تہ بہ علم جي بار ۾ ڪابہ کوٽ اوهان جو کٽندڙ ٿڪل وجود برداشت نہ پئي ڪري سگهيو. ۽ تازيانو ان ڏينھن تي اهو بہ لڳو هو تہ توهان جي گهران ٻاهر نڪتو هوس تہ علم و ابد جي خانو ادي جو هڪ وڏو چراغ مليو هو ۽ پڇيو هيائين ”ڪيئن آهي تنھنجو اهو باني چيئرمين...“ جواب تڏهن بہ ڪونہ هو، جواب اڄ بہ ڪونھي... سنڌ يونيورسٽيءَ جي اسٽيشن جي ڀر واري قبرستان ۾ آرامي ٿئي، اوهان کي ڇھہ ورهيہ ٿي ويا آهن. وقت اهو فاصلو وڌائيندو ئي رهندو، سالن جا ڳاڻيٽا چڙهندا رهندا، جن کان اوهان جو اوج برداشت نہ ٿيو سي بہ آرامي آهن ۽ جيڪي اوهان جي محنتن جا ’مداح‘ آهي. انھن کي بہ هڪ ڏينھن ليٽڻُ آهي، خداءِ لم يزل اوهان کي پنھنجي محنتن جا ڀاڙا ڏيندو.... ڳوٺ سڌار کان وٺي ٻين اهم عوامي ادارن ۾ اوهان جون خدمتون يقينن ڪڏهن بہ وسري نہ ٿيون سگهن.
الاءِ ڇو اهو احساس ٿئي ٿو تہ ايترن عھدن ماڻڻ کان پوءِ بہ پنھور صاحب اهو آپريٽر موجود رهيو، جنھن پنھنجي ڪرت، پنھنجي پيشي ۽ پنھنجي ايندڙ سرمائي يعني نوجوان نسل کي سدائين بھترين نموني پيغام ڏنو ۽ اٽينڊ ڪيو.
اسين اوهان جا ٿورائتا رهنداسين، اها ٻي ڳالھہ آهي جو اسان مان هاڻي ڪنھن کي بہ اهو هنر ائين نٿو اچي، جيئن اوهان کي ايندو هو، تڏهن تہ اوهان اڄ تائين بہ وسري ناهيو سگهيا.
ﷲ پاڪ اوهان جي مرقد کي اوهان لاءِ آسودو بنائي. آمين.


ڇپيل: جمع 27 مئي 2005ع

استاد امام بخش بہ موڪلايو (ڪلارنيٽ نواز: استاد امام بخش)

اخبار ۾ هن جي فوٽوءَ تي اها ئي سادي مرڪ جي ڇاپ آهي.
سندس چپن جون ڪنڊو، گهري رنگ جون هونديون هيون، شرناءِ سان مستقل محبت جي ڪري چپن جا دائرا وسيع ٿي ويا هئا ۽ شايد ڀڪوڙ جي ڪري سندس رنگ ڀريل چپن کان مختلف ٿي ويو هو. هن اڌ صديءَ کان مٿي انھيءَ ساز جي خدمت ڪئي هئي. کيس دل جي گھرائين سان وڄايو هو. انسان جي وجود ۾ اظھار جي ذريعن مان اهم ترين ذريعو سندس زبان هوندي آهي. جيڪا چپن جي کلڻ جي منتظر هوندي آهي. استاد امام بخش شايد کيس گهڻي رحمت ڪونہ ڏني هوندي. ڇاڪاڻ تہ سندس چپن گهڻو ڪري شرناءِ کي چمڻ لاءِ منجهانئس سرن جي پالوٽ لاءِ ئي ڪوشش ڪئي هئي. استاد ڳالھائڻ کان وڌ ساز جي سر جو خواستگار هو. سندس ڳلي ضرور شڪايت ڪئي هوندي تہ اتان ڦوڪ صرف شرناءِ لاءِ ڇو ٿي نڪري. ان مان آواز جي رنگ جي ڪا لھر ڇو نٿي پلٽي؟.... ۽ دل چوي ٿي تہ اسان جي هن سادي سودي شرميلي فنڪار ان سوال جي جواب ۾ بہ رڳو اها سادي مرڪ ئي وکيري هوندي ۽ وري شرناءِ کي تنگ ڪيو هوندو.
تقريبن ويھن سالن کان مٿي اسان جو ساٿ رهيو، ريڊيو پاڪسان حيدرآباد جي اسٽوڊيوز ۾ رڪارڊنگ کان سواءِ بہ فرصت جي لمحن ۾ هو ڀت کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هوندو هو ۽ حسب دستور، حسب روايت شرناءِ وٽس هوندي هئي ۽ جي شرناءِ ڪنھن سببان غير حاضري هوندي هئي تہ اتي وري ڪلارنيٽ هٿن ۾ راند رهڻ لاءِ اچي ويندو هو. براڊ ڪاسٽنگ هائوس جي اسٽوڊيوز جي هر ڀت هن جي ٽيڪ جو ڇھاءُ ضرور ورتو هو. ڇاڪاڻ تہ اهو سندس محبوب ترين مشغلو هوندو هو. استادامام بخش هڪ وڏي نالي واري پيءُ جو فرزند هو. سنڌ ۾ شرناءِ جي نانءَ ساڻ ”زوار بسنت“ جو نالو لازم آهي. دنيا فن جي ان عروج جي سلامي هئي. لئہ ڪاريءَ ۽ ساز جي ڇيڙ مان ئي هر ڪنھن جو گمان يقين ۾ تبديل ٿي ويندو هو تہ اها ڪيفيت زوار بسنت بيان ڪري رهيو آهي. شرناءِ جي وجت جي جنھن فن کي خان صاحب بسم ﷲ خان هندستان ۾ عروج جا ڏاڪا طئي ڪرايا. انھيءَ ساڳئي گند فن کي زوار بسنت سنڌ ۾ مٿانھين حيثيت ڏياري، هاڻي ايڏي وڏي فنڪار جو اولاد هئڻ بہ جتي هڪڙي خوشگوار ڪيفيت هو. اتي ان جا ٻيا بہ ڪيترائي پس منظر هئا.
”بابو سخت هو... الامان... توبنھن... اصل چمڙي لاهي ڇڏيندو هو. جي ڪامينڍ مرڪ غلط ٿئي...“ ورهيہ اڳ زوار بنست جي ورسيءَ تي هڪ پروگرام جي رڪارڊنگ ۾ هن چيو هو. ”سچي ڳالھہ تہ اهاي آهي تہ مان ڊڄندو ڏاڍو هئس.... مار موچڙو تنھن زماني ۾ گهڻو هو، پر سائين سيکاريندا بہ دل سان هئا....“ پنھنجي والد جو ذڪر ڪندي سندس مک تي معصوميت جو تھہ اڃا بہ گھرو ٿي ويو هو.... ”بابو.... سائين ڪمال هو... ڇاتہ رب هنر ڏنو هوس، ڇا تہ ڏات هئس... اسين تہ سندس پيرن جي مٽي بہ نہ بڻياسين....“
اڄ استاد امام بخش والد محترم زوار بنسبت جي شايد پاسي ۾ يا پيرن کان وڃي آرامي ٿيو آهي، اها نياز نوڙت هن آخر تائين ڪونہ ڇڏي.
عجيب هوندو هو سندس سڀاءُ.... ويھارو کن سالن ۾ اسان ڪڏهن بہ کيس ناراض نہ ڏٺو نہ وري ڪنھن جي ڪنھن غلطيءَ تي Retake ٿيڻ جي ڪري هو اجايو بگڙجندو نظر آيو. الاءِ ڪيترين رڪارڊنگس تي اسٽوڊيو ۾ ويھڻ جو اتفاق ٿيو. الاءِ ڪيتري ڪيتري دير، ”اوڪي“ جو سنگل نہ ملندو هو، ڪا نہ ڪا غلطي ٿي ويندي هئي، ميوزيشنز جا موڊ خراب ٿي ويندا ها، سڀ ڪڏهن ڪڏهن جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ هوندا هئا. پر ذاتي طور تي مان اهو عرض ڪري سگهان ٿو تہ مون ڪڏهن بہ استاد امام بخش جو موڊ خراب نہ ڏٺو.... ڪا خرابي ٿي هلو خير آهي... وري ٿا شروع ڪيون. اهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ ان ڳالھہ سان ٻيا متفق نہ ٿين، پر مان اهو ذاتي تجربي جي حوالي سان عرض ڪري رهيو آهيان. اسين هميشہ مئلن جا مداح رهيا آهيون. ڪو هليو وڃي تہ تعريفن جا ميڙا لڳي ويندا آهن. سڀ خوبيون ٻاهر نڪري اينديون آهن. استاد جي ان خوبيءَ کي ان قصي ۾ شمار نہ ڪندا، تہ وڏا وڙ ٿيندا. هو حياتيءَ ۾ بہ اهڙو ئي گني هو.
استاد امام بخش جي وجود ۾ ٻہ شيون نمايان هونديون هيون: هڪ معصوميت، ٻي سادگي سندس مرڪ، نھار، ملڻ جو انداز ۽ کل معصوم هوندا هئا تہ سندس لباس وري بري انتھا سادو.... شلوار، ڪرتو، مٿان واسڪٽ، ڪلھي تي ڪڏهن ڪڏهن رومال، پيرن ۾ سادي جتي.. جيڪا هڪدم لاهي، ڪار پيٽ تي پلٿي ماري ويھندو هو ۽ کن پل ۾ ڦوڪ جو اهو سلسلو شروٿ ٿي ويندو هو. ملڻ مھل سندس ڪلھا هلڪو جهول کائيندا هئا. ڏاڍي نوڙت سان ملي هو تڪڙو روانو ٿي ويندو هو، الاءِ ڇو ذاتي طور تي مون کي ائين بہ لڳندو هو تہ هو ”عام“ کان ڪترائي ٿو. هاءِ سندس سنگتي ساٿي ريڊيو جا آرٽسٽ جي گڏ هجنس. تہ واندڪائيءَ ۾ براڊ ڪاسٽنگ هائوس جي لان ۾ ڪچھري سندس محبوب مشغلو هوندي هئي.
شرناءِ اسان کان آهستي آهستي ناراض ٿيندي ٿي وڃي.... زوار بسنت کان پوءِ استاد امام بخش نالو ڪڍيو ۽ گذريل ڪجهہ عرصي کان استاد عبدﷲ خان ان هنر ۾ نامور رهيو آهي. اتي اهو بہ احساس ٿئي ٿو تہ استاد امام بخش جي وڇوڙي کان پوءِ اهو سڄو ٻار، هاڻي استاد عبدﷲ خان جي ڪلھن تي ئي اچي ويو آهي. لڳي ٿو اڳيان ان فن جا عاشق هاڻي پڙ ۾ پير ڌرڻ نٿا گهرن.... مولا پيو خير ڪري، پر ڇا اسين ايئن ئي هڪڙي وجود تي زور بار رکندا رهنداسين؟
هاڻي سندس وڃڻ کان پوءِ عذت خواهين جو سلسلو شروع ٿيندو. هر ڪو لفظي جي چونڊ ڪندو. استاد جي قبر تي گلن جي سڪڻ کان پوءِ وري ڪار جھان شروع ٿي ويندو. اهوئي هن جھان جو جڳ جو دستور آهي، جيڪي رخصت ٿي وڃن انھن کي وسارڻ ۾ ئي عافيت ڀانئبي آهي. هڪڙو جملو ٻہ ٽي دفعا ورجايو ويندو تہ ”اهو خال ڀرجڻ ناممڪن آهي.... استاد جھڙا فنڪار صدين ۾ پيدا ٿين ٿا....“ اهو ٿي بہ سگهي ٿو تہ اهو جملو هڪ اڌ مھربان ورهائي، ڇاڪاڻ تہ امام بخش خان جي ذاتي پبلڪ رليشنگ ڪا ايڏي چڱي ڪانہ هئي، جو ماڻھو سندس وڇوڙي تي ڪنھن شديد غم جو اظھار ڪن. هو ريڊيو پاڪستان جو هڪ ملازم هو ۽ اتي شرناءِ نواز هو، ۽ بس..... ان کان وڌيڪ نہ ڪنھن کيس پروجيڪٽ ڪيو هو ۽ نہ وري کيس ان جو ڪو شوق هو.
”پذيرائي ڇا جي سائين....؟“ ڪجهہ لمحن لاءِ انھن شربتي اکين ۾ ڄڻ ڪي عڪس تري آيا هئا. ”ٻچڙن جو پيٽ گذر ٿي وڃي ٿو. بس روزي ملي ٿي... مٿان وري سچي ڳالھہ هڪڙي ٻي بہ آهي.“ هن اک مچڪائي هئي ۽ زور سان کليو هو. ”پاڻ کي اهڙا ٽڪساٽ بہ ڪونہ ٿا اچن... وٽي تي نالو ئي ڄڻ ڪونھي لکيل...“
کانئس انٽرويو ڪيو هئم تہ هو ڄڻ کلي پيو هو. ڪجهہ لمحن لاءِ مون کي لڳو تہ ڄڻ ڪا ڪاڄر آهي جيڪا انھيءَ برف جي هيٺيان لڪل آهي ۽ آتش فشان اهو ٻرندڙ جبل ڄاڻ اوڳر ڪندو.... پر وري هن هڪدم پاڻ سنڀالي ورتو هو. ”نالو ناهي تہ خير آهي، ننگر پاڻي تہ ٿي ٿو وڃي نہ... صاحبن جي مھرباني آهي مڙئي ڪم هليو ٿو وڃي....“ منھنجي دل چيو هو تہ کيس وڌيڪ کوٽيان، پر سندس انداز اهڙو صطعي هو جو اهو سڀ مون لاءِ ممڪن نہ هو.
”سڀ نصيب جي ڳالھہ آهي سائين جيڪو منھنجي نصيب ۾ آهي، اهو ڪير ٿو بدلي سگهي...“
ناقدريءَ جي نگاهن کي هن پاسيرو ڪري ڇڏيو هو، هو ڪم سان ڪم رکڻ وارو ماڻھو هو ۽ يقينن ان ڪري بہ سندس نالو ان اوج کي ڇھي نہ سگهيو. جنھن جو هو حقدار هو. ”خير آهي سائين... سڀ گذر آهي...“ هن مرڪيو هو. اهائي مرڪ جيڪا اوهان سندس فوٽوءَ ۾ ڏسي سگهو ٿا. ۽ ”متو“ صاف ڪرڻ لڳو هو.
۽ هاڻي اهو ”سڀ گذر“ ٿي ويو. استاد امام بخش جا چپ هاڻي ان اداس مرڪ جي وکير ڪونہ ڪري سگهندا.... سندس نگاھہ، شڪايت، خوشي، رنج ۽ اداسيءَ جي ڪنھن بہ ڪيفيت جو اظھار ڪونہ ڪندي، مٽيءَ جي مڻن هيٺ لٿل وجود هاڻي ڪڏهن بہ شرناءِ کي چمي ڪونہ سگهندو. اسين تہ سڀ اداس آهيون ئي آهيون، ان شرناءِ جو الاءِ ڪھڙو حال آهي جنھن سان هو ايتري محبت ڪندو هو.
عزيزان من! جي اها شڪايت رهي ٿي تہ اسين ويلن جو ذڪر نٿا ڪيون، رخصت ٿيندڙن لاءِ تعزيت نامه پيش نٿا ڪيون، پر جي شڪايت ڪندي اهو غور ڪيو وڃي تہ ويندڙن جي لسٽ ڌڙا ڌڙ تيار ٿئي پئي. تہ لفظن جو هنر غائب رهي ٿو، اڃا اي آر بلوچ صاحب کي ڏهاڪو کن ڏينھن مس ٿيا آهن، تہ استاد امام بخش موڪلايو آهي. هاڻي ڪنھن لاءِ لکي ڪنھن لاءِ لکجي.
استاد امام بخش... اوهان کي ٽڪساٽ بہ نہ ايندا هئا، ۽ اوهان انھن جي آڌار تي ڪا عظيم الشان شھرت بہ نہ ماڻي، پر يقين ڄاڻجو جن کي فن جي ٿوري گهڻي خبر آهي. اهي اوهان جي جدائيءَ تي رنجيده آهن. انھن جي وجود جي وٽي تي اوهان جو نالو رهجي ويو آهي.


(ڇپيل: اڱارو 19 جولاءِ 2005ع)
(استاد امام بخش جي تصوير جي فراهميءَ لاءِ ’امرتا سٿ‘، ريڊيو پروڊيوسر ’جبران زيب‘ جو شڪرگذار آهي.)

جِيجِي (لوڪ فنڪارہ: جِيجي زرينہ بلوچ)

جيجي، پيرن تي هٿ قبول ڪجو
ٽيون ڏينھن نيٺ اوهان هن جھان کان موڪلايو، اها ئي راھہ ورتي، جيڪا سان سڀني جو مقدر آهي. ٽيھتر سالن جي حياتيءَ جو سفر پنھنجي انت کي پھتو ۽ اجهو اوهان جي قبر جي گلابن ۾، خوشبوءَ جي واپسي شروع ٿي آهي. پنھنجي من پسند، محبوب شھر حيدرآباد سان ساٿ اوهان آخر تائين نہ ٽوڙيو ۽ ابدي آرام لاءِ بہ هن ئي شھر جي چونڊ ڪيوَ. اسان جي اها سادي سودي امڙ، جنھن کي اسين سڀ ”جيجي“ سڏيندا هئاسين ۽ جنھن کي نالو ”زرينه“ جو مليل هيو. هن نئين جاءِ تي بہ يقينن آسودي ئي هوندي. هوءَ جيڪا هر حال ۾ راضي رهڻ ئي پنھنجي حياتيءَ جو مرڪ ڀائيندي هئي هتي بہ ڪا شڪايت ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟ اوهان جو نئون اوڙو پاڙو اوهان جي اچڻ سان وڌيڪ پرسڪون ٿي ويو هوندو.
۽ اهو ائين ٿئي بہ ڇو نہ؟ سڄي حياتيءَ ۾ اوهان جي آواز جي گونج، عام حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۾ نہ آئي، ماسواءِ مائڪرو فون جي سامھون انھن گهڙين ۾، جڏهن اهو آواز للڪار جو روپ ڌاريندو هيو. عام زندگيءَ ۾ اوهان بيحد نوڙت، ٻاجهہ ۽ محبت سان گفتگو ڪندا هئا، پنھنجي نانءَ جو ڀرم رکڻ اوهان لاءِ سدائين اهم رهيو. جنھن ڏينھن کان اوهان امڙ جو روپ ڌاريو. لڳي ٿو تہ عورت جا ٻيا سڀ روپ اوهان کان وسري ويا. مٿان وري جڏهن هر ڪو اچار ”جيجي“ سان شروع ٿيڻ لڳو تہ وارن ۾ چانديءَ جي تارن جي ضرورت ئي نہ رهي. قدآور وڻ هڪدم گهاٽو ٿي ويو. هيو اوهان تہ بڙ جي ڇانو جيان سڪون ڏيندڙ بڻجي ويا.
ڪجهہ پوئتي موٽون ٿا جيجي.... اٽڪل ٽيھن سالن کان مٿي. پوئتي نھاريون ٿا. حيدرآباد جي ماڊل اسڪول ۾ اوهان پرائمري سيڪشن ۾ هئا. ستر جو ڏهاڪو هيو، توهان جي شھرتن جو عروج هيو ۽ سنڌي لاڏا، سھرا ۽ لوڪ گيت، زينت آپا، زينت النساءِ اُمينہ ۽ اوهان جي آوازن جو ويس اوڙهي، سينہ بہ سينہ منتقليءَ جا ڏاڪا لتاڙي رهيا هئا. اسين سيڪنڊري سيڪشن جا شاگرد جيڪي اڃا ڇھين ڪلاس ۾ مس داخل ٿيا هئاسين، اوهان کي حيرت سان ڏسندا هياسين، ايڏي مشھور شخصيت ۽ اسان جي اسڪول ۾ ٽيچر! تنھن زماني ۾ ڪو ايجوڪيشن هوندي هئي ڇوڪرا ڇوڪريون گڏ پڙهندا هئاسين، سونھن جي ان ڪارهنوار ۾، اسان ڪجهہ ڇوڪرن کي توهان سڀني کان حسين لڳندا هئا. توهان جو هلڻ، چلڻ بيھي ڳالھہ ڌيان سان ٻڌڻ، مسئلو حل ڪرڻ ۽ اڳتي وڌي وڃڻ، اسان کي ڄڻ تہ ازبر ياد هوندو هيو ”ٻچا...“ چئي شروع ٿيندڙ جملي جي ٻڌڻ جو لطف ئي پنھنجو هوندو هئو. ڌيان جو سفر پختو هجي تہ دعوا سان چئي سگهجي ٿو اسان جي سيڪشن جو ڪو بہ ڪم، اوهان سان لاڳاپيل نہ هوندو هيو. پر تہ بہ اسين اوهان وٽ ئي ايندا هئاسين. جيڪو سرور ان آواز ۾ ”ٻچا“... ٻڌڻ سان ملندو هيو... اهو شايد ڪنھن ٻئي ٽيچر وٽ نہ هيو.
۽ پوءِ زندگيءَ مٿاڇرا لتاڙيا تہ توهان سان گھرائپ وڌيڪ ٿي، اوچتو اهو دروازو بہ کلي ويو هيو تہ ادا عبدالرحمان مرحوم ۽ ادا خليل مرحوم سان اوهان جي ڀينرن جيان ويجهڙائپ هئي ۽ توهان گهر ۾ اچڻ وڃڻ شروع ڪيو هيو. خاص طور تي اهم موقعن تي اوهان جي موجودگي بنھہ ضرور سمجهي ويندي هئي. اوهان ڪنھن بہ سلسلي جي شروع ڪرڻ کان وٺي ان جي توڙ تائين نڀائڻ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ هئا. جيجي.... اسان تي جڏهن اداسين جا پاڇا گھرا ٿي ويا هئا تہ اوهان هر عذر خواهيءَ ۾، حوصلو ڏيڻ ۾ اسان جي همٿ وڌائڻ ۾ سدائين اڳ اڳرا رهيا. گهر جا ڀاتي، هڪ هڪ ٿي رخصت ٿيندا رهيا ۽ اوهان هر واري، پٺيءَ تي هٿ رکيل نظر آيا. پوءِ ڀلي توهان ٻاهر ڇو نہ ويل هجو. واپسي ٿئي تہ بہ ياد رهندو هيو تہ محمود، وٽ ضرور وڃڻو آهي.
توهان جي ذاتي ڪردار ۾ بہ عجيب وقار هوندو هيو، محفلن ۾، هزارن جي وچ ۾ اوهان يگانو انداز رکندڙ وجود هئيو. عام ڳائڻي وارو انداز اوهان ۾ نظر نہ ايندو هيو. پنھنجي ڪم سان ڪم رکندڙ، هڪ باوقار وجود، محفل ۾ پنھنجي واري جو منتظر هوندو هيو. براڊڪاسٽنگ جي حوالي سان اوهان ڏاڍو محتاط هوندا هئا. ياد اچي ٿو تہ جنھن بہ محفل جي ميزباني منھنجي حوالي هوندي هئي تہ توهان اهو واحد فنڪار هوندا هئو، جيڪي پڇي وٺندا هيئو تہ مون وٽ پرفارمنس لاءِ ڪيترو وقت آهي. ائين ڪڏهن بہ نہ ٿيو تہ توهان پنھنجي فارمنس کي اينگهايو هجي يا ڪنھن ٻئي فنڪار جو وقت ”کاڌو“ هجي. پنھنجي واري ۽ پنھنجي وقت جو اوهان هميشہ خيال رکيو. جيڪو فني سفر جي اٺاويھن سالن ۾، مون کي اوهان کان سواءِ ڪنھن ۾ بہ نظر نہ آيو آهي.
صداڪاري ۽ گلوڪاريءَ کان سواءِ، اداڪاري جي ميدان ۾ بہ اوهان ذري پرزي لاءِ پريشان رهندا هئا. مون کي ياد آهي، پنھنجي سيريل ”عشق آتش“ لاءِ ڪردار نگاريءَ جي هر رخ لاءِ، مون کي الاءِ ڪيترائي ڪلاڪ اوهان کي بريف ڪرڻو پيو هيو. اوهان عجيب عجيب سوال پڇيا هئا ۽ جيستائين مطمئن نہ ٿيا هئيو ايستائين هانہ ڪئي هيو. اها ٻي ڳالھہ آهي جو اوچتو لنڊن وڃڻ جي ڪري، اهو ڪردار عظميٰ گيلانيءَ کان ڪرايو ويو. پر اوهان جو هوم ورڪ، سوچ ۽ فڪر، ڄڻ ان ڪردار کي اوهان لاءِ ئي رکيو هيو. ڪالھوڪا نوجوان ”سپر اسٽار“ جيڪو ڪم اڌ ڪلاڪ ۾ ڪري سگهن ٿا، ان لاءِ اوهان الاءِ ڪيترا مھينا سوچ ڪئي هئي.
اوهان جو ملڻ ڪيترو نہ سٺو هوندو هيو، جيجي.... اها وسيع مرڪ، اهو نرم ڇھاءُ، اهو مڌ ڀريل لھجو.... سچي ٿو چوان، اياز تہ نالي ۾ اوهان جو پٽ آهي، اسان کي نہ ٿو لڳي تہ اوهان هن سان ڳالھائڻ ۾، يا اسان سان ڳالھائڻ ۾، ڪڏهن بہ ڪو بہ فرق رکيو هجي. سڀني ٻچن سان محبت اهو سلوڪ اوهان کي الاءِ ڪھڙي جاءِ تي ويھاري ويو آهي.
اوهان کي جيترا ڀيرا بہ انٽرويو ڪيم، ڪونہ ڪو نئون رخ ضرور هٿ آيو، انسانيت، محبت، جفاڪشي، محنت ۽ مستقل اعتبار اوهان جي حياتيءَ جا اصول هيا. جن تي اوهان ڪڏهن بہ ڪوبہ ڪمپرو مائيز ڪونہ ڪيو، ائين بہ ٿيو تہ ڪيترن موقعن تي لڙڪ اسان ٻنھي جي اکين مان بي اختيار نڪري آيا هوندا، پر تڏهن بہ اهو فخر ئي رهيو تہ ڪابہ ويساھہ گهاتي، ڪو ڌوڪو، دولاب، ڄاڻي واڻي ڪنھن جي بہ نصيب ۾ اوهان جي ڪري ڪونہ آيو هوندو.
اڄ موڪلائڻ جي هن سمئي ۾ امڙ، رڳو ائين ناهي تہ ماڻھو ڪو خوبين ئي خوبين جو مجموعو آهي، پر ڳالھہ اها آهي تہ جنھن جو نالو ئي جيجل هجي، ان ۾ ڪھڙو نقص نظر اچي سگهي ٿو، جنھن جي پيار کي ايتري طاقت هجي جو حياتيءَ جا زخم ڀري ڇڏي. جنھن جو پاڇو شفقت هجي ۽ نگاھہ مھر، ان ۾ ڇا غلط نظر ايندو. هڪ ماءُ، ليکڪا، شاعرہ، فنڪارا، سماجي ڪارڪن ۽ سرواڻ... زندگيءَ ۾ يقينن ڪنھن موڙ تي ڪي غلطيون بہ ڪيون هونديون پر جي دل تي هٿ رکي ڏسجي، تہ ڪنھن کي پنھنجي ماءُ پياري نہ هوندي آهي. اسان جي ٻاجهہ ڀريل جيجي بہ اسان لاءِ ائين ئي هئي ۽ آهي. 1426ھہ جي رمضان المبارڪ جي 21 هين ڏينھن، اسان جيجي کي سنڌ جي سرزمين جي حوالي ڪيو آهي. خوشبوءِ، خوشبوءِ کي ڀاڪر ۾ ڀريو آهي. محبتن جي وڻ جا ڏار ڪجهہ دير لاءِ چوڙيون ڀڃائي ويٺا آهن. پر يقين آهي تہ ڪٿي بہ، ڪڏهن بہ جڏهن ان آواز جي صدا گونجندي تہ انھن ڏارن تي اهي گئونچ موٽي ايندا.
اوهان کي، هڪ نئين سفر تي، هي نالائق ساگرد، اوهان جا ”ٻچا“ سلام عقيدت پيش ڪن ٿا، جيجي... ۽ يقين ڄاڻو، هاڻي شايد پنھنجي حياتين جي آخري گهڙين تائين کين ڪنھن کي بہ، جيجي چوڻ جو اهو ”ساءُ“ نصيب نہ ٿيندو، جيڪو توهان کي سڏڻ سان ملندو هيو. مولاءِ ڪل جل شانہ اوهان جي مرقد کي آسودو رکي. آمين.

ڇپيل: 27 آڪٽوبر 2005ع

هڪ لوڪل فنڪار جو وڇوڙو (يڪتاري پوٽو: چاڪر چانڊيو )

چاڪر چانڊئي بہ نيٺ راھہ عدم ورتي، انا للہ و انا اليہ راجعون.
فنون لطيفہ بہ عجيب جھان آهي. جنھن تي هن دنيا وانگر مھربان ٿئي، ان جي ”پنئون“ بہ ٻارنھن ٿي ويندي آهي ۽ جنھن کان نگاھہ ڦيري وٺي، ان جا مھربان بہ رسي ويندا آهن. عام حياتيءَ ۾ هڪڙو ئي راڳ ڳايو ويندو آهي تہ فلاڻو، دنيا جي چال سان ”برابر“ هلي نہ سگهيو، پوئتي رهجي ويو... ۽ ائين تہ ٿيڻو ئي هيو... کيس وقت کي سمجهڻ ۾ دير ٿي وئي. ماڻھو، بھرحال وقت کي سمجهي نہ سمجهي، آهي فنا جي رستي تي گامزن.... جن سمجهيو، سي بہ رخصت ٿي ويا ۽ جيڪي زماني کي نہ سمجهي سگهيا، سي بہ مقرر وقت تي موڪلائي رمندا ويا، هر عروج کي زوال آهي. رهندي بس ”هن“ جي ذات بالا صفات، جنھن کي ئي قائم و دائم رهڻو آهي. دنيا جي وفا ۽ بيوفائي ڳائي سگهجي ٿي.
وفا تہ ڪرڻ دنيا کي اچي ئي ڪونہ... ان جو هڪڙو ثبوت اڄ صبح جو ان مھل سيني ۾ ڪانُ بڻجي ويو، جنھن مھل، موسيقيءَ جي دنيا جي هڪ چڱي ”کاشي“ نالي مون ڏانھن نھاريندي پڇيو، ”چاڪر چانڊيو، ڇا ڳائيندو؟“...
۽ بي يقينيءَ کي سيني ۾ سمائي مون عرض ڪيو هيو، ”شادي مرادي ڳائيندو هو... ڪڏهن ڪڏهن مڙئي، ڪو چڱو پروگرام بہ ڪري وٺندو هيو...“
”مطلب.... لوڪل فنڪار هيو؟“ هن وري علم و فضل وکيريو ۽ مون هڪ تلخ مرڪ ڏئي، اقرار ۾ ڪنڌ لوڏي جند ڇڏائي... هن مھل عروج جي ساعتن کي سانڍڻ وارن کي ڪھڙي خبر تہ وقت ڪيترو جلدي ۽ ڪيئن مھربان ٿيندو آهي.
ستر جي ڏهاڪي ۾ هن جو آواز، جهر جهنگ ۾ باھہ ٻاري ويو هو. سندس آلاپ جا پکي مضبوط جسم جا مالڪ هئا. ڏورانھن ڏيھن تائين هن جي آواز ”پرڙا“ هنيا ۽ پنھنجو پاڻ تسليم ڪرايو. ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيندڙ سندس گيتن ۾ الڳ لب ولھجو شامل هيو ۽ ان انفرادي انداز کيس هڪدم مقبول ڪري ڇڏيو هيو.
چاڪر چانڊئي 11 جون 1929ع تي پنج مورو لڳ هڪ ڳوٺ چاڪر خان چانڊيو ۾ ئي جنم ورتو. هن خوبصورت ڳوٺ ۾ سندس والد مصري چانڊيو مزدوري ڪندو هيو، مصري چانڊئي کي قدرت ٻہ نياڻيون ۽ هڪ فرزند اولا جي صورت ۾ عطا ڪيا هئا ۽ سندس هن فرزند کي، فن موسيقيءَ جي ”چاڪري“ ڪرڻي هئي. والد جي مَنَ ۾ ٻيو هيو. هن پنھنجي پٽ چاڪر چانڊئي کي، ڪتابي علم حاصل ڪرڻ لاءِ ”باگي جي ڳوٺ“ ۾ ٺھيل اسڪول ۾ موڪليو، جتي استاد گلاب سنگهہ ۽ استاد پارو مل، چاڪر کي دل سان پڙهائڻ شروع ڪيو، پر غربت جي ڪري هو صرف ٽي درجا پڙهي سگهيو. هٿ مان ڦرهي ڇڏي، هن ٽيڪم ۽ گينتي کنيا، مزدوري شروع ڪئي ۽ حياتيءَ جي رنج و الم کي منھن ڏيڻ لڳو. زندگيءَ جي ابتدا تہ اسڪول کان ڪئي هئائين. ان ڪري اسڪول وارو زمانو کانئس وسريو نہ پئي، جتي هن مختلف ڏهاڙن تي، مختلف فنڪشنن ۾، هم ڪلاسين ۽ وڏن جي سامھون سُر وکيريا هئا. محنت مزدوري ڪندي بہ هن جو راڳ جو شوق نہ گهٽيو.... پنھنجي فَنَ ۾ پير ڄمائڻ لاءِ، هن محنت مزدوري ڪرڻ سان گڏ، ٽلٽيءَ جي هڪ معزز ۽ راڳ جي ڄاڻو شخصيت محترم گمبل شاھہ سائينءَ کان سڳو ٻڌرايو ۽ اها انھن جي دعا هئي، جو 1969ع ۾ مير بھرام خان جي جاگير تي هڪ فنڪشن ۾ مشھور براڊ ڪاسٽر، محترم ايم بي انصاري صاحب کيس ٻڌو ۽ ريڊئي تي اچڻ جي دعوت ڏني. 6 جون 1969ع تي سندس آڊيشن ٿيو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي فنڪارن جي لسٽ ۾ سندس نالو بہ شامل ٿي ويو.
سڀ کان پھريون اسم جيڪو چاڪر چانڊيو رڪارڊ ڪرايو، تنھن جا ٻول هئا ”ڪھڙو ڏوھہ ڏيان پنھنجي ڏيرن کي، لکئي پنڌڙو ڪرايو پيرن کي...“ بس.. اهو هڪڙو ڪلام ڇا رڪارڊ ٿيو، يڪتاري، چپڙيءَ ۽ هارمونيم جي ساٿ ۾، آوازن جي گونج جو رواج اُڀري پيو.... چاڪر چانڊيو هڪدم شھرتن جي عروج کي پھچي ويو هيو. هيءَ ان زماني جي ڳالھہ آهي، جڏهن جهر جهنگ ۾ ريڊئي جي شھنشاهي هئي. اتي اهم ترين ڳالھہ اها بہ آهي تہ چاڪر چانڊيو انھن اهم اوائلي فنڪارن مان هڪڙو هيو، جن ڪئسٽس جي دنيا آباد ڪئي. اها مساوي دنيا (Parallel world) جيڪا ريڊئي سان گڏ وجود ۾ آئي، پوءِ تہ گهڻو اڳتي نڪري وئي، پر بھرحال ان جي وجود ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششن ڪرڻ وارن مان چاڪر چانڊيو بہ هڪ اهم نانءُ آهي. اها ٻي ڳالھہ تہ جلال چانڊئي جي ”هاءِ رائيز“ ڪرڻ جي ڪري امام بخش زرداري، چاڪر چانڊيو، گلاب راءِ ۽ ڪجهہ ٻيا فنڪار، ڪجهہ پوئتي رهجي ويا هئا، پر بھرحال جيڪي راھہ ۾ آبياري ڪن، انھن کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي. دور جديد ۾، گليمر ۽ ڌن دولت سان سٿيل هي جھان اصل ۾ هنن ئي آباد ڪيو هيو.
عجيب سادو فنڪار هيو چاڪر سائين بہ... شرافت، حليمت، نياز ۽ نوڙت، سندس ذات ۾ سمايل هوندا هئا. تمام ادب سان، ملندڙن مان هڪ هيو، سامھون واري کي اها لکَ نہ پوندي هئي تہ ڪو ايڏو وڏو فنڪار ساڻس هم ڪلام آهي. پنھنجي عروج جي دور ۾ هو پھريون فنڪار هيو، جنھن هڪ خوبصورت ڊاٽسن پڪ اپ پنھنجي سفر لاءِ رکي هئي. چاڪر چانڊيو ڪٿي بہ پرفارم ڪرڻ وڃي، ڳانن، موڙن ۽ ڌاڳن سان سجايل اها پڪ اپ جنھن جي ٻنھي پاسن تي ”چاڪر چانڊيو فنڪار“ لکيل هوندو هيو، سندس ڄڻ ”ٽريڊ مارڪ“ هئي. تينس جي سپر اسٽار ”جمي ڪونرز“ وانگر، چاڪر چانڊيو بہ شاھہ خرچيءَ ۾ يقين رکندو هيو ۽ هڪ اسپر اسٽار وانگر پارفارم ڪندو هيو.
توڻي جو کيس ڪوبہ وڏو ايوارڊ، انعام اڪرام نہ مليو، توڻي جو هو ڪڏهن بہ ثقافت کاتي پاران ڪنھن پرڏيھي دوري جي لائق نہ سمجهيو ويو ۽ توڻي جو هو هڪ غريب ڪلاس مان اڀري اچڻ جي ڪري گهڻن کي ناپسند هيو، پر سندس وقت، دور ۽ اهميت ڪنھن کان بہ دٻجي نہ ٿا سگهجن.
هن جھان ۾، جتي هاڻي سيڪريٽري، اوهان سان لھہ وچڙ ۾ اچن ٿا، جتي باقائدي ”پبلڪ رليشنگ“ ڪئي وڃي ٿي، فوٽو سيشن ۽ دعوتون ٿين ٿيون ۽ جتي ”ڪجهہ ڏيو ڪجهہ وٺو“ جي بنياد تي ڳانو ٻڌجي ٿو، جنھن ۾ هڪڙو گيت ڳائيندڙ ۽ خالي هڪڙو سال ايوارڊ ماڻيندڙ، ”سپر اسٽار“ بڻجي وڃن ٿا. اتي چاڪر چانڊئي جھڙو فنڪار ”لوڪل فنڪار“ جي ليبل سان ئي سونھين ٿو. عام تعلقات جي شعبي جي کيس خبر ئي نہ هئي، هن تہ پنھنجي فن کي ئي ان لائق سمجهيو هيو، تڏهن تہ پوئتي هليو ويو.
چاڪر چانڊئي جي گمناميءَ ۾ اهم ڪردار، ان سائونڊ سسٽم جو بہ آهي، جنھن سندس آواز جي گونج کي قبول نہ ڪيو، دور جديد ۾، جيڪڏهن پويان هلندڙ ”ٽريڪ“ بيھجي وڃي تہ فنڪار يا فنڪارا جي آواز جا ڀري محفل ۾ ”وکا“ پڌرا ٿي ويندا آهن. سڄي ”قلعي“ لھي ويندي آهي، گهڻي ويھين سئو آهي، ان جي خبر پوڻ ۾ ڪا دير ڪانہ ٿي لڳي... هاڻي اتي، اصلي آواز وارو اصلي فنڪار ڪٿي هلي سگهي ها.
جيتوڻيڪ چاڪر چانڊيو ڪو ڪتابي عالم نہ هيو، پر وقت جي نبض تي سندس هٿ هيو، هن پاڻ جھڙن لاءِ ايندڙ موسمن جي ڪٿ ڪئي هئي ۽ آهستي آهستي پوئتي هٽي ويو هيو. اهو ئي اهم سبب هيو جو نوي واري ڏهاڪي ۾ هو ڄڻ بلڪل گمنام ٿي ويو هيو.
سندس گمناميءَ جو اهم ترين ثبوت سندس موت کان پوءِ ان خبر جو آهي، جيڪا مختلف وڏين اخبارن ۾ ڇپي آهي، ٽن هزارن کان مٿي آڊيو ڪئسٽ ۽ سنوين ريڊيو ريڪارڊنگس ۽ چاليھن سالن کان مٿي، فن جي دنيا جي خدمت ڪندڙ جي خبر، سنگل ڪالم ۾ اٺن ڏهن سٽن تي آهي. جتي، هڪ گيت ڳائڻ کان پوءِ شھرت ماڻيندڙ جي ”ذڪام جي“ خبر بہ هيڊ لائن ٿئي ٿي، اتي اسان جي سينئرن سان اهو سلوڪ ڪھڙي رخ ڏانھن اشارو پيو ڪري؟
پنھنجي ڳوٺ جي مٽيءَ ۾ هو آرامي آهي، جتي ڄائو، اتي ئي دفن ٿيو، جيڪي ڪيائين سو پارکوئن وٽ رهجي ويو. چاڪر چانڊئي جو قد بت جيڪو بہ هيو، اسان جي نئين نسل لاءِ هو لوڪل فنڪار ئي رهيو، اهو نئون نسل، جيڪو عالمي فنڪار تہ ٿي ويو آهي، پر لوڪل نہ ٿي سگهيو آهي.

(ڇپيل: خميس 03 نومبر 2005ع)

سڀ ٺيڪ آهي (شاگرد: قدير ڪنڌر ۽ سيد مجتبيٰ شاھہ)

تيز بارشن ۾ طويل فاصلن جو پنڌ، سندس محبوب ترين ”شغل“ هوندو هو.
ٻہ سال اڳ، ان ڏينھن جڏهن مڪڙا شاھہ جي لاهيءَ تان، سندس واپسي ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ ٿي هئي تہ بي اعبتار زندگيءَ جي نامھريءَ جون صدائون ڦاڙڻ لڳيون هيون، هو... جيڪو سدائين چست چالاڪ، همٿن سان پر، جوشيلو، ولولن سان سٿيل، ائين ڪيئن ڪاٺ جي دٻي ۾ ليٽي پيو هو. جنھن ۾ صرف هڪڙو فٽ ضربيان فٽ جو شيشو اها تصديق ڪرڻ لاءِ فڪس ٿيل هو تہ ”هائو.... هي قدير ئي اٿو.... ٿڌ ۾ ماريل، هڪ اڀي ماٿريءَ ۾، هڪ وڻ جي هيٺان. پنھنجي مخصوص مرڪ سان اجل جو انتظار ڪندڙ..“ جنھن جي جسم جي هر حصي کي ازل کائي ويو هو، پر ان فٽ ضربيان فٽ شيشي جي ٽڪر مان سندس مک جي مرڪ نہ کسي سگهيو هو.
ڪاٺ جي ان پيتيءَ سان گڏ ”ڪاٺ ٿيل“ کاتي جو هڪ عملدار بہ ڪنڌ هيٺ ڪيون آيو هو. جنھن الاءِ ڇو اهو مخصوص جملو ڳالھايو پئي تہ ”تڏي تي لڙي اچجي تہ خون بہ معاف ٿي ويندا آهن.“ ڪاٺ کاتي جي ان عملدار کي پنھنجي کاتي تي لڄ پئي آئي، پر اها لڄ بہ بلڪل ائين ئي هئي، جيئن ڪاٺ تي پاڻي پوندو آهي... هر ڪاٺ جي پاڻيءَ کي ”موٽ“ عجيب هوندي آهي. ڪجهہ ڳري سڙي ويندا آهن. ڪن ۾ برداشت ڪرڻ جي همٿ هوندي آهي... بھرحال، سون سڃاڻڻ شايد سولو هجي، ڪاٺ بابت ڪجهہ چوڻ لاءِ ”جنم“ گهرجن ٿا. اها خبر تہ ڪاٺ کاتي وارن کي بہ آهي. اسان جي ڳرين وکن سان گڏ ڪلھو ڏيڻ جي سفر ۾ هو بہ هليو هو، ۽ کيس بہ اها تہ خبر پئجي ئي وئي هئي تہ بھار رتن ۾ پٽن جي لاشن کي دفنائڻ ڪيئن هوندو آهي.
ان کان اڳ جو قصو بہ عجيب هو... ٽريني فاريسٽ آفيسرن جي ان جٿي کي گم ٿئي ”خطرناڪ“ مدت گذري چڪي هئي، موسم نامھربان هئي ۽ سخت آزمائش تي لٿل هئي. جڏهن هننن جي غير حاضريءَ تي رڙ واڪو مچايو ويو تہ هڪڙي بالا عملدار، بي حد اطمينان سان اهو جواب ڏئي ڇيو هو تہ ”سڀ ٺيڪ آهي... هر ڪو پنھنجي ماڳ تي پھتل آهي ۽ سڀ ڪجهہ رنگن سان سٿيل آهي...“ هر ٻڌندڙ وانگر اسان بہ اها ساڳي ڪيسٽ ٻڌي. پيرن کي لڏي آنند وٺون ها. عزيزان من... جو اتفاق سان انھن گم ٿيندڙن ۾ هڪ با اثر خاندان جو نوجوان بہ شامل هو. جنھن جي ڪري ڦڙڦوٽ مچي وئي. اک ٻوٽ ۽ ڪن لاٽار ڪندڙن تي جڏهن دٻاءُ پيو تہ سڀ سچيون ٿيون. دوربينيءَ سان، کاهيءَ ۾ ويٺل، وڻ جي هيٺان اجل جي راھہ ورتل قدير ۽ کانئس ٿورو پر ڀرو سيد مجتبيٰ شاھہ جا مڙھہ نظر آيا. اهو الميو ورجايو ويو تہ اتي پھچڻ محال آهي. موسم جي سختي آهي، ڌنڌ گهرو آهي، پر مٽيءَ جو پنوڙو جتان کنيل هجي اتي موٽي تہ اچڻو آهي نہ. هڪ طويل انتظار کان پوءِ، خاڪ وڃي آسودءِ خاڪ ٿي. بھانا ڪھڙا بہ هجن. شاھہ ۽ ڪنڌر پنھنجن ”ڪونڌرن“ کي مٽيءَ حوالي ئي ڪري آيا. ڌنڌ رڳو مڪڙا شاھہ تي نہ هو سائين. ڌنڌ اساني جي حرڪتن تي پيل آهي. غفلتن جي هڪ گهري چادر آهي. جنھن هيٺ اسين ليٽيل آهيون ۽ پنھنجي اجل کان غافل آهيون. وڏا ڀاشڻ وڏيون تقريرون ڪرڻ تہ اسان جي ڏائي هٿ جو ڪم آهي. انھن جي عمل ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪوبہ هٿ ڪونھي. ڀلا جي سچ ڳالھائجي تہ ڪھڙي قيامت ايندي؟.... پيٽ ۾ رکيل ڪئنچيءَ واري شھزاديءَ جو انت نيٺ بہ موت هو. اهو اندازو صحت کاتي سان لاڳاپيل هر ذي شعور ڪري سگهيو، پر ان موت جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ بغير ڄاڻن جي لاڳاپيل محڪمي جي وزير، سندس حياتيءَ ۾ ئي موت تي اظھار افسوس ڪري ڇڏيو. بلڪل ائين ئي جيئن شوگران ۾، ٻارڙا موٽيا بہ ڪونہ هئا ۽ اهو چيو ويو تہ سڀ ٺيڪ آهي هر ڪو پنھنجي پنھنجي جاءِ تي آهي ۽ محفوظ آهي.
ائين ڇو ڪندا آهيون اسين قبلا؟ اها ڪھڙي قوت آهي جيڪا اسان کان ڪوڙ تي ڪوڙ ٿي ڳالھرائي ۽ اسين مسلسل ان زعم ۾ آهيون تہ اهو ڦٻي ويندو.... هڪڙو ڀيرو ماڻھو هن دنيا ۾ اچي ٿو. وڃڻ کان پوءِ سندس موٽ ناممڪنات ۾ شامل آهي اسان کي خبر آهي تہ اهو سڀ ٿي ويو آهي. وڃڻ وارو وڃي چڪو آهي، پوءِ بہ ائين لاغرض نموني سان جند ڇڏائڻ ۾ ڪھڙي ”ڪارڪردگي“ ڪار فرما آهي. روئندڙ اکين، ورتل سينن ۽ ڦٿڪندڙ وجودن جي ڪابہ چرپر اسان کي سمجهہ ۾ نٿي اچي ڇا؟....ڇا اسان جي گهرن مان لاش ڪونہ ٿا نڪرن؟ پنھنجي سيني تي هٿ هڻڻ ختم ٿي ويو آهي ڇا؟
قدير.... منھنجي شاگردن مان هو، هن انگريزيءَ جا ڪجهہ ڪلاس مون کان ورتا هئا ۽ قادر ڪنڌر جي ننڍي ڀاءُ جي حيثيت سان. هو سدائين ڪنھن منڌل مسئلي لاءِ مون وٽ ايندو هو. اها بہ وقت جي مھر آهي تہ سندن امڙ، مون لاءِ ماءُ جو درجو رکي ٿي ۽ سندس پيرن تي هٿن جي سعادت مون بہ ماڻي آهي. قادر، مان ۽ نياز سالن جا سال گڏ رهيا آهيون. اهو زمانو اهو آهي جنھن ۾ قدير جي وجود تي ”مڇن جي ساوڪ“ شروع ٿي آهي... مالي حالتن جي پس منظر کي ڏسي هو مختلف شعبن ۾ ڀڄ ڊڪ ڪندو هو. ٽيوشنون، ايڪسٽرا ڪلاس، هن کي پڙهائڻ هن جو ڪو ڪم ڪرڻ. شاگردن جا وفد تيار ڪرڻ، ڪوچنگ ڪرڻ... تمام ننڍڙيءَ عمر ۾ هو الاءِ ڇا ڇا ڪندو رهيو. هڪ مسڪين والد جي ان فرض شناس پٽ، ننڍڙيءَ ڄمار ۾ ئي ذميواري جي ڀري پنھنجن ڪلھن تي کڻي ورتي هئي. قادر ان زماني ۾ مھراڻ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو. نياز نديم، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هوندو هو ۽ قدير سڀني کان ننڍو. اسڪول ۽ ڪاليج لتاڙي آيو هو. سڀني کان ننڍو هوندي بہ هن ۾ ڪا اهڙي ڳالھہ هوندي هئي، جنھن ۾ هو وڏو لڳندو هو. منھنجي ذاتي خيال ۾، مانائتا مھربانو... سندس ذميواريءَ جي احساس ئي کيس هڪدم وڏو بنائي ڇڏيو هو. هو هر ڪم پنھنجي ڪمال احساس سان ڪندو هو ۽ شايد اهائي ڳالھہ هئي جو ننڍو هوندي بہ اسان سا ن برمئچي ويو هو. مون کي ڪڏهن ڪڏهن سندس سوال عجيب لڳندا هئا. هڪ اڻ تڻ هئي سندس اندر ۾ ڪا بيچيني هر وقت رقص ڪندي هئي. هو الاءِ ڪيتريون ڳالھيون ڄاڻڻ چاهيندو هو جن جا جواب مون وٽ نہ هوندا هئا. شايد کيس ڪٿي ڪو کٽڪو هو تہ وٽس وقت گهٽ آهي.
ماڻھو هليو ويندو آهي تہ اهڙيون ڳالھيون ڪيون وينديون آهن.... هو هيئن هو، هونئن هو... هي خوبي هئي مرحوم ۾، هو ڪمال هو منجهس... پر اتي اهو بہ نہ وسارڻ گهرجي تہ مئي تي ڪوڙ نہ ڳالھائبو آهي. قدير، واقعي قدرت واري پاران عجيب ذهانتن سان خلقيو ويو هو، اهڙيون ذهانتون جيڪي کيس پنھنجي هم عمرن ۾ مٿانھين جاءِ تي بيھارينديون هيون.
بھرحال ٻہ سال ٿي ويا آهن پنھنجي گهر جي ڏيڍي لتاڙي کيس سوا ٻہ سال ٿيا. آخري ڀيرو هو ٻين جي ڪلھن تي آيو هو. انھن ٻن سالن ۾، پنج هزار روپئي جي نوٽن جي هڪ دستي ۽ هڪ نوڪريءَ جو ”هما“ هن خاندان تي جوهلندو رهيو آهي. غفلتن جي اونداھہ ۾ اهي واعدا بہ ازل ابد جيان گم ٿي ويندا ۽ هونئن بہ ڪا نوڪري يا ڪي لک روپيا، ماڻھوءَ کي موٽائي نٿا سگهن. موت مڪڙا شاھہ تي هجي يا پنھنجي گهر جي بستري تي اچڻو سڀني کي آهي. پر اها ڳالھہ الاءِ ڇو اسان سڀني کان وسري ويندي آهي. ڪنھن ڏاهي چيو آهي تہ ”موت جوانن کي ڳوليندو آهي ۽ پوڙها موت جي ڳولا ۾ هوندا آهن.“
جيڪي اختيار جا ڌڻي آهن، انھن کي اهو ياد رکڻ وڌيڪ ضروري آهي. ڇاڪاڻ تہ جيڪا پڇا انھن کان ٿيندي. اهڙي بي اختيارن کان ڪٿان ٿيندي، تيز بارشن ۾ ڀڄڻ جو عاشق عبدالقدير ڪنڌر.... تيز ڪوهيڙي ۽ سرد بارشن ۾، وڻ هيٺ. پنھنجي الوداعي گهڙين لاءِ منتظر رهيو. پنھنجو ٿرماس پنھنجني ڪڇر ۾ رکي، ٽنگون سڌيون ڪيون. هو وڻ کي ٽيڪ لڳايو ويٺو هو. الوداعي لمحن ۾ سندس نگاهن اهي سڀ منظر جهٽيا هوندا جنھن ۾ شيون بليڪ اينڊ وائيٽ ٿينديون آهن. پنھنجي عام حياتيءَ ۾ هو سدائين چوندو هو: ”سڀ ٺيڪ آهي....“ ڇاڪاڻ تہ هو ڪڏهن مايوس نہ ٿيڻ چاهيندو هو. هاڻي دل چوي ٿي تہ لکجي ”قدير... تو وٽ ان جملي جو مطلب ڪجهہ بہ هجي...تنھنجي صاحبن اسان کي ان جو مطلب ڪجهہ ٻيو سمجهايو آهي يار.... تون ڪو نہ آهين تہ ٻچا... هتي ڪجهہ بہ ٺيڪ ناهي...“
مولاءِ ڪل جل شانہ سندن مغفرت فرمائي ۽ بھترين جاءِ عنايت ڪري. آمين.

ڇپيل: جمع 14 جولاءِ 2006ع

ادا جمالي بہ الوداع چئي ويو (براڊڪاسٽر: امام الدين جمالي)

پنجين آگسٽ 2006ع تي سندن رٽائرمينٽ جي تاريخ طئي ٿيل هئي ۽ ان ڏينھن تي، اسين سندس دوست، سندس رفيق مرحوم امام الدين جماليءَ جي ٽيجهي تي ويٺا هئاسين.
اسين ڪير هئاسين، اهي ئي ماتم ڪدي جا ڄاتل چھرہ، پنھنجي سينئر براڊ ڪاسٽر، ڊيوٽي آفيسر، انائونسر ۽ محسن جا ساٿي،ان امام الدين جماليءَ جا جونيئر ۽ پوءِ همعصر، جيڪو هر روز صبحِ مھراڻ جي ابتدا ۾ پنھنجي آواز جي رس اوتي، اسان جي حواليمائڪ ڪندو هو. جيتوڻيڪ ٽرانسميشن جي حوالي سان، صبح ساجهر کان منجهند جي يارهين وڳي تائين مائڪرو فون سندس جي نسبتسان هوندو هو، پر بھرحال وچ ۾ اسان جھڙا آواز بہ اچي ويندا هئا، جن جي جسمن سان هو ڀاڪر ۽ ڳراٽڙيون پائي ملندو هو. قربڏئي، عزتون ۽ مان ڏئي مائڪ حوالي ڪندو هو. پنجاھہ منٽن کان پوءِ جڏهن ٻاهر نڪرڻ ٿيندو هو تہ بہ ڊيوٽي روم جي دريءَ مانسندس مخصوص مرڪ ۽ هٿ جو لوڏو، اکين ۾ تصوير ڇڏي ويندو هو. محبتن جي اها ونڊ ورڇ هر ڏينھن جي ساٿي ۾ هڪ جيتري ۽هڪ جھڙي ئي ٿيندي هئي. امام الدين جمالي، ڄڻ محبتن جو سرواڻ هو، کيس عشق جي سرواڻيءَ جو راز معلوم هيو ۽ شايد اهو ئيسبب هو جو اسين سڀ اتي هئاسين. زيب سنڌي، جبران زيب، زيب جو ننڍو پٽڙو، امين ارباب، علي عمران سمون، گل ڪونڌر، اديسلميٰ گلزار، ڀيڻ شميم ٻانڀڻ، يعني صبح مھراڻ جو تقريبن سمورو آواز جو عملو اتي هو. مٿان وري پروڊيوسرن ۽ علي اڪبرهنگورجو، گلزار ملاح ۽ سائين علي نواز خاصخيلي صاحب هئا. جيڪي اسان جا پروگرامز مئنيجر پڻ آهن. رسيپشن تي ويھندڙ اڪبربلوچ بہ هو تہ سيڪيورٽي انچارج عبدالعزيز صاحب بہ. صداڪار محمد بخش دائودپوٽو بہ هو تہ اسٽوڊيو ڪمشنر شاهنواز بہ...۽انائونسرن مان وري ثناءُﷲ وسطڙو هئا. هاڻي وڻ وڻ جي ڪاٺي تہ موجود هئي، پر هيڏي عظيم اداري کي پنھنجي حياتيءَ جا پنجٽيھہسال ارپيندڙ، هڪ معتبر آواز کي خراج عقيدت ڏيڻ لاءِ صرف اهي سورنھن ماڻھو هئا. شايد ٻين وٽ مصروفيت جو ٻيو ڪوجواز هو۽ جواز تہ اسان جي انھن سرموڙ صحافين وٽ بہ الائي ڪھڙو هو، جو مڃتا جي ميدان جي هن اهم وجود جي وفات جي خبر، سنگلڪالم ۾ بہ نہ اچي سگهي هئي. جتي هر ٽڻي ٽامڻيءَ جي 80 ساله ڪنھن ڏاڏي ناني جي وفات تي ٻہ ڪالم لڳن ٿا. اتي شايد، هن خبر جيڏيڻ جي ڪا ضرورت ئي ڪا نہ هئي. هونئن بہ اخبار وارا ڀلا اهي خبرون ڇو ڏين، جڏهن پنھنجو ادارو ئي اطمينان سان، سرد مھريءَجي چادر ڍڪيو ستو پيو آهي. جيڪڏهن پرائو اُس ۾ ماري سگهي ٿو تہ پنھنجي وري ڇانوَ ۾ نہ مارڻ جو ڪو قسم کنيو آهي ڇا؟
ڪيڏانھن وڃون صاحبانِ زمانہ....ويندڙن جي لسٽ ڊگهي ٿيندي وڃي ۽ انسانيت، محبت، اخلاق ۽ قدر اسان جي هٿن ماننڪرندا پيا ٿا وڃن. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪھڙو اهڙو وجود آهي، جنھن کي ان نالي جي ڄاڻ نہ هجي. اهڙو ڪھڙو ڪو صحافيآهي جيڪو نشريات سان سلھاڙيل هجي ۽ جمالي صاحب کي نہ سڃاڻيندو هجي. هتي جا تہ در و ديوار سندس سڪ ۽ قرب جا ڍُڪڀريندا هوندا، هتان جي ڀتين کان بہ اسين ويا آهيون ڇا....؟
ڪمال ماڻھو هو....آواز جي سونھن کان وڌيڪ سندس دل جي سونھن نظر ايندي هئي. چانڊوڪيءَ جي لھرن تي عڪسجيان، سندس آواز جو ميٺاڄ غضب جو هوندو هو. امام الدين جمالي انھن صاحبِ فن وجودن مان هڪ هو جن جو ”شين قاف“ ۽لھجي ۽ ادائگي جي زير و زبر ڪمال درجي جي هوندي هئي. سندس ڳرو، پر شفيق آواز ريڊئي جي سڃاڻپ جو هڪ الڳ انگ هيو.ساندھہ ايترا سال کيس مسلسل ٻڌڻ کان پوءِ بہ اسان جون سماعتون جيڪڏهن اڻڄاڻائيءَ جو اهڙو سلوڪ ڪن تہ دنيا الاءِ ڪھڙي ڪُنڊ ۾ليٽڻ واري آهي صاحبو...
سندس طويل ڪئريئر ۾ ڪڏهن بہ ريڊئي جي ڪنھن بہ عملدار، صداڪار، فنڪار سان ادا جماليءَ ڪڏهن بہ ٻاڙو ڪو نہ ٻوليو.اهي سڀ جيڪي، مائڪرو فون تي خوبصورت ۽ پڪو ڳالھائين ٿا ۽ مائڪرو فون آف ٿيندي ئي جڏهن اهو لھجو بدصورت ٿئي ٿو ۽ ڪچيگفتگو شروع ڪري ٿو، سي چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا تہ ”آف دي مائڪ“ بہ جمالي جي گفتگو پڪي هوندي هئي. کيس ڪچو ڳالھائڻ قطعيڪو نہ ايندو هو، نہ هن کي”لُچر“ قسم جا لطيفا ايندا هئا ۽ نہ ئي وري هو اجايو ڪنھن جا ڪلھا دٻائي وڏا وڏا ٽھڪ آڇيندو هو.
گذريل سال اسان جو نائب قاصد صديق چاچا گذاري ويو هو. ادا جمالي ڳالھہ ڳالھہ تي چوي، ”ادا محمود...باقي ٻہ مھينابچيا هئس رٽائرمينٽ ۾...اڳ ۾ ئي موڪلائي ويو. ڇا ٿئيس ها، جي پھرين رٽائرمينٽ وٺي ها...يا ڇا ٿئي ها، يا کيس ٻن مھينن جيزندگي ملي پوي ها. هڪ سال جي اندر، پاڻ موڪلائيندڙ کي اهو احساس نہ هو تہ صديق چاچا کي تہ ٻہ مھينا هئا، پاڻ تہ ان تاريخکان ٻہ ڏينھن پھرين موڪلائيندو. تنھن زماني ۾ ”خواب نگر“ مسلسل شايع ٿيندو هو. هڪڙو عالم، اهڙي حالت لاءِ بہ لکڻ لاءِ سوچ ڪئيوئي، جڏهن ماڻھو سروس ۾ گذاري وڃي ٿو ۽ حالات جي دري بند ٿيڻ شروع ٿئي ٿي. ان سڄي عمل لاءِ هن مون کي همٿايو هو. ڪالماڌ لکجي بہ ويو هو، پر الاءِ ڇو، اهو سڀ ايئن نہ ٿي سگهيو هو. شايد اهو سڀ هاڻي ٿيڻو هو.
اوهان اربابِ اختيار آهيو، صاحبان زمانہ...مولاءِ ڪل جل شانہ اوهان جي واڳن ۾ طاقت رکي آهي. ڇا اوهان اهڙو ڪوقانون واضح نہ ٿا ڪري سگهو، جنھن سان حاضر سروس وفات ڪندڙ جي خاندان جو ڪو سھارو ٿي پوي. مڃجي ٿو تہ ڪن ادارن ۾اولاد کي نوڪري بہ ڏني وڃي ٿي پر سڀئي تہ اولاد وند بہ ناهن نہ....۽ ڪٿي ڪٿي اهو بہ تہ ٿئي ٿو تہ اولاد ماڳهين ايترو ننڍو آهي جونوڪري بہ نہ ٿو ڪري سگهي. هاڻي جي اهو وجود موڪلائي ٿو تہ ماڻھو تہ ويو، مٿان وري واجبات بہ تقريبن اڌ و اڌ ملن. جيئرورٽائرڊ ٿيندڙ ٻارنھن لک کڻندو تہ نوڪري جي فوتيءَ کي ست اٺ لک مس ملندا. اهو ڇا جو ڪارنامو آهي. اها ڪھڙي مڃتا آهي؟ ڇا،اهو سڀ اوهان نہ ٿا مٽائي سگهو سائين....؟ ڇا، ايئن ٿي نہ ٿو سگهي تہ نوڪري دوران وفات ڪندڙ جي خاندان کي بہ ساڳيو ئي فائدوملي؟ رسمون ۽ نقطا بدلائي سگهبا آهن، اهي سھوليتن کي سامھون رکندا آهن. ڇا اسين، روئندڙ نيڻن، ٻرندڙ سينن ۽ لرزندڙ هٿن لاءِڪجهہ بہ نہ ٿا ڪري سگهون؟ صديق چاچا لاءِ سوچيل اهو سڄو ”گمان“ ادا جماليءَ جي مرتئي تي ٻاهر نڪتو آهي. سڄي عمر ٻين لاءِمحبتون ورهائيندڙن پاران، قلم جي سيني مان ڪڍيل هن پيغام جو ثواب بہ يقينن کيس ئي ملڻ گهرجي. جيڪڏهن اهو سڀ ايئن ٿي وڃيتہ الاءِ ڪيترا روح شاد ٿيندا. ٿي سگهي ٿو انھن مان اسان ۽ اوهان بہ هڪ هجون. ادا جمالي، اسان سڀني کان سينئر هو. اسين سڀ کيسادا جمالي سڏيندا هئاسين. ڪجهہ ميزبان شايد کيس رڳو ”جمالي“ بہ سڏيندا هجن، پر ڇاڪاڻ تہ پاڻ ”ادا“ ڪري مخاطب ٿيندو هو، انڪري ورندي ۾ بہ کيس ادا ئي پلئہ پوندو هو، سو لامحاله جمالي صاحب، ادا جمالي ئي ٿي ويندو هو.
جن کي مائڪرو فون جي سُڌ آهي، انھن کي اندازو آهي تہ هنن هڪ اهم آواز کان موڪلايو آهي. ريڊئي جا سرڪاري عملداربي حس آهن ۽ عذرخواهيءَ لاءِ وقت نہ ٿا ڪڍي سگهن. جيڪڏهن هنن وٽ اهڙي خال جي پورائي لاءِ ڪي برگر آواز موجود آهن تہ اهاسندن ڀل آهي، ڇاڪاڻ تہ دل جي حضور سان، انصاف جي مسند تي ويھي، هر ڪنھن کي خبر پئي ٿي تہ گهڻي ويھين سئو آهي ۽ ڪيترونقصان ٿي چڪو آهي. هنن سماعتن ۾ هو بکر جمالي ۾ ڪنھن گهاٽي وڻ جي ڇانوَ هيٺ آسوده خاڪ ٿي چڪو آهي. اهو مشڪبار چھروهاڻي نظر نہ ايندو، اهو ڀاڪر، هاڻي گرميءَ جي منتقلي ڪو نہ ڪندو. اها طويل انداز واري لکت هاڻي ڪو بہ لاگ بڪ نہ ڀريندي ۽ اهومائڪرو فون آواز جي ان خوبصورت صدا کي هاڻي ڀاڪر ۾ ڀري نہ سگهندو، جنھن لاءِ براڊڪاسٽنگ جو معيار استعمال ٿئي ٿو. دنياازحد ظالم آهي، سڄو ڪاروهنوار هلندو رهندو. ايئن ٿورئي آهي تہ ڪجهہ رُڪجي ويو آهي. اهي ئي نشريات جا گهٽ هوندا ۽ اسان جونلوهون هونديون. هاڻي ان ڪرسي تي ڪو ٻيو ويھندو، جيڪا ڊيوٽي روم ۾ رکيل آهي. هونئن بہ ادا جماليءَ جي رٽائرمينٽ کان پوءِ بہ تهڪو ٻيو اتي اچي ويھي ها نہ. پر ان تبديليءَ ۽ هن حادثي ۾ ڏينھن رات جو فرق آهي. ٻيو ڪو ڄاڻي نہ ڄاڻي، اسين سڀ ميزبان، جيڪيسندس فاتحه تي شريڪ هئاسين. اهو يقين سان ڄاڻون ٿا، تہ ريڊيو اسٽيشن تي صبح جي مھل، ڊيوٽي آفيسر جي ڪرسي ڀلي اتي ئيھجي، اسان جي محبت جي ڪرسي، ادا جمالي پاڻ سان کڻي ويو آهي. خداءِ بزرگ و برتر، سندس مرقد کي ڪشادو ڪري ۽ سندسدرجات بلند ڪري. آمين. هو ڌڻيءَ ڏي وڃي چڪو آهي ۽ بي شڪ اسان سڀني کي بہ اوڏانھن ئي هلڻو آهي.

ڇپيل: 06 آگسٽ 2006ع

پدم بسم ﷲ خان (شرناءِ نواز: استاد بسم ﷲ خان)

شرناءِ ماٺ ٿي وئي آهي، مختلف سوراخن مان نڪرندڙ سر، هاڻي ساھہ جي انھن لھرن کي محسوس نہ ڪري سگهندا جيڪي هڪ خوبصورت شرارتي اکين واري ”ڪراڙي“ جي وات مان نڪرنديون هيون، اها ڦوڪ جيڪا ساھہ نپوڙڻ جو فن ڄاڻندي هئي، هاڻي مڻين مٽيءَ جي هيٺان دٻجي چڪي آهي. اهي نرم آڱريون ساڪت آهن. مرڪ ۽ مينڊ کان پوءِ ڪنھن خوبصورت استعاري جي استعمال کان پوءِ، پنھنجي حق يعني ”ساراھہ“ طلب ڪرڻ لاءِ اٿندڙ نيڻ، هاڻي سادائين لاءِ ٻوٽجي ويا آهن. شرناءِ پنھنجي ”باڪس“ ۾ بند ٿي وئي، ڇاڪاڻ تہ بـسم ﷲ خان رخصت ٿي چڪو آهي. ذري گهٽ صديءَ جو ساٿ هڪ لحظي ۾ ڇڄي ويو. انا لله وانا اليہ راجعون. هن جو جنم 21 مارچ 2916ع تي ٿيو. ۽ ڪالھہ 21 اگسٽ تي 91ع ورهين جي ڄمار ۾ هو اسان کان موڪلائي ويو.
سچي دنيا جي چئنلز تي خراج تحسين جاري آهي، انگريزي زبان ۾ ڪتب ايندڙ لفظ ”Maestro“ هر جاءِ تي لکجي ٿو اچي. ”شرناءِ جو ڏاهو“ ”گرو“ ”شرناءِ پان“ جا لفظ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ملي رهيا آهن ۽ يقينن انھن ۾ ڪٿي بہ ڪابہ کوٽ ناهي. بـسم ﷲ خان جو ٻيو نالو شرناءِ ئي تہ هو.
قديم بنارس ۾ گنگار جي ڪناري آباد، ان خوبوصورت حاويليءَ ۾ جتي هن اٺ ڏهاڳا اڳ ۾ جنم ورتو هو، راڳداريءَ جو هڪ مڪمل جھان آباد هو. ٻين ڪلاسيڪل انگن سان گڏ، سازن جي سونھن بہ ان مڪان کي آباد رکندي هئي. بـسم ﷲ خان جو مامو، راجائن مھاراجائن جي درٻار ۾ شرنايو هو، گهر ۾ رياض ڪندو هو تہ ننڍڙي خان جي نگاھہ تہ سندس ساز تي اٽڪي پوندي هئي.
”تمام ننڍي ڄمار ۾ مون شرناءِ کنيئن هئي، هڪ واري هن بي بي سيءَ کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ”مامو راجا جي درٻار ۾ وڄائيندو هو. مون جو شرناءِ کي ڦوڪ ڏني تہ سندس کي اها ڦوڪ وڻي وئي. چيائين، اهو ڪم ڏکيو آهي، جي هڪ ڀيرو هٿ وجهين تہ پوءِ مڙس ماڻھو ٿي وجهہ. ڇاڪاڻ تہ ساندھہ ساٿ نڀائڻ ڪو مذاق ڪونھي. بس پوءِ مون بہ سڄي عمر لاءِ ان ساٿ کي نڀائڻ جو فيصلوڪيو ۽ اڃا تائين تہ نڀايان پيو.“
قديم بنارس کان هاڻوڪي ورناسيءَ تائين، بـسم ﷲ خان ان شھر جو ڄڻ تہ ”لوگو“ (LOGO) رهيو آهي. وچ بازار مان ٽانگي يا رڪشا تي لنگهي ويندڙ اهو ڪراڙو، جنھن کي دنيا جي الائي ڪيترين يونيورسٽين اعزازي ڊاڪٽريٽ ڏني، بيحد سادو ۽ سٻاجهو وجود هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن تہ هو ٽانگي مان لھي، يارن دسوتن سان دوڪان جي ٿلھن تي ويھي ”لسي“ ۽ چانھہ پيئندو هو. بسڪوٽ چانھن ۾ ٻوڙي کائيندو هو ۽ کلندي کلندي پنھنجي تڙيءَ جي معرفت سرن جي اظھار جي فرمائش پوري ڪندو هو. انھن سماعتن ۾ کيس شرناءِ وڄائڻ هڪ گهٽ عمل لڳندي هئي، تنھنڪري هو ڳائي، ماڻھن لاءِ سرخوشيءَ جو بندوبست ڪندو هو. بنارس جي ماڻن لاءِ مھرم جي ڏهين تاريخ بہ الگ رنگ کڻي ايندي هئي جو ان ڏينھن مرڪزي جلوس جي قيادت ڪندڙ خان خاص طور تي اڇي پتل جي ٺاهيل شرناءِ کڻي، زارو قطار روئندي وڄائيندي سرواڻي ڪندو هو. مرڪزي امام بارگاھہ ۾ پھچي هو وڏي انڱڻ جي پھرين در تي ويھي رهندو هو ۽ سندس ڳوڙها ۽ سر هڪ ٿي ويندا هئا. مٿان وسندڙ سڪن جي بارش ۾ پتل جو ڪوبہ کڙڪو سندس ڌيان نہ ڇڪائيندو هو. بـسم ﷲ خان بس شرناءِ جي ڳوڙهن جي کڙڪن کي ڄاڻندو هو.
هن ڪمال ”شرنائي“ جي فن جي تعريف ڇا ڪجي؟ جيڪي سرن جي گرفت سمجهن ٿا. جن کي اندازو آهي تہ آواز جون ڪنڊون پاسا ڇا ٿيندا آهن. اهي ئي سمجهي سگهن ٿا تہ خان صاحب ڪھڙي حساب سان شرناءِ جي پورن مان آواز جي اڇل ڪندو هو. هن الاءِ ڪيتريون جدتون ان ساز ۾ آنديون. الائي ڪيترا لھجہ روشناس ڪرايا. اهو احسان هاڻي شرناءِ ڪٿان لاهي سگهندي. اڄ جي دور جديد ۾ ان قديم ساز جي ڪا حيثيت آهي تہ يقينن ان ۾ بـسم ﷲ خان جي هڪ وڏي شراڪت آهي. ”هو ڪمال فنڪار آهي.“ ٽائيم رسالي لکيو ”هن جي لئہ ڪاري ڏاڍي پختي آهي. مشرقي سرن کي جنھن صفائيءَ سان بـسم ﷲ خان ڇھي ٿو، اهو سندس ئي ڪمال آهي.“ مٿان وري ٽائمز آف انڊيا لکيو ”هو بي انتھا سادو فنڪار آهي. هن دور ۾ جتي سندس همعصر جيٽ پلينز ۽ ڪانڪارڊ کان سواءِ ڪو جھاز پسند نٿا ڪن. هو محفلن ۾ سائيڪل رڪشا تي پھچيو وڃي....“
پنھنجي حياتيءَ جو وڏو حصو هن پنھنجي خاندان جي خدمتن لاءِ وقف ڪيو هو. ”اسين 46 ڀاتي آهيون.... منھنجا پٽ آهين... پوٽا آهن... هاڻي تہ انھن جو بہ اولاد آهي.“ پنھنجي ڏائي ڪن ۾ پيل ”ڪيوٽيءَ“ کي مھٽيندي هن هڪ هنڌ انٽرويو رڪارڊ ڪرايو هو. ”انھن سڀني جو خيال تہ کڻو آهي، منھنجا پٽ هن ميدان ۾ مون ساڻ آهن....سنگت ۾ آهن منھنجو پوٽو مون سان طبلي تي جڳل بندي ڪري ٿو.... پر هنن کي اڃا وقت گهرجي... مان سڀني ۾ وڏو آهيان.... سڀني جو وڏو آهيان. لازمن مون کي ئي هنن جو خيال رکڻو آهي.“
سندس رهائش بہ بلڪل سادي هوندي هئي. ”وڏا وڏا ڪمرا، گهڻو فرنيچر نٿا رکون. نماز واري ڪمري ۾ بلاڪ جو فرش پيل آهي. جنھن تي مصلو ٺھيل آهي ۽ بس هڪڙو رياض ڪرڻ جو هال آهي ۽ بس... مون کي ان کان وڌيڪ ڪجهہ گهرجي بہ ڇا.... عام زندگي گهروارن جي ڀلي ٿي پئي ۽ بس.... سڄي دنيا ۾ شرناءِ جي حوالي سان، پرفارم ڪندڙ هن جڳ مشھور فنڪار کي رڳو گهر جو فڪر هوندو هو. ان لاءِ پيو جفا ڪشيون ڪندو هو. الاءِ ڪيترن ماڻھن جو اهو خيال بہ هو تہ ”بـسم ﷲ خان جي شرناءِ ۾ درد سندس ذات جو درد آهي.“
”شروع ۾ سوچيو هئم تہ جيڪڏهن هي فن ڪو سمونڊ آهي تہ مان ضرور ان جو ٻيو ڪنارو هٿ ڪندس. پر اڄ اهو احساس ٿو ٿئي تہ هن رڻ جي سفر ۾ بس ڪجهہ ئي وکون کڄيون آهن. ٻئي ڪناري تي پھچڻ تہ ٺھيو، اڃا تہ ڄڻ چيچ بہ نہ ٻڏي آهي.“ اداسيءَ سان هن پي ٽي وي تي ڳالھايون پئي، جڏهن هو شايد پھريون ۽ آخري ڀيرو پاڪستان آيو هو. ”سڄي عمر ڏني آهي، ڪابہ شڪايت ناهي.... بس هي گوڏا الاءِ ڇو نابري وارين ٿا. هاڻي وڌيڪ دير ويھجي تہ سور ڪرڻ ٿا لڳن....“ درد جي اظھار ڪندڙ جهوني کي وري بہ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان فن ۾ لڳي ئي ويندا هئا. گوڏا درد ڪندا هئا تہ خير هو، دل جو درد تہ شرناءِ ڪڍندي رهندي هئي.
راجندر ڪمار جي فلم ”گونج اٺي شھنائي“ ۾ هن پھريون ڀيرو فلمي موسيقي تربيت ڏني هئي ۽ سندس ڪمپوز ڪيل گيت ”تيري سر اور ميري گيت“ ميوزڪ چارٽس ۾ الاءِ ڪيترو عرصو ٽاب ليول ماڻيندو رهيو. پر ان کان پوءِ هن فلمي موسيقيءَ تان ڌيان هٽائي ڇڏيو. پاڻ گانن لاءِ وڄائيندو هو پر ڪمپوز نہ ڪندو هو.
بھرحال هاڻي اڄوڪي تاريخ کان پوءِ بـسم ﷲ خان ”قصہ پاريز“ بڻجي ويندو. انسان ازل کان ابد تائين ويسارو آهي. ڪجهہ عرصي ۾ اهو شايد ياد بہ نہ رهي تہ ايئن ڪي آواز جون لھرون، دل جي لھرن ۾ گهڙي وينديون هيون. ائين ڪو با ڪمال پرفارم روح کي نپوڙيندو هو ۽ ائين ڪا ڪوڪ، سماعتن کي اشڪ بار ڪندي هئي. اهو سڀ ائين ئي ٿيندو پر اها شرناءِ جنھن کي سندس هٿن جو ڇھاءُ چپن جي گرمي، ساھہ جو هڙڪو محسوس ٿيو هوندو. سا، ڪڏهن بہ کيس فراموش نٿي ڪري سگهي. هاڻي جيڪڏهن ڪير منجهس پنھنجو ساھہ اوتي، ڪنھن سر جي پالوٽ جي ڪوشش بہ ڪندو نہ..... تہ اها اهو درد نہ آڇيندي، جيڪو کيس بـسم ﷲ خان جي جهڪيل ڪنڌ واري خوبصورت مک کي آڇيندي ٿيندو هو.
شرناءِ ماٺ آهي، بـسم ﷲ خان وڃي چڪو آهي. ايترن ڏهاڪن جي ڦوڪ هاڻي ڪنھن کي نصيب ٿي سگهي ٿي. اهو اعزاز بہ دنيا جي ٻين وڏن اعزازن وانگر اهو ڪراڙو پاڻ سان ئي کڻي آسودہ خاڪ ٿي چڪو آهي.


ڇپيل: اڱارو 22 اگسٽ 2006ع

پنھنجو پاڻ سان تعزيت (محترمہ ڀاڄائي صاحبہ)

لفظ الاءِ ڪيڏانھن گم ٿي ويا آهن. هيترن سالن ۾ پنھنجي پروفيشنل ڪئريئر جي هڪ طويل عرصي ۾ ڀانيان ٿو تہ پھريون ڀيرو مون ڪاغذن سان، قلم جي ملاقات ناهي ڪرائي. اسٽڊيءَ جا ايوان، اجرا نہ ٿي سگهيا آهن. بلڪہ اتي اداسي وار ڇوڙي غم جي ڪلب کولي، واڪا ڪري رهي آهي،. ان ڪرسيءَ تي وهڻ لاءِ دل ئي نٿي چوي. جنھن تي ويھي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪم ڪبو هو.
دل، درد وندي، عجيب ڏانھن ۾ مبتلا آهي. پرائي پٿر تي، هر ڪو پنھنجو سور رئندو آهي. ماڻھو تہ حيلان وسيلا گوليندو آهي صاحبانہ زمانہ، تہ من ڪٿان ڪا ڳڙکي کلي، ڪٿان ڪو واءُ وري، وري ڪو سينو اهڙو بہ ملي، جنھن سان لڳي اکين جي آبشارن کي کلي وهڻ جو موقعو ملي پوي نيڻن جي نيسارن کي رڪاوٽ تنگ ڪري ٿي. خيالن جي ڇت تي ڏک جو پاڻي گهڻو گڏڻ ٿي وڃي تہ حياتيءَ ساءُ وڃائي ٿي ويھي. چپن جي گرمي موڪلائي ٿي. نيڻن جي تپش وري روح کي ساڙي ٿي.
خميس جو ڏينھن آهي اڄ، جڏهن اوهان لاءِ هنن سٽن جو جڙاءُ ٿي رهيو آهي، پنھنجو پاڻ کي ڄڻ ڇڪي آڻڻو پيو آهي. اهي سڀ نظم وضبط جا قصا، پاڻ کي پاڻ ازبر ڪرائڻا آهن. جيڪي اڄ کان تقريبن پنجويھن سالن کان بہ مٿي، هن جيءَ سان جڙيل رهيا آهن. آنڌي مانجهيءَ ۾ ڪم ناهي رڪيو. ذات جي هر موسم ۾ هي ساٿ نباهيو آهي، هاڻي ڇا ٿي رهيو آهي؟
هاڻي ڀاڄائي ناهي رهي.... اڄ کيس رخصت ٿئي ٺيڪ اٺ ڏينھن ٿيا، گذريل هفتي بيماريءَ جي هڪ معمولي اٽيڪ ۽ تقريبن ڪجهہ ڪلاڪن جي تڪليف کان پوءِ، هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو هو. دنيا جا ڪاروبار معمول تي هلندا رهيا هئا. سڀ ڪجهہ ٻاهر ٺيڪ هو، حسب دستور سڀ مرحلا طئي ٿيا. هوءَ شان مان سان رخصت ٿي. زمين جي سيني ۾ جنھن جاءِ تي هن لاءِ ”سامي“ ڇاڪ ٿي هئي. اتي هاڻي سندس تربت آهي. هر ايندڙ ويندڙ، ڀاڪر ۾ ڀريندي، تعزيت جي حوالي سان دلداريءَ جي رسم ادا ڪندو رهيو،. اڳي جيان تقريبن ٽي ڏينھن گهر ۾ رش رهي ۽ پوءِ ساڳيا ايوان، راهداريون، ورانڊا، ڪمرا ۽ لان، هڪ ماڻھوءَ جي کوٽ کان پوءِ پنھنجو پاڻ سان ڪچھريءَ ۾ مگن ٿي ويا. سڀني جو گهاءُ گهرو ٿيو تہ اندازو ٿيو تہ سڀ تہ ٿي ويا آهن، رڳو پنھنجو پاڻ سان پاڻ تعزيت نہ ٿي سگهي آهي.
اوهان سڀ مانائتا مھربانو، ذاتي حوالي سان، هن فقير تي مھربان رهيا آهيو، جيڪا فراخ دلي اوهان وٽان نصيب ٿي آهي. اها هر هر جاءِ تي ۽ هر ڪم ۾ نصيب نٿي ٿئي. خواب نگر جي مسلسل اشاعت ۽ اوهان جي محبت جي مھر شال حال رهي هئي. ۽ ان کان پوءِ وري ”موٽ“ جي صورت ۾ بہ اوهان جي ڪرم نوازين جو، مون وٽ ڪوبہ جواب ناهي. هن هڪ هفتي جي غير حاضري لاءِ ڪوبہ عذر، بھانو تراشڻ نٿو گهران... جيڪي سچ آهي، اهو عرض ڪرڻ گهران ٿو. روح جي هن ضرب جي ڪري، لفظ رسي ويا آهن. دنياداريءَ جي انگ ۾ ڪوبہ بھانو گهڙي سگهجي ٿو، پر ڇو گهڙجي؟.... اتي اهو سوال بہ پيدا ٿو ٿئي تہ ڪالمن جو هي سلسلو ڇا ذاتي ميراث آهي جو هر نجي رنج و الم جي ڪٿا هن ۾ بيان ڪئي وڃي؟ اهي سڀ نڪتا پنھنجي جاءِ تي اهم آهن، پر پھرين ڏينھن کان ئي سوچ اها رهي آهي تہ پنھنجي معاشري جي ڪنھن اهڙي ڪنڊ کي ڪنھن اهڙي سوچ کي سامھون آڻجي، جيڪا هاڻي جهيڻي پئي ٿي ٿئي، جنھن جو ساءُ ”تکيررڙ“ ناهي رهيو، ۽ جيڪا ٻين وٽ ”ناياب“ آهي ”اڻ لڀ“ آهي.
اسان وٽ عزيزان من، گڏيل خاندانن ۾، ڀاڄايون بہ ڪمال وجود هونديون آهن. جيڪڏهن پاڻ کان ننڍن ڀائرن جون گهرواريون هجن تہ نياڻين جيان ۽ جيڪڏهن پاڻ کان وڏن ڀائرن جون هجن تہ ”امڙين“ جيان آهن. نياز مندين ۽ پاٻوھہ جو عجيب ”مٺ“ هوندي آهن. ۽ جي وڏيون هجن تہ ڪرم، رحم ۽ شفقت ۽ ڪمال دسترس رکن ٿيون... گڏ هوندي بہ قبلہ والدائن جي جاءِ وٺن ٿيون، ڀاڄايون ۽ مائرون ئي ٿين ٿيون اهڙي دولت مفت ۾ ٻيو ڪٿي ملي سگهي ٿي؟
تقريبن ستٽيھن سالن جو سات هو اسان جو... ڀاڄائي هونئن تہ ٽئين نمبر ڀاءُ جي گهرواري هئي، پر ڇاڪاڻ تہ سندس شادي سڀ کان پھرين ٿي هئي. ان ڪري هوءَ سينئر ترين هئي. عمر عزيز ۾ جيڪڏهن ذهن رنگن کي محسوس ڪري سگهي ٿو تہ سندس ساٿ جو رنگ ان مھل کان چوکو ٿيڻ شروع ٿيو هو. جڏهن اڃا مان ستن سالنکن جو مس هئس. ان عمر ۾ هوءَ وڏي ڀيڻ جيان هئي. ڪو پاڻ کان ڏھہ سالن کن وڏي هوندي. تقريبن سترنھن ارڙنھن سالن جي عمر ۾ پرڻجي آئي هئي. گهر ۾ هڪ ڀاتيءَ جو اضافو ٿيو هو. مان ننڍوڏير هئس جنھن کي هن پنھنجي ننڍي ڀاءُجي جاءِ ڏني ۽ زندگي روان دوان ٿي وئي هئي. تنھن زماني ۾ سرفوشيءَ جي ڪيفيت شديد هئي. اڳيان ايندڙ، ڪنھن ٽه واٽي،ڪنھن ٻہ واٽي ۽ ڪنھن چئو واٽي جي ڪابہ خبر نہ هئي. لڳندو هو رڳو دنيا ۾ ٽھڪ ٻرندا آهن. اکين ۾ پاڻي تہ الاءِ ڪيئن ايندو هوندو؟ گهر ۾ رانديون رهندا هئاسين. ڪچھريون مستيون... وري ٿورو هوش آيو تہ جنون اڀريو تہ ڪپڙن جي ”ڊزائننگ“ ڪجي. لنڊا بازار مان ذات ڪپڙن جي ڇنڊڇاڻ ڪري، ڪمري جي ڪنڊ ڀري ڇڏبي هئي. پوءِ ڪنھن جي ٻانھن ڪنھن جو ڪالر... ڪڏهن ڪنھن شرٽ جا ڪھڙا حال تہ ڪڏهن ڪو ٽرائوزر پنھنجي ماپ وڃائي ويھندو هو. ڪلاڪنجا ڪلاڪ مٿو هڻندا هئاسين، هن جي ماني پچائڻ وارو وقفو بہ مون کي نہ وڻندو هو. ان مھل بہ ڪئنچي کنيو، ڪانہ ڪا ”ڪتر“ ڪندو ئي رهدنو هوس. ياد اچي ٿو تہ هڪ واري هڪ تئي تان ماني ورائي پئي ۽ مون ڪف ڪٽيو پئي. ڪئنچيءَ جي غلط وهڪري تي، قميص زبان ٿي ٿي وئي هئي. ڀاڄائيءَ اوڏانھن ڌيان ڏنو هو تہ پويان ماني سڙي وئي هئي. ٻئي ڪم ناقص ۽ اڻ پورا رهجي ويا هئا، جنھن تي اسان ٻئي الاءِ ڪيترو کليا هئاسين. سانئڻ والدہ صاحبہ نقصان تي قطعي ناراض ڪونہ ٿيندي هئي. پر اهو سڄو ”قضئو“ منھنجو گهڙيل هو، تڙ تڪڙ ۾ سڙيل ماني اڇلائڻ لاءِ نڪتس تہ هڪ هٿ ۾ ڪپيل قيمص بہ هئم. هنن پڪڙي ورتو هو. مرڪندي چيو هئائين ”تو تہ ٻئي انگ اگهاڙا ڪري ڇڏيا. جسم لاءِ قميص ۽ پيٽ لاءِ ڳڀو... مانيءَ تي بہ ڄڻ ڪئنچي هڻي ڇڏيئي.“
اهي لمحا مرڪندا، سرڪندا ڊوڙ ۾ مٽجي ويا. گهر ۾ خوشيون آيون ۽ زور شور سان آيون، نوڪريون، اولاد، معاشي حيثيت، رک رکاءُ... ۽ گڏوگڏ پيريءَ ۽ بيمارين بہ رستو ڏسي ورتو... مھرباني رخصت ٿيڻ شروع ڪيو. امڙ.... ڀائر، ڀاءُ جو ننڍڙو، امان جا عزيز، ماسات.... ڏکن ۽ خوشين جي مڙني ساعتن ۾ اهو ڪمزور ڀاڪر سدائين گڏ رهيو. وقت سندس جسم جي طاقت کي نپوڙيندو رهيو. پر سندس روح اڇن وارن ۾ اعتبار جي مسند کي وڌيڪ مضبوط ڪندو رهيو. محبوب ماءُ رخصت ٿي تہ يارنھن سال اڳ جي ان قصي ۾ اهي ڀاڄائيون ۽ ڀينرون ئي هيون. جن سنڀالڻ جو سرشتو جاري رکيو. امان جھڙو پيار مليو،اهائي نگھداشت ٿيندي رهي. نہ ٿئي ها تہ اسان تہ رلي وڃون ها... ڪٿان ائين جي سگهون ها...؟
لف برو (Lough Brow) يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر يان جان (Yan Jahn) مھمان ٿي آيو هو... اسان وٽ ڪجهہ ڏينھن ترسيل هو. تڏهن ڏينھن گلال هوندا هيا ۽ راتيون روشناس... ادا عبدالرحمان مرحوم سان، سندس ذاتي شناسائي هئي... پنھنجي گهرواريءَ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَجي وزٽ تي آيل هو.... هتي اچي پاڻ ۽ سندس زال وائڙا ٿي ويا هئا... گهر ۾ سڀن ڀاتين سان سندن تعارف ٿيو تہ حيران ٿي ويا هئا. ادا جو هٿ جهلي پنھنجني پرس مان هڪ پاسپورٽ سائيز فوٽو ڏيکاريندي چيو هئائين. ”منھنجي ڌيءَ آهي... الاءِ ڪئي آهي....؟“
اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ سندس ڳالھہ اسان جو وات ڦاڙي ڇڏيو هو. چيائين ”رڳو ڌيءَ ناهي... هڪ پٽ بہ آهي... ارڙنھن سالن جي ڄمار کان پوءِ گهران ”تڙيل“ آهن. اسان ڪو نہ ڪڍيا آهن، پنھنجي مرضيءَ سان رخصت ٿيا آهن. هاڻي ڪنھن وڏي ڏينھن تي ڪٿان ڪو ڪارڊ ۽ گلن جو ڪو ”ڇڳو“ تحفي طور ملي ويندو آهي، خير خيريت جي اطلاع ٿي ويندي آهي نہ تہ ڏٺي تہ ڪي نو سال کن ٿيا آهن.
مون ان مھل مھمانن لاءِ چانھہ پئي پيش ڪئي. ٻاهر وقت گهٽ پئي گذريو ڇاڪاڻ تہ اندر مسز جان سان ڳالھائڻ وارو ڪوبہ نہ هو... امان ادبن ۽ ڀاڄاين سان مترجم جيان مان سندس ڳالھہ ٻولھہ ڪرائي رهيو هو. ٻاهر مھمان خاني ۾ پروفيس جان چئي رهيو هو ”گل تہ موڪليندا آهن پر انھن ۾ الاءِ ڇو خوشبو ناهي ٿيندي.“ ۽ اتي ئي دريءَ جي ٻار گل جي هڪ ڏانڊي هئي. جنھن کي ڇڪي هن گل نہ پٽيو هو، بس سونگهي هڪڙو وڏو ساھہ کڻي چيو هئائين، ”اوهان خوش قسمت آهيو جو اوهان وٽ گلن۾ خوشبو آهي، اسان وٽ تہ ميوو بہ آهي پر ان ۾ اهو سواد ناهي جيڪو توهان وٽ آهي.“ سندس ڳالھہ تي مان دل ئي دل ۾ کليو هئس ۽ اندر اچي وري بيگم صاحبہ کل جو سامان مھيا ڪري رهي هئي. ”باجائي .... واٽس باجائي....“ هن شايد اسان جي واتان ڀاڄائي لفظ ٻڌو هو، سو حيرت مان ان جو اچار پڇي رهي هئي. مون ٻڌايوهومانس تہ اها ڀاءُ جي گهرواري آهي تہ هڪدم پڇيو هئائين ”اسپيشل رشتو آهي؟“ ۽ پوءِ پاڻ ئي ورجايو هيائين ”اسپيشل آهي، تڏهن تہ نالو رکيل اٿس...“ کيس حيرت ٿي هئي تہ ڀاءُ تہ گڏ رهي ٿو.... ڀاڄائي بہ رهي ٿي... ان مھل رڳو کل هئي... هاڻي لڙڪ پڇن ٿا... ”ڀاڄائي رهي ٿي؟“
پوڻن چئن ڏهاڪن جو ساٿ ختم ٿي ويو آهي ٻيا سڀ بہ آهن ڌڻي خير سان هنن کي سلامت رکي... آمين... پر طويل ساٿ جو اهو خوبصورت رشتو هاڻي جسماني طور تي مٽيءَ ۾ ملي چڪو آهي. اها کٽ خالي آهي اهو لمس هاڻي محسوس ٿي نہ سگهندو... اها قدرت جي منظوري آهي جيڪا قبول آهي. پر اتي شڪر گذاريءَ جي هڪ ٻي روايت بہ قبول ڪرڻي آهي تہ ڌڻي اسان کي اهڙا رشتا عنايت ڪيا آهن جن جي ڇپر ڇانءَ ۾ حياتيءَ جو سفر سونھون ٿي وڃي ٿو. انھن جي ئي عنايت آهي جو ڌڻي گلن ۾ خوشبو ۽ ميون ۾ ذائقو نصيب ٿو ڪرائي جتي پنھنجو اولاد ساڻ نٿو هجي. اتي ڀاڄائيون... امڙيون بڻجن ٿيون... خاص رشتو صرف اسان کي هن خطي ۾ ئي نصيب ٿئي ٿو.
لفظ گم ٿي ويا آهن، ٻي صدا لمحن ۾ ڪا ڳالھہ ٺھي سگهي آهي الاءِ نہ.... اهو حڪايت دل کي پتو نٿو پوي... پنھنجو پاڻ کي پاڻ ازبر ڪرائڻو ٿو پوي تہ، ”ڀاڄائي“ ڪانھي... پر حياتيءَ جا سڀ سلسلا ائين ئي اجگر جيان وات ڦاڙيو بيٺا آهن. ڪاغذ سان قلم جي ملاقات ضروري آهي نہ تہ ڀاڄائي ناراض ٿي ويندي، ڇاڪاڻ تہ هنن ڪاغذن ۾ موٽ کيس بيحد پسند آئي هئي. هي ڪالم هوءَ نٿي پڙهي سگهي تہ ڇا ٿيو، اوهان جي دعائن جا ڪالم وٽس پھچي سگهن ٿا. اوهين جي عنايت ڪندؤ تہ هن فقير تي وڙ ٿيندا. خدا تعاليٰ سندس مرقد کي آسودہ رکي ۽ اوهان جي دعا قبول ٿئي، لڳي ٿو پنھنجو پاڻ سان تعزيت ۾ ڪجهہ لفظ ادا ٿي ويا آهن.

ڇپيل: 24 سيپٽمبر 2006ع