هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.
شخصيتون ۽ خاڪا
خواب نگر [تعزيت ناما]
- 5.0/5.0
- 3
- 2
- 6 ڪلاڪ اڳ
- 1
![Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]](https://books.sindhsalamat.com/assets/images/books/16052025_6826bcbcdcae4.jpg)
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نگار، ڪالم نگار، مترجم ۽ براڊڪاسٽر محمود مغل جي ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ”خواب نگر ]تعزيت ناما[“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انھن پنھنجي پنھنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.
ھي ڪتاب 2023ع ۾ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سائين محمود مغل ۽ امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ فقير محمد ڍول جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف محمود مغل
- ڇپيو ويو 2023
- ڇپائيندڙ امرتا پبليڪيشن
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر 978-969-7954-37-7
- آن لائين ٿيو 16/May/2025
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 2 ڀيرا