سڀ ٺيڪ آهي (شاگرد: قدير ڪنڌر ۽ سيد مجتبيٰ شاھہ)
ٻہ سال اڳ، ان ڏينھن جڏهن مڪڙا شاھہ جي لاهيءَ تان، سندس واپسي ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ ٿي هئي تہ بي اعبتار زندگيءَ جي نامھريءَ جون صدائون ڦاڙڻ لڳيون هيون، هو... جيڪو سدائين چست چالاڪ، همٿن سان پر، جوشيلو، ولولن سان سٿيل، ائين ڪيئن ڪاٺ جي دٻي ۾ ليٽي پيو هو. جنھن ۾ صرف هڪڙو فٽ ضربيان فٽ جو شيشو اها تصديق ڪرڻ لاءِ فڪس ٿيل هو تہ ”هائو.... هي قدير ئي اٿو.... ٿڌ ۾ ماريل، هڪ اڀي ماٿريءَ ۾، هڪ وڻ جي هيٺان. پنھنجي مخصوص مرڪ سان اجل جو انتظار ڪندڙ..“ جنھن جي جسم جي هر حصي کي ازل کائي ويو هو، پر ان فٽ ضربيان فٽ شيشي جي ٽڪر مان سندس مک جي مرڪ نہ کسي سگهيو هو.
ڪاٺ جي ان پيتيءَ سان گڏ ”ڪاٺ ٿيل“ کاتي جو هڪ عملدار بہ ڪنڌ هيٺ ڪيون آيو هو. جنھن الاءِ ڇو اهو مخصوص جملو ڳالھايو پئي تہ ”تڏي تي لڙي اچجي تہ خون بہ معاف ٿي ويندا آهن.“ ڪاٺ کاتي جي ان عملدار کي پنھنجي کاتي تي لڄ پئي آئي، پر اها لڄ بہ بلڪل ائين ئي هئي، جيئن ڪاٺ تي پاڻي پوندو آهي... هر ڪاٺ جي پاڻيءَ کي ”موٽ“ عجيب هوندي آهي. ڪجهہ ڳري سڙي ويندا آهن. ڪن ۾ برداشت ڪرڻ جي همٿ هوندي آهي... بھرحال، سون سڃاڻڻ شايد سولو هجي، ڪاٺ بابت ڪجهہ چوڻ لاءِ ”جنم“ گهرجن ٿا. اها خبر تہ ڪاٺ کاتي وارن کي بہ آهي. اسان جي ڳرين وکن سان گڏ ڪلھو ڏيڻ جي سفر ۾ هو بہ هليو هو، ۽ کيس بہ اها تہ خبر پئجي ئي وئي هئي تہ بھار رتن ۾ پٽن جي لاشن کي دفنائڻ ڪيئن هوندو آهي.
ان کان اڳ جو قصو بہ عجيب هو... ٽريني فاريسٽ آفيسرن جي ان جٿي کي گم ٿئي ”خطرناڪ“ مدت گذري چڪي هئي، موسم نامھربان هئي ۽ سخت آزمائش تي لٿل هئي. جڏهن هننن جي غير حاضريءَ تي رڙ واڪو مچايو ويو تہ هڪڙي بالا عملدار، بي حد اطمينان سان اهو جواب ڏئي ڇيو هو تہ ”سڀ ٺيڪ آهي... هر ڪو پنھنجي ماڳ تي پھتل آهي ۽ سڀ ڪجهہ رنگن سان سٿيل آهي...“ هر ٻڌندڙ وانگر اسان بہ اها ساڳي ڪيسٽ ٻڌي. پيرن کي لڏي آنند وٺون ها. عزيزان من... جو اتفاق سان انھن گم ٿيندڙن ۾ هڪ با اثر خاندان جو نوجوان بہ شامل هو. جنھن جي ڪري ڦڙڦوٽ مچي وئي. اک ٻوٽ ۽ ڪن لاٽار ڪندڙن تي جڏهن دٻاءُ پيو تہ سڀ سچيون ٿيون. دوربينيءَ سان، کاهيءَ ۾ ويٺل، وڻ جي هيٺان اجل جي راھہ ورتل قدير ۽ کانئس ٿورو پر ڀرو سيد مجتبيٰ شاھہ جا مڙھہ نظر آيا. اهو الميو ورجايو ويو تہ اتي پھچڻ محال آهي. موسم جي سختي آهي، ڌنڌ گهرو آهي، پر مٽيءَ جو پنوڙو جتان کنيل هجي اتي موٽي تہ اچڻو آهي نہ. هڪ طويل انتظار کان پوءِ، خاڪ وڃي آسودءِ خاڪ ٿي. بھانا ڪھڙا بہ هجن. شاھہ ۽ ڪنڌر پنھنجن ”ڪونڌرن“ کي مٽيءَ حوالي ئي ڪري آيا. ڌنڌ رڳو مڪڙا شاھہ تي نہ هو سائين. ڌنڌ اساني جي حرڪتن تي پيل آهي. غفلتن جي هڪ گهري چادر آهي. جنھن هيٺ اسين ليٽيل آهيون ۽ پنھنجي اجل کان غافل آهيون. وڏا ڀاشڻ وڏيون تقريرون ڪرڻ تہ اسان جي ڏائي هٿ جو ڪم آهي. انھن جي عمل ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪوبہ هٿ ڪونھي. ڀلا جي سچ ڳالھائجي تہ ڪھڙي قيامت ايندي؟.... پيٽ ۾ رکيل ڪئنچيءَ واري شھزاديءَ جو انت نيٺ بہ موت هو. اهو اندازو صحت کاتي سان لاڳاپيل هر ذي شعور ڪري سگهيو، پر ان موت جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ بغير ڄاڻن جي لاڳاپيل محڪمي جي وزير، سندس حياتيءَ ۾ ئي موت تي اظھار افسوس ڪري ڇڏيو. بلڪل ائين ئي جيئن شوگران ۾، ٻارڙا موٽيا بہ ڪونہ هئا ۽ اهو چيو ويو تہ سڀ ٺيڪ آهي هر ڪو پنھنجي پنھنجي جاءِ تي آهي ۽ محفوظ آهي.
ائين ڇو ڪندا آهيون اسين قبلا؟ اها ڪھڙي قوت آهي جيڪا اسان کان ڪوڙ تي ڪوڙ ٿي ڳالھرائي ۽ اسين مسلسل ان زعم ۾ آهيون تہ اهو ڦٻي ويندو.... هڪڙو ڀيرو ماڻھو هن دنيا ۾ اچي ٿو. وڃڻ کان پوءِ سندس موٽ ناممڪنات ۾ شامل آهي اسان کي خبر آهي تہ اهو سڀ ٿي ويو آهي. وڃڻ وارو وڃي چڪو آهي، پوءِ بہ ائين لاغرض نموني سان جند ڇڏائڻ ۾ ڪھڙي ”ڪارڪردگي“ ڪار فرما آهي. روئندڙ اکين، ورتل سينن ۽ ڦٿڪندڙ وجودن جي ڪابہ چرپر اسان کي سمجهہ ۾ نٿي اچي ڇا؟....ڇا اسان جي گهرن مان لاش ڪونہ ٿا نڪرن؟ پنھنجي سيني تي هٿ هڻڻ ختم ٿي ويو آهي ڇا؟
قدير.... منھنجي شاگردن مان هو، هن انگريزيءَ جا ڪجهہ ڪلاس مون کان ورتا هئا ۽ قادر ڪنڌر جي ننڍي ڀاءُ جي حيثيت سان. هو سدائين ڪنھن منڌل مسئلي لاءِ مون وٽ ايندو هو. اها بہ وقت جي مھر آهي تہ سندن امڙ، مون لاءِ ماءُ جو درجو رکي ٿي ۽ سندس پيرن تي هٿن جي سعادت مون بہ ماڻي آهي. قادر، مان ۽ نياز سالن جا سال گڏ رهيا آهيون. اهو زمانو اهو آهي جنھن ۾ قدير جي وجود تي ”مڇن جي ساوڪ“ شروع ٿي آهي... مالي حالتن جي پس منظر کي ڏسي هو مختلف شعبن ۾ ڀڄ ڊڪ ڪندو هو. ٽيوشنون، ايڪسٽرا ڪلاس، هن کي پڙهائڻ هن جو ڪو ڪم ڪرڻ. شاگردن جا وفد تيار ڪرڻ، ڪوچنگ ڪرڻ... تمام ننڍڙيءَ عمر ۾ هو الاءِ ڇا ڇا ڪندو رهيو. هڪ مسڪين والد جي ان فرض شناس پٽ، ننڍڙيءَ ڄمار ۾ ئي ذميواري جي ڀري پنھنجن ڪلھن تي کڻي ورتي هئي. قادر ان زماني ۾ مھراڻ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو. نياز نديم، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هوندو هو ۽ قدير سڀني کان ننڍو. اسڪول ۽ ڪاليج لتاڙي آيو هو. سڀني کان ننڍو هوندي بہ هن ۾ ڪا اهڙي ڳالھہ هوندي هئي، جنھن ۾ هو وڏو لڳندو هو. منھنجي ذاتي خيال ۾، مانائتا مھربانو... سندس ذميواريءَ جي احساس ئي کيس هڪدم وڏو بنائي ڇڏيو هو. هو هر ڪم پنھنجي ڪمال احساس سان ڪندو هو ۽ شايد اهائي ڳالھہ هئي جو ننڍو هوندي بہ اسان سا ن برمئچي ويو هو. مون کي ڪڏهن ڪڏهن سندس سوال عجيب لڳندا هئا. هڪ اڻ تڻ هئي سندس اندر ۾ ڪا بيچيني هر وقت رقص ڪندي هئي. هو الاءِ ڪيتريون ڳالھيون ڄاڻڻ چاهيندو هو جن جا جواب مون وٽ نہ هوندا هئا. شايد کيس ڪٿي ڪو کٽڪو هو تہ وٽس وقت گهٽ آهي.
ماڻھو هليو ويندو آهي تہ اهڙيون ڳالھيون ڪيون وينديون آهن.... هو هيئن هو، هونئن هو... هي خوبي هئي مرحوم ۾، هو ڪمال هو منجهس... پر اتي اهو بہ نہ وسارڻ گهرجي تہ مئي تي ڪوڙ نہ ڳالھائبو آهي. قدير، واقعي قدرت واري پاران عجيب ذهانتن سان خلقيو ويو هو، اهڙيون ذهانتون جيڪي کيس پنھنجي هم عمرن ۾ مٿانھين جاءِ تي بيھارينديون هيون.
بھرحال ٻہ سال ٿي ويا آهن پنھنجي گهر جي ڏيڍي لتاڙي کيس سوا ٻہ سال ٿيا. آخري ڀيرو هو ٻين جي ڪلھن تي آيو هو. انھن ٻن سالن ۾، پنج هزار روپئي جي نوٽن جي هڪ دستي ۽ هڪ نوڪريءَ جو ”هما“ هن خاندان تي جوهلندو رهيو آهي. غفلتن جي اونداھہ ۾ اهي واعدا بہ ازل ابد جيان گم ٿي ويندا ۽ هونئن بہ ڪا نوڪري يا ڪي لک روپيا، ماڻھوءَ کي موٽائي نٿا سگهن. موت مڪڙا شاھہ تي هجي يا پنھنجي گهر جي بستري تي اچڻو سڀني کي آهي. پر اها ڳالھہ الاءِ ڇو اسان سڀني کان وسري ويندي آهي. ڪنھن ڏاهي چيو آهي تہ ”موت جوانن کي ڳوليندو آهي ۽ پوڙها موت جي ڳولا ۾ هوندا آهن.“
جيڪي اختيار جا ڌڻي آهن، انھن کي اهو ياد رکڻ وڌيڪ ضروري آهي. ڇاڪاڻ تہ جيڪا پڇا انھن کان ٿيندي. اهڙي بي اختيارن کان ڪٿان ٿيندي، تيز بارشن ۾ ڀڄڻ جو عاشق عبدالقدير ڪنڌر.... تيز ڪوهيڙي ۽ سرد بارشن ۾، وڻ هيٺ. پنھنجي الوداعي گهڙين لاءِ منتظر رهيو. پنھنجو ٿرماس پنھنجني ڪڇر ۾ رکي، ٽنگون سڌيون ڪيون. هو وڻ کي ٽيڪ لڳايو ويٺو هو. الوداعي لمحن ۾ سندس نگاهن اهي سڀ منظر جهٽيا هوندا جنھن ۾ شيون بليڪ اينڊ وائيٽ ٿينديون آهن. پنھنجي عام حياتيءَ ۾ هو سدائين چوندو هو: ”سڀ ٺيڪ آهي....“ ڇاڪاڻ تہ هو ڪڏهن مايوس نہ ٿيڻ چاهيندو هو. هاڻي دل چوي ٿي تہ لکجي ”قدير... تو وٽ ان جملي جو مطلب ڪجهہ بہ هجي...تنھنجي صاحبن اسان کي ان جو مطلب ڪجهہ ٻيو سمجهايو آهي يار.... تون ڪو نہ آهين تہ ٻچا... هتي ڪجهہ بہ ٺيڪ ناهي...“
مولاءِ ڪل جل شانہ سندن مغفرت فرمائي ۽ بھترين جاءِ عنايت ڪري. آمين.
ڇپيل: جمع 14 جولاءِ 2006ع