شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 170
  • 57
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

ادا مِٺَو..! (سرجن: ڊاڪٽر عبدالحميد عباسي)

ادا مِٺَو جھان ڇڏي ويو، انا للهِ و انااليہ راجعون...
تلڪ چاڙهيءَ هيٺ، سينٽ بونا وينچر واري رستي تي ساڄي پاسي، بڙ جو ڊگهو وڻ ڄاڻي چُڪو آهي تہ سندس ڏارَ جنھن ’پرتاب محل‘ تي ڀاڪر جو دائرو وسيع ڪندا هئا ۽ جنھن جي گيٽ تي ’عبدالحميد عباسي اسپتال‘ لکيل هوندو هو...تنھن جي مالڪ ڊاڪٽر سرجن عبدالحميد عباسيءَ جي حياتيءَ جو آخري ورق بہ وري ويو ۽ هاڻي هي گهر واقعي بہ خالي ٿي ويو.
حيدرآباد شھر جي تاريخ ۾، ڪجهہ گهراڻا بُنيادي حيثيت رکن ٿا. قاضي صاحبان، عباسي صاحبان، قريشي صاحبان ۽ ڪجهہ ٻيا گهراڻا هن شھر جي گهٽيءَ گهٽيءَ کي ڄاڻ جي هندوري ۾ لوڏين ٿا. وقت جي سفر، سندن رشتو هر گذرندڙ ڏينھن ساڻ مضبوط ڪيو آهي ۽ پنھنجي اباڻڪي پَرِ کي سانڍي، هُنن وڏڙن جي نقشِ قدم کي گهرو ئي ڪيو آهي. اُنھن من جھان هڪ اهم وجود ’ادا مِٺَو‘ بہ هوندو هو. پنھنجي هزارين مريضن ۾ هو ’ڊاڪٽر مِٺَو‘ جي نالي سان مشھور هو. اُهي مريض، جن جي لاءِ هو صرف هڪڙو ڊاڪٽر نہ هو بلڪہ درد جو درمان هو، محبتن جو ڀاڪر هو. احساس جي اُها تند هو جنھن تي مدد جا گيت گونجندا هئا. پنھنجي محلات جھڙي گهرَ جي، هيٺئين پوري فلور کي، ادا مِٺَي مريضن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو، جتي جديد سھولتن واري اسپتال ٺھيل هئي ۽ مڪمل سھولتن ساڻ مُزين ’آپريشن ٿيٽر‘ بہ موجود هوندو هو جنھن ۾ شھر جا وڏا وڏا سرجن، مناسب فيُن تي غريب ماڻھن جو علاج ڪندا هئا. ادا مِٺَو پاڻ بھترين سرجن هو. کيس غريبن سان عشق هو ۽ سندن عام سرجريون تہ هُو پاڻ ئي ڪري ڇڏيندو هو. ۽ ٻيون مختلف خاص نوعيتن جون سرجريون ٻيا ماهر ڊاڪٽر ڪندا هئا.
اسپتال ڇاڪاڻ تہ گهر ۾ هوندي هئي تنھن ڪري اُتي صفائي جو معيار اعليٰ ترين هوندو هو. ادا مٺو مٿي ئي رهندو هو، اُن ڪري رڳو هڪ ٽيليفون ڪال جي ضرورت هوندي هئي ۽ مريض وٽ ’وڏو ڊاڪٽر‘ پاڻ پھچي ويندو هو. سندس هر هر هيٺ لھي اچڻ جي ڪري عملو بہ الرٽ هوندو هو. مون جڏهن بہ ذاتي طور تي حاضري ڀري هوندي تہ هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت سان مون کي سدائين اُتي خدمتن جو اعليٰ معيار نظر آيو. ڪھڙو زمانو هو ۽ ڪھڙا ماڻھو هئا!؟ هاڻي جڏهن نبض جهلڻ جا 5 سئو رپيا وٺجن ٿا ۽ دوائن لکڻ جا 3 سئو... مطلب هڪ وزٽ 8 سئو کان هزار رپئي جي پئي ٿي ٿئي ۽ جي خُدا نہ خواستہ ٻئي ڏينھن وڃڻو هُجي تہ اُتي وري اهو ساڳيو چيڪ وري لکبو... تہ پوءِ انھن ماڻھن جي ذات جي حُسناڪي سمجهہ ۾ اچي ٿي جيڪي غريب غربي جو ايڏو سستو ۽ سٿرو علاج ڪندا هئا. ڏينھن ۾ ڏھہ ڀيرا مريض وٽ ايندو هو ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪلاڪن جا ڪلاڪ وٽس ويٺو هوندو هو، پر وزٽ جي ڪابہ فيس چارج نہ ٿيندي هئي.
ادا مِٺَي جي وجود ۾، سڀ کان اهم ڳالھہ سندس مُرڪ هوندي هئي جيڪا سندس مُک تان ڪڏهن هٽندي ئي نہ هُئي. توهان سندس ڪابہ تصوير ڏسو، اُها مخصوص مُرڪ موجود هوندي، پر جي اوهان حياتيءَ ۾ ڪڏهن ساڻس مليا هُجو تہ يقينن چئي سگهو ٿا تہ اها مُرڪ ئي سندس چھرو هوندي هئي. مالڪ مٺڙي، هن فقير کي جهجهو ڏنو آهي. پنھنجي حيثيت جو ادراڪ سدائين گڏ رهيو آهي. اُن ڪري ’وڏن ماڻھن‘ کان سدائين پاسيري حياتي گذاري آهي. زندگي جي حقيقتن کي ڄاڻڻ مھل اها بہ خبر پئي هئي تہ ادا مِٺَو، اسان جو ٿڃ شريڪ چاچو هو ڇاڪاڻ تہ بابا سائين قبلا فقير نور محمد مغل ۽ ادا عبدالحميد عباسيءَ، ڏاڏي صاحبا جي ٿڃ پيتي هئي. پنھنجو اهو رشتو هُن سدائين نڀايو ۽ فخر سان اُن جو ذڪر ڪندو هو. ادا وارا وڌيڪ ويجها هئس. پري تہ مان بہ ڪونہ رهيس پر بھرحال هُنن جيترو ويجهو ڪونہ هئس. اُن هوندي بہ جڏهن بہ حاضري ڀري، اهو ڀاڪر سدائين گرم مليو، اها نظر سدائين ڳوليندڙ ملي ۽ اها عنايتن جي بارش سدائين وسندي رهي.
آمريڪا ۾، شاهزمان ۽ نجيب سان رهندي، ادا مِٺَي جي دل حيدرآباد کي ڪيڏو نہ ساريو هوندو!؟ هُو جيڪو والھانہ عاشق هو هن شھر جو، جنھن کي هتان جي ماڻھن، وڻن، ڇانَورن، جانورن...مطلب هر شئي سان چاھہ هو، تنھن جو وقت اُتي الاءِ ڪيئن ڪٽيو هوندو!؟ ڄاڻان ٿو سڀ ڪجهہ اٿن...رب ڪرم ڪيو اٿن...ڪو ڏُک نہ هوندس پر حيدرآباد الاءِ هُو پنھنجي سوچ مان ڪڍي سگهيو هوندو الاءِ نه!
”هن شھر جو حال الاءِ ڇا ٿيندو ادا“ هُن هڪ واري چيو هو ” جھڙو اؤج هُن ڏٺو نہ، اها تہ اسان کي خبر آ... ﷲ ڪري شل زوال نہ ڏسون.“
هن وٽ وٺي مريض ويو هئس، جنھن جو تعلق حيدرآباد سان ئي هو ۽ جيڪو هتي خراب پاڻي پيئڻ جي ڪري بيمار ٿيو. ادا مِٺَي کي شھر جي صفائي، سُٿرائي ۽ ماڻھن جي درد جو فڪر ٿي پيو هو. حياتي هلندي پئي...هزارين ميل ڏور هُو خاڪ نشين ٿي چُڪو هوندو ۽ هتي سڀ ائين ئي تہ آهي جيئن هو ڇڏي ويو. بس سندس اسپتال سامھون هڪ عظيم الشان سُپر مارڪيٽ ٺھيو آهي، جنھن کي بڙ جو وڻ اُداسيءَ وچان چوي ٿو ”تو ڏٺو هو هڪڙو فرشتہ صفت ڊاڪٽر مِٺَو!؟...نہ ڏٺو هُيئي؟...مون ڏٺو هو هُن جو نالو رڳو مٺو نہ هو...هو پاڻ بہ ڏاڍو مٺو هو.“
پروردگار جل شانہ سندس پورهيو قبول ڪري، سندس خدمتن تي کيس درجا عنايت ڪري ۽ هُو هڪ بھتر جاءِ ماڻي. (آمين).

ڇپيل: آچر 17 مئي 2015ع