شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 126
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

بھار آندا پُٽن جا لاشا (شاگرد: نعيم ڀٽو)

(عزيزان من......)
اسين شايد گلن جي پٽڻ جي فن سان محبت ڪرڻ لڳا آهيون. ٻين کي ڏسي ڄاڻي واڻي وڃاڻ جي اسان کي عادت پوندي ٿي وڃي. جي غور ڪيو تہ نشو، بارود ۽ اڻ سونھيون خصلتون اسان وٽ گهر ٺاهي ويٺيون آهن. جنازا کڻي ڌرڻو هڻڻ، عورتن جا وار ڪوڙڻ، شادين ۽ اهم تقريبن ۾ ”ٽن ٿي“ پاڻ کي نشي جي ”سونھن راڻيءَ“ جو مالڪ سمجهڻ اسان جي سرشت بڻجندو ٿو وڃي ۽ انھن عادتن اسان جي ٽارين کي خالي ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
اسين ڪيستائين ائين گلاب پٽائيندا رهنداسين....؟ اسان کي اهو خوف ڇو ڪونہ ٿو ٿئي تہ جي خدانخواستہ اسان جي افعالن جي ڪري ٽاريون خالي ٿي ويون تہ ڪنڊن جي سختي سھڻ انسان سڀني کي نٿو اچي.
اڄ هن جو پيپر هو ۽ هن ساعتن ۾ ڳڙهي ياسين جي پير جمال شاھہ قبرستان ۾ هو آرامي آهي، گذريل ساڍن چئن سالن جي مڙني امتحاتن ۾ مون کي هڪڙو چيوئينگم اچڻ ساڻ ڏيندو هو. وات جو ذائقو خوبصورت ٿيندو هو، جيڪو اڄ ناهي ٿيو. وات ڪسارو آهي. اک آلي ۽ نڪ گلابن جي بوءِ کان وانجهيل..... خدا اهڙا لمحہ ڪنھن تي بہ نہ آڻي. پٽ پرايو هجي يا پنھنجو.... ڏک سدائين پنھنجو هوندو آهي. هن ڏک کي جي محسوس ڪيو ٿا تہ نعيم ۽ هن جھڙن هزارين لکين موڪلائيل وجودن تي ڪجهہ پڙهي ضرور موڪلجو. محمود!)
هن کي الاءِ ڇو سدائين تڪڙ هوندي هئي.
جڏهن بہ آيو هوندو هڪ اداسي سندس اکين مان ليئا پائيندي هئي. سيني سان لائيندي پيار ڪندي مان سدائين هن کي دلداري ڏيندو هوس. ٻين انيڪ شاگردن جيان هن سان بہ مان اهوئي ٿي قرب ونڊيندو هئس، جنھن جو هو حقدار هوندو هو، پر اهم ترين ڳالھہ اها هئي تہ اڄ کان تقريبن ساڍا چار سال اڳ هو جڏهن مون وٽ داخل ٿيو هو ۽ ڪجهہ ئي ڏينھن ۾ سندس اداسي وراڪا ڏيڻ لڳي هئي تہ پنھنجي عادت پٽاندڙ، مون هن کي آفيس گهرايو هو ۽ اچڻ سان هن منھنجو ڇرڪ ڪڍندي چيو هو. ”سر.... منھنجي جيئڻ جو مقصد ڇا آهي؟“
عمر عزيز جي جي هن دور ۾ جڏهن ڳلن تي وارن جا ”قلم“ اڇا ٿي ويا آهن، جڏهن هٿن پيرن جي کل ۾ هنج پوڻ لڳا آهن ۽ جڏهن خيرن سان شاگردن جو تعداد هزارن ۾ ٿي چڪو آهي تہ اهڙا انيڪ تجربا، نگاھہ مان گذري چڪا آهن. وستين واهڻن مان، ڪنڊن مان، ننڍڙن ڳوٺن مان شاگرد ڪھي اچن ٿا ۽ هن عظيم درسگاھہ جو حصو بڻجن ٿا. پوءِ پنھنجن گهرن کان دوري..... هاسٽل جو ماحول، اداسيون، اڪيلايون، نوان رنگ..... ڪئمپس جون رنگينيون.... گهڻو ڪجهہ هنن جي پلئہ پئي ٿو. ڪجهہ هتي اچي تڙي پون ٿا ۽ ڪن کي اداسيءَ جي وڻن جو پاڇو نصيب ٿئي ٿو. نعيم بہ شايد انھن مان هڪ هو ۽ مان حسب دستور حسب روايت هڪڙو پيءُ..... هڪڙو دوست.... هڪڙو استاد.... سڀني کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ پنھنجو فرض سمجهندو آهيان، هو بہ ائين ئي ٻانھن ۾ سمائجي ويو هو.
”هي منھنجا ڀائر آهن....“
گهران آيل ڀائرن سان ملائيندي هن نگاھہ هٽائي هئي.
”ڳوٺان آيا آهن، سوچيم بابا سان ملائي اچان....“
اڪيلو هوندو هو تہ بابا سڏيندو هو ۽ سندس اهو روحاني پيءُ اڄ بہ سندس لھجي جي خوشبو نہ ٿو وساري سگهي.
”اوهان سان ڳالھہ ٿو ڪيان نہ.... زندگيءَ جو مقصد سمجهہ ۾ نٿو اچي.... ڇو آيو آهيان.... ڇا ڪندم.... ڪيئن گذرندي؟....“
۽ منھنجو اهوئي ليڪچر شروع...سمجهائڻ جي ڀرپور ڪوشش تہ هو زندگي ۾ ڀرپور انٽريسٽ وٺي.... ڪم ڪري.... ياريون نڀائي... ڪو عشق ڪري... ڪنھن سيم تن، غزالان نگاھہ کي سوچ ۾ شامل ڪري.... ۽ نعيم ڀٽو، شرمائيندو.... مرڪندو... هليو ويندو هو. ”سر.... پيءُ ڀي لڳندا آهيو تہ يار ڀي....“
۽ اڄ اهو تنھنجو پيءُ..... تنھنجو يار.... تنھنجو ايڏو خوبصورت فوتٽو ڏسي ڇرڪي ويو آهي يار...
صبح ساڻ ئي ڄڻ شام ٿي وئي آهي.... اخبار تڪڙ ۾ کنئي هئم.... ۽ نگاھہ هڪدم ڏوليءَ ۾ ليٽيل ان خوبصورت چھري اٽڪي پئي هئي.... اهو تون تہ لڳين ڪونہ پيو نعيم..... ايڏو خوبصورت يار تون ڪٿي هئين؟..... ساڍا چار سال گڏ رهياسين.... اڃا ٽي هفتا پھرين تون آيو هئين، حسب دستور ميرون شرٽ ۽ ڪاري ٽرائوزر ۾..... ۽ مون جتي لاهي توکي هنئين هئي“ گڏھہ.... اڃا نٿو ڪپڙا مٽائين....“ ۽ اهائي کل اها شرمائڻ واري نرم کل....
”هاڻي مٽائيندم سر....“
”هاڻي تہ لچا.... ڪمائڻ لڳو آهين..... هاڻي تہ ڪپڙا مٽاءِ....“
”چيم نہ سر.... هاڻي زبردست ڊريسنگ ڪري اوهان جي سامھون ايندم....“ ۽ اها خبرهئي ڇا تہ.... تنھنجي جسم جي پرفيوم ۾ بارود جي بوءِ ڀرجي ويندي، ۽ تون اهي اڇا اجرا ڪپڙا پھري، ڪاوش جي معرفت مون سامھون ايندين...؟
هڪ استاد جي حيثيت سان مون ٻارن کي ٻچن کي هميشہ پيءُ وانگر ڏٺو آهي، قبلہ والد صاحب ۽ والدہ صاحب انھيءَ خيال جا هئا تہ کارائجي سونو گرھہ.... ڏسجي شينھن جي اک سان... اهوئي سبب آهي جو منھنجي شاگرد مون کي ڏسي سگريٽ لڪائيندو آهي تہ وري محبوبہ جي رسڻ جو ذڪر بہ مون سان ئي ڪندو آهي. هن پيءُ کي اهو فخر حاصل رهيو آهي تہ سندس اولاد گهڻي ڀاڱي صالح آهي. چيو مڃيندڙ آهي. فرمانبرداريءَ جي جھان ۾ مٿانھان مقام ماڻيندڙ آهي..... انھن مان هڪڙو نعيم.... تن بہ هئين.
هي سڀ ڇا پيو ٿو ٿئي؟ اسان جي نگاهن تي غلاف ڇو چڙهي ويا آهن، ڪو ڏڻ، ڪا تقريب ڪا خوشي اسان کي ”ٽن“ ڇو ٿي ڪري؟ خوشيءَ جي لمحن ۾ پاڻ سنڀالڻ ۾ اسين وائڙا ڇو هوندا آهيون.....؟
هو بہ ائين ئي ويٺل هو شاديءَ جي تقريب ۾ محفل موسيقي جاري هئي ۽ جيئن ”ٽناڪيءَ“ جي جھان ۾ ٿئي ٿو، ڪنھن غافل وجود وٽ باروڊ ڀڙڪو هو، الاءِ ڇو انھن محفلن ۾ اسين ”گلابي گلاس ۽ ناسي ڀڀڙڪ“ جو ساٿ ضروري سمجهندا آهيون. ائين لڳندو آهي تہ اسان جي تقريب انھن کان سواءِ ڄڻ نامڪمل هوندي آهي. اکيون خماريل هجن تہ راڳ سدا رنگي لڳندو آهي. سمجهہ پوي نہ پوي ظاهر اهوئي ڪبو آهي پوءِ کڻي انھيءَ ۾ ڪيترو ئي نقصان ڇو نہ ٿي پوي. ۽ مٿان وري شايد اسان مائٽن جو اهو بہ ڏوھہ آهي جو اسين پنھنجي اولاد جي لوڊيڊ ”Loaded“ هجڻ کان اڻواقف هوندا آهن.
قصص الانبياءَ ۾ اچي ٿو:
”حضرت نوح عليہ السلام کي طوفان نوح کان پھرين رب پاڪ ذوالجلال والاڪرام سڀني ٻوٽن، وڻن ۽ ميون جو هڪ هڪ قسم پاڻ وٽ رکڻ لاءِ حڪم ڪيو هو تہ جيئن طوفان جي ڪيل برباديءَ کان پوءِ اهي وري زمين ۾ پوکي سگهجن. طوفان نوح عہ کان پوءِ جڏهن حضرت نوح عليہ السلام وري پوک شروع ڪئي ۽ ٻوٽا لڳائڻ شروع ڪيا تہ کيس خبر پئي تہ انگور جي ول غائب آهي. هن چئني پاسي نھاريو پر اها ڪونہ هئي. حضرت نوح عليہ السلام پريشان ٿيو تہ اتي غيبي ڄاڻ آيو تہ اها ول شيطان پاڻ وٽ لڪائي رکي آهي... حضرت نوح عليہ السلام شيطان کان اها ول گهري تہ هن ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ پوءِ ان شرط تي واپس ڏيڻي ڪيائين تہ ان جي پاڙ ۾ هڪ ڀيرو حضرت نوح عليہ السلام پاڻي ڏيندو ۽ شيطان باقي ٽي ڀيرا، ان ول کي سيراب ڪندو. حضرت نوح عليہ السلام کي ﷲ تعاليٰ جي حڪم مطابق سڀ انگ پورا ڪرڻا هئا.... هنن اها شرط بہ مڃي ۽ انگور جي ول زمين ۾ لڳي. پھريون پاڻي حضرت نوح عليہ السلام ڏنو ۽ باقي ٽي ڀيرا شيطان.... جنھن گدڙ، شينھن ۽ سوئر جو رت انھيءَ ول جي پاڙ ۾ پاڻيءَ طور ڏنو، هاڻي اهوئي سبب آهي جو جيڪو مٺاڻ انگور ۾ آهي سو حضرت نوح عليہ السلام جي ڏنل پاڻيءَ جي ڪري آهي ۽ ان مان جيڪا ”رس“ ٺھي ٿي اهو شراب ابليس جي ٽن پاڻين جو ثمر آهي. ان ڪري ئي شرابي پھرين گدڙ وانگر ڊڄندو آهي، پوءِ شينھن جيان بھادر ٿيندو آهي ۽ آخر ۾ وري سوئر جيان نہ ڪجهہ سوچيندو آهي.... نہ سمجهندو آهي ۽ ائين ئي حياتين سان کيڏندو رهندو آهي. هاڻي جي برو نہ لڳي تہ صاف چئجي تہ اڄڪلھہ جي شادين ۽ محفلن ۾ ڇا اهو رنگ اوهان کي عام نظر نٿو اچي.
قصو ڪجهہ بہ هجي، هن مھل هو ڳڙهي ياسين جي قبرستان ۾ آرامي آهي. هن سال ئي هن امتحان پاس ڪيو هو، اڃا چار مھينا پھرين سندس رزلٽ آيو هو ۽ شايد هن ٽريننگ بہ ويجهڙائيءَ ۾ ئي مڪمل ڪئي هئي. پر اهو سڀ ڪجهہ بہ نہ هو... هو ڪجهہ بہ نہ ڪري سگهيو. هن جا خواب سوچون، خيال، ذميواريون سڀ ان ”ٽي ٽيءَ“ جي نالي ڳڙڪائي وئي، جنھن کي ٽرائيگر ڪندڙ، شايد حواس وڃايل هو، هاڻي ڇا ٿيندو...؟ هو موٽي ڪونہ ايندو. نڪتل گولي واپس نہ ورندي. خمار لٿو هوندو تہ سمڪ پئي هوندي تہ ڪيڏو نہ ڪھرام ٿي چڪو آهي.
گلن جي موسم ڪليون نہ آنديون
بھارن آندا پٽن جا لاشا
والد گرامي مرتبت.... هن خنڪ موسم ۾ مٽي وجهي موٽيو هوندو، اڃا هن جي قبر جو گلاب ماڪ جي ڪري وڌيو آلو هوندو، جيڪو اسان سڀني کان هڪ دفعو وري پڇي ٿو تہ منھنجي زندگيءَ جو مقصد ڇا هي دوستو....!
۽ جي مان جواب نہ ڏيان.... ۽ توهان کي ڏيڻ لاءِ چوان.... ڪجهہ دير لاءِ مان هن جو پيءُ ۽ استاد ٿيڻ کان انڪاري هجان.... ۽ توهان کي استاد ٿيڻ لاءِ چوان تہ توهان ماتم ڪدي ۾ تڏي تي ويھي ڪھڙو جواب ڏيندئو؟ ڪھڙو بہ کڻي ڏيو... پر مون کي پڪ آهي تہ اهو چوڻ جو اوهان ۾ حوصلو نہ هوندو تہ ٻچا.... تنھنجي زندگيءَ جو مقصد هيتري محنت ڪري ايترو مٿانھين مقام تي پھچي بہ.... هڪ گوليءَ جو کاڄ بڻجڻ آهي ڇاڪاڻ تہ اسان توکي قربان تہ ڪري سگهون ٿا، پر پنھنجي سرمستي ڇڏي نٿا سگهون.
نعيم.... پُٽَ.... مولاءِ ڪل تنھنجي قبر ڪشادي رکي ۽ تون آرام سان پنھنجي سونھن سميت ائين ئي شرمائيندو.... مرڪندو رهين... آمين.


ڇپيل: خميس، 24 نومبر2004ع