شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 170
  • 57
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

ڦُلان دَي رنگ ڪالَي (ادا خليل الرحمان جو فرزند: ميان مسعود)

گلابن کي قدرت ڳاڙهو الاءِ ڇو خلقيو آهي؟.... مرضي مالڪ مٺي ذوالجلال والاڪرام جي آهي، جيڪو بلند شان ۽ عظمتن وارو رب آهي، پر خوشين ۽ ڏکن جي ٻنھي ڪيفيتن ۾ هڪ جھڙو استعمال ٿيندڙ ان گُل جو رنگ ۽ خوشبو هانءَ کي مُٺ ۾ جهلڻ جي طاقت رکن ٿا.... موقعو کڻي ڪھڙو بہ هجي، گلاب.... گلاب آهي.... مھل جي راڳ جيان سندس ”واسُ“ ڀرپور اثر ڪري ٿو. گهوٽ ڪنوار جي سيج تي هجي يا آلي مرقد ۾ موڪليل ڪنھن مھربان مٿان، رخصتيءَ جي ٻنھي تاثرن ۾، گلاب الڳ الڳ جاءِ والارڻ جي ڀرپور سُڌ رکي ٿو. ڪنھن ساٿيءَ جي هٿ جهلڻ مھل سندس واسُ ٻِيو هجي ٿو ۽ هٿ ڇڏائڻ مھل وري اهو ماڳھين ٻيو بڻجي ٿو وڃي. اهو ئي تہ گلاب جو خاصو آهي. جيڪڏهن کڙي ٿو تہ ڪمال ٿي ٿو وڃي ۽ جي ڪومائجي ٿو تہ زوال جا سڀ رنگ سامھون اچن ٿا.... توهان سڀئي گلن جي ڪومائجڻ کي ڪڏهن غور سان ڏسو، گلاب جي اڻت الڳ نظر ايندوَ.
۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو حياتين جي سونھن کي، گلاب حياتيءَ جو نالو ڏنو ويو.... جتي جواني ٽڙي ٿي، جتي جسم ۾ طاقت، اڻ لکي سونھن ۽ اڻ پيتيءَ جا نشا سمائجن ٿا، آواز ڳرو ٿئي ٿو ۽ ڪلھا ۽ سينو ويڪرو.... اتي ئي حياتيءَ جو گلاب، گلاب بڻجي ٿو.... عمرِ عزيز جي اڳيان وڌڻ سان زوال ورائي ٿو ۽ نيٺ حياتيءَ جون پتيون يا ”پنکڙيون“ ڪاراٽجي، سڙي سُڪي ڀور ڀور ٿين ٿيون.... انسان هن جھان کان موڪلائي ٿو.
پر اهو سڀ ايئن بہ ناهي عزيزانِ من.... موڪلائڻ جو سمئو رڳو، آخري گهڙين ۾ نہ ٿو اچي.... اجل جو ڀاڪر گل کي ڪنھن بہ گهڙيءَ ٽاريءَ کان ڇِني ڌار ڪري سگهي ٿو.... وڃڻ وارو ڪنھن بہ ڪارڻ رخصت ٿئي ٿو تہ حياتي ان ڪارڻ تي ماتم ڪندي رهي ٿي.... موت برحق آهي.... روڪڻ سان ڪير بہ رڪجي نہ ٿو سگهي، پر انومانن جي هن جھان ۾، دل سوين دليل سامھان ڪري ٿي.... جيڪڏهن هنئين ٿئي ها تہ ڇا ٿئي ها....؟ جي هونئن ٿئي ها تہ ڇا ٿي پوي ها....؟ جيڪڏهن ڄاڻون سڀ ڪجهہ ٿا تہ ڪجهہ بہ ڪونہ ٿئي ها.... سڀ ڪجهہ مقرر آهي.... نہ ساعت هيڏي نہ هوڏي.... پر دل ديواني دليل ۽ منطقون ڊوڙائيندي رهندي آهي تہ ڀلا جي رخصتي ٿي ئي هئي تہ ڪنھن چڱيءَ نموني تہ ٿئي ها.... ائين بي سر و سامان، مسافر جي موڪلاڻي، ڇا تبديل ٿي نہ پئي سگهي؟.... ڇا هڪ ڀيرو.... صرف هڪ ڀيرو، سمجهہ ۽ عقل اهڙو ڪو سلسلو نہ پيا ڪري سگهن تہ اهو هٿ جهلي چئي سگهجي ها.... ”جانِ عزيز.... حُڪم حاڪم آهي.... قبول آهي.... سڀ ڪوششون ٿي گذريون.... اجازت ناهي.... سو هاڻي وڃڻو ئي پوندو....“ ۽ ڪا آخري چُمي ان نراڙ تي آخري سلام ڦيري.... سرد ٿيندڙ هٿن ۾، پنھنجن جيئرن هٿن جي گرميءَ کي منتقل ڪرڻ جي آخري ڪوشش بہ ٿيندي رهي.... وسامندڙ ڏياٽين ۾ پنھنجو آخري عڪس تہ ڏسڻ گهرجي.
اهو سڀ تڏهن ٿي بہ سگهي ٿو، جڏهن معالج، مريض سان ۽ انھن جي مٽن مائٽن سان محبت ڪندو هجي.... مرض جي باري ۾ ڄاڻ رکندو هجي.... پاڻ کي عقلِ ڪل نہ سمجهي ۽ ﷲ تبارڪ وتعاليٰ جي ذات کان ڊڄندو هجي ۽ پنھنجي پڇاڻي بابت پريشان هجي. هاڻي انھن مٿين شين مان، نہ ٿي سمجهہ اچي تہ ڪھڙي شيءِ ڊاڪٽر صاحبان وٽ باقي بچي آهي. هلو ڀلا، جي مريض سان محبت نہ ٿا ڪن تہ گهٽ ۾ گهٽ پئسي سان محبت ڪندي، مرض جي باري ۾ تہ ڄاڻ رکندا ڪن. پنھنجي پڇاڻي جي ڳڻتي نہ هُجين، پر مرض بابت پڇاڻي تي تہ ڪو جواب ڏئي سگهن.... هاڻي اهو سڀ تہ هنن جو احوال آهي، پر گهٽ عذاب اسان جا ”پڙهيل لکيل عوام“ بہ ناهن ڏنا.... جو سڀ ڪجهہ ڄاڻندي بہ ”عطائي ڊاڪٽرن“ يعني گهورڙين، ڪمپائونڊرن ۽ جعلي نالي ”ڊاڪٽر“ سڏائيندڙن کان ”سستو علاج“ ڪرائڻ جي چڪر ۾، هو حياتيون وڃائن ٿا.... ”ڌڻيءَ جي رضا“ جي جملي کي ڪتب آڻيندي، هُو ان سستائپ جي ڳالھہ ئي نٿا ڪرڻ چاهين، جنھن جو سھارو وٺندي، هنن ڄاڻي ٻجهي ڪنھن جي حياتيءَ جي ڏيئي مان تيل کٽايو هو. هٿ ٻڌي عرض ڪيان ٿو تہ وڃڻ واري کي وڃڻو تہ هونئن ئي هو.... پر جيڪي گهڙيون، هن وٽ باقي بچيون هيون، ان ۾ ڪيتري پرواھہ يا ڪيتري لاپرواهي هم رڪاب رهي هئي، ڪھڙو ”اصلي ڊاڪٽر“ تپاسڻ آيو هو.... ڇا ٿيو هيو.... ڇا ٿيڻ گهربو هو.... عقل، هوش وخرد ۽ سوچ ان مھل ڪھڙو ڪم ڪري ٿي؟
زمانو گيسٽرو ۾ وٺجي ويو آهي، ”عام“ سمجهي ويندڙ ان بيماريءَ لاءِ عوام جو خيال کڻي ڪھڙو بہ هجي، سچ تہ ان جي ”خطرناڪي“ اڃا تائين اسان کي سمجهہ ۾ نٿي اچي. عام کنگهہ بخار جيان، اسين هن بيماريءَ کي بہ عام ئي وٺون ٿا. جڏهن تہ اها خاص ڌيان گهري ٿي، ڊاڪٽرن جو، دوستن ۽ مٽن مائٽن جو.... ۽ انھن سڀني جو، جن کي ذرڙو بہ شڪ پئجي سگهي ٿو تہ هيءَ خالي دستن ۽ الٽين جي ”ڪھاڻي“ ناهي.... ڪابہ ذري غير ذميواري حياتيءَ جي ڏيئي کي گُل ڪري سگهي ٿي.... اهو بہ مڃجي ٿو تہ ڪٿي ڪٿي اسپتالن ۾ بھرحال بروقت دوائون ناهن يا علاج نہ ٿو ٿئي، پر بھرحال، ڪوششن جو ”جهان“ آباد ڪرڻ گهرجي ۽ ضرور ڪرڻ گهرجي.... منٿ ڪيان ٿو، مھرباني ڪري، ڪنھن بہ لحاظ کان لاپرواهي يا بي احتياطي نہ ڪرڻ گهرجي.
منھنجي گهر جو ”گلاب“ هڪ شھر بي امان ۾ وڃڻ لاءِ جڏهن بس ۾ ويٺو هيو تہ الاءِ ڇو رخصتيءَ جي ان گهڙيءَ ۾، هن ايئرڪنڊيشنڊ بس جي دريءَ مان، شيشي جي پار ويٺي هٿ لوڏيو هو.... منھنجو اولاد هو.... ان ڳالھہ کان واقف هئس تہ هو بيحد شرميلو آهي.... لڄارو آهي.... اک ملائي ناهي سگهندو ۽ ادب وچان وري ويجهو اچڻ جي جرئت ناهي ڪندو. سندس لڏندڙ هٿ جو عڪس الاءِ ڇو ڄڻ ”فريز“ ٿي ويو هو. الاءِ ڪيتريون ساعتون اها سوچ ذهن جڪڙيو ويٺي هئي تہ هن ايئن ڇو ڪيو، پر پوءِ هڪڙو مضبوط خيال اهو بہ اُڀريو تہ ارڙنھن سالن جو جوان پُٽ آهي.... جواني الاءِ ڪيترا گُر سيکاريندي آهي، ٿي سگهي ٿو، هن کي بہ نگاھہ ملائڻ جو هُنر اچي ويو هجي.... پنھنجي ناناڻي شھر ۾ وڃي، هن اهي ڏينھن بنھہ تيزيءَ سان گذاريا. واپسيءَ جو پروگرام ٺھي ويو، پر ڪجهہ برساتون هيون.... ڪجهہ ٻيو سبب هو. اتي ئي ترسيل شھزادي کي، رات کان وٺي ان حالت کي مُنھن ڏيڻو پئجي ويو. اوچتو کيس دست ۽ اُلٽيون ٿي پيا هئا. سڄي رات باٿ روم جا چڪر هڻندي هن ڪنھن سان بہ ڳالھہ نہ ڪئي هئي. پر سج اُڀرڻ کان پوءِ سندس ساڻو وجود الاءِ ڪيتريون حڪايتون بيان ڪري ويو.... ائين بلڪل ڪونہ هو، معزز صاحبانِ علم ونظر تہ اتي ڪوبہ پڙهيل لکيل نہ هو.... سڀئي هئا پر سندن معالج هڪ ”ڪمپائونڊر“ هيو، جنھن کي وات ٽڪاڻيءَ سان، سڀئي ”ڊاڪٽر“ سڏيندا هئا. هاڻي انھيءَ ڪمپائونڊر صاحب سان رجوع ڪيو ويو، جنھن پنھنجي دڪان جي گهٽيءَ ۾، هڪ نئين ٺھندڙ عمارت جي هڪ ڀت ۾ ڪلي هڻي ”ڊرپ“ ڳنڍي ۽ لڳائي ڇڏي.... صاحب کي قطعي اندازو نہ هيو تہ ”ڪيس“ ڇا جو آهي؟ ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ ٻہ ڊرپون خالي ڪيائين.... لازمًا، جسم ۾ ڪجهہ سامت آئي هوندي، پر اهو سڀ علاج نہ هيو. ان عظيم ڊاڪٽر وٽان، نوجوان گهر پھتو تہ حالت اها ئي ساڳي هئي. گهر وارن کي ”ڊاڪٽر صاحب“ فرمائي ڇڏيو هو تہ فڪر جي ڪابہ ڳالھہ ڪانھي، سڀ ٺيڪ آهي، توهان وهاڻو مٿي کان ڏئي سمھي رهو.... هوڏانھن هن جي حالت بگڙجندي وئي.... پر ڪنھن کي بہ ڪابہ اسپتال ياد نہ آئي. بس ان ڊاڪٽر جي ”ڳليءَ جا چڪر“ هئا ۽ ڊاڪٽر صاحب جا دلاسا ۽ دهمان هلندا رهيا....
ڏينھن جو ٻارنھين وڳي ڌاري مون تائين اطلاع پھتو هو عزيزانِ من.... عرض ڪري چڪو آهيان، بارشن جو زمانو هو، مٿان وري قدرت خدا جي، گاڏي خراب هئي ۽ پنڌ ڇھن ڪلاڪن جو هو، سو بہ تيز ترين رفتار سان.... مون فونون کڙڪائڻ شروع ڪيون.... منٿون.... ميڙون.... آزيون.... نيزاريون.... ”بابا.... اها صورتحال ٺيڪ ناهي.... جلد کان جلد اسپتال پھچو.“ جواب مليو، ”ڊاڪٽر صاحب ڏسي ويو آهي.... ڊاڪٽر صاحب هي چئي ويو آهي.... هُو چئي ويو آهي.... هاڻي نوجوان ڪجهہ ٺيڪ آهي....“ هاڻي فون تي اها خبر تہ نہ پئجي سگهي هئي تہ جنھن کي ڊاڪٽر صاحب سڏين پيا ٿا، سو مڪر ۽ فريب آهي.... ڊاڪٽر ڌوڙ آهي.... آخر هتان جي ايم ايس سان ڳالھايم، جنھن چيو، ”ادا منٽ ڪر.... دير نہ ڪر.... هي دوائون لکاءِ اهي ڏيارينس ۽ اسپتال پھچارائينس....“
عذاب اهو بہ هو جو گهر ۾ فون ڪونہ هئي. اوڙي پاڙي ۽ دڪانن تي ڳالھائڻ ٿيو پئي. اڃا موبائيل بہ گهڻا عام ڪونہ ٿيا هئا. هڪ ”مھربان“ کي دوائون لکايم.... منٿ ڪئي مانس تہ پئسي جو فڪر نہ ڪجو.... بس هڪدم دوا ڏياريوس. فون تي ڄڻ چپٽي وڄائيندو هجي ”هينئن ٿو وڃان دادا.... بس سمجهو منٽن ۾ دوا ٿو پھچايان.“ پر پوءِ اهو پنون ئي گم ٿي ويو.... لاغرضي، لاپرواهي ۽ انڌي اعتقاد، ڇھن ڪلاڪن ۾ هڪ بي انتھا تندرست، خوبصورت، ڀرپور وجود کي رخصت ڪري ڇڏيو.... مان هتي پنھنجي جل شانہ کي حاضر ناظر ڄاڻي لکان ٿو تہ جنھن گهڙيءَ اها پھرين فون مون کي ملي هئي تہ الاءِ ڇو جنھن خيال پھرين ڌڪ هنيو هو، سو اهو هو تہ ”اڄ هُو گذاري ويندو....“ هاڻي ٻارنھين وڳي کان وٺي چار لڳي پنجاھہ منٽن تائين هن جي وفات ٿيڻ تائين هڪڙو پيءُ ڪيئن ڦٿڪيو هوندو.... ان جو اندازو هر صاحبِ دل لڳائي سگهي ٿو.... منٿ ميڙ ۾ ڪھڙي ليول تائين لٿو هوندس.... ڪيئن نہ هڪ هڪ کي ٻاڏايو هوندم، پر ڪنھن کي بہ اهو احساس نہ ٿيو تہ ڇا ٿيو آهي، يا ڇا ٿي سگهي ٿو؟ قصو اڃا بہ وڏو آهي، معزز خواتين وحضرات.... پنھنجي آتم ڪٿا ”اسين ڏاڍو ڪڏهن کلندا هئاسين“ ۾ مون هڪڙو پورو باب، ان المئي جي نذر ڪيو آهي.... پر اڄ هتي، هن خواب نگر ۾ اهو سڀ لکڻ ان لاءِ بہ ضروري ٿي ويو آهي جو اها اڻ ڄاڻائي، اها لاغرضي، الاءِ ڪھڙي قيامت آڻي سگهي ٿي. اڻڄاڻائي تہ کڻِ درگذر ٿي سگهي ٿي، پر لاغرضي تہ نسورو ظلم آهي.
اوهان جيڪڏهن اڻڄاڻ آهيو تہ اوهان لاءِ ڄاڻ اها آهي تہ دستن کي ڪنھن بہ لحاظ کان شدت وٺڻ نہ گهرجي.... جي پاڻياٺ جو اخراج وڌي وڃي تہ هڪدم اسپتال پڄجي ۽ ڊاڪٽر سان ملجي.... هٿ ٻڌان ٿو تہ، ”ڊاڪٽر“ سان ملجي.... ڪنھن ڪمپائونڊر، ڪنھن سڌڙئي يا عطائيءَ وٽ هرگز نہ وڃو.... خالي گلوڪوز يا بوتلون لڳرائڻ ڪو علاج ڪونھي.... ڪجهہ بہ ٿي سگهي ٿو.... اهو ذهن ۾ ضرور رکو....
جولاءِ جي اڻٽيھينءَ تي، هُو رخصت ٿيو هو.... الاءِ ڇو گرمين جي موسم ۾ جڏهن گيسٽرو زور وٺندو آهي ۽ حياتيون رخصت ٿينديون آهن تہ منھنجي دل پنھنجو وڃايل تڏو ياد ڪندي آهي. خالي دل جي خالي ڪُنڊن ۾، قدرت سان ڪابہ شڪايت ناهي، ڇاڪاڻ تہ اجل تہ برحق آهي، پر الاءِ ڪيترا سوال، سلوڪن جي نسبت سان تنگ ڪندا آهن. ڄاڻ جي اهميت کي وراڪا ڏيندا آهن.... جي علاج جي اهميت نہ هجي تہ هرڪو بيمار، هڪدم ”هنڌ بسترو“ ٻڌي وٺي. ڌڻيءَ جو ئي حڪم آهي تہ هر مرض لاءِ شفا آهي.... ڪوشش تہ بھرحال ڪرڻي ئي آهي ۽ صحيح ڪرڻي آهي. گلاب کي قدرت شايد ان ڪري بہ ڳاڙهو خلقيو آهي تہ اسين جن جي سار ۾ رت روئيندا رهندا آهيون، اها سار بہ ڳاڙهي هوندي آهي. جڏهن بہ هوائن ۾ اسد امانت علي خان مرحوم جو آواز صدا هڻندو آهي تہ، ”ڦلان دي رنگ ڪالي..... سرخ گلابان دي موسم وچ.... ڦلان دي رنگ ڪالي....“ تہ بي مھر سماعتن ۾ اها ڳاڙهاڻ ڪاراٽجي ويندي آهي. انڌن اعتبارن، سُستين، ڪاهلين ۽ ”هاڻي ٿا ڪيون.... اجهو منٽ ٿا ڪيون.... فٽافٽ ٿا ڪيون ۽ سڀ ٺيڪ آهي....“ جا جملا ڊم ٿيندا رهندا آهن.
مان اوهان جي محبتن جو ازل کان شڪر گذار آهيان.... پر چوندا آهن تہ جيڪا جاءِ سڙندي آهي، اتي ئي ”سيڪ“ بہ گهڻو هوندو آهي. اوهان پڙهيل لکيل آهيو، يا اوهان کي هي سٽون ڪير پڙهي پيو ٻڌائي.... عرض رڳو اهو ڪرڻو آهي تہ جنھن مھل بہ ڏسو ٿا تہ مريض جي جسم مان پاڻياٺ تيزيءَ سان نڪري پئي تہ هڪدم اسپتال کان گهٽ، ڪنھن بہ جاءِ تي نہ وڃو.... ”پوءِ ٿا کڻايون.... ٿورو ٺيڪ ٿي ويو آهي.... ڀلي آرام ڪري وٺي....“ جھڙا جملا نہ گهڙيو.... ها.... اصلي ڊاڪٽر اجازت ڏئي تہ پوءِ ٺيڪ آهي، پوءِ ڀلي مريض گهر ۾ هجي ۽ اهو بہ نہ وسارجو تہ پاڻياٺ جي اخراج جي خبر چمڙيءَ جي ڇڪڻ سان بہ ٿيندي آهي. هٿ جي پُٺ تي کل ڇڪي چپٽيءَ سان ڇڏي ڏيو، جيڪڏهن کل هڪدم واپس وڃي تہ معنيٰ پاڻياٺ خطري جي حد کان ٻاهر ناهي نڪتي ۽ جيڪڏهن اها کَل ”آهستي آهستي....“ واپس مڙي تہ معنيٰ حالت ٺيڪ نہ آهي. ايمرجنسي شروع ٿي چڪي آهي.
مولاءِ ڪل جل شانہ اوهان جا ويڙها آباد رکي.... اوهان آسودا هجو.... گلاب رُت ۾، گلاب جي سونھن ڏسي مُرڪندا رهو.... ڌڻي توهان کي مُرڪون بخشي.... ڳاڙهن گلابن جي وچ ۾، ڪاراٽيل رنگ، سڄيءَ حياتيءَ کي ڪاراٽي ڇڏي ٿو.... سڄو ويڙهو ويران ڪري ڇڏي ٿو ۽ ان جو سبب اسان مان ڪير هجي تہ اندر ۾ بہ اوندھہ تہ ٿيندي آهي. پوءِ ٻاهران کڻي ڪيترا بہ اڇا اجرا ۽ ڳاڙها ڳٽول ڇو نہ هجون، گلاب تہ اسان جي اندر جو بہ سڙي ڪاراٽجي ئي ويندو آهي.

ڇپيل: آچر 3 جون 2007ع