ادا ظفر (مصور: ظفر ڪاظمي)
چاليھارو سال کن اڳ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪالوني، ڪجهہ ڪوارٽر ۽ ڪجهہ بنگلا هوندي هئي. ريلوي اسٽيشن جي اولھہ طرف، ملڪ ”ڀڙ ڀانگ“ لڳو پيو هوندو هو. سپر هاءِ وي جو وجود نہ هو. پراڻو روڊ، جيڪو المنظر واري پاسي کان اڄ بہ قائم آهي، ائين ئي مھڪندو مرڪندو رهندو هو. اتان سواري ايل ايم سيءَ ويندي هئي ۽ پوءِ اتان جي پٺ تان ڦري، اها عظيم الشان بس، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني مان لنگهندي هئي ۽ آنڱرين تي ڳڻڻ جيترن مسافرن جي مھماني ڪندي هئي. تڏهن تمام ٿورا وجود هتي موجودگيءَ جو احساس ڏياريندا هئا ۽ اتفاق سان انھن مان ٽي خاندان، وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ جيان هتي اچي گڏ ٿيا هئا. سيوهڻ شريف جا مغل، قمبر جا ابڙا ۽ آمريءَ جا سيد. ڊاڪٽر عبدالرحمان مغل مرحوم، محترم دارا عالم ابڙو ۽ سيد ظفر ڪاظمي. ڌڻيءَ جي قدرت سان، هنن ٽنھي کي گهر بہ گڏ نصيب ٿيا. 1966ع جي ان سن ۾ عابد، دارا ۽ ظفر ڄڻ هڪٻئي جا رفيق بڻجي ويا.
ادا عبدالرحمان، اسان سڀني ۾ وڏو هو. معنيٰ ان جا دوست بہ ان جھڙا ئي ٿيا. هاڻي انھن کي سڀ گهر وارا ”ادا ظفر“ ۽ ”ادا دارا“ سڏيندا هئا. عجيب ميٺ محبت جو زمانو هيو. امڙيون تہ هونئن بہ ڪمال هونديون آهن. اها خبر نہ هوندي هئي تہ ننڍي ڪوارٽر ۾ امان طارق ۽ ساقي يعني شبير عالم جي والدہ آهي، يا هن محمود کي ڄڻيو آهي؟ هيڏانھن وري اي سورنھن ڪوارٽر ۾، رڌڻي جي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي گرھہ کائيندڙ شبير ۽ محمود جي خبر نہ پوندي هئي تہ ڪير مغل آهي، ڪير ابڙو.... زمانو عجيب سر خوشيءَ ۾ گذرندو هو. ادا ظفر جي گهر واري ڀاڀي قيصر، اسان سڀني جي ڀاڀي هوندي هئي. بلڪ کڻي چئجي تہ وڏي شھر جي ”وڏي شھري زندگيءَ“ ۾ هوءَ اسان جو پھريون محور هوندي هئي. امان جي پھرين ننھن لڳندي هئي. اڃا عبدالرحمان جي شادي ڪونہ ٿي هئي ۽ اهو درجو ادا ظفر وٺي ويو هو. هاڻي اهو دور عجيب هو. هڪڙو جذباتي نوجوان، فن مصوريءَ ساز و آهنگ سان لنئون لڳائي ويٺو هو. سندس آواز گهٽيءَ جي مھڙ کان ئي محسوس ٿيندو هو. ٻاهران ئي رڙ ڪري ادا کي سڏ ڪندو هو ۽ اسين سڀ جھڙا گهر ۾ سمجهي ويندا هئاسين. ايڏو رعب.... ايڏو دٻدٻو. ادا ٻاهر نڪري، ٻئي گڏجن ۽ ڪٿي روانہ ٿين تہ ساھہ ۾ ساھہ پوي....
مٿان وري ادا ظفر جا ٻار ۽ مان، تقريبًا هڪ عمر جا هئاسين. وڏو فرزند زبير ۽ وڏي نياڻي، لڳ ڀڳ منھنجي عمر جا هئا ۽ ٻيا سڀ ٻار پوءِ پيدا ٿيا. وقت گذرڻ سان تعلق جي ڏور ايتري تہ مضبوط ٿي، جو ٻنھي گهرن جي وچ ۾ هاڻي ڀت بہ بس ڀت ئي وڃي رهي.... رڳو سرن ۽ سيمنٽ جو سرشتو.... دلين ۾ تہ ڪا ديوار رهي ئي ڪانہ.... ادا ظفر جي وڏين نياڻين ۽ زبير کي امان قرآن شريف جي تعليم گهر جي مدرسي ۾ ڏني. اسين سڀ گڏ پڙهياسين. پل پوپٽ ٿي ترڪندا رهيا.
انھن زمانن ۾، معزز خواتين وحضرات اها خبر قطعي نہ پوندي هئي تہ ڪير ڪھڙي نوڪريءَ ۾ آهي.... مطلب.... ادا دارا ڇا ڪندو آهي يا ادا ظفر ڪٿي هوندو آهي؟ نسورو ساھہ پيو ويندو هو.... ۽ شايد اسين ايترا هوشيار نہ هوندا هئاسين.... جو زماني جي ايتري خبر هجي.... رهندا گڏ هئاسين، بس اهو علم هيو ۽ نيٺ هڪ ڏينھن اکين ۾ آب جي اها صورت نظر آئي تہ خبر پئي تہ ادا ظفر وارا ڪالونيءَ مان وڃن پيا.... الاءِ ڪيترا ڏينھن تن ڏينھن جي ننڍي وستي، اداسيءَ جي ورقن ۾ ويڙهيل رهي.... پوءِ بھرحال وقت، الاءِ ڪيترا پَر ڇنڊيندو رهيو ۽ غم دوران جي ڀاڪرن، ياد جي چڀڪي کي، ٻيا رنگ ڏئي ڇڏيا. پر حياتيءَ جي هن موڙ تائين.... هزيزانء من.... خاندان جو ساٿ ائين ئي ڳنڍيل رهيو آهي.... کڻي ايتري شدت سان اچڻ وڃڻ ناهي رهيو، پر خوشيءَ ۽ غميءَ جي هر منظر ۾، ساٿ جو اهو پس منظر ساڳئي بيڪ ڊراپ سان نظر ايندو رهيو. ادا ظفر ۽ انھن جي گهر وارن اسان کي ڪٿي بہ اڪيلو نہ ڇڏيو. محبتون وقت جون محتاج ڪڏهن بہ نہ رهيون.
سندس ڦوھہ جوانيءَ کان وٺي، ساڻس آخري ملاقات تائين، مون ڪڏهن بہ سندس قوت ارادي، ارڏائپ ۽ بيباڪيءَ ۾ ڪابہ کوٽ نہ ڏٺي.... خوش لباس، خوش ادا ۽ خوش رنگ ادا ظفر، گهڻو ڪري مٿي تي، پي ڪيپ پائيندو هو. سياري جي موسم ۾ خوبصورت ڪوٽ ۽ اونھاري ۾ وري زبردست شرٽون اسان سڀني کي موهت ڪنديون هيون. گهر ۾ گهڻو ڪري ٽي شرٽ يا شرٽ تي شلوار پھريندو ادا ظفر، جڏهن رنگن سان کيڏندو هيو تہ سندس ننڍڙو ڪوارٽر، ڄڻ رنگ منچ بنجي ويندو هو. ان هلئي ۾، ان لباس ۾، هو هر ڪنھن جي سامھون نہ ايندو هو. پر اسين ڪي مخصوص گهر ڀاتي ساڻس ملي سگهندا هئاسين. لھجي جو تند.... تيز ۽ جملي کي ڦهڪائڻ وارو.... هو ڪڏهن بہ، ڪنھن بہ مروت کان ڪم نہ وٺندو هو.... ايتري حد تائين جو پنھنجي ذات جو سڀ کان وڏو نقاد هُو پنھنجو پاڻ هوندو هو.
”ڇا ڪندين بابا.... منھنجو انٽرويو ڪري....؟“ منھنجي منٿ تي، پنھنجي بيڊ تي ٽيڪ لڳايل ڪراڙي گهور ڪئي هئي.... ”منھنجو محمود آهين نہ.... محمود رھہ.... توکي ڪھڙي ضرورت پئي آهي تہ تون ٽي ويءَ جي حوالي سان مون سان ڳالھائين. تون منھنجو ننڍڙو محمود آهين، بس اهو ڪافي آهي.... ۽ هونئن بہ بابلا.... جي تون منھنجو انٽرويو ڪري بہ وٺين تہ .... اهي.... توکي هلائڻ ڏيندا؟ توکي ڇا ٿو لڳي، هو مون کي ٻڌي سگهندا؟ توکان مون کي انڪار ناهي يار.... مون کي هنن کان انڪار آهي....“
مان، ان حسرت تان دل کڻي ويو هوس.... پر ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ رهندڙ ان ساٿ ۾ هڪ اهل علم دانش جو هڪ جملو منھنجي اندر کي چير ڏئي ويو هيو جو هڪ محفل ۾ هن ادا ظفر لاءِ چيو هو ”بدتميز ماڻھو آهي، بي موقع مھل ڳالھائيندو آهي....“ منھنجي اندر ۾ هڪڙو جملو آيو هو تہ سچ جو ڪو موقعو ناهي ڳولبو، پر اندر جو گيدي پڻ ايترو ڳالھائڻ ئي ڪٿي ٿو ڏئي.
ادا ظفر المعروف ظفر ڪاظمي، سڄي حياتي درويشن جيان رهيو.... خوبصورت گهر ۾، رنگن جي هجوم ۾، سندس وجود جي بي ترتيبي سدائين نظر ايندي هئي. ائين ڪونہ هوندو هو جو شيون ٽڙيل پکڙيل ملن.... پر سندس بڙ جيان گهاٽي شخصيت جي ڇانءَ جو عڪس هر هنڌ نظر ايندو هو. انھن سڀني ڳالھين ۾ ڏکي ڳالھہ اها هوندي هئي تہ هر هنڌ سندس وجود ڏاڍو مڪمل ۽ ڪمپوزڊ لڳندو هو. مھل محلات هجي.... سنڌ ميوزيم ۾ خوبصورت گهر هجي يا وري اهو ڪوارٽر، جنھن ۾ هن پنھنجي ڌڻيءَ جي حضور ۾ حاضري ڀري. سندس شخصيت هر هنڌ اُڀري ايندي هئي. هو ڪمال سونھن سان، شين کي ترتيب ڏيڻ جو فن ڄاڻندو هو. پر تہ بہ الاءِ ڇو، وڃايل وڃايل لڳندو هو. شايد اها ئي سندس عظمتن جي نشاني هئي. عظيم فنڪارن وٽ پنھنجو هوندو ئي ڇا آهي؟
ڪالھہ، جنھن مھل، ڪيمرا مئن، سندس گهر جي ٻاهران بيٺل هئا، سندس وڇوڙي جو واءُ، گهلي رهيو هو.... تہ ڪاشف شاھہ ٻڌايو تہ ادا آمريءَ وڃان پيو، قبر جو بندوبست ڪرڻو آهي. ٻاهر، تڏي تي، ادا دارا ۽ ٻيا ڪيترا ئي سڄاڻ چھرا ويٺل هئا. دل ۾ هڪ سٽ اٿي هئي تہ مولا.... هن شخص، سڄي ڄمار پنھنجي هٿن جو پورهيو، هن جاءِ کي ارپيو آهي. هڪ هڪ سر هن لاءِ اداس آهي. ميوزيم، هال، عمارت، سڀني جاين کي ڄڻ خبر پئجي وئي آهي تہ ظفر ڪاظمي وڃي چڪو آهي.... هاڻي ڊگهين آڱرين وارا اهي هٿ، خالي ڀت کي ڇھڻ لاءِ بہ نہ ايندا، اها نگاھہ نہ کڄندي جنھن ۾ نگھباني بہ هوندي هئي تہ پارت بہ.... فڪر بہ هوندو هو تہ محبت بہ، مرڪ بہ هوندي هئي تہ گھري اداسي بہ.... هاڻي هٿ بہ بند آهن تہ اکيون بہ.... پوءِ ڇا اهو نہ ٿو ٿي سگهي مالڪ تہ عاشق ناشاد کي اتي ئي جاءِ ملي.... پرينءَ جي گهٽيءَ ۾ هن کي جاءِ ڏئي ڇڏ ڌڻي.... جسم تہ ڪڏهوڪو وڃي چڪو آهي، هتان وڇڙيو تہ هن جو روح بہ ختم ٿي ويندو. ڪالھہ ڌڻيءَ کيس، سندس حسرت مطابق اها جاءِ ڏني، جتي سندس ذات ڦيرا پائيندي هئي. هن سڄي عمر سنڌ ميوزيم کي پنھنجو سڏيو، اڄ ميوزيم کيس پنھنجو ڪري ورتو آهي.
لفظن ۾ عجيب رنگ آهي صاحبان.... کانئس وڇڙئي اڃا ڪجهہ ڪلاڪ ٿيا آهن.... سنڌي ثقافت، هنر ۽ مان مريادا جو مٺُ محترم ظفر ڪاظمي، في الوقت ڄڻ سڀني منظرن کي بليڪ اينڊ وائيٽ ڪري ويو آهي.... هڪ ننڍي ڀاءُ کي ائين لڳي پيو ٿو، پر جن کي بہ، انھيءَ هنر جي ڪا ڄاڻ آهي، انھن کي اندر ۾ اهو احساس ضرور جهوري ٿو تہ هاڻي سنڌ ۾ ڪوبہ ظفر ڪاظمي ناهي رهيو. پنھنجي ڪلا، پنھنجي ڄاڻ ۽ فني مھارت وارو هي يگانو فنڪار، آرٽسٽ، چترڪار، مجسمه ساز، شاعر، ليکڪ، علڻ فقير جو ٿڃ شريڪ ڀاءُ ۽ اسان جو ادا ظفر.... هاڻي اسان لاءِ تہ ياد ئي بڻجندو، پر جن کيس وساريو هو، انھن لاءِ بہ سنڌ ميوزيم ۾ موجود، سندس مرقد، بي موقع مھل، سچ ڳالھائيندو رهندو.
مولاءِ ڪل جل شانہ کيس آسودہ خاڪ رکي، پنھنجي مٽي پنھنجي حياتيءَ ۾ هن خوب ملھائي. آمريءَ جو پنوڙو، حيدرآباد ۾ آرامي آهي.... هڪ ڊگهي سفر کان پوءِ هو ڀلي آرام ڪري، پر سندس پورهئي ۽ سفر کي سدائين ياد رکجو.
ڇپيل: آچر 14 جنوري 2007ع