شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 153
  • 50
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

هڪ لوڪل فنڪار جو وڇوڙو (يڪتاري پوٽو: چاڪر چانڊيو )

چاڪر چانڊئي بہ نيٺ راھہ عدم ورتي، انا للہ و انا اليہ راجعون.
فنون لطيفہ بہ عجيب جھان آهي. جنھن تي هن دنيا وانگر مھربان ٿئي، ان جي ”پنئون“ بہ ٻارنھن ٿي ويندي آهي ۽ جنھن کان نگاھہ ڦيري وٺي، ان جا مھربان بہ رسي ويندا آهن. عام حياتيءَ ۾ هڪڙو ئي راڳ ڳايو ويندو آهي تہ فلاڻو، دنيا جي چال سان ”برابر“ هلي نہ سگهيو، پوئتي رهجي ويو... ۽ ائين تہ ٿيڻو ئي هيو... کيس وقت کي سمجهڻ ۾ دير ٿي وئي. ماڻھو، بھرحال وقت کي سمجهي نہ سمجهي، آهي فنا جي رستي تي گامزن.... جن سمجهيو، سي بہ رخصت ٿي ويا ۽ جيڪي زماني کي نہ سمجهي سگهيا، سي بہ مقرر وقت تي موڪلائي رمندا ويا، هر عروج کي زوال آهي. رهندي بس ”هن“ جي ذات بالا صفات، جنھن کي ئي قائم و دائم رهڻو آهي. دنيا جي وفا ۽ بيوفائي ڳائي سگهجي ٿي.
وفا تہ ڪرڻ دنيا کي اچي ئي ڪونہ... ان جو هڪڙو ثبوت اڄ صبح جو ان مھل سيني ۾ ڪانُ بڻجي ويو، جنھن مھل، موسيقيءَ جي دنيا جي هڪ چڱي ”کاشي“ نالي مون ڏانھن نھاريندي پڇيو، ”چاڪر چانڊيو، ڇا ڳائيندو؟“...
۽ بي يقينيءَ کي سيني ۾ سمائي مون عرض ڪيو هيو، ”شادي مرادي ڳائيندو هو... ڪڏهن ڪڏهن مڙئي، ڪو چڱو پروگرام بہ ڪري وٺندو هيو...“
”مطلب.... لوڪل فنڪار هيو؟“ هن وري علم و فضل وکيريو ۽ مون هڪ تلخ مرڪ ڏئي، اقرار ۾ ڪنڌ لوڏي جند ڇڏائي... هن مھل عروج جي ساعتن کي سانڍڻ وارن کي ڪھڙي خبر تہ وقت ڪيترو جلدي ۽ ڪيئن مھربان ٿيندو آهي.
ستر جي ڏهاڪي ۾ هن جو آواز، جهر جهنگ ۾ باھہ ٻاري ويو هو. سندس آلاپ جا پکي مضبوط جسم جا مالڪ هئا. ڏورانھن ڏيھن تائين هن جي آواز ”پرڙا“ هنيا ۽ پنھنجو پاڻ تسليم ڪرايو. ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيندڙ سندس گيتن ۾ الڳ لب ولھجو شامل هيو ۽ ان انفرادي انداز کيس هڪدم مقبول ڪري ڇڏيو هيو.
چاڪر چانڊئي 11 جون 1929ع تي پنج مورو لڳ هڪ ڳوٺ چاڪر خان چانڊيو ۾ ئي جنم ورتو. هن خوبصورت ڳوٺ ۾ سندس والد مصري چانڊيو مزدوري ڪندو هيو، مصري چانڊئي کي قدرت ٻہ نياڻيون ۽ هڪ فرزند اولا جي صورت ۾ عطا ڪيا هئا ۽ سندس هن فرزند کي، فن موسيقيءَ جي ”چاڪري“ ڪرڻي هئي. والد جي مَنَ ۾ ٻيو هيو. هن پنھنجي پٽ چاڪر چانڊئي کي، ڪتابي علم حاصل ڪرڻ لاءِ ”باگي جي ڳوٺ“ ۾ ٺھيل اسڪول ۾ موڪليو، جتي استاد گلاب سنگهہ ۽ استاد پارو مل، چاڪر کي دل سان پڙهائڻ شروع ڪيو، پر غربت جي ڪري هو صرف ٽي درجا پڙهي سگهيو. هٿ مان ڦرهي ڇڏي، هن ٽيڪم ۽ گينتي کنيا، مزدوري شروع ڪئي ۽ حياتيءَ جي رنج و الم کي منھن ڏيڻ لڳو. زندگيءَ جي ابتدا تہ اسڪول کان ڪئي هئائين. ان ڪري اسڪول وارو زمانو کانئس وسريو نہ پئي، جتي هن مختلف ڏهاڙن تي، مختلف فنڪشنن ۾، هم ڪلاسين ۽ وڏن جي سامھون سُر وکيريا هئا. محنت مزدوري ڪندي بہ هن جو راڳ جو شوق نہ گهٽيو.... پنھنجي فَنَ ۾ پير ڄمائڻ لاءِ، هن محنت مزدوري ڪرڻ سان گڏ، ٽلٽيءَ جي هڪ معزز ۽ راڳ جي ڄاڻو شخصيت محترم گمبل شاھہ سائينءَ کان سڳو ٻڌرايو ۽ اها انھن جي دعا هئي، جو 1969ع ۾ مير بھرام خان جي جاگير تي هڪ فنڪشن ۾ مشھور براڊ ڪاسٽر، محترم ايم بي انصاري صاحب کيس ٻڌو ۽ ريڊئي تي اچڻ جي دعوت ڏني. 6 جون 1969ع تي سندس آڊيشن ٿيو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي فنڪارن جي لسٽ ۾ سندس نالو بہ شامل ٿي ويو.
سڀ کان پھريون اسم جيڪو چاڪر چانڊيو رڪارڊ ڪرايو، تنھن جا ٻول هئا ”ڪھڙو ڏوھہ ڏيان پنھنجي ڏيرن کي، لکئي پنڌڙو ڪرايو پيرن کي...“ بس.. اهو هڪڙو ڪلام ڇا رڪارڊ ٿيو، يڪتاري، چپڙيءَ ۽ هارمونيم جي ساٿ ۾، آوازن جي گونج جو رواج اُڀري پيو.... چاڪر چانڊيو هڪدم شھرتن جي عروج کي پھچي ويو هيو. هيءَ ان زماني جي ڳالھہ آهي، جڏهن جهر جهنگ ۾ ريڊئي جي شھنشاهي هئي. اتي اهم ترين ڳالھہ اها بہ آهي تہ چاڪر چانڊيو انھن اهم اوائلي فنڪارن مان هڪڙو هيو، جن ڪئسٽس جي دنيا آباد ڪئي. اها مساوي دنيا (Parallel world) جيڪا ريڊئي سان گڏ وجود ۾ آئي، پوءِ تہ گهڻو اڳتي نڪري وئي، پر بھرحال ان جي وجود ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششن ڪرڻ وارن مان چاڪر چانڊيو بہ هڪ اهم نانءُ آهي. اها ٻي ڳالھہ تہ جلال چانڊئي جي ”هاءِ رائيز“ ڪرڻ جي ڪري امام بخش زرداري، چاڪر چانڊيو، گلاب راءِ ۽ ڪجهہ ٻيا فنڪار، ڪجهہ پوئتي رهجي ويا هئا، پر بھرحال جيڪي راھہ ۾ آبياري ڪن، انھن کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي. دور جديد ۾، گليمر ۽ ڌن دولت سان سٿيل هي جھان اصل ۾ هنن ئي آباد ڪيو هيو.
عجيب سادو فنڪار هيو چاڪر سائين بہ... شرافت، حليمت، نياز ۽ نوڙت، سندس ذات ۾ سمايل هوندا هئا. تمام ادب سان، ملندڙن مان هڪ هيو، سامھون واري کي اها لکَ نہ پوندي هئي تہ ڪو ايڏو وڏو فنڪار ساڻس هم ڪلام آهي. پنھنجي عروج جي دور ۾ هو پھريون فنڪار هيو، جنھن هڪ خوبصورت ڊاٽسن پڪ اپ پنھنجي سفر لاءِ رکي هئي. چاڪر چانڊيو ڪٿي بہ پرفارم ڪرڻ وڃي، ڳانن، موڙن ۽ ڌاڳن سان سجايل اها پڪ اپ جنھن جي ٻنھي پاسن تي ”چاڪر چانڊيو فنڪار“ لکيل هوندو هيو، سندس ڄڻ ”ٽريڊ مارڪ“ هئي. تينس جي سپر اسٽار ”جمي ڪونرز“ وانگر، چاڪر چانڊيو بہ شاھہ خرچيءَ ۾ يقين رکندو هيو ۽ هڪ اسپر اسٽار وانگر پارفارم ڪندو هيو.
توڻي جو کيس ڪوبہ وڏو ايوارڊ، انعام اڪرام نہ مليو، توڻي جو هو ڪڏهن بہ ثقافت کاتي پاران ڪنھن پرڏيھي دوري جي لائق نہ سمجهيو ويو ۽ توڻي جو هو هڪ غريب ڪلاس مان اڀري اچڻ جي ڪري گهڻن کي ناپسند هيو، پر سندس وقت، دور ۽ اهميت ڪنھن کان بہ دٻجي نہ ٿا سگهجن.
هن جھان ۾، جتي هاڻي سيڪريٽري، اوهان سان لھہ وچڙ ۾ اچن ٿا، جتي باقائدي ”پبلڪ رليشنگ“ ڪئي وڃي ٿي، فوٽو سيشن ۽ دعوتون ٿين ٿيون ۽ جتي ”ڪجهہ ڏيو ڪجهہ وٺو“ جي بنياد تي ڳانو ٻڌجي ٿو، جنھن ۾ هڪڙو گيت ڳائيندڙ ۽ خالي هڪڙو سال ايوارڊ ماڻيندڙ، ”سپر اسٽار“ بڻجي وڃن ٿا. اتي چاڪر چانڊئي جھڙو فنڪار ”لوڪل فنڪار“ جي ليبل سان ئي سونھين ٿو. عام تعلقات جي شعبي جي کيس خبر ئي نہ هئي، هن تہ پنھنجي فن کي ئي ان لائق سمجهيو هيو، تڏهن تہ پوئتي هليو ويو.
چاڪر چانڊئي جي گمناميءَ ۾ اهم ڪردار، ان سائونڊ سسٽم جو بہ آهي، جنھن سندس آواز جي گونج کي قبول نہ ڪيو، دور جديد ۾، جيڪڏهن پويان هلندڙ ”ٽريڪ“ بيھجي وڃي تہ فنڪار يا فنڪارا جي آواز جا ڀري محفل ۾ ”وکا“ پڌرا ٿي ويندا آهن. سڄي ”قلعي“ لھي ويندي آهي، گهڻي ويھين سئو آهي، ان جي خبر پوڻ ۾ ڪا دير ڪانہ ٿي لڳي... هاڻي اتي، اصلي آواز وارو اصلي فنڪار ڪٿي هلي سگهي ها.
جيتوڻيڪ چاڪر چانڊيو ڪو ڪتابي عالم نہ هيو، پر وقت جي نبض تي سندس هٿ هيو، هن پاڻ جھڙن لاءِ ايندڙ موسمن جي ڪٿ ڪئي هئي ۽ آهستي آهستي پوئتي هٽي ويو هيو. اهو ئي اهم سبب هيو جو نوي واري ڏهاڪي ۾ هو ڄڻ بلڪل گمنام ٿي ويو هيو.
سندس گمناميءَ جو اهم ترين ثبوت سندس موت کان پوءِ ان خبر جو آهي، جيڪا مختلف وڏين اخبارن ۾ ڇپي آهي، ٽن هزارن کان مٿي آڊيو ڪئسٽ ۽ سنوين ريڊيو ريڪارڊنگس ۽ چاليھن سالن کان مٿي، فن جي دنيا جي خدمت ڪندڙ جي خبر، سنگل ڪالم ۾ اٺن ڏهن سٽن تي آهي. جتي، هڪ گيت ڳائڻ کان پوءِ شھرت ماڻيندڙ جي ”ذڪام جي“ خبر بہ هيڊ لائن ٿئي ٿي، اتي اسان جي سينئرن سان اهو سلوڪ ڪھڙي رخ ڏانھن اشارو پيو ڪري؟
پنھنجي ڳوٺ جي مٽيءَ ۾ هو آرامي آهي، جتي ڄائو، اتي ئي دفن ٿيو، جيڪي ڪيائين سو پارکوئن وٽ رهجي ويو. چاڪر چانڊئي جو قد بت جيڪو بہ هيو، اسان جي نئين نسل لاءِ هو لوڪل فنڪار ئي رهيو، اهو نئون نسل، جيڪو عالمي فنڪار تہ ٿي ويو آهي، پر لوڪل نہ ٿي سگهيو آهي.

(ڇپيل: خميس 03 نومبر 2005ع)