ڀيٽا (قبلا امان جِيجِي صاحبہ )
وقت بي مھر ٿئي ٿو، مھر جي ڪا بہ مھر هن وٽ ناهي. ڪنھن بہ گهڙيءَ ڪابہ خبر نٿي پوي تہ ڪھڙو پل جٽاءُ ڪندو ۽ ڪھڙو وگهري ويندو. جٽاءُ تہ وقت کي خير آهي ڪونہ، پر اهي لمحا، جيڪي ”فريز“ ٿي ويندا آهن، ڪنھن ٽيپ تي، ڪنھن ڪاغذ تي، ڪو عڪس، ڪو پاڇي، ڪو حرڪت ڪندڙ پر روڪيل لمحو، تہ اسين ان کي ياد جي دريءَ جي فريم ۾ جڪڙي ڇڏيندا آهيون، گهرن ۾ فوٽو البمز (Photo Albums) جا ڍِڳ هوندا آهن. سرنديءَ وارن وٽ وري ٽيپس تي رڪارڊ رکيل هوندو آهي.... ويل ويل روائينڊ ٿيندي آهي، کسڪيل وقت جي ڪا مُرڪ وري موٽي ايندي آهي.
ڪيڏو نہ خوف ٿيندو منھنجي جدائيءَ جو ”جيڪڏهن خوانخواستہ وڇڙي وڃي امان.... تہ منھنجو ڇا ٿيندو؟“ اهو سوال ڏينھن ۾ الاءِ ڪيترا ڀيرا هٿ جهليندو هو. وري جوانيءَ جي چيڳرائپ ۾ ڪنڌ جو ”ڌڻڪو“ هوندو هو تہ خير آهي، ﷲ پاڪ وڏي ڄمار ڏيندس. رب اهڙو ڏينھن نہ ڏيکاريندو ۽ انھن ڏينھن ۾ امان سڇ بہ تہ اهو هوندو هو تہ زندگيءَ ۽ موت جي ڪا گهڻي خبر ڪونہ هوندي هئي. حياتي، ڪيترو بار مٿان وجهي سگهي ٿي ۽ ڪيترو ماڻھو سھي سگهي ٿو، ان جو ڪوبہ اندازو ڪونہ هوندو هو. بي فڪرا لمحا، سيٽيون وڄائيندا، دل جي ڳلين ۾ روان دوان هوندا هئا. اک اٽڪندي هئي تہ خبر پوندي هئي تہ ڪو ”فل اسٽاپ“ بہ آيو آهي.
”ڪارو ٿئي منھن کوٻلا.... تون ڪونہ سڌرندين.... هونئن اهو ڪانئون نمبر عشق آهي تنھنجو؟“ هٿ ۾ جتيءَ جو پادر کڻي، هڻڻ کان پھرين تون هڪ وارو وري پڇا ڪندي هئينءَ، تنھن زماني ۾، نڪ جي پڪائي ڪمال هوندي هئي.... ڏاڍو لاڏ ڪوڏ سان نمبر ٻڌايو ويندو هو ۽ ڪجهہ دير لاءِ، اهي ڪمزور هٿ پٺيءَ تي هلڪو ”ڪٽڪو“ ڪندا هئا. منھنجي جهڪيل ڪنڌ ۾ تنھنجي وجود جي عجيب خوشبوءِ اچي ويندي هئي، امان.... ٻہ ٽي ڌڪ کائي، ڪنڌ کڻي پڇندو هوس، ”پوءِ؟“
”پوءِ ڇا؟“ مرڪ کي ڪمال ڪنٽرول ڪندي هئينءَ تون....
”پوءِ آهي ڪو آسرو.... يا موالي وڃن؟“
”نڀاڳا.... تو لاءِ گهڻن ماڻھن وٽ وينديس مان....؟ ڪنھن هڪ تي تہ ٽڪي تون بہ نٿو بيھين....“ وري اهو موچڙو هوندو هو.... ياد ٿو اچي ٻہ ٽي ڌڪ کائي چوندو هوس ”مشڪري ٿو ڪيان يار.... واندو آهيان ڇا جو ايترا عشق ڪندو وتان.“ ۽ انھن ئي گهڙين ۾ تون هٿ مضبوطيءَ سان جهلي چوندي هئين، ”مشڪري ڀلي ڪر ابا.... ڪوڙ نہ ڪر.... ۽ ها پرائي عزت جو خيال پنھنجيءَ عزت کان سدائين مٿانھون رکجانءِ.“
مرڪندڙ مھڪندڙ لمحا سڀ خواب ٿي ويا امڙ.... اها مشڪري، کل ڀوڳ، ڪوڙ پچاڻيون.... سڀ هوائن ۾ الاءِ ڪيڏانھن هليا ويا.... اجگر جيڏيءَ جدائيءَ کي نيٺ بہ تہ در جي ڏيڍي ٽپڻي هئي....
گامون سچار جي دعويٰ مون وٽ ناهي جيجل.... پر لڳيم ٿو تہ هاڻي ڪوڙ جي سرحد ڏاڍي ڪمزور آهي مون وٽ.... مٿان وري ان ليول جو مذاق سمجهڻ وارو بہ هاڻي شايد ڪوئي ناهي. اکين ۾ عڪس بہ نٿا ٺھن. تو ڪو اهڙو عڪس ڇڏيو جو جاءِ خالي ئي نٿي لڳي. لڳيم ٿو، جيڪو عشق توسان ٿيو، اهڙو تہ ڪڏهن ٿي ڪونہ سگهيو.... هاڻي جڏهن تون ناهين تہ الاءِ ڪيترا سوال آهن، جيڪي بار بار ڄڻ سيني کي ڇلڪائين ٿا. هاڻي اکين ۾ آب نٿو اچي آئي.... هاڻي سنئون سڌو سينو ڀرجي ٿو، اندر ئي اندر ۾ الاءِ ڪيترا ڳوڙها هوندا آهن، جيڪي دل جو دامن ”تر“ ڪندا رهندا آهن. عمر وڌي ٿي تہ اڪيلائپ بہ هٿ جهلي ٿي. جيڏا، هڪ جيڏا بہ رخصت ٿين ٿا، پنھنجي ”بر“ ميچڻ لاءِ ڪونہ ملي تہ ڳوڙهن ۾ ۽ فضول پاڻيءَ ۾ ڪو خاص فرق نٿو رهي. اهو ئي سبب آهي شايد جو سيني ۾ ”گهٽ ٻوسٽ“ وڌندي رهي ٿي. سوال، جواب طلبين ٿا، پر اهو ڪير ڏئي؟ ماءُ جھڙو ذهين وجود ڪٿان اچي؟
الاءِ ڇا ڇا پڇڻو آهي، الاءِ ڇا ٻڌائڻو آهي امڙ.... پڇڻو تہ اهو بہ آهي تہ اهو سڄو هنر مائرن کي ڪٿان ٿو اچي وڃي، جو هو سڀ ڏک سور، هڪ لحظي ۾ ميڙي وٺنديون آهن. اولاد جي نگاھہ جي ”تروري“ جيتري بہ خبر کين ڪٿان ٿي پئجي وڃي؟ پنھنجي اندر ۾ ايتري آسيس ۽ گرمي، هنن ۾ ڪير منتقل ڪندو آهي جو سڄي جھان جي سردي، ان هلڪي لوئي اوڙهيل، سنھي نٻل وجود جي ڀاڪر کان لھرائي ٿي؟ ماڻھن جا مھڻا، حياتيءَ جون ناڪاميون، ڪاميابين جي سرخوشي، اهي سڀ تنھنجي ”ڪڇ“ ۾ اڇلائڻ کان پوءِ ايڏي فراغت جو احساس ايئن ڪيئن ٿو جڪڙي وٺي؟ ڪمال آهي.... نج پج ڪمال آهي امان.... ڇيڻا ميڙيندڙ ”جهونيءَ“ کان وٺي، هاءِ فاءِ ”مام“ جي ڇھاءَ ۾ اهو هنر ڌڻي ڪھڙي نہ ڪمال سان منتقل ٿو ڪري جيجان.... هاڻي اتي ئي جيڪڏهن انھن سوالن جو جواب ملي ويو تہ وري بہ هڪڙو سوال اهم آهي.... ماءُ.... ڪير سڏائي؟
جڏهن پئسا گهٽ هوندا هئا نہ امان.... ۽ حياتيءَ جي ورقن کي آهستي آهستي ورڻو هوندو هو تہ تنھنجي پرورش ڪمال هوندي هئي. ڪڏهن بہ زندگيءَ ۾ اهو احساس ڪونہ ٿيو تہ ”ڪو گهڻو“ پاڻ وٽ ناهي. ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ ڪنھن بہ ”ڪامپليڪس“ کان بچائڻ جي لاءِ تون هر حيلو وسيلو ڪتب آڻيندي هئين. وي سي رکڻ.... پئسا پاسيرا ڪرڻ، خرچيءَ جو وقت مقرر ڪرڻ ۽ ٻين جي مال کي نہ ”تاڙڻ“ جا سبق سيکارڻ.... اهو سڀ توکي ازبر هوندو هو. تنھن زماني ۾، يعني ستر جي ڏهاڪي ۾، هڪڙو پيٽيس ويھن پئسن ۾ ملندو هو ۽ سموسو ٻارنھن پئسن ۾.... ٻارنھن پئسا يعني ٻہ آنا.... سڪا تنھن زماني ۾ پنج پئسا، ڏھہ پئسا، چار آني ۽ آڌي هوندا هئا ۽ تنھن کان سواءِ پايون بہ هونديون هيون. چلڪڻا خوبصورت سڪا، تون الاءِ ڪٿان هٿ ڪندي هئينءَ.... رسيس جي گهنٽي وڳي ناهي ۽ مان ڪينٽين ڏانھن ڀڳو ناهيان. رڙ پئي پوندي هئم، ”ايڪ سموسا، دو پيٽيز“ مون کي ڏسڻ سان ئي ڪينٽين تي ڪم ڪندڙ سينئر ڇوڪرا مُرڪي پوندا هئا. پوءِ وقت گذرڻ سان خبر پئي تہ هنن منھنجو نالو ئي ”ايڪ سموسا، دو پيٽيز“ رکي ڇڏيو هو. ڏکايل دل سان تو وٽ آيو هوس ۽ چيو هئم، ”اهو سڀ مٽاءِ امان.... يا تہ خرچي مٽاءِ يا وري مان ان ڪينٽين تي نہ ويندس.“ ۽ ياد اچي ٿو، تو هٿ جهلي ڀر ۾ ويھاريندي چيو هو، ”اهڙيون گهڙيون خرچيون مٽائيندين ۽ اهڙا گهڻا طعنا تنھنجيءَ راھہ ۾ روڪ ڪندا رهندا....؟“
گمان ٿئي ٿو تہ اها حياتيءَ جي پھرين ڀرپور سمجهاڻي هئي، جنھن اهي سڀ دڳ ڏيکاري ڇڏيا تہ حياتيءَ جي ايندڙ ”گهاون“ ۾ ڇا ڇا پلئہ پئجي سگهي ٿو. مون کي نٿو لڳي تہ ان سمجهاڻيءَ کان پوءِ مان ڪڏهن ڪنھن اهڙي ڳالھہ تي پريشان ٿيو هجان. زماني جي ٽوڪن، چٿرن ۽ کل کي، تنھنجن ڪجهہ لمحن عجيب ڍال ڏئي ڇڏي. اڄ ايڏو عرصو گذرڻ کان پوءِ جڏهن اهو سڀ سوچيان ٿو تہ حيرت ٿئي ٿي. هڪڙي ننڍڙي ڳالھہ، ڪيئن حياتي مٽائي ٿي. اهڙيون الاءِ ڪيتريون ڳالھيون زندگيءَ ۾ هم رڪاب رهيون امان.... چئي نٿو سگهان تہ هن دور جي امڙ بہ اهڙي آهي الاءِ نہ.... پر بھرحال ان دور ۾ جيڪي ڪجهہ هوندو هو، سو تہ عجيب ئي هوندو هو.... تن ڏينھن ۾، اسان ڪو خاص ڏينھن ڪنھن بہ نسبت سان نہ ملھائيندا هئاسين. ياد اچي ٿو تہ خالي مزدورن جو عالمي ڏينھن، پھرين مئي تي ملھايو ويندو هو ۽ ٻيو ٿيو خير.... هي مٽن مائٽن، دوستن دشمنن جا ڏينھن تہ اسان هاڻي ملھائڻ شروع ڪيا آهن. اهو ويلنٽائن پھرين الاءِ ڪٿي لڪل هو. تنھن زماني ۾ دل چوندي هئي تہ ڪو ڏينھن ضرور ملھائجي. اهو سوچي هڪ واري توکي عرض ڪيو هئم، ”سال جو پھريون ڏينھن تنھنجي نالي ڪريان؟“
تون کِل ۾ ٻٽجي وئي هئينءَ. ننڍڙي هوندي، منھنجي عادت هوندي هئي، مان ڪپڙا ڏاڍا ”ماڊرن“ پائيندو هوس. پوءِ جيڪڏهن سلايون ڪڙهايون خرچ کان چڙهي وينديون هيون تہ لنڊي بازار مان ڪپڙا وٺي، پنھنجي مرضي سان ڪٽنگ ڪندو هوس ۽ ڀاڄايون ويچاريون سبي ڏينديون هيون. منھنجي ان ”ماڊرن ازم“ جي توکي وڏي خبر هئي. منھنجي هن جملي تي بہ تو کل پوري ڪري چيو هو، ”وري ڪو ماڊرن ريچڪ چڙهيو ٿئي ڇا؟“ نہ نہ.... جهوني بس ايئن ئي، تنھنجي جنم جي ڏينھن جي خبر ناهي. سالگره تون ملھائين ڪونہ. هي فقير سوچي پيو تہ پنھنجيءَ مرضيءَ سان، ڪو هڪڙو ڏينھن مقرر ڪري، توکي ”آنر“ پيش ڪجي. الاءِ ڪھڙي ساعت هئي، تو چيو هو.... ”ڄمڻ جي تاريخ جي خبر نہ ٿئي تہ وڇوڙي جي تہ پئجي ئي ويندي نہ ابا....“
جملو تنھنجي واتان نڪري ويو هو ۽ مان سڏڪن ۾ پئجي ويو هوس. الاءِ ڪيتريون مٿون ڪري، معافيون وٺي مون کي مڃايو هو.... پر اهو آواز ۽ اهو جملو تہ بس اندر ۾ کُپي ويو هو. الاءِ ڪيترن ڏينھن کان پوءِ توسان پرچيو تہ هئس، پر الاءِ ڇو اکين ۾ آلاڻ رهڻ لڳي هئي. جيتوڻيڪ تنھنجو وڇوڙو ان جملي جي ادائگي کان تقريبًا ارڙنھن سال کن پوءِ ٿيو، پر اهي ارڙنھن سال ئي سال الاءِ ڇا ڇا توکي چوڻ لاءِ مان سوچيندو رهيس. الاءِ چئي سگهيو بہ هئس الاءِ نہ، دل ۾ اچيم ٿو تہ شايد نہ چئي سگهيو هوس.... ۽ شايد اهو ئي احساس هو جو عامر خان جي ”تاري زمين پر“ ڏسندي پرسن جوشيءَ جي سٽن رت روئاري ڇڏيو آهي.... تنھنجي وڇوڙي جي تيرنھين سال تي، انھن سٽن جو ترجمو پيش ڪرڻ ٿو گهران.
مان ڪڏهن ٻڌايان نہ ٿو، پر اونداھہ کان ڊڄندو آن مان.... ماءُ....
هونئن تہ مان ڏيکاريان نٿو، تنھنجي پرواھہ ڪندو آن مان.... ماءُ....
توکي آ سڀ آ خبر .... ها نہ ماءُ....
توکي آ سڀ آ خبر .... منھنجي ماءُ....
ڀيڙ ۾، ايئن نہ ڇڏ تون مون کي، گهر موٽي بہ نہ اچي سگهان.... ماءُ
ڏور ايترو، مون کي موڪل نہ تون، ياد بہ توکي نہ اچي سگهان.... ماءُ
ڇا ايڏو برو آن مان.... ماءُ
ڇا ايڏو برو.... منھنجي ماءُ....
جڏهن ڪٿي بابا مون کي جي زور سان پينگهي ۾ لوڏي ٿو.... ماءُ
منھنجي نظر ڳولي توکي سوچان اهو، تون اچي جهليندينءَ.... ماءُ
هن کي، مان اهو چوندو نہ آن.... پر سمجهي ويندو آهن مان.... ماءُ
مک تي اچڻ ڏيندو نہ آن.... دل ۾ ئي وٺجي ويندو آن مان.... ماءُ
توکي سڀ آ خبر.... منھنجي ماءُ!
جدائيءَ جي تيرنھن سالن جو اهو نظم تنھنجي نالي آ آئي. حياتيءَ جي ڀيڙ ۾، تون ڇڏي وئي آهين ۽ مان گم ٿي ويو آهيان. پر پڪ اٿم تہ توکان وسريو ناهيان. وقت جو پينگهو، جڏهن بہ ڪو وڏو لوڏو ڏئي ٿو تہ دل تو لاءِ ڪڍي ٿي.... اهو ئي سچ ٿئي آئي.... ڪوڙ ڳالھايان ڪونہ.... سو اها مشڪري بہ ڪانہ ٿئي.... توکي سڀ خبر آهي نہ.... امان....
مولا ڪل جل شانہ توکي، تنھنجي مرقد ۾ آسودو رکي.... آمين....
ڇپيل: آچر 10 فيبروري 2008ع