شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 170
  • 57
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

ڪنڊياري کان ڪراچيءَ تائين (اداڪار: سيد شفيع محمد شاھہ)

جھڙي سڪون ۽ اطمينان سان هو اداڪاري ڪندو هو، ساڳئي سڪون سان هو موت جي آغوش ۾ هليو ويو. ڪنڊياري کان شروع ٿيل اهو سفر، ڪراچيءَ ۾ پنھنجي منزل ماڻي ويو. سيد شفيع محمد شاھہ نيٺ اتي ٻن والن جي پلاٽ ٽُڪر تي پنھنجو گهر اڏي ئي ورتو، انا لله وانا اليہ راجعون!
پنھنجي ڪوريج ۾، انگريزي اخبار هڪڙو جملو لکيو تہ، “He dead peacefully” يعني بيحد آرام سان، هن هي جھان ڇڏيو ۽ اسين، سندس سنگتي ساٿي، سندس ’ڪو ورڪرز‘ ڄاڻون ٿا تہ اهو بظاهر جو اطمينان ۽ آرام هن سان هميشہ سفر ڪندو رهيو ۽ هن بہ ان نعمت کي خوب انجواءِ ڪيو. الاءِ ڇا خلقيو هيو رب مٺي هن جي ذات ۾. اکين جي گُهور کان وٺي، آواز جي ميٺاج تائين، رب مٺي منجهس عجيب ڏيا ڀري هئي. شاھہ صاحب اوهان ڏانھن نھاري ۽ اوهان پگهرجڻ شروع نہ ٿيو، اهو ڪجهہ عجيب لڳندو هو. پنھنجي اظھار جي مڙني وسيلن تي اعتماد ڪندي، هو ”آيڪسپريشنز“ جو يعني اداڪاريءَ جي ميدان ۾ جذبن جي اظھار جو بادشاھہ بڻجي ويو. هتي هنن جملن ۾ ڪوبہ وڌاءُ ڪونھي، ڇاڪاڻ تہ گذريل ارڙنھن سالن جي ذاتي ساٿ ۾ ۽ مجموعي ڇويھن سالن جي گڏجاڻين ۾، سندس ذات جو اثر، ذاتي طور تي مون کي هر هنڌ نظر آيو. اهو اسڪرين هجي يا ريڊيو، ڪا محفل هجي يا ڪا ذاتي ڪچھري، شاھہ صاحب جو پنھنجو هڪڙو مانُ مرتبو رهيو.
ڪيڏا نہ خوبصورت لمحا گڏ گذاريا اسان.... جنھن زماني ۾ ويجهڙائپ نہ هوندي هئي ۽ شھرتن جي وَل بہ اڃان مٿي ڪونہ چڙهي هئي تہ اسين حيرتن سان هن جي گفتگو ٻڌندا هئاسين ۽ بي انتھا لائق فائق، پڙهيل لکيل، انساني نفسيات بابت ڄاڻڻ جو حد کان وڌيڪ شوقين، ڪتابن جو ڪوڏيو ۽ ڪردار جي نوڪ پلڪ بابت بي حد پريشان.... کيس ڪنھن ڪردار لاءِ راضي ڪرڻ بنھہ مشڪل عمل لڳندو هو. الاءِ ڪٿان ڪٿان ڪھڙيون ڪھڙيون ”جرحون“ ڳولي لھندو هو، پر هڪڙو ڀيرو جي مڃي ويو تہ ليکڪ کان وٺي هدايتڪار تائين ۽ ساٿي اداڪارن کان وٺي عملي تائين هر ماڻھوءَ کي اها پَڪ ٿي ويندي هئي تہ هاڻي اهو ڪردار ڇُٽو.... شاھہ پاڻھي ان ۾ گهڙي ويندو ۽ ساعتون امر ٿي وينديون.
ذاتي طور تي مون کي اهو فخر حاصل رهيو تہ پاڪستان ٽيليويزن جي ٻن ميگا سيريلز ۾، جيڪي قدرت جي مھر سان منھنجي قلم جي نوڪ معرفت ڪاغذ تي منتقل ٿيون، شاھہ صاحب مرڪزي ڪردار ادا ڪيا. هڪڙي ”نوري ڄام تماچي“ ۽ ٻي ”سمجهوتہ....“ سمجهوتہ کي تہ وري اهو فخر بہ نصيب ٿيو جو اها پاڪستان ٽيليويزن جي پھرين ۽ شايد واحد سيريل آهي، جيڪا هڪ ئي وقت ٻن زبانن ۾ رڪارڊ ٿي. اردوءَ ۾ ”سمجهوتہ“ ۽ سنڌيءَ ۾ ”ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهہ“ نالي ان سيريل جي رڪارڊنگ ساڳين سيٽن تي ٻنھي زبانن ۾ لڳو لڳ ٿي. اداڪارن ۾ ڪجهہ ڪجهہ تفاوت هو، پر شاھہ صاحب بھرحال ٻنھي خانن ۾ فٽ هو.... ڪم جي درجي جي حيثيت اها هئي جو ٻنھي زبانن ۾، ڪنھن ۾ بہ سندس پرفارمنس گهٽ نہ هئي. تنھن کان سواءِ هڪ ”آڊ پلي“ ”لھندڙ سج وڌندڙ پاڇا“ ۾ هن ليڊ رول ڪيو. انھن سڀني ڪمن ۾، مرحوم محمد بخش سميجو صاحب جي محنت ڪمال هئي. اڇا.... سميجو صاحب جي وري هڪ ٻي عادت عجيب هئي، جنھن کي مان ذاتي طور تي بيحد محسوس ڪندو هوس. سميجو صاحب، شاھہ صاحب ۾ پنھنجو پاڻ ڳوليندو هو. هو اداڪاريءَ جون اهي سڀ رمزون جيڪي سندس وجود ۾ موجود هونديون هيون، ڪُٽي ڪُٽي شاھہ صاحب ۾ منتقل ڪندو هو ۽ مزي جي ڳالھہ اها آهي تہ جيئن شفيع محمد شاھہ جي ڪم جي، پرفارمنس جي ليول مٿي ٿيندي هئي، تيئن تيئن سميجو صاحب جي خوشي ڏسڻ وٽان هوندي هئي. اها ڪمال ڳالھہ هئي تہ سڄو ڪريڊٽ گهڻو ڪري شاھہ صاحب جي پرفارمنس کي ملندو هو، پر اتي سميجي صاحب جي محنت بہ ڪنھن لحاظ کان گهٽ نہ هوندي هئي. ان محنت ۾ هو سائينءَ جا سڀ انگل آرا کڻندو هو، پنھنجي اولاد جيان کيس ڀائيندو هو. اردو ڊرامن ۾ شاھہ صاحب کي کڻي وڏن وڏن ڊائريڪٽرن کان لاڏ پيار مليو هجي، پر سميجي جي سوچ ۽ محبت پنھنجو مَٽ پاڻ هوندي هئي.
۽ شايد اها ئي ڳالھہ هئي جو سميجي صاحب جي لاڏاڻي کان پوءِ، يعني سيپٽمبر 2004ع کان وٺي هيلتائين، اسين صرف هڪڙو ڀيرو ئي ملي سگهياسين. ان مختصر ملاقات ۾ بہ شاھہ صاحب، اداسيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو هو، ”ڪنھن وٽ اچون محمود صاحب؟ يارڙو تہ ويو....“ ۽ سندس ان ڳالھہ تي، مون کي الاءِ ڪيترو عرصو پھرين جي اها ملاقات ياد آئي هئي، جڏهن سميجي صاحب، حُجت سان پنھنجي مخصوص انداز ۾ لاڏ ڪندي چيو هو، ”ڇڏيو شاھہ صاحب.... توهان تہ بس اجايو سنڌي ڊرامن کان منھن موڙي ويا آهيو“ ۽ حيرتن جا دروازا کوليندي شاھہ صاحب چيو هو، ”مون ڪٿي منھن موڙيو آهي؟ ڀلا جي ڪو گهرائيندو ئي ڪونہ تہ مان ڇو ايندس. ڏسو، اڄ اوهان گهرايو آهي تہ مان حاضر آهيان. جيڪڏهن سڀاڻي توهان نہ هجو، مطلب هي ڪم ڇڏي ڪو ٻيو ڪيو تہ مان ڪو ايندس ڇا؟“ منڊيءَ تي ٽڪ جيان هڪدم، ڳالھہ تي ڳالھہ چڙهي وئي هئي. ”لھندڙ سج، وڌندڙ پاڇا“ جو اسڪرپٽ سندس حوالي ڪيو هئوسين ۽ ڇا تہ ڪمال پرفارمنس ڏئي هن ڊرامي کي سدا بھار بڻائي ڇڏيو.
شخصيت جو وقار ۽ لب ولھجو سندس ذاتي سرشت ۾ شامل هئا. شاھہ صاحب کي خبر هوندي هئي تہ قدرت کيس ڪٿي رکيو آهي ۽ ان ”ادراڪ“ کان پوءِ هن ڪڏهن بہ اها ڏاڪڻ هيٺ لھڻ نہ گهري.... هڪڙي سُپر اسٽار جي حيثيت ماڻڻ کان پوءِ هو آخري گهڙيءَ تائين ان تي قائم رهيو. وچ واري عرصي ۾ سندس بي انتھا ٿولھہ، گهڻن کي پريشان ڪري ڇڏيو هو. پنھنجيءَ خراب صحت ۽ بي ڊولي ٿيندڙ جسم جي ڪري هو پريشان بہ رهندو هو ۽ ڇاڪاڻ تہ مان بنيادي طور تي هڪڙو ڊاڪٽر آهيان تہ سائين مون سان بہ انيڪ مشورا ڪندو هو. هڪ ٻہ دفعو ايئن بہ ٿيو جو مون کيس ڪجهہ ماهرن جي ملاقات لاءِ ريفرنسز بہ ڏنا، پر اهي سڀ حاصل ڪرڻ کان پوءِ هو وري بي فڪرو ٿي ويندو هو. سندس اندر ۾ موجود اطمينان وري اوتجي ايندو هو. وري صحت موٽندي هئي، بي فڪري وري کُلي کيڏندي هئي.
پنھنجي ڪم جي معيار تي شاھہ صاحب ڪابہ مفاهمت ڪانہ ڪئي. عرض ڪيم نہ.... تہ جسم بيڊولو ٿيڻ لڳو تہ سندس چھرو ڪمال ٿي ويو. وڏا وڏا ڊائريڪٽرز، صرف سندس چھري تي ڪيمرا رکڻ کي ڪمال سمجهندا هئا. متحرڪ نظرن کان سندس ڪردار کي بچايو ويندو هو ۽ پنھنجي چھري جي حوالي سان، جذبن جي اظھار ۾ تہ هو ازل کان ڪمال رکندڙ هو. پنھنجيءَ جسماني حالت کان باخبر رهندي، هن اظھار جي محنت وڌائي ۽ خالي ان هڪ خاصيت جي ڪري، سدائين ٽاپ بريڪٽ ۾ رهيو. پنھنجي اسڪرپٽ جي ادائگي ۽ جذبن جي اظھار جي گڏجاڻيءَ جي محنت، کيس سدائين اڳ اڳرو رکيو ۽ جسم جي اضافي واڌ سندس بڪنگ کي ڪڏهن بہ ڊسٽرب نہ ڪيو.
ياد اچي ٿو، رات جي سوا ٻارنھين بجي هن جي فون آئي هئي. اسين ڳوٺاڻا ماڻھو، جلدي سمھڻ جا عادي، اتفاق سان گهنٽيءَ تي مان پاڻ جاڳيو هئس. تنھن زماني ۾ موبائيل اڃان ايڏو عام جام نہ هوندو هو. فون کنيم تہ شاھہ صاحب لائين تي هو. نوري ڄام تماچيءَ جي ستين قسط ۽ هڪڙو ڊائلاگ هيو، جيڪو کيس سمجهہ ۾ نہ پئي آيو. ڳالھہ ۾ ڪابہ ”ٻڇانگي“ ڪانہ هئي. سڌو سڌو جملو هو ۽ اهو کيس ان ڪري سمجهہ ۾ نہ پئي آيو جو پاڻ سمجهيائين پئي تہ منھنجو ڪردار اهو جملو نٿو ڳالھائي سگهي. هاڻي بحث ٿي ويو. ان مھانگي فون جي مھانگي زماني ۾، اسين ڪو چاليہہ منٽ گفتگو ڪئي ۽ نيٺ مون اهو جملو مٽائي لکرايومانس.... اتفاق اهو ٿيو تہ ان مٽيل جملي جو تتُ بہ اڳوڻي جملي جھڙو ئي هو، جنھن تي پاڻ کلندي چيائين: ”زور آور آهيو، نيٺ پنھنجي مڃايوَ، پر ڳالھہ آهي تہ هي لفظ جيڪي هنن نون جملن ۾ آهن، اهي لفظ منھنجو ڪردار ڳالھائي سگهي ٿو. اڳوڻا، ان جي واتان نہ ٺھن ها....“ هي سڀ، دورِ جديد ۾ هڪڙو خواب لڳي ٿو، جتي ڊرامو ۽ ان سان لاڳاپيلن کي رڳو ”تڪڙ“ آهي تہ بس سينز رڪارڊ ٿي ايڊٽ ٿين ۽ ”پلي“ هلي.... اتي ايئن ذري پرزي جي سوچ اهڙا ليجنڊز ئي رکي سگهن ٿا.
شاھہ صاحب تمام جلدي رسي ويندو هو.... پرچڻ لاءِ تہ پرچي بہ جلدي ويندو هو، پر سندس رسامو ڄڻ نڪ تي ويٺل هوندو هو. ڪابہ ڳالھہ سندس مزاج جي خلاف ٿي تہ هڪڙي عجيب ماٺ کيس جڪڙي وٺندي هئي ۽ سڀني جو ساھہ سُڪي ويندو هو. سندس وجود ۾ حساسيت جو اهڙو تہ عجيب پيمانو هو، جو ڪنھن کي ورلي ئي نصيب ٿي سگهي ٿو. ”لھندڙ سج....“ جي هڪڙي سين ڪرڻ کان پوءِ کيس الاءِ ڇا ٿيو جو ٽيڪ او ڪي ڪرڻ کان پوءِ، هو لاڳيتو اڌ ڪلاڪ روئندو رهيو. سميجي صاحب سيٽ تان ٻين کي موڪلي ڇڏيو هو ۽ پاڻ بہ شاھہ صاحب کي پرچائيندي روئي ويٺو هو.
سانئڻ نور الھديٰ شاھہ جي ”غلام“ ڪرڻ کان پوءِ، سندس ڪم منھنجي حصي ۾ گهڻو آيو. جيتوڻيڪ ان کان پھرين هن جوڻيجو صاحب ۽ ٻين جي بہ ڪجهہ تحريرن ۾ رنگ ڀريا هئا. پاڻ تي سندس ان اعتبار لاءِ مان سدائين ٿورائتو رهيس ۽ پنھنجي آخري ساھہ تائين ٿورائتو رهندس. هڪڙو وڏو پرفارمر، رخصت ٿيو آهي. سندس قد بُت جي ”ڪڇ“ گهڻا ڄاڻن ٿا، سندس ذاتي لمحن جي خوشبوءِ مان ڪجهہ عڪس، هنن ڪاغذن تي منتقل ٿيا آهن. ڪنڊياري جو لاڏلو سيد، ڪراچيءَ ۾ آرامي ٿيو آهي. اسان سان گڏ، سندس لاڏ ڪوڏ، اوهان تي بہ حق رکن ٿا. کيس ڪجهہ پڙهي موڪلڻ وارو تحفو ڏيڻ نہ وسارجو. مولاءِ ڪل جل شانہ، سندس مرقد کي آسودو رکي، آمين.
نوري ڄام تماچيءَ ۾، ڄام، نوريءَ ڏانھن نھاري هڪڙو جملو چوي ٿو، ”دنيا جي آسمان تي انيڪ ستارا آهن، پر پنھنجي پوري تمنا ۽ يقين کي گڏائي، اسين اوهان کي اهو چوڻ ٿا گهرون نور خاتون.... تہ انھيءَ آسمان تي، اسان اوهان جي محبت ۽ وفا جي روشن ستاري جھڙو ڪوبہ تارو ناهي ڏٺو....“ اڄ دل چوي ٿي شاھہ صاحب لاءِ اهو جملو هينئن لکجي: ”پرفارمنس جي آسمان تي انيڪ ستارا آهن، پر پنھنجي پوري تمنا ۽ يقين کي گڏائي، اسين سڀ اوهان کي اهو عرض ڪرڻ ٿا گهرون قبلہ شاھہ صاحب، تہ انھيءَ آسمان تي اوهان جي ڪمال پرفارمنس جي روشن ستاري جھڙو ڪوبہ تارو ناهي.“

ڇپيل: آچر 20 نومبر 2007ع