دوست ڪنھن کان جُدا خُدا نہ ڪري... (شاعر: احمد خان مدهوش)
اها ماٺ گذريل ڪيترن ڏينھن کان سندس وجود تي حاوي هئي، SIUT ۾ علاج دوران، حياتيءَ جي جنگ ۾ هار جو احساس تہ کيس ڪيترن ئي ڏينھن کان هيو، ”مدهوش جي مري وڃي تہ هوش کي سنڀالجو“، چوندڙ احمد خان سومرو، سڀ سمجهندو هيو آخر ايڏو وڏو عوامي شاعر هو ”ٺلھي“ ۾ تہ ڪو نہ ٿيو هو نہ... احساس، سوچ، لوچ، سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئي، جيڪو ٻئي جي پيڙا کي قلم وسيلي ڪاغذ تي لاهي سگهيو پئي، ان کي ڇا پاڻ ڪنھن شيءِ جو اندازو نہ هوندو...؟
”ادا بس... ڏيڍ وڳي لاڏاڻو ٿيو آهي بابا جو“ فون تي خليل عارف سڏڪي ٿو.”هاڻي ايمبولينس جي انتظار ۾ هون... ادو ويو آهي ڪَرڻ... شام ڌاري گهر پھچنداسين...جوهيءَ ۾... اتي اباڻو قبرستان آهي.. واصل شاھہ جو... اتي دفنائبس... ڇورو ڇنو ڪري ويو يار... اسان کي“... آواز ۾ پاڻياٺ جون لھرون بلند ٿين ٿيون ۽ فون جي لائين بہ ڄڻ ان ۾ ٻڏي وڃي ٿي. ساھہ ڀرجي آيو آهي، معزز خواتين و حضرات... عجيب ماٺ محسوس ٿئي پئي ٿي... محبتن ۽ سڪ جي لھجي جي ماٺ، روح رولي وئي آهي... اهو مرڪندڙ، مھڪندڙ چھرو ياد اچي ٿو، جيڪو سنڌي ساروپن جو ڪمال هوندو هو... سادو سودو، نرم خُو، ڪشاده دل، حياتي ۾ جتي بہ ڪي گهڙيون ملاقات ٿي، پھريون تاثر ئي ”پنھنجائپ“ جو ڏيندو هو، ائين ٿيندو آهي عزيزانِ مَن... الاءِ ڪيترا وجود اوهان کي هر هر ملندا آهن... گهڙيءَ گهڙيءَ جي ميلي ۾ بہ، روح رلجي نہ سگهندو آهي ۽ الاءِ ڪيترا روح اهڙا هوندا آهن، جن سان ڀلي ڪيترو بہ عرصو ترسي ڇو نہ ملاقات ڪجي... سڪَ سدائين ساڳي ملندي آهي...
”اسان تي ڀي ڪڏهن قلم کڻو...“ هُجَ سان هنن گلستانِ سجاد ۾ زيب ۽ تاج جي ادارت هيٺ نڪرندڙ رسالي ۾، منھنجي پروفائيلز لکڻ تي چيو هو...” اسان ڀي اوهان جا هون...“ منھنجي ڪم ڪرڻ جو انداز سادو هوندو هيو... مھمانِ محترم وٽ پاڻ حاضر ٿيندو هئس ۽ ڳالھہ ٻولھہ قلم بند ڪندو هئس... هنن سان اتي ئي ويھي رهيس... ٿوري ڳالھہ ٻولھہ ٿي ۽ ٻئي واري هنن پاڻ، سڀ ڪجهہ پوسٽ ذريعي موڪلي ڇڏيو. اتفاق ڪجهہ اهڙو ٿي ويو جو اوچتو اهو رسالو بند ٿي ويو، مان مٿن لکي نہ سگهيس... پر سندن وجود جي مھر ڏسو... ان کان پوءِ بہ جڏهن بہ ڪٿي ملاقات ٿي، تہ هنن ڪڏهن بہ ڪم نہ ورجايو تہ انھن ڪاغذن جو ڇاٿيو...! بس هڪ مرڪ هوندي هئي جيڪا پاڻ ئي سوال ڪندي هئي ۽ پاڻ وٽ ئي سندس جواب بہ هوندو هو. 1965ع ۾ اديب فاضل جو امتحان پاس ڪندڙ، حاجي فقير شغلي سومرو جي فرزند احمد خان کي قدرت خوب نوازيو... هڪ استاد جي حيثيت سان هن پنھنجي عملي زندگي گذاري ۽ وقت اهو بہ اسان کي ڏيکاريو آهي تہ ”ڪيفِ عشق“ نالي ڳٽڪي جي شاعر، عام حياتيءَ ۾ عام لفظن، تشبيھن، استعارن ۽ بيھڪن کي ڪيئن استعمال ڪيو آهي...
دلاور، دادلا، دلدار، دلبر، دلربا، دلڪش
سٽ تہ ڏسو، تجنيس حرفيءَ ۽ پراڻن شاعرن جي سِڪُن کي لاهيندڙ مدهوش، ڪھڙي نہ ڪيف سان، جهومندو جهومائيندو وڃي ٿو...
دلِ دل گير کان هر نام تنھنجي کي وٿي ناهي...
يا وري:
ڪرين ٿو وار کولي وار، سئو سئو وار او سھڻا...
لڳا ٿم ڏنگ، انگ انگ ونگَ، جنھن جو دنگ ئي ناهي...
هي لب و لھجو، ڪو خاص ناهي.. اندر جي سرڪشي، روح جي رولاڪي، درد جو آلاپ ۽ محبت جي رمز، مدهوش جي عام حالت ۾ ساڻس گڏ هوندي هئي، هن پنھنجو تخلص چونڊي رکيو هيو، کيس عشق و محبت ۾ مدهوش رهڻ ۾ ئي سدا عافيت محسوس ٿي هئي.
وڏا احسان مولا جا او شڪرانا او شڪرانا
پسائِي پاڪ پيشاني، پرين پڳدار بسم ﷲ
اڱڻ منھنجي تي اڄ آيو مٺو منٺار بسم ﷲ
ڪريان کيڪار، بسم ﷲ، چوان صد بار بسم ﷲ
پنھنجي دور جي هن سدا رنگ شاعر کي جھڙوڪر، ٽڪساٽن جي جھان جي ڪا ڪَلَ ڪا نہ هئي... هو پنھنجي سادگيءَ ۾ خوش هيو ۽ يقينن اها ئي سندس وڏ ماڻپائي هئي، هو سادو هو، تڏهن تہ برملا، ٻارڙن وانگر فرمائش ڪندو هو تہ ” جھان مان رخصت ٿيڻ کان پھرين، هن سان ملڻو ٿو گهران، هن کي ڏسڻ ٿو گهران...“ ڄاڻندو بہ هيو تہ هتي ڪنھن وٽ وقت ناهي... وٽس پاڻ وٽ ئي وقت نہ هيو... هتي تہ صاحبِ ثروت ازل ابد کان مصروف آهن...
اجگر جيڏي شھر ۾، هن حياتيءَ جو آخري مھينو گذاريو، اسڪرين تي جڏهن سندس ميت جا فليشز پيا اچن تہ الائي ڇو پھريون خيال اڪيلائپ جو اچي پيو... اڪيلو تہ ماڻھوءَ کي ٿيڻو ئي آهي.. هيٺ ماٺار ۾ اڪيلائي ئي تہ ملڻي آهي... هونئن، هنن سٽن لکڻ مھل سندس جسدِ خاڪي يقينن اڪيلو نہ هوندو، روڊن رستن تي ڊوڙندڙ ايمبولينسن ۾ موجود سندس فرزند خليل ۽ شڪيل سان، ماڻھن جا ميل هوندا، هڪ عوامي شاعر رخصت ٿيو آهي، سندس گهر تي بہ رش ٿي وئي هوندي، پر الاءِ ڇو پاڻ کان پاڻ ئي سوال ڪرڻ تي دل چوي ٿي... اسان هن کي اڪيلو ڇڏيو نہ...؟
ٽِڪر هلي پيو ٿو تہ سڄي مھيني، ڪو بالا عملدار لڙي نہ آيو، چڱو ٿيو تہ ڪو نہ آيو... نہ تہ ازل اجل جي راھہ تي هلندڙ، عوامي رنگ جي عوامي شاعر کي وڃڻو تہ هونئن ئي هو... جي ڪنھن، گلدستي، ڪنھن لفافي جي بار هيٺ هليو وڃي ها... تہ شايد سندس قدآور شخصيت، پنھنجي قد ۾ اضافي کي ڏسي نہ سگهي ها... ۽ هونئن بہ احمد خان مدهوش، عام شاعر هيو، ڪو خواص جو دوست تہ نہ هيو، جو کين سندس وڇوڙي يا حالت جي خبر هجي ها.
دوست ڪنھن کان جدا خدا نہ ڪري
ڪنھن کي هي غم عطا خدا نہ ڪري
منھنجو سينو ڳڀا ڳڀا ٿي پئي
تير تنھنجو خطا خدا نہ ڪري
روزِ محشر سواءِ تنھنجي ٻي
ڪاڀي مون کان پڇا خدا نہ ڪري
توکي سامھون ويھاري مدهوش
ڇا ڪري جي خدا خدا نہ ڪري
بھرحال، سانحو تہ ٿيو آهي... سنڌي شاعريءَ ۾ عام لب و لھجي جو دوست جدا ٿي ويو آهي.. وڇوڙي جو غم عطا ٿي ويو آهي... اجل جو تير خطا نہ ٿيو آهي... دعا اها آهي تہ احمد خان مدهوش پنھنجي پڇاڻي ۾ بہ سرخرو ٿئي...آمين.
ڇپيل: آچر 27 جون 2010ع