شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 170
  • 57
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

صاحب... (سياستدان: شھيد ذوالفقار علي ڀٽو)[

جدا ٿئي ايڪٽيھہ خزائون گذري ويون
سالَ ۾ چار مندون ٿينديون آهن ۽ انھن ۾ لازمن بھار بہ اچي ٿو، پر دل جي ايوان مان جي گهمي اچجي تہ سچ تہ اهو آهي تہ اوهان کان پوءِ، بھار جو خالي تصور ئي آيو آهي، حياتي جو خزان جي وَرِ چڙهي آهي تہ اڃا تائين سندس سواري ائين ئي آهي...بھار آيو...نہ آيو...جي صاحب نہ آيو تہ بھار ڪٿان آيو ”ڀٽو صاحب...“ ڇا ويو، بھارن جا رنگ، پنھنجو تاءُ ڇڏي ويا. اسان جھڙا مجهول بہ عجيب هوندا ٿوَ سائين...دنيا جي ڪارزار ۾ اسان جھڙن جي ڪا بہ حيثيت نہ هوندي آهي، اسان لاءِ صبح ٿيندو آهي...ڏينھن ڪڙهندو آهي، شام ٺرندي رهي ۽ رات لھي ايندي آهي...چوويھہ ڪلاڪ بہ اسان جي ”هڻ...وٺ“ لاءِ ٿورا هوندا آهن، پنھنجو پاڻ مان ئي فرصت ناهي ملندي تہ ٻين لاءِ ڇا سوچجي...علم جا صاحبَ... صاحبانِ جاھہ و حشمت، ثروت و منصب اسان کان سدائين پري رهيا آهن، اسان جي ٽاٽ جو بخمل ۾ ڪھڙو ڪم...؟ ۽ هونئن بہ ڪجهہ کيسي ۾ هجي تہ فراغت جي ڪا گهڙي ڪڍي هنن جي ”سيوا“ يا ٽھل ٽڪور ۾ گذارجي نہ...هتي تہ پنھنجي خدمت ئي نہ ٿي ٿئي...تہ سياست خدمت... ۽ ٻين ”اعليٰ خرچائو“ حوالن کي ڇا سوچجي. اسين نہ سياسي ورڪر هوندا آهيون ۽ نہ علمي ادبي ڪارڪن...اسان کي ”غريب عوام“ سڏيندي وات ٿڪجندا ناهن...پر اسان کي پنھنجي ڪرڻ جي طاقت جيڪا قدرت اوهان کي ڏني هئي، اهڙي تہ وري ڪنھن وٽ ڏسڻ ۾ ئي نہ ٿي اچي....
ڪيڏي نہ حُج مان اوهان کي سڏيو ويندو هو ”صاحب“... ڇاڪاڻ تہ اسان جي اها ٽَهي آهي جنھن پنھنجي شعور جي اک اوهان جي دور ۾ کولي، زندگيءَ جو اهو حسين دور جنھن کي ”ٽين ايج“ چيو ويندو آهي، سو اوهان جي منصب جي ڏينھن ۾ گذريو، هڪ عام شھريءَ جي حيثيت سان، جنھن کي سياست جو شعور نہ هجي ۽ جيڪو ان خارزار جي گهماگهميءَ کان اڻ ڄاڻ هجي...اها ڳالھہ ڪيڏي نہ عجيب لڳندي هئي تہ ”ڀٽو صاحب، ميز تي ويٺو تہ سندس سامھون جيڪو بہ آيو سو رئي ٿي ويندو، ٽيبل ٽاڪ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو آڻ مڃي...اهو ٿي ڪو نہ ٿو سگهي...هو ماڻھن جو نبض شناس آهي...رڳن ۾ ڊوڙندڙ وطن جي محبت کي تيز ترين بڻائڻ جو هنر ڄاڻي ٿو“... ۽ واقعي بہ اهو سڀ ائين لڳندو هو، ايڪھتر جي جنگ هارائڻ کانپوءِ حزيمت ۽ شرمندگيءَ جي احساس سان پُر قوم کي، اوهان پنھنجي گجگوڙ ساڻ ڄڻ جياري ڇڏيو هو. جڏهن اوهان جي آواز جي گونج ٿيندي هئي تہ اندر جي ڳلي ڳلي ڀرجي ويندو هئي، توهان سنوان سڌا ٽي ويءَ تي عوام سان خطاب ڪيو، يا وري عوامي جلسن ۾ هجو... انسانن جو ”انبوھہ“ ڪنھن کي اهڙو نصيب ٿيو؟... توهان جي تقرير، ريڊئي ذريعي ٻڌبي هئي... اوهان کي ياد آهي...ڪراچيءَ جي نشترپارڪ ۾ اهو ڪرشماتي خطاب...اهو روح کي ڀاڪر ۾ جڪڙڻ وارو عظيم الشان سحر، جنھن ماڻھن جا سيسراٽ ڪڍي ڇڏيا هئا، اوهان جو آواز گونجيو هيو ”لڙوگي“ لکين ماڻھن جي انبوھہ رڙ ڪئي هئي”لڙين گي“... وري چيو هيو ”مروگي“ يڪ جنبشِ صدا هئي ”مرين گي“...مائڪرو فونز جي قطارن ۽ روسٽرم کي ڌڪيندي توهان رڙ ڪئي هئي ”خدا ڪي قسم لڙو گي!“ عوام وراڻيو ”خدا ڪي قسم لڙين گي“... ۽ يقين ڄاڻو...نشتر پارڪ ان مھل هر گهر ۾ هئو، توهان اتان صدا بلند ڪئي پئي ۽ اسان جي گهر وارن هتان جواب ڏنو پئي...
توهان هڪ حسين خواب هيو ”صاحب“...اوهان نوجوانن ۾ اکيون کپايون هيون، بزرگن کي عزت ڏني هئي، هارين نارين کي مٿي آندو هو، توهان واقعي خوابن کي ساڀيان ڏيڻ جي صورت گري ڪئي هئي، چوڏس ترقي نظر ايندي هئي، اها سکر واري پُل هجي يا اسٽيل مل جو فرنيس...مٿي تي هيلمٽ پھريل هجيوَ يا مائو ڪيپ...صاحب، اسان جھڙن الاءِ ڪيترن وجودن لاءِ توهان اتساھہ بڻيو... توهان جي ڳالھہ ڪُوڙي نہ لڳندي هئي، عرض ڪيم نہ سياست ڪڏهن بہ پلئہ ناهي پئي، پر توهان اسان کي سياستدان ڪو نہ لڳندا هيو... توهان اسان کي نجو پجو ”پنھنجو...پنھنجو“...لڳندا هيو...توهان مانُ اسان جي دلين ۾ هيو، تڏهن تہ اسين هيج وچان توهان کي ”صاحب“ سڏيندا هئاسين.
اهي ڏينھن بہ ڪمال ڏينھن هئا، جيڏي تيزيءَ سان توهان هلندا هيو ۽ توهان جا ماتحت پويان پويان سھڪندي مفاصلا پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، ايڏي ئي ساڃھہ سان عوام بہ توهان جي پوئواري ڪئي پئي، ٻيانوي هزار جنگي قيدين جي موٽ هجي... هڪ هڪ جي ڳچيءَ ۾ هار ڄڻ سڄي قوم وڌو پئي... مٿان وري اسلامي سربراهي ڪانفرنس ٿي تہ هر ڪلاڪ ۾ ڪنھن سربراھہ جي لھندڙ جھاز جو استقبال ڄڻ اسان پئي ڪيو، اسيمبليءَ جي فلور تي ڳالھائيندا هيو تہ ڄڻ اسان ميمبر هئاسين، شعور جي سطح اها ئي جو تقريبن هر ڪنھن کي توهان جي ڪابينا جي وزيرن ۽ انھن جي شعبن جا نالا ياد هئا...جهر جهنگ ۾ ”حيثيت“ جو شعور اچي ويو هيو، خلقِ خدا کي اظھار جو موقعو مليو هيو.
پوءِ جڏهن واءُ وريو ۽ اهو سڀ ائين ٿي ويو تہ عجيب سوڳواري ماحول ۾ اچي وئي، اهي ٽيليوزن اسڪرين، جنھن تي توهان جو ديدار پيو ٿيندو هيو، توهان لاءِ اجنبي بڻجي ويا، صاحب جو نالو وٺڻ ”زيادتين“ ۾ شمار ٿيڻ لڳو، جيڪي ويجها هئا سي ڏور ٿي ويا، ۽ بي وفا، بي مھر وقتَ توهان کي تاريخ جي ڳلين ۾ مقابلي جي ميدان لاءِ اڪيلو ڇڏي ڏنو. هيا...ڪجهہ هيا، جيڪي زماني سارو بہ سامھون هئا، پر هڪ عام ماڻھوءَ جي حيثيت سان، دل صدا ڏئي ٿي تہ توهان اڪيلا هيا، صاحب ثروت ساڻ نہ هئا... غريب عوام هيو، جنھن پنھنجي جان بہ توهان مٿان گهوري، پر صاحب، بھرحال ان ”هجوم“ ۾ اڪيلو هيو، جيڪو واڳون سنڀاليندو آهي. ڪا نظر لڳي وئي هئي، مسافر کي نيٺ وڃڻو هيو، بھار کي خزان ۾ تبديل ٿيڻو هيو.
اها تاريخ عجيب هئي سائين...عرض ڪيو ٿم نہ...سياسي تہ هئاسين ڪو نہ، سمجهہ ايڏي زيرڪ ۽ چالاڪ تہ هئي ڪو نہ...دنيا جو ڪاروهنوار ايترو پلئہ نہ پيو هيو، پر بھرحال ائين سو ضرور ٿيو هيو تہ گهرن ۾ چلھا ڪو نہ ٻريا هئا، جن جيڪو ڪجهہ جتي پچايو هو، جھڙو پچايو هو، اهو اتي ئي رهيو، اکين ۾ پاڻي بيھجي ويو هو، نڙيءَ مان ڳوڙها، صدائن جي صورتن ۾ نڪرندا رهيا.
اسان کي اوهان سان محبت آهي سائين...هي غريب...هي فقير...جنھن اڄ ڏينھن تائين ڪنھن پارٽيءَ جو ڪو ”مول...متو“ ناهي پڙهيو، ڪنھن وڏي سياسي ليڊر سان ملڻ جو شرف ناهي ماڻي سگهيو ۽ نہ ئي ماڻڻ چاهي ٿو، اوهان جي نانءُ تي هنجون هاري ٿو ويھي...خوابن جا اهي بسترا، جيڪي اوهان عام ماڻھوءَ لاءِ وڇايا هئا ۽ جن ڪارڻ ويندي ويندي اوهان پنھنجي حياتيءَ کي سئي ڌاڳو بڻائي ڇڏي ويو تہ جيئن ڪٿان ڪجهہ اڊڙي تہ سبجي سگهجي، اڄ بہ اتي جو اتي آهن...بلڪہ سچ تہ اهو آهي تہ انھن جو آرام پلئہ ئي ناهي پيو.
اڄ، ايڪٽيھن سالن جي گذرڻ کانپوءِ جڏهن وارن جون اڇيون چڳون، قبضو ڪري چڪيون آهن ۽ ٽين ايج، پنھنجا خواب اوهان ساڻ اماڻي ڇڏيا آهن، تہ هي عام ماڻھو...اوهان لاءِ پنھنجي ڪمائيءَ مان، سين جو پڙو، سيرو، يا ڪجهہ ٻيو تيار ڪرائيندا آهن، جي اها جنوري هجي تہ بہ اوهان ۽ جي اپريل هجي تہ بہ اوهان لاءِ اها سوکڙي محبت سان تيار ٿيندي آهي صاحب... سائين ڀٽا صاحب... محترم قائدِعوام ذوالفقار علي ڀٽو صاحب... شھيد...هنن عام ماڻھن وٽ اوهان لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو گهڻو ڪجهہ ڪونھي... ڇاڪاڻ تہ اوهان لاءِ سندن دعائون، انھن ٻن مھينن جون محتاج ناهن... اهي هر گهڙيءَ نڪرنديون رهن ٿيون...انھن سڀني حسناڪين لاءِ، جيڪي اوهان وطنِ عزيز کي ارپي ويا.
لاڙڪاڻي جي گرميءَ لاءِ اوهان اديءَ بينظير کي آخري ملاقات ۾ چيو هو ”هاڻي اتي ملنداسين...پر لاڙڪاڻي ۾ گرمي ڏاڍي آهي...“ ۽ بھادريءَ سان مرڪيو هيوَ...اوهان جي اها مرڪ، هنن سينن ۾ رهجي وئي آهي صاحب... توهان جي ياد ۾، هر سيني جي گرمي وڌي وئي آهي...لاڙڪاڻي جي زمين تہ اوهان کي ڀاڪر ۾ ڀري ٺري پئي آهي.

ڇپيل: آچر 4 اپريل 2010ع