شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 170
  • 57
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

گُلِ خوش رنگ (سياستدان: مخدوم محمد امين فھيم)

سرد هوائن ۾، ٿڌي سڀاءَ وارو سائين مخدوم محمد امين ”فھيم“ صديقي، جھان مان رخصت ٿيو آهي. انا للہ وانااليہ راجعون. بردباري، متانت تي، سليقي ۽ سڀاءَ جو هڪ باب بند ٿيو ۽ هاڻي وقت ان ڪتاب جي جِلدسازي ڪندو. مخدوم امين فھيم، ڪالھہ 21 نومبر 2015ع، بروز ڇنڇر، بمطابق 9 صفر المظفر 1437ھہ جي، صبح جو سوير جھان مان موڪلايو. هاڻي اسان وٽ ڪي قادرالڪلام شاعر آهن الائي ڪونہ، پر بھرحال 6 آگسٽ 1939ع تي، هالا ۾ سندس ڄم تي، مرحوم سينڌي خان ’صيد‘ قطع تاريخ پيدائش ڪجهہ هينئن لکي هئي:
گُلِ خوشرنگ نمودار شُد بہ گلشنِ نوح،
هزار بار مبارڪ ز ’صيد‘ شام و صبوح.
اهو گلِ خوشرنگ ڪالھہ شام جو، مخدوم نوح سروري رحمتہ ﷲ عليہ جي مقبري مبارڪ جي ڀاڪر ۾، والدِ گراميءِ مرتبت مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ جي پاسي ۾ آرامي ٿيو. خاڪ وڃي خاڪ سان ملي، مٽيءَ جي خوشبوءَ ۾ هڪ دؤر واسجي ويو. الائي ڪھڙو حال آهي دل جو! خواب نگر جي حاضري ترتيب سان هوندي آهي. موضوع بہ هيو، شروع بہ ڪيو هئم جو، اوچتو ٽيڪسٽ اچي ويو، تہ مخدوم صاحب جھان ڇڏي چڪو آهي. الائي ڇو، اندر کي ڄڻ ڪنھن مُٺ ۾ جڪڙي ورتو. ڏک جي شديد ڪيفيت اندر ۾ لھي آئي. هي فقير، سياسي قطعي نہ آهي، ان ڪري علم و حڪمت جي انھن ”خزينن“ کان پري ڀڄندو آهي. مخدوم صاحب ۾ ٻيو الائي ڇا هيو، الائي ڪھڙي ڇِڪ هئي، الائي سندن روح جي ڪھڙي تاثير هئي، جو سڀ ڪجهہ الائي ڪيتري دير مھمل رهيو. ٽي چار دفعا مٿن لکڻ جي ڪوشش ڪيم، ڪو ڇيڙو ئي هٿ نہ پيو اچي. آخرڪار يارن دوستن کي منٿ ڪئي، تہ هڪ ڏينھن اضافي عنايت ڪيو. ذاتي لائبرريءَ ۾ مخدوم صاحب جو هڪ انٽرويو رکيل آهي، ان کي ٽرانسڪرائيب ڪري پيش ڪرڻ ٿو گهُران ۽ قدرت خدا جي، اڍائي ٽي ڪلاڪ ساندھہ ڳوليو اٿم، سڀ انٽرويوز پيل آهن، رڳو مخدوم صاحب جو انٽرويو ئي نٿو ملي. نصيب جي ڳالھہ هوندي آهي. شايد اهو انٽرويو في الوقت ڪاغذ تي اُٿلائڻ نصيب ۾ نہ هو. پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام ”اڄ جو مھمان“ ۾ مخدوم صاحب، مھمان جي حيثيت ۾ آيا هئا. نواب مھدي لغاري صاحب پروگرام پروڊيوسر هيا، جن جو مخدوم صاحب سان ويجهي نيازمنديءَ جو تعلق هو، ۽ هُن جي ئي اسرار تي مخدوم صاحب وٽان وقت عنايت ٿيو هو. انٽرويو جي هن سلسلي ۾، مون ڪل 83 رڪارڊنگس ڪيون هيون، قدرت خدا جي هڪ هڪ محفوظ ڪئي هئم، پر هنن ساعتن ۾ هٿن مان واريءَ جان ترڪيل محسوس ٿي رهيون آهن. ذاتي حوالي سان، سندن شخصيت مونکي بيحد دلپذير لڳي هئي. سندن متانت، ملڻ جلڻ جو انداز، ڀاڪر جي گرمي، خندہ پيشانيءَ سان سوال جي موٽ، ۽ زير لب مُرڪ جو هٿيار ڪمال هئا. ائين بہ ٿيو هو، جو پروگرام جي شروعات ۾، مون سندن خدمتن ۾ سوالن جي فھرست پيش ڪئي هئي. ڪجهہ سوالن ٻڌڻ تي هنن خاموشي اختيار ڪئي هئي، ٻين تي ”ٺيڪ آهي“ ۽ ”درست“ اچاريا هئا. مطلب خاموشيءَ جو اهو پئي نڪتو، تہ جي اهو سوال نہ پڇيو وڃي تہ بھتر آهي. هنن سنئون سڌو روڪ نہ پئي ڪئي، پر اها خاموشي گهڻو ڪجهہ ٻڌائَي پئي. منھنجي بہ جوانيءَ جا ڏينھن هيا. ڪو ڊيوڊ فراسٽ تہ ڪونہ هئس، پر پنھنجيءَ پَر ۾، ڪجهہ سوالَ وچان ڪري ويو هوس، جن جي موٽ ۾ اها زيرِ لب مرڪ ۽ چشمي پٺيان نگاهن جي تيزي، اهو اشارو ڏئي رهي هئي، تہ ”اِهو سوال، لکت واري حساب ۾ تہ ڪونہ هو“، پر وري بہ هنن بي انتھا خوش دليءَ سان سڀ ورنديون ڏنيون ۽ پروگرام پورو ٿيڻ کانپوءِ اهو قطعي بہ احساس نہ ڏياريائون تہ، ”اهي سوال وچان ڇو ٿيا هئا؟“
تقريباً ڏيڍ ڪلاڪ جي ان مختصر گڏجاڻيءَ، منھنجي اندر ۾ عجيب تاثر ڇڏيو هو. صاحبِ مسنَد سان فقير جي ڪھڙي نسبت ۽ سياستِ ڪارِ زارِ خارزار...سو پريان سفر ئي چڱو آهي، پر الائي ڇو 23 مارچ 2008ع تي خواب نگر ۾، مون هنن کي وزارت عظميٰ نہ ملڻ تي ”چئج صبا سڄڻن کي“ لکي ڇڏيو. مان سمجهان ٿو تہ پنھنجي هن سفر ۾، محترمہ بينظير ڀٽو صاحبہ تي، ”ادي“ ۽ مخدوم صاحب تي ان ڪالم لکڻ کان علاوہ، هي غريب سياستدانن جي ويجهو ئي نہ آيو آهي. سياست منھنجي چانھہ جو ڪوپ ناهي رهيو. الائي ڇو مخدوم صاحب تي اندر کي درد ٿيو هو. اهڙو ئي جھڙو اڄ ڀرجي آيو آهي. اخبارون ڀريون پيون آهن. ’پيغام‘ نالي ڳٽڪي جو شاعر، امين فھيم...پنھنجي سياست تدبر، وفاداريءَ، پاڻ سان ٿيل ويساھہ گهاتين، محبتن، مرڪن، رنجن ۽ ڀاڪرن کي کڻي زمين جي تھہ ۾ لھي ويو آهي. 1953ع کان ’امين‘ جي تخلص سان شروعات ڪندي، قبلا طالب الموليٰ سائينءَ کان اصلاح ڪرائيندي، ’فھيم‘ تخلص ماڻيائين ۽ ڌڻيءَ مٺي کيس آخر تائين فھيم ئي رکيو.
پنھنجي دؤر جو جڳ مشھور ايڊيٽر مولانا غلام محمد گرامي ’مھراڻ‘ جي 1969ع جي پھرئين ۽ ٻئي شماري ’شاعر نمبر‘ ۾ صفحي نمبر 396 تي لکي ٿو؛ ”فھيم سائينءَ جو سارو ڪلام هڪ شڪستہ ساز جو آواز آهي. ان ۾ نيازمندانہ جذبات موجود آهن. ’فھيم‘ سائينءَ جي ٻولي، پختي، رسيلي، سُريلي، مٺي ۽ من موهڻي آهي، جا شاعريءَ جي لباس ۾ اچي وڌيڪ دلڪش ۽ رنگين بڻجي پئي آهي.“ اهو صرف گرامي صاحب جو خيال ئي نہ هو. جي مخدوم محمد امين ’فھيم‘ جي ڪلام تي نگاھہ وجهجي تہ سڀ ڪجهہ پڌرو ٿي وڃي ٿو. 12 جنوري 1959ع تي هالا نوان ۾ مخدوم صاحب طبع آزمائي ڪن ٿا.
گهڻو دلبر لِڪئين ليڪن، ڏسڻ وارن ڏسي ورتو،
رخِ انور اي سھڻا، نيٺ مون پارن ڏسي ورتو،
لِڪي شبنم کان، بلبل کان، ۽ ڀؤنرن جي نگاهن کان،
سُنگهيم خوشبو گلِ تر جي، مگر خارن ڏسي ورتو،
سڄي دنيا جا واعظ، محتسب سڪندا رهيا هردم،
۽ ساقيءَ جي رخِ تابان کي مئخوارن ڏسي ورتو،
نمازِ عشق ۾ هڪڙي جي بدران سَوَ ڪيم سجدا،
پراهن ڪونہ تاڙيو، مون کي ڀر وارن ڏسي ورتو،
ويو پئي قيس ليلا ڏي، مگر ڏاڍو ڏکيو رسندو،
جي ويندي واٽ تي ان کي ڪٿي ٻارن ڏسي ورتو.
شبِ فرقت گذاري ڪيئن، ڀلا هڪ عاشقِ مضطر،
نہ ڪنھن سمجهيو، نہ ڪنھن سوچيو، مگر تارن ڏسي ورتو،
وفا ڀي ملڪ مان وئي پر، جهلي دامن وٺي آيس،
جو ان کي واٽ ويندي ئي، وفادارن ڏسي ورتو.
”فھيم“ آهي نہ ڪا پروا، هزارين بخششون ٿينديون،
زھہ قسمت درِ دلبر خطادارن ڏسي ورتو.
پيار وچان، حضرت پکن ڌڻيءَ جي نسبت سان ’ڏاڏا سائين‘ سڏجندڙ مخدوم صاحب هاڻي آرامي آهي. هڪ طويل بيماريءَ جي طويل سفر کان موٽي، هن هالا ۾ آخري آرامگاھہ وسائي آهي. 30 نومبر 1994ع تي، پنھنجي انٽرويو ۾ منھنجي هڪ سوال تي، سندس ابرُوءَ گردش ڪئي هئي، ڇاڪاڻ تہ اهو سوال، ٻڌايل سوالن مان نہ هو ”سائين...اوهان کي زندگيءَ کان ڪا شڪايت آهي؟“ ۽ هنن ٺھہ پھہ وراڻيو هو ”مغل صاحب...جيڪو ماڻھو مانيءَ جو گرھہ پاڻ کائي سگهي ٿو، ۽ پاڻيءَ جو ڍُڪ پاڻ پِي سگهي ٿو، ان کي زندگيءَ کان ڪا شڪايت نہ ڪرڻ گهرجي.“ ايڪيھن سالن گذرڻ کانپوءِ بہ اهو جملو دِل تي لکيل آهي. سندن مرڪ، سندن لب و لھجو نہ ٿو وسري، ۽ وسري بہ ڇو!..اهڙا وجود، هر هر ڄمندا آهن ڇا؟ بردباريءَ ۽ متانت جو هي مثال وري ڪٿي ملندو! ڌڻي مٺڙو جل شانہ کين بھتر جاءِ عنايت فرمائي، سندن درجات بلند ٿين ۽ پورهيو قبول پوي. آمين.
نظر فريب نظارن وڏو فريب ڏنو،
خزان رسيدہ بھارن وڏو فريب ڏنو،
رهيا نہ مون سان، جدائيءَ ۾ همدم و غمخوار،
سحر ٿي ويئي، ستارن وڏو فريب ڏنو،
وري تہ آسري دنيا جي ڪينَ لڳندس مان،
سدائين هن جي سھارن وڏو فريب ڏنو،
مون بي قرار کي خالي ڏنائون دلداري،
وري بہ پنھنجي ئي يارن وڏو فريب ڏنو،
غمن ۾ کِلندو رهيس، پر خوشين رئاڙي ڇڏيو،
هميشہ آهي بھارن وڏو فريب ڏنو،
سکن جو ساٿ ڇڏڻ، لازمي نظر آيو،
قدم قدم تي قرارن وڏو فريب ڏنو،
پرائي پنھنجي کي سمجهڻ جو وقت ئي نہ مليو،
نظر جي شوخ اشارن وڏو فريب ڏنو،
حياتي ساري بتن جي ئي پيار ۾ گذري،
’فھيم‘ نقش و نگارن وڏو فريب ڏنو.
1 جون 1956 تي، گلِ خوشرنگ، محترم محمد امين ’فھيم‘، اهي سٽون سرجيندي، ڇا اهو سوچيو هو تہ انھن مان گهڻيون سٽون هو ايندڙ وقت لاءِ لکي رهيو آهي.

ڇپيل: سومر 23 نومبر 2015ع