دردَ- ڪٿا (پنھنجي پاران)
ماڻھو، ڪنھن سان خوشيءَ جي ڳالھہ ڪندو آهي؟ ڪنھن سان پنھنجي اندر جو راز سَليندو آهي؟ جَي اندر کي دردَ جي وڻ ويڙهي ڀاڪُر ۾ ڀري تہ عُذر ڪنھن سان ڪبو آهي؟ سوال.... سوال.... سوال. چيو ويندو آهي تہ ڪو مَن گهريو هجي، ڪو ڪمال ڪُلھو، ڪو سدابھار سِينو سامھون هجي ۽ اندر جا نيسارا کُلي پوَن... شايد اهو ئي انھن سوالن جو جواب هوندو آهي.
پر جي غور ڪجي تہ اهو جواب بہ گهڻو ئي مشڪوڪ آهي. اصل ڳالھہ اها آهي تہ انسان پنھنجو پاڻ سان ئي خوشيءَ جي ڳالھہ ڪندو آهي، پنھنجي اندر جو راز پاڻ تائين رکڻ کي حِڪمت سمجهندو آهي ۽ سيني ۾ ماتم جي صدا بُلند ٿئي تہ، پاڻ سان ئي عُذر ڪندو آهي. ’خواب نگر‘ جو هي ’تعزيت ناما‘ چيپٽر، پنھنجي اندر سان پنھنجو ئي عُذر آهي.
ٽيليوزن جي دنيا ۾ بي انتھا ويجهو هوندا هئا ’سائين محمد بخش سميجو‘ صاحب... 1981ع کان 2004ع تائين لاڳيتو 24 سال گڏ ڪم ڪيوسين. اهو افتخار بہ حاصل رهيو تہ ’سنڌي ناٽڪ رنگ‘ ۾ سڀني کان وڌيڪ اسڪرپٽس هُنن منھنجا لکيل رڪارڊ ڪيا. پاڪستان ٽيليوزن جي هسٽريءَ ۾ سنڌي ۽ اردوءَ ۾ هڪ ئي وقت رڪارڊ ٿيل سيريل ’ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهہ‘ ۽ ’سمجهوتا‘ بہ اسان ٻنھين جي ڀاڳ ۾ آيا. جن پاڪستان ٽيليوزن جو ’نيشنل ايوارڊ‘ ماڻيو. انيڪ لانگ پليز، سيريلز، سيريز گڏ ڪياسين. 13هين سيپٽمبر 2004ع تي سندس اوچتي وڇوڙي الاءِ ڇا ڪري ڇڏيو... درد جي هڪ لھر اندر ۾ بُلند ٿي ۽ جڳ مشھور ڪالم سلسلو ’خواب نگر‘ پھرئين تعزيت نامي سان شروع ٿيو.
سال 2004ع کان 2020ع تائين تقريبن 17 سالن جي هن سفر ۾ فنونِ لطيفہ جي جن بہ اهم شخصيتن جھان ڇڏيو، هن فقير انھن جي تعزيت نامن لکڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي. اهو سڀ تاريخ جو حصو آهي ۽ اسان جي انھن سڀني هِيرن جواهرن جي لاءِ محبت جو خراج، جيڪي پنھنجو پاڻ ملھائي ويا ۽ جن جي ياد اسان جي اندر مان اوجهل ٿيڻ نہ گهرجي.
’خواب نگر‘ جي تعزيت نامن ۾ 57 اهم شخصيتون شامل آهن، جن جون حياتيون، پنھنجي پنھنجي ميدان ۾ بي انتھا سرخرو رهيون ۽ جن جي حُضور جي سچائي، سندن خدمتن کي اورچ بڻائي وئي. ڪريم ربُّ جلشانہ کين بخشش عنايت ڪري ۽ ساڻن سوَلايُن جا معاملا ٿيندا رهن.
هي تعزيت ناما، انھن سڀني لاءِ ‘توشہءِ خاص‘ آهن، جيڪي ’نہ وسارڻ ۾‘ شدت سان ويساھہ رکندا آهن.
مٺڙو ڪريم ربُّ، اوهان کي دامَي، درمَي، ڪرمَي، سُخنَي صرف پنھنجو محتاج رکي-آمين.
محمود مغل
سُومر 11هين جولاءِ 2022ع
سيوستان هائوس،
سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي
ڄامشورو