راضي بہ رضا (موسيقار: استاد رجب علي رضا )
هارمونيم جو ذڪر ان لاءِ بہ بنھہ ضروري هو جو پنھنجي حياتيءَ ۾ استاد رجب.... مرحوم استاد فيروز گل کان پوءِ اهو ٻيو ”گني“ وجود هيو، جنھن سان ڄڻ هارمونيم گفتگو ڪندو هو. اسين عام حياتيءَ ۾ جنھن بہ ”لب ولھجي“ سان ڳالھائڻ گهرون.... جنھن نسبت سان ڪابہ ڳالھہ چئون، اهي ٻئي ”همه جهت استاد“ بلڪل انھيءَ ”ٽون“ کي هارمونيم جي اظھار جي حوالي سان ڪندا هئا. هاڻي جڏهن گفتگو ئي سُرن جي ردا اوڙهي سگهي ٿي تہ آلاپ ۽ نجا سُر تہ ڳالھہ ئي ٻي آهن.
ڪھاڻي وري بہ اها ئي ساڳي ٿي عزيزانء من.... دنيا جا چار ”ٽوئر“ ڪندڙ، هنڌين ماڳھين پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندڙ وٽ، مظاهرو ڪندڙ مرض جي دوا دارون جي ادائگيءَ لاءِ رقم ڪانہ هئي. شوڪت خانم ميموريل کيس انھيءَ ”خالص“ سبب جي ڪري موٽايو هو، ڇاڪاڻ تہ رجب استاد، هڪ عام ”مالي حيثيت“ وارو وجود هيو. حياتيءَ شايد ايتري مھلت نہ ڏني هئس جو هو ڪجهہ ايترو ”پاڇي“ ڪري سگهي، جيڪو کيس ”مينھن وسندي“ ڪم اچي ها.... فڪرِ معاش، فڪرِ جان کان ڏاڍو مٿانھون ٿي وڃي ٿو صاحبانِ زمانہ.... هتي بہ شايد اهڙي ئي ڪا ڪٿا هئي.
اتي وري ساڳيو اهو سوال پيدا ٿو ٿئي.... ڇا ٿو ٿئي انھن سڀني کي يا سڀني سان؟ لک ڪمائين ٿا.... هر روز هڪ محفل مچي ٿي.... هزارين پروگرام ڪن ٿا.... بچائين ڇو ڪونہ ٿا؟ ڇو ٿو آخر ايئن ٿئي جو آخر ۾ اچي مٽي خراب ٿئي ٿي؟ ثقافت کاتي جا پير جهلڻا پون ٿا. منٿن ميڙن جو قافلو تيار ٿئي ٿو، جنھن جو نالو ڪنھن وٽي تي ناهي، سو بہ هڪ عدد بيان ”داغي“ ڇڏي ٿو.... هر فنڪار نہ سھي، پر انھن جي اڪثريت ڇو ايئن ”فاقه ڪشيءَ“ جو شڪار ٿي آخر ۾ تڪليفن کي مُنھن ڏيندي جھان مان رخصت ٿئي ٿي؟ جسماني پيڙا تہ پنھنجي جاءِ تي، پر اها ”مالي پيڙا“ ڇو سندن در نٿي ڇڏي؟ هاڻي انھيءَ جو جواب بہ ڪٿي ڪٿي ڏاڍو سادو آهي سائين.... شھرتن جي ڏاڪڻ تي چڙهڻ کان پوءِ، جڳ جھان سان ڏيٺ ويٺ ٿئي ٿي. مطلب ماڻھو سڃاڻن ٿا. مطلب.... اٿڻي ويھڻي الڳ رکڻي پوي ٿي.... مطلب.... لٽو ڪپڙو الڳ هجي.... هار سينگار مختلف هجي. ٻين جي نگاهن کي مُنھن ڏيڻ لاءِ ڪجهہ تہ هجي. سڃاڻپ بہ تہ هڪڙو عذاب آهي.... ڀرم ان کان وڌيڪ.... هاڻي انھن جو خيال تہ رکڻو آهي.... مطلب تہ زندگيءَ ۾ ضرورتون ۽ تقاضائون پنھنجو ڄار مڪمل نموني وڇائين ٿيون ۽ مطلب.... مطلب.... مطلب.... انھيءَ مطلب جي هڪ لفظ ۾ ڄڻ هڪ پوري ڪوڙڪي، حياتي کي ڳهڻ جي منتظر هجي ٿي.... ۽ مٿان وري هٿ ٻڌي اهو بہ عرض ڪجي ٿو تہ ڪٿي ڪٿي انھن حياتين ۾ ڪجهہ ٻيا رنگ بہ هجن ٿا.... ”لانگ ايوننگز“ (Long Evenings) طويل شامن جي بندوبست ۾ ڪجهہ گهڻو ئي خرچ ٿي وڃي ٿو. مٿان وري ڪجهہ ٻيا ”لوازمات“ بہ خرچ گهرن ٿا. جيڪي فنڪار برادري واپرائيندي آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالھہ تہ اها بہ آهي تہ هي روزي ئي ”هوائي“ آهي.... ملي.... ملي.... نہ ملي. ڪم ملندو تہ آمدني ٿيندي. جيڪڏهن نہ ٿو ملي تہ ڪو فنڪار ڌاڙو هڻڻ کان تہ رهيو.... پر، هڪ ڊگهي ساٿ ۾ عزيزانِ من.... مان نجي حوالي سان عرض ڪرڻ ٿو گهران تہ استاد رجب علي رضا.... انھن عادتن کان تمام پري هوندو هو. خوش لباس، خوش اطوار استاد سائين، سدائين هڪ مهذب ۽ پڙهيل ڳڙهيل استاد جو ڏيک ڏنو، جيڪو فنِ موسيقيءَ کان سواءِ، ٻين انيڪ علمن ۾ بہ ماهر هو. هو رڳو ڪمپوزيشن ڏيندو ڪونہ هو، بلڪ ڪمپوزيشن سيکاريندو بہ هو. اتي بنا ڪنھن هٻڪ جي اهو بہ لکڻ ضروري آهي تہ قديم استادن مان شايد هو واحد موسيقار هو، جنھن کي انگريزي زبان جي بہ سٺي ڄاڻ هوندي هئي. جڏهن بہ ملاقات ٿيندي هئي تہ سندس زبان تي، سلام دعا کان پوءِ ۽ خاص طور تي ڀاڪر پائڻ کان پوءِ هڪدم ايندو هو ”سلامت رهو.... خوش هجو....“ سادي سودي وجود تي هڪ خالص مرڪ ساڻ انھن جملن جو توازن غضب جو هوندو هو. اڄ هنن سٽن ۾، سندس حوالي سان اهو سڀ لکندي لڳي پيو ٿو تہ آهستي آهستي اهي جملا اسان ۾ بہ، هن جي معرفت ئي آيا. آڌرڀاءُ جو اهو انداز بلاشڪ سندس مخصوص ملڪيت هو.
اهم ڳالھہ اها بہ هئي صاحبانِ زمانہ.... تہ ڪڏهن بہ هن ”لڏي“ جي ڪا بہ شڪايت مون استاد کان نہ ٻڌي. تقريبًا ٽيھہ سال گذريا آهن، موسيقيءَ جي ميدان ۾ شاهي ڪاريگرن سان ملندي.... ڪٿي ملڻ جو شرف مليو آهي تہ ڪٿي وري ڪنھن ڪُنڊ پاسي ۾ ويھي ٻڌڻ جو.... حيرت انگيز تجربا، هن حياتيءَ ۾ حاصل ٿيا آهن. اسڪرين تي شرافت جو پيڪر نظر ايندڙ مھربان، نجي محفل ۾ گار کان سواءِ جملو مڪمل نہ ڪري سگهي تہ ڇا ٿو ڪري سگهجي ۽ تنھن کان سواءِ گلا جو گهانگهو تہ پيو ئي پيو هوندو آهي. الاءِ ڇو، هڪ ٻئي جو ڪم پسند ايندي بہ ”ناپسند“ ٿي ويندو آهي. ان ”ڪال“ جي جھان ۾، جڏهن بہ ڪٺا ٿيا هونداسين تہ استاد رڳو سُرن جي ڳالھہ ڪئي هوندي يا وري پوءِ ڪنھن شاگرد جي ڪا خوبي ئي اڳيان وڌائي هوندائون. ايئن گهٽ ۾ گهٽ مون کي نٿو لڳي تہ ڪٿي هنن ڪا دانھن ڪئي هجي ۽ دانھن تہ عزيزانِ من هنن آخر تائين نہ ڪئي. هڪڙي ئي اداري ۾ نوڪري ڪندي، انيڪ ڀيرا ملاقات ٿي هوندي. جڏهن بہ حال پڇبو هيو تہ بس شڪر ادائگي هوندي هئي. استاد رجب، ڪڏهن بہ ڪا شڪايت نہ ڪئي. ذاتي حوالي سان مان اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ آخر ۾ کيس شدت سان، هٿ جي تنگيءَ اچي ورايو هو.... مٿي، اي سي ٽُو ۾، هن انيڪ چڪر لڳايا هئا.... مھربان آفيسرن جيڪا بہ واهر ٿي سگهي سا ڪئي هئي، پر تڏهن بہ، انھيءَ ڪمزور، بيمار ۽ نٻل وجود سان ڊوڙ ڊڪ ڪندي، هن ڪوبہ شڪايتي انداز نہ واپرايو. هر هنڌ سندس نياز نوڙت، هٿ جوڙ، ملڻ ملائڻ ۽ رک رکاءُ اهو ساڳيو ئي رهيو.
هڪ باوضع، باتميز، گُني وجود، اسان وٽان رخصت ٿيو آهي. معزز خواتين وحضرات.... اڄ اڃا پھريون ڏينھن آهي. سڀاڻي پھريون سال بہ ٿي ويندو.... وقت جون بريڪون تہ خراب ٿيل آهن. بلڪ آهن ئي ڪونہ.... سمئو اسان سڀني کي ان انجام کان باخبر ڪندو ٿو رهي ۽ احساس بہ ڏياري ٿو تہ ڪيڏو وڏو نقصان ٿي چڪو آهي. ضروري صرف اها ڳالھہ آهي تہ ياد جي سھاري کي هٿان نہ ڇڏجي. اها ڏور هٿن مان نڪري تہ وري واپس گهٽ ئي ملندي آهي. هيڏا وڏا وجود رخصت ٿين ٿا تہ گهٽ ۾ گهٽ، هنن جي ياد تہ سلامت هُجي. باقي هرڪو پيو پنھنجي حياتي گذاريندو.... ڪفالت رب مٺي جي حوالي آهي، ڪير ڪنھن کي ڪيترو کارائي يا پالي سگهي ٿو....؟
عمرِ عزيز جي آخري ڏينھن ۾، سندس آواز، سندس ساٿ ڇڏي ڏنو هو. ڳائيندو تہ هو پھرين بہ گهٽ هيو، پر بھرحال هڪ ڪمپوزر کي، پنھنجن راڳين کي سُر تہ سمجهائڻا ئي هوندا آهن. پنھنجي آواز جي رُسي وڃڻ تي، استاد رجب علي رضا جي وجود ۾ عجيب اضطراب اچي ويو هو. گهٽ ڳالھائڻو تہ هو شروع کان ئي هو، پر هاڻي تہ اکر اکر ڄڻ ڳڻجي ٿي نڪتو. اهو غم کيس جهوري ويو هو. آخري ملاقات ۾ سندس اندر جو درد ڄڻ سندس اکين ۾ اوتجي آيو هو. اداس اکين واري، اسان جي هن سرموڙ موسيقار جي اداسي، سندس سڄي وجود کي وڪوڙي وئي هئي. پر سندس نگاھہ جو هنر عجيب هيو. هٿ ٻڌي هن موڪلايو هو ۽ ايئن ئي ڄڻ سندس اکين بہ هٿ ٻڌا هئا تہ دنيا دورنگيءَ جا سڀ رنگ ڏسي چڪا آهيون. هاڻي موڪلائڻ ۾ ئي عافيت آهي.
جملا سڀ رسمي آهن، عزيزانِ من.... اسين سڀ هن جي جدائيءَ تي سوڳوار آهيون. ڌڻي تعاليٰ سندس پونيئرن کي صبر جي توفيق عطا ڪري.... آمين.... اهو خلا ڀرجڻ ناممڪن آهي.... سنڌي موسيقيءَ کي هيئن ٿي ويو ۽ هونئن ٿي ويو، وغيرہ وغيرہ.... پر سچ اهو آهي تہ اهڙا سدا بھار ۽ ڪمالِ فن وجود اسان وٽ هاڻي ڪي گهڻا ناهن رهيا. پنھنجين حالتن سان جهيڙيندڙ استاد رجب علي رضا، پنھنجي نالي جيان، سدائين راضي بہ رضا رهيو. سندس وڇوڙي تي اسان بہ اهڙي ئي ڪيفيت جو شڪار آهيون، پر اتي الاءِ ڪٿي، دل جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ڪو هڪڙو آواز ٻري ٿو.... سلامت رهو.... خوش هجو.... الاءِ ڇو لڳي ٿو، ان لھجي ۾ هاڻي شايد ڪوبہ مخاطب ڪونہ ٿيندو.... نہ اسان سان، نہ سنڌي موسيقيءَ سان. ڌڻي جل شانہ مٿس ڪرم ڪري ۽ کيس آسودو مرقد عطا ڪري.... آمين....!
ڇپيل: آچر 18 مارچ 2007ع