هڪ گمنام سپاهي (قانوندان: جسٽس برڪت علي جاگيراڻي)
پنھنجي عالي مرتبت والد جو ذڪر ڪندي وڏي فرند جو چھرو ٻھڪيو پئي. ”سڄي عمر هنن ڪڏهن بہ اسان جو اڌ نالو نہ کنيو.... جڏهن بہ سڏيندا هئا تہ پوري نالي سان سڏيندا هئا. گفتار ۾ ڪو بہ لفظ ڪڏهن اسان اهڙو نہ ڪنايو جو اُڇل جو احساس ٿئي. هنن کي تعليم کان وڌيڪ تربيت جو فڪر هوندو هو، ۽ تربيت بہ اهڙي، جو ماڻھو ڪُندن ٿي نڪري....“ هڪ آنجهاني منصف جو اولاد اکين ۾ آب ڀريندي، ياد جا ورق ورايا. تربيت جو هڪڙو ننڍڙو مثال ٿو ڏيانوَ.... هڪ ڀيري مھمان آيل هئا ۽ بابا سائينءَ سان ڪچھريءَ ۾ مصروف هئا. اوچتو مان جو آيس تہ ڪرسي کڻي مٿانھين طرف ٿي ويٺس. هن مون تي نگاھہ ڪئي، پر ڪجهہ چيائون ڪونہ.... ڪجهہ لمحا ترسي هنن مون کي ڪن ۾ چيو تہ، ”اندران وڃي هيءَ شيءَ کڻي اچو....“ مان اندر ويس تہ هنن ڪرسي کڻي پنھنجيءَ جاءِ تي واپس رکي ڇڏي، جتي اها پھرين پئي هئي. مان جو اندران آيس تہ اشارو ڪري چيائون، ”ابا... اتي ئي ويھي رهو...“ مھمان هليا ويا تہ گهرائي چيائون: ”بابا“! ڪڏهن بہ مھمانن جي مٿن کان نہ ويهبو آهي.... هميشہ هيٺاهينءَ ۾ نشست رکبي آهي....“
مون سان هم ڪلام هئا ڊاڪٽر طفيل احمد جاگيراڻي صاحب... ۽ ذڪر هو سندس والد گرامي مرتبت جو، جن کي عدل ۽ انصاف جي دنيا ۾ جسٽس برڪت علي جاگيراڻي سڏيو ويندو هو. هڪ فقير طبع، صوفي وجود، جنھن لاڙڪاڻي جي قمبر تعلقي جي ڳوٺ جيئڻ ابڙو ۾ جنم ورتو هو... ايم اي ايل ايل بي ڪري 1956ع ۾ سي ايس پي ڪئي هئي ۽ سنڌ بلوچستان ۾ هڪ وڪيل جي حيثيت سان پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو هو. 1985ع ۾ کيس تربت ضلعي ۾ سيشن جج طور مقرر ڪيو ويو هو، ۽ ان کان پوءِ هن انصاف جي انيڪ ايوانن ۾ پنھنجي فيصلن جي ”هاڪ“ ويھاري. 1995ع ۾ بلوچستان جو محتسب مقرر ٿيو ۽ اتان ئي رٽائرڊ ٿيو هو. جج صاحب جي خدمت جي مان شان کي ڏسندي کيس رٽائرمينٽ کان پوءِ جڊيشل اڪيڊمي بلوچستان ۾ ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. تنھن کانپوءِ هڪ سال لاءِ ڊرگ ڪورٽ ڪوئيٽا جو جج رهيو، ٽي سال فيڊرل سروس ٽربيونل جو ميمبر رهيو. ٽي سال ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ بدين رهيو، ۽ آچر 2 مئي 2010ع تي وفات مھل بہ پاڻ سرڪاري عملدار جي حيثيت ۾ ئي هو.
ڪاغذن تي لکجندي هيءَ هڪ عام حياتي لڳي ٿي عزيزانِ من... سڌي سڌي زندگي، جنھن ۾ رڳو اڳتي وڌڻ جي ڪھاڻي آهي ۽ ٻيو ڪجهہ ناهي.. هڪ ننڍڙي ڪيريئر کان شروعات ڪري، هڪ اعليٰ عھدي تي وصال ورتو... ۽ بس.... پر جي ٿورو غور ڪجي تہ اهو سڀ ايڏو سادو ۽ سولو ناهي. 1999ع کان 2001ع تائين فيڊرل سروسز ڪورٽ جي ميمبر جي حيثيت سان سندس اهم ترين ڪارنامو اهو رهيو تہ هن نواز شريف جي دور ۾ هڪ درجن کان مٿي وفاقي کاتن مان برطرف ڪيل هزارين ملازمن کي بحال ڪندي اهڙو فيصلو لکيو جو وقت جا حڪمران چاهيندي بہ ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج نہ ڪري سگهيا. انھن هزارين گهرن جا چلھا وري ٻرڻ لڳا... عزتن ۽ ناموس جي موٽ ٿي... واپسيءَ جون سرهائيون هزارين خاندانن کي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ لڳيون.
شھيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌريءَ جو هي ذاتي دوست ۽ سائين عبدﷲ شاھہ جو جگري يار... پنھنجي ڪرت ۾ بيحد سادو ۽ عام فھم هوندو هو. پنھنجي زمين تي پاڻ پورهيو ڪندي ۽ هڪ سادي سودي جهڳيءَ ۾ حياتي گذاريندي هن الاءِ ڪيترا ورق ورائي ڇڏيا. سادگيءَ جي انتھا اها هوندي هئي جو هڪ ڀيري پاڻ پنھنجي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري رهيو هو تہ اتي ڪي مھربان ڪَمَين ڪارين آيا... سندس ”حال“ ڏسي پڇيائون، ”جج صاحب ڪٿي ملندو ڀائو؟“ منھہ ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، ”اتي هلو ڀائو... جج پاڻ اچي ملندوَ...“
هن دور ۾ اهو سڀ بيحد عجيب لڳي ٿو. هتي تہ بس رڳو جهنڊي واري ڪار مِلي ۽ مٿان ڇت تي هُوٽر لڳي... پوءِ تہ ڪنھن گري گنجي تي اک ئي ناهي ٻڏڻي... عام جي ڳالھہ تہ پري رهي... خواصَ بہ مسئلن ۾ پئجي ويندا آهن، ۽ هن دور ۾ اهو رٽائرڊ جج پنھنجي دوست سيد عبدﷲ شاھہ جي ورسيءَ تي پاڻ لاءِ استري ٿيل پنھنجي فرزند جو بوسڪيءَ جو وڳو ڏسي پريشان ٿو ٿي وڃي... نياڻيءَ کي منٿ ٿو ڪري... ”امان تنھنجي غريب پيءُ ڪڏهن حياتيءَ ۾ بوسڪي ناهي پاتي، اڄ اها ڪيئن ٿو پائي سگهي...؟“ ۽ مٿان وري هڪ ڀيري پنھنجي سامان مان هٿ آئينو آڻڻ لاءِ چيائين... ٻڌايو ويو تہ، ”سائين لڳي ٿو اوهان جي سامان مان ڪير هٿ آئينو ”چورائي“ ويو...“ پاڻ چوندڙن کي ڇنڀيندي مرڪيو،”ڪنھن تي چوريءَ جو هڪدم الزام ناهي هڻبو ٻچا... منھنجي سامان ۾ سڀ ضرورت جون شيون هونديون آهن... ٿي سگهي ٿو، ڪنھن کي انھن جي مون کان بہ وڌيڪ ضرورت هجي...“
پنھنجي حيثيت جو ادراڪ هميشہ جج صاحب کي رهيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ سامان جي هڙ زمين تي رکندي هن لطيف سائينءَ جي اها سٽ جهونگاري هئي، ”پلئہ پايو ڪچ، آڇيندي لڄ مران...“ اها ئي بيگ ... جنھن ۾ ٽي جوڙا ڪپڙن جا هوندا هئا، شاھہ جو رسالو ۽ هيرالڊ مئگزين گڏ هوندا هئا ۽ اها ئي کجيءَ جي ڇٻي، جنھن ۾ حياتيءَ جي سادي ڪار وهنوار جون ساديون شيون ڀريل هونديون هيون، هٿ آئينو، شيمپو، تيل، انگوڇو... ڦڻي...
هاڻي اهو سڀ لکندي عجيب لڳي ٿو.دنيا جنھن جدت جي ڀاڪر ۾ ڀريل آهي، اتي اهو سڀ ناگواريءَ جي ”تاثرات“ کي نرڙ تي آڻڻ ۾ مدد ڪري ٿو. عرض ڪيوسين نہ صاحبانِ زمانہ تہ رڳو سترهون گريڊ ئي ملي تہ جھڙو ڪنڌ ۾ ڪو ڪلو ٿو ٺوڪي ڇڏي... اتي ايڏي سادگي عقل و دانش کان ماورا لڳي ٿي... پر ڇا ڪجي... اهڙا ماڻھو بہ تہ ٿي گذريا نہ... جي اهو تاريخي فيصلو ڪو ٻيو لکي ها. تہ الاءِ ڪير ڪير ان کي مٿي تي کڻي ها. هڪ گمنام سپاهيءَ اهو ڪارنامو سر انجام ڏنو تہ ان کي ڪير ٿو ياد ڪري!
خواب نگر جي هن جھان ۾ اسين عقيدتن جا گل نڇاور ڪندا رهندا آهيون.هن فقير جو تعلق، روشنين جي جھان سان آهي. جن جو ذڪر ٿيندو آهي، اهي گهڻو ڪري تہ ڄاتل سڃاتل هوندا آهن. اڄ دل ۾ دري کلي تہ ڇو نہ ڪنھن اهڙي وجود کي سلامِ عقيدت پيش ڪجي، جنھن وٽ ڪا ”پي آر“ ڪا نہ هئي... جنھن جي سادگي ئي سندس هنرمندي هئي ۽ جنھن وٽ پنھنجي ”ڪچ“ جي پڪ هئي... جيڪو دراصل نج ۽ اصلي هو... اچو تہ اڄ هڪ گمنام قبر تي محبتن جا گل هاريون. اها قبر، جيڪا هونئن تہ گمنام ناهي پر اسان مان الاءِ ڪيترا کائنس واقف نہ هئا. اڄ ڌڻيءَ در ٻاڏايون ٿا تہ اسان جي هن پنھنجي جج صاحب کي ڌڻي بھتر کان بھتر جاءِ عنايت ڪري، سندس پورهيو قبول ڪري ۽ سندس مرقد، آسودو لحد هجي، (آمين).
هالا روڊ تي سيد بلاليءَ جي قبرستان ۾ آسودہ خاڪ، رٽائرڊ جج، مرحوم برڪت علي جاگيراڻي کي پنھنجي حياتيءَ ۾ شاھہ صاحب سان خاص عقيدت هئي، هو پنھنجي رمز ۾ هوندو هو تہ سٽون جهونگاريندو هو... ”ڌڱا لٽبا ڌوڙ ۾ اڀي ڏٺاسون.. جا ڀونءِ پيرين مون، سا ڀونءِ مٿان سڄڻين...“
اڄ انھيءَ ڀونءِ ۾ پاڻ آرامي آهي ۽ سندس ياد گهڻن کي بي آرام ڪري وئي آهي.
ڇپيل: آچر 13 جون 2010ع